عام طرح جهازن جي ٻڏڻ جا ڪجهه سبب هي آهن:
2: جهاز جو ٽڪر ٿيڻ تي ڀڄي پوڻ ۽ پاڻيءَ جي اندر گهڙي اچڻ ڪري ٻڏي وڃڻ. اهو ٽڪر سامهون ايندڙ ٻئي جهاز سان به ٿي سگهي ٿو. کاٻي يا ساڄي کان ايندڙ جهاز پاسو چيري سگهي ٿو. سامهون ڪنهن ٻيٽ تي جهاز چڙهي وڃي ۽ سندس سڄو ترو رهڙجي وڃي. سامهون سمنڊ اندر يا ڪجهه ٻاهر نڪتل ٽڪريءَ سان وڃي لڳي. برف جي ڇپن سان لڳڻ ڪري جهازن جو ڀڄي پوڻ پڻ هڪ عام ڳالهه هئي، جيئن ٽائٽانڪ جهاز جو سمنڊ ۾ ترندڙ برف جي ڇپ (Ice berg) سان ٽڪر ٿيڻ ڪري حادثو ٿيو ۽ قسمت جي بدنصيبي اها ته ان برف جي ڇپ جي موجودگيءَ جي اڳواٽ ئي خبر پئجي وئي هئي ۽ جهاز هلائڻ واري نيويگٽر (فرسٽ آفيسر) ٽائٽانڪ کي ان ترندڙ برف جي جبل کان جهاز کي ذري گهٽ پاسو ڪرائي ورتو هو. پر پري ٿيندي ٿيندي جهاز جو سڄو ساڄو پاسو (جنهن کي جهازي زبان ۾ اسٽار بورڊ سائيڊ سڏجي ٿو) برف جي ڇپ (Ice berg) سان اهڙو ته رهڙيو، جو ٽائٽانڪ جهاز جي ان پاسي جون سموريون لوهي چادرون ڇوڏن وانگر چيرجي ويون ۽ پاڻيءَ اندر ڌوڪي پيو.
جهاز هلائيندڙ جيتوڻيڪ سمجهي ويا ته جهاز جي پاسي کي نقصان رسيو آهي، پر هنن کي ايڏي پرواهه نه هئي جو جهاز جيڪو ڇهن ستن حصن ۾ ورهايل ٿئي ٿو، ان جي هڪ حصي ۾ پاڻي اچڻ ڪري ٿورو چٻو (پاسيرو) ته ضرور ٿئي ٿو، پر ٻڏي نٿو ۽ ٽائٽانڪ جهاز ته اهو اڻ ٻڏندڙ (Unsinkable) جهاز ٺاهيو ويو هو جنهن کي اهڙا برف جا جبل يا جهاز هڪ بدران ٻه ٽي اچي پاسي کان ٽڪر هڻن ۽ جهاز جا اهي ٻه ٽا حصا پاڻي سان ڀرجي وڃن، ته به جهاز ٻڏي نه سگهي! پر قدرت کي ته ڪجهه ٻيو ئي منظور هو. جيئن چوندا آهن ته، ”بندي جي من ۾ هڪڙي رب جي من ۾ ٻي“ يعني Man proposes God disposes وارو حساب هو. جهاز ٺاهيندڙن يا هلائيندڙن اهو سوچيو به نه هو ته، هڪ ئي برف جي ڇپ جهاز جي پاسي سان اهڙي ويڌن ڪندي جو ٻه يا ٽي بم به نه ڪري سگهن. جيئن جيئن جهاز ۾ پاڻي ڀريو ويو، جهاز سمنڊ ۾ ويو ٻڏندو. جهاز هلائيندڙن توڙي مسافرن جا هوش خطا ٿي ويا. بلڪه سندن هوش ته پهرين ئي خطا ٿيل هئا، جو شام واريءَ پارٽيءَ ۾ سڀ پي اهڙو مست ۽ بي اونو ٿي ويا هئا جو کين سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا وهي واپري رهيو آهي ۽ پوءِ جيئن جيئن حالتن جو جائزو وٺڻ لڳا ته ڊيڄاريندڙ صورت سندن اکين آڏو اچڻ لڳي ته مار! جهاز جو هڪ يا ٻه حصا نه، پر پنج ڇهه ئي حصا ڦاٽي پيا آهن ۽ جهاز پيو وڃي سمنڊ اندر گهڙندو. اَلو رک ڌڻي!.
انهن ڏينهن ۾ پري جي شيءِ ڏسڻ لاءِ فقط دوربين (Telescope) هوندو هو. اڄ وانگر رڊار يا ٻيون اهڙيون شيون نه هيون، جن سان بند ڪمري اندر ويهي، ٽيهه چاليهه ميل پري جون شيون. نه فقط سمنڊ جي مٿان، پر سمنڊ اندر پڻ ڏسي سگهجن ٿيون. انهن ڏينهن ۾ هڪ يا ٻه خلاصي جهاز جي اڳ واري کوهي (Mast) تي مٿي چڙهي، اتان وڃي ڏسندا هئا ته سامهون ڪا اهڙي شيءِ ته نه اچي رهي آهي، جنهن سان جهاز لڳي ٽڪرائجي پوي. ان کوهي جي چوٽيءَ تي مينهن، جهڙ ۽ سيءَ کان بچڻ ۽ ويهڻ لاءِ ٿوري اڏاوت ٿيل هوندي آهي، جنهن کي ڪانگ جو آکيرو (Crow’s Nest) سڏبو هو. ٽائٽانڪ جهاز جي ان ”ڪرونيسٽ“ تي هڪ نه، پر هر وقت ٻه ٻه ڄڻا Look out (جانچ لاءِ) بيٺا ٿي، جن برف جي هن ڇپ کي چڱو اڳواٽ ڏسي ورتو ۽ سيٽيون ۽ بيوگل (Bugle) يعني توتارو وڄائي ”برج“ تي بيٺل همراهن کي سامهون موجود خطري کان آگاهه ڪيو. (جهاز کي جنهن هنڌ تي بيهي نقشن موجب هلائجي ٿو، ان کي برج سڏجي ٿو) پاڻيءَ جي جهاز جي اها خرابي آهي ته ان کي اڳيان يا پويان ته هلائي سگهجي ٿو، پر بريڪ نه هجڻ ڪري يڪدم هڪ هنڌ بيهارڻ يا اڳيان هلندڙ جهاز کي بيهاري يڪدم پٺيان نٿو هلائي سگهجي. ويندي ساڄي يا کاٻي پاسي موڙڻ ۾ به وڏي ڪاريگريءَ جي ضرورت پوي ٿي، جو هڪ آفت جيڏي جهاز کي جيڪو اڌ پاڻيءَ ۾ آهي، اڌ ٻاهر، ان کي موڙڻ وقت رفتار ۽ Momentum کي ڌيان ۾ رکڻو پوي ٿو ۽ ٻيو سمنڊ مٿان ۽ اندر تکيون سامونڊي لهرون ۽ هوا جي ڦرندڙ گرندڙ رُخ کي پڻ خيال ۾ رکڻو پوي ٿو. جهاز جو ڪئپٽن اي جي سمٿ تمام جهونو ڪئپٽن هو ۽ هو هن کان اڳ ٽائٽانڪ جيڏو ئي اولمپڪ نالي جهاز هلائي چڪو هو، پر هن دفعي ماڻهن جو موت لکيل هو، سو برف جي ڇپ کان بچائيندي بچائيندي به، ان سان اهڙو گهڪو ڏياري ويو جو جهاز جي ٻڏڻ لاءِ ڪافي ثابت ٿيو. اهڙيءَ طرح وائيٽ اسٽاف ڪمپنيءَ جي ٻيڙي (ٽائٽانڪ) ٻوڙي ڇڏيائين.
مٿي ٻڌايل سببن کان علاوه جهاز ٻڏڻ جا ڪجهه ٻيا به ڪارڻ آهن. جهڙوڪ: صحيح طرح سامان نه رکڻ. هڪ ٽرڪ کي سڄو بهه سان ڀري پوءِ مٿان ڪار يا ٽريڪٽر جهڙي ڳري شيءِ رکبي ته ڇا ٿيندو؟ تيز رفتار ۾ موڙڻ سان ٽرڪ وڃي پٽ تي ڦهڪو ڪندي. اهڙي طرح پاڻيءَ جي جهاز ۾ به هيٺان هلڪو سامان رکي مٿان ڳرو رکڻ بعد جيڪڏهن سمنڊ يا موسم خراب ملي ته جهاز وڏي لوڏي بعد واپس سڌو ٿيڻ بدران، اونڌو ٿي ليٽي پوندو يا سامان کي چڱيءَ طرح نه ٻڌڻ سان به جهاز ٻڏي سگهي ٿو. هونءَ ته جهاز وارا سامان کي رسين، ڪوڪن ڪلن، ڪاٺ جي چپرن سان اهڙو سوگهو ڪري ٻڌن ٿا، جيئن لڏي نه سگهي ۽ پوءِ به سمنڊ تي صبح شام ان جي چڪاس ڪندا رهن ٿا ۽ ڪا به رسي يا ڪلو ڍرو ٿيڻ تي سوگهو ڪن ٿا، پر ان معاملي ۾ ٿوري سستي ڪرڻ ۽ ويتر جي سخت طوفان تي رسا ٽٽڻ تي سامان جو ته نقصان ٿئي ٿو، پر ڪڏهن جهاز به هڪ طرف جُهڪي ٻڏيو وڃي، جو سامان جون هزارين پيتيون، کوکا، دٻا، ڳٺڙيون، ڊرم پنهنجين جاين تان اُڇل کايو هڪ پاسي وڃيو ڍير ٿين ۽ جهاز ان پاسي جهڪيو ٻڏيو وڃي. ٽائٽانڪ جهاز به جڏهن سمنڊ ۾ اندر وڃڻ شروع ڪيو ته گهڻي جهڪاءَ ڪري سامان کلي ان پاسي هليو ويو ۽ پوءِ ٻڏڻ ۾ وڏي جلدي ڪيائين.
جهاز تي ڪڻڪ، چانور يا ڪو ٻيو اَنُ کڻن سان به جهاز ٻڏڻ جو خوف رهي ٿو. اناج ۾ پاڻي چوسڻ جي خاصيت آهي ۽ نه فقط چوسي ٿو، پر اُڀامي به پوي ٿو. (ٿورا چانور رڌڻ سان ڪيترو گهڻو ڀت ٿئي ٿو) جهازن ۾ ٿورو به سيمو (Leakage) ٿيڻ تي سمنڊ جو پاڻي اندر وڃي گڏ ٿيڻ بدران (جنهن کي ٻيءَ صورت ۾ پمپن ذريعي ڪڍي سگهجي ٿو) اناج ۾ جذب ٿيو وڃي ۽ پوءِ اهو اناج ڏينهن ٻن اندر ايڏو ڀاميو پوي، جو هيڪاندي دٻاءَ ڪري جهاز جون ڀتيون ڦاٽيو پون ۽ جهاز ٻڏيو وڃي.
باهه لڳڻ ڪري به جهاز تباهه ٿيو وڃي. پر افسوس جي اها ڳالهه ته گهڻا جهاز باهه کان نه، پر باهه وسائڻ کان ٻڏندا آهن. باهه لڳڻ تي ان کي پاڻيءَ جي ڦوهارن سان وسايو وڃي ٿو. جهاز جي چوڌاري پاڻي ته جام آهي، سو ٿوري ئي همت ڪرڻ سان باهه وساميو وڃي ۽ پاڻيءَ کي پوءِ تري مان پمپ ذريعي ڇڪي ٻاهر سمنڊ ۾ واپس اڇلايو ويندو آهي، پر پمپ خراب ٿيڻ يا پائيپ چوڪ ٿيڻ تي اهو باهه جو وسايل پاڻي، اتي ئي رهجي ويندو آهي، جيڪو هزارين ٽن وزن جو ٿئي ٿو ۽ موسم خراب ٿيڻ تي جهاز جي ٿوري ئي لوڏي تي اهو پاڻي لوڏي واري پاسي لوُڙهي، جهاز کي ان پاسي اهڙو جهڪائي ڇڏيندو آهي، جو وري مٿي اڀو ٿيڻ بدران اونڌو ٿيڻ لڳندو آهي.
هونءَ پاڻيءَ جو جهاز هوائي جهاز وانگر يڪدم ڦاٽي تباهه نٿو ٿئي. پاڻيءَ وارو جهاز ڪڏهن ڪڏهن ٻڏڻ ۾ هفتو هفتو يا مهينو به وٺي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ته ڏينهن اڌ ۾ ٻڏيو وڃي. جهاز جي ٻڏڻ تي ماڻهن جي بچاءَ لاءِ هر جهاز تي ٻيڙيون ٿين ٿيون، جن ۾ اهڙن موقعن تي چڙهي پنهنجي جان بچائي سگهجي ٿي. مثال طور: ڪنهن جهاز ۾ مسافرن ۽ هلائڻ وارن جو ڪل تعداد ٽي هزار آهي ۽ هر ٻيڙي ٽي سئو ماڻهن واري آهي، يعني سڀ ماڻهو چڙهڻ لاءِ ڏهه ٻيڙيون گهرجن، پر جهاز تي ڏهه بدران ويهه ٻيڙيون رکبيون آهن. ڏهه هڪڙي پاسي ته ڏهه ٻئي پاسي، ڇو جو ٻڏڻ مهل جهاز جنهن پاسي جهڪندو آهي، ان پاسي جون ٻيڙيون استعمال نه ڪري سگهبيون آهن، ان ڪري هر جهاز تي مسافرن جي گهرج کان ٻيڻي تعداد ۾ ٻيڙيون رکيون وڃن ٿيون ۽ هر ٻيڙيءَ ۾ مسافرن مطابق پاڻي، کنڊ، بسڪيٽ رکيا ويندا آهن، جيڪي ماڻهن لاءِ ٻه ٽي ڏينهن هلي سگهن، جيسين ٻڏل جهاز جي سگنل تي اوسي پاسي کان ويندڙ جهاز بچاءَ لاءِ اچي سگهن.
بهرحال ماڻهن مطابق ٻيڙين جي تعداد تي اڄڪلهه سختي آهي. باقي ٽائٽانڪ وارن ڏينهن ۾ ڪو قائدو قانون يا وٺ پڪڙ نه هئي جهازن جي مالڪن جي مرضي تي ڇڏيل هوندو هو ته جيئن وڻين تيئن ڪن. ٽائٽانڪ جهاز تي مسافرن جي بچاءَ لاءِ ٻيڙيون ضرور هيون، پر خوف ۽ هراس ۾ مسافرن توڙي جهاز وارن کي هوش ئي نه پئي آيو ته، ڪهڙي ٻيڙيءَ ۾ ڪيترن مسافرن جي ويهڻ جي قوت (Capacity) ۽ کاڌو پيتو (راشن) آهي؟ هيڏي هل هنگامي تي به مسافرن کي پهرين سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڇا ٿي ويو آهي ۽ ڇا ڪرڻ کپي؟ ڪيترن کي ته خبر ئي نه پئي ته بوٽ ڊيڪ (جتان ٻيڙيءَ ۾ چڙهجي) ڪٿي آهي؟ ۽ شروع جون جيڪي ٻيڙيون لاٿيون ويون. انهن ۾ سئو يا ڏيڍ سئو ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش هئي، پر پنجويهه ٽيهه کن ماڻهو مس ويٺا. اڄڪلهه هر ٻيڙي (Life boat) تي لکيل ٿئي ٿو ته، ان ۾ ڪيترن ماڻهن جو راشن آهي ۽ اوترا ويهي سگهن ٿا، پر انهن ڏينهن ۾ ائين نه هو. ويندي جهاز جي آفيسرن کي به خبر نٿي پئي ته ڪهڙي ٻيڙيءَ ۾ ڪيترا ماڻهو ويهن؟ جهاز کي به بندرگاهه مان نڪتي اڃا ڪو ڏينهن ٻه ٿيو هو. سو جهاز جي آفيسرن اڃا نه ڊيوٽيون مقرر ڪيون هيون (ته ڪهڙن جهازين کي ڪهڙي ٻيڙي هلائڻي آهي؟) ۽ نه مسافرن کي مشق ڪرائي وئي هئي ته ڪهڙيءَ ٻيڙيءَ ۾ ڪهڙا مسافر ويهندا؟ دراصل هڪ ته جهاز نئون ٺهيو هو ۽ ڪنهن ٿي سوچيو ته پهرين سفر جي شروع ٿيڻ تي ئي ٻڏي ويندو؟ سو به هي جهاز ٽائٽانڪ جيڪو سامونڊي تاريخ ۾ اڻ ٻڏندڙ يعني Unsinkable جهاز ٺاهيو ويو هو.
بهرحال افراتفري ۽ اڻ ڄاڻائيءَ جي حالت ۾ ٻيڙيون کُٽي ويون. ماڻهو رهجي ويا، پر جيترا ماڻهو هر ٻيڙيءَ ۾ ويهڻا هئا، اوترا ويهن ها ته به سڀ مسافر چڙهي نه سگهن ها، جو اُهي ٻيڙيون اڄ جي قانون مطابق مسافرن ۽ جهاز هلائيندڙن جو تعداد ڌيان ۾ رکي نه رکيون ويون هيون. اڄڪلهه دنيا جي مسافر توڙي مال بردار جهاز تي جيڪڏهن ٻيڙيءَ ۾ وڌيڪ مسافر ويهڻ جي گنجائش ناهي ته وڌيڪ ماڻهو جهاز تي سفر ڪري نٿو سگهي. ڀلي جهاز تي ڪيترائي ڪمرا خالي پيا هجن، ڀلي جهاز تي ڪيترو به واڌو کاڌو هجي. ڪناري تي بيٺل جهاز تي هو ان ۾ رهي ۽ کائي پي سگهي ٿو، پر جهاز هلڻ مهل فقط اوترا ماڻهو جهاز تي هلي سگهندا، جيتري (Boat Capacity) هجي. يعني جيترا ماڻهو ٻيڙي کڻي سگهي ۽ اوترن ئي ماڻهن جو ان ۾ راشن رکيل ٿئي ٿو، جيڪو ٽئين چوٿين مهيني بدلائي نئون رکبو آهي.
رات جو اٽڪل ساڍي يارهين وڳي ٽائٽانڪ جهاز جو برف جي ڇپ سان ٽڪر ٿيو. اڌ ڪلاڪ ۾ ئي ٻوڙ ٻوڙان جو سلسلو شروع ٿي ويو. سوا ٻارهين وڳي کان ٻيڙين ذريعي مسافرن کي سمنڊ ۾ لاٿو ويو. ٻي وڳي ڌاري آخري ٻيڙي لاٿي وئي. ڪجهه ماڻهن زوري به ڪئي، نه ته گهڻي ڀاڱي ماڻهن صبر کان ڪم ورتو ۽ عورتن ۽ ٻارن کي پهرين لهڻ جو موقعو ڏنو ويو. ڪيترن مسافرن ۽ جهاز جي ماڻهن وڏي همت سان منهن ڏنو. جهاز جي بئنڊ وارا آخر تائين ڊيسڪ تي بيهي ميوزڪ وڄائيندا رهيا. آخري ٻيڙي لهڻ کان پوءِ ڪي پندرهن منٽ رکي جهاز پٺ کان هيٺ سمنڊ ۾ ڍُرڪڻ شروع ڪيو ۽ ويو هيٺ سمنڊ ۾ پيهندو. ٻين لفطن ۾ پاڻي مٿي چڙهندو آيو. بئنڊ وڄائڻ وارا سڀئي همراهه ان ئي جذبي سان بئنڊ وڄائيندا رهيا. آخر ۾ هو هر وقت Nearer my God to thee وڄائيندا رهيا. پاڻي هنن جي پيرن هيٺان ٿيندو گوڏن تائين پهتو ۽ پوءِ مٿي ڇاتيءَ تائين، هو اٺ ئي ڄڻا ائين ئي بيٺا رهيا، تان جو پاڻي هنن جي مٿان وري ويو ۽ جهاز سان گڏ هي بئنڊ وارا ۽ ٻيا بچيل ماڻهو ٻڏي ويا، جن جو تعداد گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ هزار ٿيندو.
ٽائٽانڪ جهاز يا ڪو به پاڻيءَ جو جهاز جڏهن ٻڏي ٿو يا ان کي باهه ٿي لڳي ۽ جهاز هلائيندڙ اهو سمجهيو وڃن ته هن جهاز جو هاڻ بچڻ ڏکيو آهي، ته پوءِ جهاز کي ڇڏڻ (Abandon ڪرڻ) ئي بهتر آهي. ان لاءِ بيوگل، سيٽي يا لائوڊ اسپيڪر ذريعي اعلان ڪيو وڃي ٿو ته، هاڻي جهاز کي بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ بدران فقط ضروري ڪاغذ پٽ کڻي گرم ڪپڙن ۽ لائيف جئڪيٽ ۾ جهاز جي Boat Deck تي اچي حاضر ٿيو. جهاز جو ”بُوٽ ڊيڪ“ اهو آهي، جنهن تي ٻيڙيون رکل هجن ٿيون، جيڪو Weather Deck (جهاز جي عام ڊيڪ- عرشي) کان ٻه يا ٽي ماڙ مٿي ٿئي ٿو. ان ماڙ تي گهڻو ڪري چيف انجنيئر، چيف آفيسر، ڪئپٽن ۽ جهاز جي مالڪ جون ڪئبنون (ڪمرا) ٿين. ماڻهن جي بچاءَ لاءِ موٽر بوٽ (لانچون) به ٿين ته چَپُن تي هلڻ واريون ٻيڙيون به. بلڪه موٽر بوٽن ۾ به چَپُون رکيل ٿين ٿا، جيئن متان ٻيڙيءَ جي انجن اسٽارٽ ٿي نه سگهي ته چَپُن کان ڪم وٺي سگهجي. هونءَ زندگي بچائڻ جون اهي ٻيڙيون جيڪي Life Boats سڏجن ٿيون، مسافري جي خيال کان نه هونديون آهن جو وچ سمنڊ تي حادثو ٿيڻ تي، اها ٻيڙي وڏو سفر ڪري ڪناري تائين نٿي پهچي سگهي. اها وڌ ۾ وڌ اٺ ڏهه ڪلاڪ مس هلي سگهي ٿي، جو هڪ ٻيڙيءَ ۾ (ڪار وانگر) ڪيترو پيٽرول رکي سگهجي ٿو. ساڳي وقت ماڻهن جي بار کان علاوه انهن جي ڏينهن ٻن جو راشن پاڻي پڻ رکيو وڃي ٿو، جنهن جو پڻ ڪجهه نه ڪجهه وزن ٿيو. هنن ٻيڙين جو فقط اهو مقصد ٿئي ٿو ته جهاز کان جان ڇڏائجي ۽ پوءِ سمنڊ ۾ لهڻ تي ان ٻيڙيءَ کي اصل جهاز کان سندس انجڻ يا چپن ذريعي پري رکي، متان جهاز کي وڪوڙيندڙ باهه جون ڄڀون ٻيڙيءَ ۾ ويٺل مسافرن کي ساڙي رکن يا اونڌو ٿي ٻڏندڙ جهاز هيٺان سڄي ٻيڙي اچي، اها به نه ٻڏي وڃي. ان ڪري بوٽ ڊيڪ تان ٻيڙيءَ ۾ چڙهي، پوءِ رسن کي کولبو آهي ته ٻيڙي اچي هيٺ سمنڊ جي سطح تي پوندي آهي. ان بعد انجڻ اسٽارٽ ڪري ٻرندڙ يا ٻڏندڙ جهاز کان ميل اڌ پري ٿي بيهبو آهي.
ٻڏندڙ يا ٻرندڙ جهاز کان گهڻو به پري نه وڃجي. جهاز سڄو غرق ٿي وڃي، ته به ان جي ئي پسگردائيءَ ۾ رهجي، جيئن ان ئي ڏينهن يا ٻئي ڏينهن بچائيندڙ جهاز توهان کي ڳولي مٿي کڻي سگهن. جهاز ڇڏڻ وقت ڪيترن ئي قسمن جا سگنل ڏنا وڃن ٿا، جيئن اوسي پاسي جا جهاز سمجهي وڃن ته جهاز ٻڏي رهيو آهي ۽ ان کي مدد جي ضرورت آهي ۽ اهو جهاز ڪهڙي هنڌ ٻڏي رهيو آهي؟ جيئن ان هنڌ تي پهچن. انهن سگنلن مان هڪ ته رنگين ڦٽاڪا ٿين ٿا، جيڪي پستول ذريعي مٿي آسمان ڏي ڇوڙيا وڃن ٿا. مٿي پهچي ان ڦٽاڪي مان رنگين روشني نڪري ٿي ۽ رات جي وقت ڏهاڪو کن ميلن جي گهير ۾ لنگهندڙ جهاز ڏسي سمجهي وڃن ٿا ۽ بچاءَ لاءِ ان هنڌ ڏي رُخ رکن ٿا. جهاز جي وائرليس سيٽ ذريعي به چوڌاري ٽي سئو ميلن جي فاصلي تي موجود جهازن کي اطلاع ڪري سگهجي ٿو ته اسان جو جهاز ٻڏي پيو ۽ اسان جي جهاز جي هيءَ پوزيشن آهي. يعني هيتريون ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ Latitude ۽ هيتريون ڊگهريون ڊگهائي ڦاڪ Longitude، جيئن ٽائٽانڪ جهاز جي ٻڏن وارو هنڌ ٻائيتاليهه ڊگريون اتر ۽ ستيتاليهه ڊگريون مغرب هو. پر جي جهاز اوچتو ٻڏي وڃي ته به هر جهاز ۾ هڪ سسٽم ٿئي ٿو، جنهن کي ايس او ايس (Save Our Souls) سڏجي ٿو. اهو جهاز ٻڏڻ بعد جهاز جي ٻڏڻ واري پوزيشن جو سنگل چوڌاري هلندڙ يا بيٺل جهازن ڏي Transmit ڪري ٿو. اهو سگنل ايس او ايس اهڙو آهي، جو ٻين جهازن جا وائرليس سيٽ کڻي بند هجن، ته به اهو نياپو انهن تائين پهچي وڃي ٿو ۽ هر جهاز جو اهو فرض آهي ته اهو نياپو ملڻ سان پنهنجا ڪم ڪاريون ڇڏي، ٻڏندڙ جهاز جي ماڻهن کي بچائڻ لاءِ ان جهاز جي پوزيشن ڏي رُخ رکي. ان ڪري ٻيڙين ۾ ويٺل ماڻهن لاءِ ضروري آهي ته هيڏانهن هوڏانهن وڃڻ بدران پنهنجو پاڻ کي ٻڏل جهاز جي ويجهو رکن، جيئن بچائيندڙ جهاز هنن جي مدد ڪري سگهن، ڇو جو بچاءَ لاءِ ايندڙ جهاز ته اوڏانهن جو رُخ ڪندا، جتي جهاز ٻڏو آهي.
ٻي ڳالهه ته بچاءَ لاءِ لائيف بوٽ ۾ جهاز جي بوٽ ڊيڪ تان ئي سولائيءَ سان چڙهي سگهجي ٿو. هڪ دفعو جيئن ئي ٻيڙي هيٺ لهي سمنڊ تي اچي ٿي ته پوءِ ان ۾ چڙهڻ تمام ڏکيو آهي. اها سمنڊ جي اڀامندڙ ڇول سان گڏ ويهه ويهه ٽيهه ٽيهه فوٽ وهڪ (Current) سان گڏ وير ۾، هيڏانهن هوڏانهن وهيو وڃي ۽ منٽ ٻن ۾ ڪڏهن اڌ ميل هيڏانهن ته اڌ ميل هوڏانهن ٿيو وڃي. هڪ اهو به سبب آهي ته ان کي ٻڏندڙ جهاز کان پري رکيو وڃي ٿو، متان ان سان ٽڪرائجي چڪنا چور ٿي وڃي. بچاءَ لاءِ ايندڙ جهازن کي ٻيڙين مان ماڻهو ڪڍڻ ۾ وڏي ڏکيائي ٿئي ٿي، پر پوءِ مڙيئي هڪ هڪ ڪري ڪڍيو وٺن. هيليڪاپٽر ذريعي ٻڏندڙن کي مٿي ڇڪڻ ۾ به ساڳي تڪليف ٿئي ٿي. هيليڪاپٽر ته مٿان هڪ هنڌ گهڻو ئي ٽِڪَ ٻڏي بيهي ٿو، پر جيسين کن پل لاءِ اڀامندڙ ڇول کي سامت اچي ۽ ٻڏندڙ جا هٿ لڙڪيل رسيءَ ۾ ڦٻي وڃن، تيسين ٻيڙي هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙندي رهي ٿي.
ٽائٽانڪ جهاز تان لاٿل ٻيڙين ۾ غلط بندوبست ۽ اڻڄاڻائيءَ ڪري ٿورا ٿورا مسافر چاڙهيا ويا. ڏيڍ سئو ٻه سئو Capacity واري ٻيڙيءَ ۾ پنجويهه کان پنجاهه کن مس ويٺا ۽ پوءِ آخري ٻيڙيءَ جي لهڻ بعد به سورهن سترهن سئو کن ماڻهو جهاز تي بچي پيا ۽ جهاز ٻڏندو رهيو. آخر ۾ جهاز جي هڪ ڪنڊ وڃي بچي ۽ سڀ ڊوڙي اتي اچي بيٺا ۽ پوءِ اها ڪنڊ به ٻڏي وئي ۽ سمنڊ جي ڇول ماڻهن کي سمنڊ ۾ کڻي وئي. هڪ ته رات جو وقت هو، ڪجهه نظر نه پئي آيو، پر پوءِ به اوسي پاسي ۾ بيٺل ٻيڙين، خاص ڪري جن ۾ ٿورا ماڻهو هئا، ٻڏندڙن کي مٿي کڻن جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر گهڻي ڪاميابي نصيب نه ٿين. ڪيترا ته ٻيڙيءَ جي انڌ سان لڳي زخمي ٿي پيا. هڪ ٻه ٻيڙي ته ٻين کي بچائڻ جي چڪر ۾ اونڌي ٿي پئي. هڪ ٻن ٻيڙين ۾ ويٺلن جو ٻين کي بچائڻ جي ذڪر ۾ پاڻ ۾ اچي جهيڙو ٿيو. ”ماڳهين اسين به ٿا مرون.“ اهڙن موقعن تي هر هڪ کي پنهنجي جان پياري ٿئي ٿي. گذريل هفتي فلپين ۾ هڪ فيري اونڌي ٿي پئي. هٿوراڙيون هڻي پاڻ بچائڻ وارن ۾ هڪ پيءُ به هو، جنهن کان جڏهن پڇيو ويو ته تنهنجي ڀر ۾ جڏهن تنهنجو پٽ ٻڏي رهيو هو ۽ توکي بچائڻ لاءِ ليلائي رهيو هو ته تو هن جي مدد ڇو نه ڪئي؟.
هن ٻڌايو ته هو تمام گهڻو ٿڪل هو. پٽ کي به پاڻ سان کڻڻ تي هو تري نه سگهي ها ۽ پاڻ به ٻڏي وڃي ها.
صبح تائين جڏهن ٽائٽانڪ جهاز جي ماڻهن جي بچاءَ لاءِ هِتان هُتان کان جهاز اچي گڏ ٿيا ته سمنڊ تي چوڌاري لاش ئي لاش هئا. ٻيڙين ۾ ويٺلن مان به ڪجهه مري چڪا هئا، جنهن جو وڏو سبب هڪ ته خوف ۽ هراس هو، جو ڪنهن به مسافر (توڙي جهاز هلائيندڙ) اهو سوچيو ئي ڪونه هو ته، ٽائٽانڪ جهاز ٻڏي سگهي ٿو ۽ ٻيو وڏو سبب سيءُ هو. سمنڊ تي ڪرڻ وارن جا سيءَ ڪري وڏا موت ٿين ٿا. خاص ڪري اتراهن علائقن ۾ ايڏي ته قهر جي ٿڌ ٿي پوي، جو اُتي جو رهندڙ ئي اندازو لڳائي سگهي ٿو. ان ڪري هر جهازي. خلاصي توڙي آفيسر کي جهاز تي وڃڻ کان اڳ جيڪو Survival جو ڪورس ڪرايو ويندو آهي، ان ۾ پڻ ان کي سختيءَ سان سمجهايو ويندو آهي ته جهاز ڇڏڻ مهل جيتري قدر ٿي سگهي، گهڻا گرم ڪپڙا پائي پوءِ ٻيڙيءَ ۾ لهجي. جنهن رات ٽائٽانڪ جهاز ٻڏو هو، ان رات ته هيڪاندي گهڻي سردي هئي ۽ شام کان سخت ٿڌي هوا پئي لڳي.
هونءَ جهاز ٻڏڻ وقت جو تصور ڪجي ته ڏاڍي ڏک واري حالت هوندي. جنهن وقت جهاز پاڻيءَ ۾ ويو آهي ۽ جهاز جا مسافر ۽ جهاز هلائيندڙ جهاز تي بيهي نه سگهيا آهن ۽ سمنڊ ۾ ڪري پيا آهن، ان وقت انهن جو تعداد سورهن سترهن سئو کن هو، جن مان پوءِ ست کن ٻيڙين ڪجهه ماڻهو بچايا، باقي ڏيڍ هزار کن نه بچي سگهيا. بهرحال! جهاز جي ڊيڪ تان پير هٽڻ سان ۽ سمنڊ ۾ غوطو کائڻ سان جيڪا هنن کي تڪليف رسي هوندي ۽ دل ڏاريندڙ دانهون ڪيون هوندائون. ڪيڏو ڏک ڀريو ڏيک هوندو. رات جي اونداهي، سخت سيءَ ۾ پاڻيءَ ۾ ڪري پوڻ ۽ هر هڪ کي پنهنجو موت اڳيان هجي ۽ بچڻ جي ڪا اميد نه هجي. پاڻيءَ ۾ هڪڙو غوطو اچڻ ڪري (ڦڦڙن ۾ پاڻي وڃڻ ڪري) تڪليف ٿئي ٿي ۽ هتي لڳاتار غوطا کائڻ، ائين به نه آهي ته سمنڊ ۾ ڪرڻ سان ماڻهوءَ جو ساهه نڪريو وڃي ۽ وڌيڪ تڪليف کان بچي وڃي. جلد جلد ته به ڪجهه منٽ لڳيو وڃن. بيزاري، بيماري، مايوسي يا ٻين سببن ڪري جيڪي ماڻهو پاڻ کي مارڻ چاهيندا آهن، اهي به پهرين غوطي بعد پنهنجو ارادو بدلائي، موت کان منهن موڙي، ان ڏکيءَ زندگيءَ سان ٺاهه ڪرڻ ۾ بهتري سمجهندا آهن ۽ هتي ته ڪنهن به مرڻ نٿي چاهيو، ڪو به زندگيءَ مان بيزار نه هو. ويتر هر هڪ کي پنهنجي زندگيءَ سان پيار هو ۽ ان زندگيءَ جا مزا ماڻن لاءِ ٻُڪَ ناڻي جا ڏئي گهمڻ لاءِ نڪتا هئا ۽ هينئر هنن لاءِ ڄڻ ته قيامت هئي. جيڪو انهن مان بچي ويو، اهو ڳالهه ٿو ڪري ته پري پري تائين سوين ماڻهن جون ٻاڏائڻ واريون رڙيون هيون ته ”خدارا! اسان کي بچايو ۽ پوءِ اهي آسمان ڦاڙيندڙ رڙيون آهستي آهستي ٿي جهڪيون ٿي ويون ۽ پوءِ مڪمل ماٺ ٿي وئي. فقط سامونڊي ڇولين جي شپڪي جو آواز هو ۽ چوڌاري ميلن تائين ماڻهن جا لاش ئي لاش هئا. درد ڀريو هي ڏيک ڪيترن سالن تائين بچي ويلن جي دل ۽ دماغ تي تاري رهيو. ان رات جو ان سين جو سوچي هو ڏڪي ٿي ويا. جهاز ٻڏڻ جي انڪوائري (Senate Enquiry) ٿي ته ڪيترن شاهدن حادثي جي ان حصي بابت جواب ڏيڻ کان صاف صاف انڪار ڪري ڇڏيو.
بچاءَ لاءِ جيڪو پهريون جهاز پهتو، اهو ”ڪارپاٿيا“ (Carpathia) هو، جيڪو پوري چئين بجي حادثي واري هنڌ پهتو. يعني ٽائٽانڪ جهاز جي مڪمل ٻڏي وڃڻ کان پورو هڪ ڪلاڪ چاليهه منٽ رکي. رات جي اونداهيءَ ۾ پهرين ته ڪو مسافر يا ٻيڙي نظر ئي نه پئي آئي. پوءِ جيئن جيئن صبح جي هلڪي روشني ٿي ته ميلن تائين پکڙيل لاش ۽ ٻيڙيون نظر آيون. ڪارپاٿيا جهاز جي ڪئپٽن پنهنجي جهاز جون ٻيڙيون يڪدم لهرايون ۽ پهرين لاشن جي چڪاس ورتي وئي ته متان ڪو جيئرو هجي ته پهرين ان کي پاڻيءَ مان ڪڍي ٻيڙيءَ ۾ رکجي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته خوف ۽ هراس ۾ ماڻهو بيهوش ٿي ويندو آهي ۽ سندس جسم نُهرو (Solid) نه هجڻ ڪري پاڻيءَ مٿان ترندو رهندو آهي. پر افسوس جو انهن ۾ هڪ به جيئرو نه هو. (جيئرو ماڻهو پاڻيءَ ۾ ٻڏي وڃي پر پوءِ مرڻ تي لاش اُڀامي پوي ٿو ۽ جيڪو پاڻي اهو لاش Displace ڪري ٿو، اهو ان جي وزن (Mass) کان گهڻو هجڻ ڪري لاش ترڻ لڳي ٿو. اهو ئي اصول سئيءَ جي ٻڏڻ يا جهاز يا ٻيڙيءَ جي ترڻ جو آهي).
ڪجهه دير بعد ٻيا جهاز به پهچڻ لڳا، جن ۾ ساڳي ڪمپني جو جهاز اولمپڪ پڻ هو. اولمپڪ جهاز مرمت ٿيڻ بعد هاڻ سائوٿمپٽن (انگلينڊ) کان نيويارڪ (آمريڪا) ڏي وڃي رهيو هو ته کيس ٽائٽانڪ جهاز ٻڏڻ جو سگنل مليو. هي اهو جهاز آهي جنهن جو ڪئپٽن ٽائٽانڪ جهاز تي ٽراسفر ٿي آيو هو. اولمپڪ جهاز وارن به پنهنجيون ٻيڙيون لاٿيون ۽ ترندڙ لاش کنيائون. ٽائٽانڪ جهاز جي ٻيڙين ۾ بچيل سمورا ماڻهو (اٽڪل ست سئو يارهن کن) ڪارپاٿيا جهاز پاڻ سان کنيا ۽ کين نيويارڪ وٺي هليو. باقي ماڻهو اولمپڪ ۽ ٻيا جهاز انگلينڊ جي مختلف شهرن ڏي کڻي هليا.
هن حادثي کان پوءِ جيڪي قاعدا ٺاهيا ويا ۽ اڃا تائين هلي رهيا آهن، اهي هن ريت آهن:
1: هر جهاز تي جان بچائڻ لاءِ ٻيڙيون (Life Boats) ايتريون هجن، جن ۾ جهاز جا سڀ ماڻهو (مسافر ۽ جهاز هلائيندڙ) ويهي سگهن.
2: هڪ ٻه ٻيڙيون انجڻ تي هلندڙ هجن.
3: هر ٻيڙيءَ تي ماڻهن جو تعداد ضرور لکيل هجي، جيئن خبر پوي ته فلاڻي يا فلاڻي ٻيڙي ڪيترا ماڻهو کڻي سگهي ٿي؟.
4: بندرگاهه مان جهاز جي نڪرڻ سان بوٽ ۽ ايمرجنسي ڊرل ڪرائي وڃي ۽ ان بعد هر هفتي ڪئي وڃي. گهڻو ڪري دنيا جي هر جهاز تي ڇنڇر تي هي مشقون ڪيون وڃن ٿيون. جهاز تي رهندڙ هر ماڻهوءَ کي ٻڌايو ويندو آهي ته جهاز ٻڏڻ تي هن کي ڪهڙيءَ ٻيڙيءَ اڳيان اچي بيهڻو آهي ۽ پوءِ جهاز ڇڏڻ جي فيصلي تي ڪنهن کي ڪهڙو ڪم ڪرڻو آهي؟ مثال طور: ڪنهن کي رسو ڍرو ڪرڻو آهي، ڪنهن کي ڪنڍو کولڻو آهي، ڪنهن کي ٻيڙيءَ جو ڪور کولڻو آهي. ان بعد ٻيڙيءَ جي مسافرن کي ان ۾ ويهي ٻيڙيءَ کي آهستي آهستي ڪري هيٺ سمنڊ ۾ لاهڻو آهي ۽ جهاز کي ڏنڊي سان ٿيلهو ڏئي، ٻيڙيءَ کي جهاز کان پري ڪرڻو آهي.
اها مشق (Drill) هر وقت ان ڪري ڪئي وڃي ٿي، جيئن هر هڪ کي خبر هجي ته خطري جي وقت هن کي ڪهڙيءَ ٻيڙيءَ ۾ چڙهڻو آهي ۽ هن جي ڪهڙي ڊيوٽي آهي ۽ جهاز ڇڏڻ وقت اهي سڀ ڪم ترت ڪري وٺجن ۽ ڪنهن به قسم جي ڇتڪتائي پيدا نه ٿئي.
ان کان علاوه ٻي مشق (Drill) باهه وسائڻ جي ڪئي ويندي آهي، جيئن جهاز کي باهه لڳڻ سان هر هڪ پنهنجي ڊيوٽي مطابق وٺ وٺان ڪري ڏئي ۽ باهه وسائي سگهجي.
جهاز ي ڪمپنين طرفان پنهنجي جهاز هلائيندڙن کي لکت ۾ اهو حڪم ڏنو وڃي ته، هنن کي ڪٿي به ”برف جون ڇپون“ نظر اچن يا ٻين کان معلوم ٿئي ته سمنڊ جي فلاڻي يا فلاڻي ٽڪري ۾ برف جون ڇپون Ice berg آهن ته ان علائقن ۾ جهاز جي رفتار گهٽ رکن ۽ ان علائقي کان ٿورو پرڀرو ٿي هلن.
ڪمپني طرفان اهو حڪم ضروري آهي، نه ته جهازن جا سيٺ جهاز هلائڻ وارن تي ڪاوڙ ڪندا رهندا ته جهاز جي رفتار ڇو گهٽايوَ يا پرڀرو ٿي وڃڻ ڪري جهاز کي ٻي منزل (بندرگاهه) تي پهچڻ ۾ دير ڇو ڪرايوَ؟.
بهرحال! پراڻا جهاز يا جنگ جي ڏينهن ۾ ته ڪيترائي جهاز ٻڏندا رهن ٿا، پر ٽائٽانڪ اهو جهاز هو جيڪو پُر سکائتن ڏينهن ۾، موچاري موسم ۾ ٻڏي ويو ۽ سو به نئون جهاز پنهنجي زندگيءَ جي پهرئين ئي سفر تي. هي اهڙو حادثو هو جيڪو ٿوري ڪوشش ۽ همت سان روڪي به سگهيو ٿي ۽ ايترين زندگين جو نقصان به نه ٿئي ها. جيڪڏهن ٻيڙين جو تعداد ڪجهه وڌيڪ هجي ها ۽ ماڻهو صحيح طرح ويهن ها.