الطاف شيخ ڪارنر

موج نہ سھي مڪڙي

ٽائٽانڪ ۽ ٻين مشهور سامونڊي جهازن جي ٻڏڻ جون ڪٿائون
موج نه سهي مڪڙي، ليکڪ: الطاف شيخ موضوع: سامونڊي واقعن جا دل ڌوڏيندڙ داستان سامونڊي زندگي ڪڏهن به نارمل نه سڏي وئي آهي ۽ سامونڊي سفر چاهي اڄ کان هڪ يا ٻه صديون اڳ جو هجي يا اڄ جي ماڊرن دور جو، هميشه پر سڪون ۽ باحفاظت نه رهيو آهي. There is never smooth sailing
  • 4.5/5.0
  • 4441
  • 1047
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book موج نہ سھي مڪڙي

”ايسوٽنيا“ جي ٻڏڻ جو راز ڇا ھو!

جن ڏينھن ۾ اٽليءَ جو پئسينجر جھاز ”آرڪلي لائورو“ باھ لڳڻ ڪري سڙي ٻڏو ھو، اھي ٻه ٽي مھينا (سال 1994ع جا آخر واري مھينا) ڪي ڏاڍا خراب ھئا. ھڪ ٻئي پويان دنيا جي گولي تي - بلڪه دنيا جي مختلف سمنڊن تي ڪيترا ئي سامونڊي جھازن جا حادثا ٿيا، خاص ڪري مسافر جھازن جا مال بردار جھاز جي سڙڻ يا ٻڏڻ تي دنيا ۾ ايتري واويلا نٿي مچي، جيتري پئسينجر جھاز يا فيريءَ تي، ڇو ته پئسينجر جھاز ۽ فيريون (جيڪي ماڻھو، موٽر ڪاريون، بسون - ويندي سڄيون سڄيون ريل گاڏيون کڻن ٿيون) انھن کي ٺاھڻ مھل توڙي ھلائڻ مھل تمام وڏو خيال رکيو وڃي ٿو. مسافر کڻڻ واري جھاز جي نه فقط ھڪ ھڪ شيءَ مضبوط ۽ جٽادار ٺاھي وڃي ٿي، پر ان جي Maintenance (سار سنڀال) به اوترو ئي سٺائي سان ڪئي وڃي ٿي ۽ ھلائڻ لاءِ به مقرر ماڻھن کان وڌيڪ ماڻھو رکيا وڃن ٿا. مال بردار جھاز کي ٻن سالن ۾ ھڪ دفعو خشڪ گودي (Dry Dock) ۾ چڪاس ۽ مرمت لاءِ وڃڻو پوندو آھي، پر پئسينجر جھاز لاءِ اھا چڪاس ھر سال ضروري آھي. ان ڪري مسافر جھاز (يا فيريءَ) جي ٻڏڻ جو ٻڌي نه فقط عام ماڻھو پر جھاز جا ٺاھيندڙ ۽ ھلائيندڙ پڻ تعجب کائين ٿا ۽ ان حادثي جي ڪارڻ جي ڳولا ڪن ٿا.
آڪٽوبر جي شروع وارن ڏينھن ۾ اھا خبر ٻڌي تعجب لڳو ته ٽالن (ايسٽونيا) کان اسٽاڪھوم (سئيڊن) ھلندڙ مسافر ۽ موٽر ڪارون کڻندڙ ”ايسٽونيا“ نالي فيري رستي تي بالٽڪ سمنڊ جي سامونڊي ڪن ۾ لڙھي غائب ٿي وئي آھي. جھاز ٺاھيندڙ (Naval Architects) ڪڏھن به ائين ته نه چوندا ته ”ايسٽونيا“ يا ڪو ٻيو جھاز ڪڏھن به ٻڏي نٿو سگھي - خاص ڪري ٽائٽانڪ جھاز جي ٻڏڻ بعد جنھن لاءِ اھو چيو ويو ٿي ته Unsinkable (ڪڏھن به نه ٻڏڻ وارو) جھاز آھي. ھاڻي ڪنھن جھاز لاءِ ائين چوڻ ته ھي جھاز ڪڏھن به ٻڏي نٿو سگھي، سراسر بيوقوفي آھي. پر ”ايسٽونيا“ جو سمنڊ ۾ ائين غرق ٿي وڃڻ تي آڱر کڄي سگھي ٿي ته اھو ڇو ٻڏو؟ ڪيتريون اھڙيون ڳالھيون آھن جن ڏي جيڪڏھن ڌيان ٿو ڌرجي ته، ھي چوڏھن سال پراڻو جھاز جيڪو جرمنيءَ ۾ وڏي نگھبانيءَ سان ٺاھيو ويو، ائين ٻڏڻ نه کپي. سندس بھترين ڊيزائين ھئي ۽ ھن کي ھر وقت بھترين حالت ۾ Maintain ڪري رکيو ويو ٿي. جھاز ھلائيندڙ ھڪ ھڪ ماڻھو ھوشيار ۽ تجربيڪار ھو. جھاز تي چڙھندڙ مسافرن ۽ جھازين جي جان بچائڻ لاءِ لائيف جئڪيٽون ھيون، ٻيڙين (Life Boats) جو صحيح تعداد ھو. ھن جھاز جي انجڻ ۽ ٻيون شيون بھترين صورت ۾ ھيون ۽ ٻڏڻ کان فقط ٽي ھفتا کن اڳ ھن جي چڱيءَ طرح چڪاس ٿي چڪي ھئي ۽ اھا چڪاس سئيڊن جي ھڪ ماھر جي نگرانيءَ ۾ ڪئي وئي ھئي، جنھن آخر ۾ پنھنجي رمارڪ ۾ اھو ئي لکيو ته ”ھي جھاز ھر صورت ۾ صحيح آھي“ ۽ پوءِ به ھي جھاز ”ايسٽونيا“ پنھنجي ملڪ ايسٽونيا جي بندرگاھ مان نڪرڻ بعد، چند ڪلاڪ صحيح ھليو ۽ پوءِ طوفاني رات ۽ برف جھڙي ٿڌي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويو.
”ايسٽونيا“ جھاز ايترو جلد سمنڊ ۾ ھليو ويو جو جھاز تي موجود مسافر پنھنجين ڪئبنن مان به نڪري نه سگھيا. ھل ھنگامو ٻڌڻ سان جڏھن ھو اڃا پلنگن تان اٿي چمپل بوٽ ڳولڻ لڳا ته، ڪئبنن ۾ پاڻي اچي چڪو ھو ۽ ھنن کي پاڻ بچائڻ لاءِ لائيف جئڪيٽ کڻڻ جو به موقعو نه مليو - لائيف بوٽ ۾ چڙھي جھاز کان ڀڄي نڪرڻ ته ٿي پري جي ڳالهه، پورو ھڪ سال اڳ آڪٽوبر 1993ع ۾ مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جي وڏي فرزند محمد عليءَ ان ساڳيءَ فيريءَ (مسافر جھاز) ۾ سفر ڪندي، مون کي چيو ھو: ”ھي بالٽڪ سمنڊ وارا علائقا (ايسٽونيا، فنلئنڊ، سئيڊن وغيره) اھڙا ٿڌا آھن جو جھاز ٻڏڻ تي ڪو ٻيڙيءَ ۾ جي چڙھي به پوي، ته به ھھڙي سيءَ ۽ ٿڌين ھوائن کان بچي نه سگھندو. ٻڏڻ واري مسافر کي جلدي ڪو ٻيو جھاز اچي ڪڍي ته اھا ھن جي خوش نصيبي آھي، نه ته ھن جي لاڏاڻي ڪرڻ لاءِ ڪلاڪ ڏيڍ کلئي آسمان ھيٺ، ھهڙي پاري جھڙي ٿڌ ۾، ٻيڙيءَ ۾ ويھڻ تمام گھڻو آھي.“
محمد علي ڏيپلائي انھن ڏينھن ۾ ڊئنمارڪ جي شھر ڪوپن ھيگن جي پاڪستاني ايمبيسي ۾ ٽريڊ ڪمشنر ھو ۽ آءٌ فنلئنڊ جي مئرين ڊيپارٽمنٽ طرفان فنلئنڊ جي گاديءَ واري شهر ھيلسنڪي ۾ رھيل ھوس، جتي ھنن علائقن ۾ ھلندڙ سڀني جھازن - خاص ڪري مسافر جھازن (فيرين) جي چڪاس جو ڪم سکي رھيو ھوس. ھن جھاز ايسٽونيا (جيڪو ٽالن کان اسٽاڪھوم ھليو ٿي) تي اسٽاڪ ھوم منھنجو به ٻه دفعا کن وڃڻ ٿيو ھو، ان ڪري اڄ ان جي ٻڏڻ جو ٻڌي، ان جو مضبوط ۽ نُھرو لوھي جسم، بھترين انجڻ ۽ عملو اکين اڳيان اچي ٿو. فنلئنڊ جي گاديءَ وارو شھر ھيلسنڪي ۽ ايسٽونيا جي گاديءَ جو ھنڌ ٽالن ائين آھن جيئن روھڙي، سکر يا دادو مورو جنھن جي وچ مان سنڌو ندي وھي ٿي ۽ ھنن شھرن: ھيلسنڪي ۽ ٽالن جي وچ ۾ بالٽڪ سمنڊ جي فقط سوڙھي ڳچي آھي. البته انھن شھرن جي مٿان ڳانڍاپي لاءِ پل ناھي. باقي ننڍيون ٻيڙيون، لانچون، ھورو ڪرافٽ سڄو سڄو ڏينھن ھلن ۽ ھڪ شھر جا ٻئي شھر ۾ صبح جو نوڪري ڪري شام جو موٽي وڃن. يعني ھن علائقي ۾ ننڍين ننڍين ٻيڙين کان وٺي، وڏا وڏا مسافر جھاز ھلندا رھن ٿا ۽ ماڻھو ھوائي جھاز کان وڌيڪ پاڻيءَ رستي سفر ڪن ٿا. ھي علائقو اتر ۾ ھجڻ ڪري اونھاري ۾ به سيءُ رھي ٿو. ان ڪري ھن پاسي جي بسين توڙي ٻيڙين ۽ جھازن ۾ ھڪ ته توھان کي پکا (Fans) نظر نه ايندا (گھرن ۾ پڻ) ۽ ٻيو ته دريون ھونديون پر شيشا فڪس ھوندا، يعني کولي نٿا سگھجن ۽ کولجن به ڇو؟ جڏھن اونھاري ۾ به گرمي يا گُھٽ نٿي ٿئي. سو ھن پاسي جي سمنڊ (بالٽڪ) ۾ سيءُ ته آھي ئي آھي، جيڪو سياري ۾ ايترو وڌيو وڃي جو سمنڊ جو مٿيون تهه برف ٿيو وڃي. ٻي مصيبت جيڪا ھن پاسي عام آھي، اھا ڌنڌ ۽ ڪوھيڙو آھي، جنھن ۾ ڏيک (Visibility) ڪڏھن ڪڏھن گھٽجيو زيرو به ٿيو پوي. يعني پنھنجي جھاز تي بيھي سامھون ايندڙ جھاز ته نظر نٿا اچن، پر پنھنجي جھاز جو اڳيون حصو به نظر نٿو اچي. جھاز جي برج (جنھن تي بيھي جھاز ھلائجي ٿو) تي بيھي توھان کي سامھون پنھنجي جھاز جو اڳيون حصو به نظر نه پيو ايندو ته آيا خلاصي رسا کولي رھيا آھن يا نه؟ ھنن لنگر مٿي ڇڪي ورتو آھي يا اڃا نه؟
بھرحال! ”ايسٽونيا“ جھاز تي موجود ھزار کان مٿي ماڻھن مان فقط 139 بچي سگھيا. باقي مسافرن مان ڪي رات جو وقت ھجڻ ڪري پنھنجن ڪمرن(Cabins) مان ئي نه نڪري سگھيا ۽ جھاز سان گڏ سمنڊ ۾ اندر ھليا ويا. ڪيترا جيڪي جھاز سان گڏ ٻڏڻ کان ته بچي ويا، پر جيسين ڪو ٻيو جھاز ھنن کي بچائڻ لاءِ پھچي، تيسين ڪيترا ئي خوف، ھراس ۽ صدمي ۾ مري ويا ۽ ڪيترن جو موت Hypothermia (جسم جو ٿڌو ٿيڻ) ڪري به ٿيو – جيڪو ھنن اتراھن علائقن جو عام مسئلو آھي. سئيڊن ۽ ناروي ۾ ڪار ھلائيندي به اھو خوف رھندو آھي ته ڪنھن اھڙي ھنڌ تي رات جو گاڏي خراب نه ٿئي، جتي سيءَ کان بچڻ جو بندوبست نه ھجي. ڪار جيسين ھلي پئي ۽ ھيٽر آن آھي ته خبر ئي نٿي پوي. ڪار يا ھيٽر بند ٿيڻ سان ڪي پنج ڏھ منٽ به نٿا ٿين ته سڄي ڪار ئي يخ ٿيو وڃي. ڪار جي لوھي جسم کي ھٿ لاھڻ سان ڄڻ برف جي ڇپ کي ھٿ لڳو ۽ ٻاھر جيڪڏھن تکي ھوا پئي لڳي ته، ڪوٽن ۾ ھوندي به جسم چيربو آھي. اتي، اھڙي موسم ۾ کليل ٻيڙيءَ ۾ چوڌاري پاڻي ۽ ٿڌي ھوا جسم جي ٽيمپريچر کي نارمل کان گھڻو ھيٺ ڪيريو ڇڏي ۽ انسان جو موت ٿڌ وگھي ٿئي ٿو.
”ايسٽونيا“ جھاز جي ٻڏڻ تي گھڻو غم ايسٽونيا ۽ سئيڊن وارن کي ٿيو، جن ملڪن جا ماڻھو ھن جھاز جا مسافر ھئا. جھاز جا جيڪي ٿورا مسافر بچيا، انھن ۾ وڏو تعداد جوان مردن جو ھو. عورتون، ٻار ۽ پوڙھا ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ھئا. ان ڳالھه تي ڪيترا ئي سوال اٿاريا ويا. جھاز جي بنيادي ڊيزائن بابت پڻ ڪيترن اعتراض ڪيو ته منجھس ايتري سلامتي ناھي، ڇو جو جھاز اندر ڪارن موٽرن جي چڙھڻ ڪري، ھنن جھازن جا دروازا وڏا رکيا وڃن ٿا، جن مان حادثي وقت پاڻيءَ جو وڏو وھڪرو اندر ڌوڪيو اچي، جيئن انگلينڊ جي ساڳي قسم جي جھاز ‘Herald of Free Enterprise’ سان بليجم جي بندرگاهه Zeebrugge ۾ 1987ع ۾ ٿيو ھو ۽ 192 مسافر ٻڏي ويا ھئا، پر ھن جھاز ”ايسٽونيا“ لاءِ ائين چئي نٿو سگھجي، جو جھاز جي Sailing وقت سئيڊن جي ٻن ماھر ناٽيڪل انجنيئرن اوچتي چيڪنگ پڻ ڪئي ھئي. جھاز جي ڪجھه واٽر ٽائيٽ دروازن جون رٻڙ Seals ڪجھه گٺل ضرور ھيون، پر اھا ڪا اھڙي ڳالھه ناھي جنھن جي ڪري جھاز ٻڏي سگھي.
ٽالن مان لنگر کڻڻ وقت ھن ساڍا پندرھن ھزار ٽن وزني جھاز تي ھر مسافر خوش ۽ مطمئن ھو. مسافرن ۾ ھڪ سئيڊن جي پوليس ڊيپارٽمينٽ جي 64آفيسرن جو ٽولو ھو ۽ ٻيو سئيڊن جي شھر نور شوپنگ جي وڏي عمر جي شھرين جو جٿو ھو، جيڪو ايسٽونيا جي شھر ٽالن جو سير ڪري موٽي رھيا ھئا. بالٽڪ ۾ ھلندڙ ھنن مسافر جھازن تي اڌ کان وڌيڪ ماڻھو مون ڏٺو آھي ته مائٽن مٽن سان ملڻ يا سير تفريح ڪرڻ کان وڌيڪ شراب پيئڻ جي شوق ۾ چڙھن ٿا. ھنن (Scandinavian) ملڪن ۾ (ڊئنمارڪ، سئيڊن، فنلئنڊ، ناروي وغيره ۾) بيئر، شراب ويندي ڪوڪا ڪولا جھڙين شين تي وڏو ٽئڪس ھڻي مھنگيون ڪيون ويون آھن، جيئن ماڻھو اھڙين بيڪار شين کي واپرائڻ لاءِ دلشڪستا ھجن. پوءِ ڪيترا ماڻھو پيئڻ جي شوق ۾ ھھڙن جھازن جو سير ڪن ٿا. جھاز جيئن ته بين الاقوامي پاڻيءَ ۾ ھلي ٿو، جنھن تي ڪنھن به ملڪ جو قبضو ناھي، ان ڪري جھاز تي وڪامندڙ ھر شيءِ تي ٽئڪس ناھي ۽ ڪارخاني جي اگهه تي وڪامي وڃي ٿي - شراب، عطر، چاڪليٽ کان وٺي ريڊيو، ٽيپ، رومال ڪپڙي تائين. ان ڪري جھاز جيئن ئي بندرگاھ ڇڏي ٿو ته شوقين مڙس مي خاني (بار) جو رخ اختيار ڪن ٿا ۽ جيڪو پيئڻو اٿن، اھو جھاز تي سفر دوران پي ختم ڪرڻو پوين ٿو، ڇو ته ڪناري تي - يعني واپس پنھنجي وطن آڻڻ تي کين ڳرو ٽئڪس ادا ڪرڻو پوي ٿو ۽ نتيجي ۾ اھا ساڳي شيءِ ٽئڪس ڏئي حاصل ڪرڻ کان ته شھر ۾ ان کان وڌيڪ سستي پوي ھا.
ايسٽونيا جھاز تي مسافرن جو تعداد ٻه ھزار کن آھي، پر ان رات اڌ کن (يعني ھزار کن) جھاز تي ھئا، پر جھاز جا سڀ بار ۽ ھوٽلون مسافرن سان ڀريل ھيون. جھاز جيئن ئي بندرگاھ ڇڏيو ته مصيبتن جو نازل ٿيڻ شروع ٿيو. کلئي سمنڊ ۾ اچڻ سان مسافرن ۽ جھاز جو طوفان سان واسطو شروع ٿيو. جيتوڻيڪ طوفان ڪو وڏي پئماني جو نه ھو. ھن سمنڊ (بالٽڪ) ۾ ان قسم جا طوفان لڳڻ عام ڳالهه آھي، پر مسافرن محسوس ڪيو ته سفر جو اھو مزو نه رھندو، جيڪو ٿيڻ کپي. رات جو ساڍي اٺين بجي ئي بئنڊ ميوزڪ وڄائڻ بس ڪئي ۽ ھرڪو تيز ھوا، جھازن جي لوڏن ۽ دل ڪچي ٿيڻ ڪري پنھنجي پنھنجي ڪمري ڏي روانو ٿي ويو. ڊيڪ تي اھي وڃي بچيا، جيڪي مضبوط ٽنگن وارا ھئا يا جن کي رھائش لاءِ ڪمرا نه ھئا ۽ اتي ڊيڪ جي ئي ڪنڊ پاسي ۾ ڪرسيءَ تي ويھي، کين رات گذارڻي ھئي. دراصل اھي ماڻھو خوش نصيب ثابت ٿيا، ڇو جو جھاز جي ٻڏڻ وقت، ٿوري وقت اندر اھي ئي ماڻھو ھئا، جيڪي ٻيڙيءَ ۾ چڙھي پنھنجي جان بچائي سگھيا.
اھي ماڻھو جن جي جان بچي سگھي، انھن ٻڌايو ته جھاز تي مسئلو آڌي رات کان پوءِ شروع ٿيو. رات جو ھڪ وڳي ڌاري ڊيوٽي انجنيئر ڪلوزڊ سرڪٽ ٽي وي تي ڏٺو ته اڳين دروازن (Bow Doors) کان، جتان ڪارون ۽ لاريون فيريءَ ۾ چاڙھيون ويون ٿي، پاڻي بُوھاڙا ڏيئي اندر گھڙي رھيو آھي. ڊيوٽي انجنيئر اھو سمجھي ته اھو پاڻي مينھن جي وسڪاري يا وڏي ڇول ڪري اندر اچي رھيو آھي، ھن بلج پمپ ھلايو. جھاز تي مختلف قسمن جا پنجاھ کن پمپ ٿين ٿا، جن مان ڏھاڪو کن پمپ سمنڊ جو ٻاھريون پاڻي کڻي ڪولرن ۽ ڪنڊينسرن وغيره کي ٿڌو ڪن ٿا، باھ وسائڻ لاءِ سمنڊ جو پاڻي سپلاءِ ڪن ٿا، جھاز جو ڊيڪ يا ائنڪر وغيره جي ڌُوپ لاءِ انھن مان ھڪ ٻه پمپ سمنڊ جو پاڻي سپلاءِ ڪري ٿو ۽ اھڙي طرح ٻه يا ٽي مضبوط قسم جا پمپ Positive Displacement ٽائيپ، جھاز ۾ اندر آيل پاڻيءَ کي ڇڪي ٻاھر ڪن ٿا. انجڻ روم جي تري ۾ يا جھاز جي گدامن (Holds) جي تري ۾ اڪثر تيل ۽ پاڻي گڏ ٿيندو رھي ٿو. ان کي جي ھر وقت نه ڪڍبو رھبو ته، اھو گڏ ٿي مشينن ۽ سامان کي الڳ خراب ڪندو ۽ جھاز جي بئلنس (Stability) تي الڳ اثر انداز ٿيندو. مون کي ياد آھي ته جنھن پھرين جھاز تي مون Sail ڪيو ھو، ان جي پاڻي ڪڍڻ واري پمپن ۾ خرابي ھئي ۽ جيسين انھن جي مرمت ڪريون، انجن روم جي تري ۾ ايترو ته پاڻي گڏ ٿي ويو، جو کاٻي پاسي واري جنريٽر جو فلاءِ ويل (Fly Wheel) ھاڻي پاڻيءَ جي سطح کي ڇھڻ لڳو ھو. فلاءِ ويل آلٽرنيٽر سان ڳنڍيل ھو. نتيجي ۾ پاڻيءَ جون بوندون آرميچر وائينڊنگ ۽ اليڪٽرڪ جي ٻين حصن کي لڳڻ ڪري ان کي باھ اچي لڳي ۽ اھو جنريٽر ڪيترن ڏينھن تائين ڪم ۾ نه اچي سگھيو. سو ھر صورت ۾ جھاز جي ڪنھن به حصي ۾ پاڻيءَ جو گڏ ٿيڻ خراب ۽ خطري وارو سمجھيو وڃي ٿو. ايسٽونيا جھاز وارن کي به جڏھن خبر پئي ته جھاز جي ڪنھن حصي (اڳئين حصي) ۾ پاڻي گڏ ٿي رھيو آھي ته ھنن پاڻي ٻاھر ڪڍڻ جا پمپ ھلايا.
ڪجھه منٽن بعد ھنن ڏٺو ته سمنڊ جو پاڻي ريلا ڪري ڪار ڊيڪ (جتي موٽر ڪارون بيٺل ھيون) ڏي وڌي رھيو آھي ۽ پمپ آھن سي ھلڻ جي باوجود به پاڻيءَ جي ليول ۾ کوٽ نه پيا آڻي سگھن. ڏسندي ئي ڏسندي جھاز لسٽ ٿي ويو. (جھاز جو ھڪ پاسي جھڪي ھلڻ کي لسٽ (List) سڏجي ٿو. جھاز ھوا يا سامونڊي لھرن ڪري ھڪ پاسي وڃي وري سڌو ٿي وڃي ته ان کي ”رولنگ“ سڏجي ٿو. رولنگ جھاز جي مسافرن کي تڪليف ضرور رسائي ٿي جو لڳاتار رولنگ ڪري جھاز جي مسافرن ۽ ھلائيندڙن کي Sea Sickness ٿئي ٿي، جنھن ڪري ھنن کي الٽيون ۽ چڪر ضرور اچن ٿا، پر جھاز لاءِ نقصانڪار نه آھي. پر لسٽ ٿيل جھاز خطرناڪ شيءِ آھي. لسٽ ۾ جھاز لڳاتار ھڪ طرف جھڪيل رھي ٿو ۽ سڌو ٿيڻ جو نالو نٿو وٺي ۽ ٿوري ئي لوڏي يا سامان، کُلي ان جھڪيل طرف وڃڻ تي جھاز اونڌو ٿيو وڃي، جنھن لاءِ عام طرح انگريزيءَ جو لفظ Capsize استعمال ٿئي ٿو. ھي جھاز ايسٽونيا به ڏسندي ئي ڏسندي کاٻي پاسي تمام گھڻو لسٽ ٿي ويو. بچيل مسافرن مان ھڪ ٻڌايو ته ھو جھاز جي کاٻي پاسي بيٺو ھو ته پاڻي ھن جي گوڏن تائين پھچي ويو ۽ ھو خوف وچان بوٽ ڊيڪ ڏي ڀڳو، جتي ٻيڙيون ٽنگيل هجن ٿيون. ھو خوش نصيب ھو جو ھن کي يڪدم خبر پئجي وئي ۽ جھاز جي اونڌي ٿيڻ (Capsize) کان اڳ ھو ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي ويو.
ھڪ ٻئي مسافر ٻڌايو ته جھاز جي لسٽ ٿيڻ تي ھو ٻيڙين ڏي ڀڳو، اتي ڪابه چرپر يا جھاز جو آفيسر موجود نه ھو. ”اسان ھڪ ٻيڙيءَ ۾ چڙھياسين، پر جھاز جو ڪو آفيسر نه ھجڻ ڪري، اسان ان ٻيڙيءَ کي کولي نه سگھياسين ۽ پوءِ ھڪ لائيف رئفٽ (رٻڙ جي گول ٻيڙي) ھيٺ تري رھي ھئي. اسان ان ۾ ٽپ ڏنو. ان رٻڙ جي ٻيڙيءَ ۾ اسان ڪل چار ڄڻا ھئاسين. ڪي پنج ڏھ منٽ به نه گذريا ته جھاز کاٻي پاسي پاسو ورائي اونڌو ٿي ويو ۽ ھيٺ سمنڊ جي اونھائين ۾ غرق ٿي ويو.“
ايسٽونيا جنھن ھنڌ تي ٻڏو، اتي سمنڊ اسي ميٽر اونھو آھي ۽ ھيءَ جاءِ فنلئنڊ جي ھڪ ٻيٽ اوتو (Uto) کان ٽيهه ميل پري آھي. جھاز جي ٻڏڻ بعد سمنڊ تي طوفاني ھوا جا سيسراٽ ھئا يا جھاز مان ڪرندڙن جون ھنيانءُ ڦاڙيندڙ ڪيھون ۽ پوءِ جلدي اھي مدد لاءِ سڏيندڙ رڙيون آھستي آھستي ٿي ھلڪيون ٿي بند ٿي ويون. ٻڏندڙن جي ڦڦڙن ۾ پاڻي ڀرجڻ ڪري ھنن جو ساھ بند ٿي ويو ۽ انھن دانھن، ڪوڪن، ايلازن منٿن مان ھر ھڪ اندازو لڳائي سگھيو ٿي ته مردن کان وڌيڪ عورتون ۽ ٻار ھئا. لائيف جئڪيٽ ته سڀني کي ھئي، پر ٿڌي پاڻي ۽ طوفاني تيز ھوا ڪري، ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ھمت ڪري، رٻڙ جي ٻيڙين تائين پھچي پاڻ کي بچائي سگھيو ۽ جيڪي ٻيڙين ۾ چڙھي سگھيا، انھن مان به گھڻا ئي مدد لاءِ ايندڙ ڪنھن جھاز جي پھچڻ کان اڳ سيءَ وگھي مري ويا. سيءُ ايڏو ته سخت ھو جو اھڙيءَ ولهه ۾ ھڪ انسان ڪلاڪ کن مس ڪو جيئرو رھي سگھي ٿو. دراصل ان ٿڌ ۾ طوفاني چڀندڙ ھوائن جو اندازو اھي لڳائي سگھن ٿا، جيڪي ناروي، سئيڊن، فنلئنڊ جھڙن ملڪن ۾ رھيا ھوندا. سئيڊن جي ڳالهه ياد ٿي اچي ته اتي جا بس اسٽاپ ٽن پاسن کان ڍڪيل ٿين ٿا ۽ بس جي انتظار لاءِ اسين گرم ڪپڙا پائي بيھندا ھئاسين ۽ سياري ۾ - يعني سيپٽمبر جي شروع کان ٻن بسن جي وچ وارو مدو ڏھ يا پندرھن منٽ رکيو ويندو ھو، جيئن ڪنھن کي گھڻي دير ٿڌ ۾ بيھڻو نه پوي ۽ پوءِ ڪڏھن ڪڏھن بس اسٽاپ جي ويجھو پھچڻ سان ڏسبو آھي ته بس ھينئر ھينئر پئي وڃي ته ٻي بس لاءِ ڏھ منٽن جي انتظار جو سوچي افسوس ٿيندو آھي ۽ پنج ڇهه منٽن ۾ ئي ھٿ پير کَيرا (numb) ٿيڻ شروع ٿيندا آھن - جيتوڻيڪ ھٿن تي به گرم جوراب چڙھيل ھوندا آھن. سو ھتي سمنڊ تي، آڌي رات جو ٿڌي ھوا ۾ ڏکويل مسافرن جو ڇا حال ھوندو؟
جھاز جي ٻڏڻ جو ٻڌي جڏھن اوسي پاسي جا جھاز اچي گڏ ٿيا ته جيئرن جو ڪو ٿورو تعداد ھئو. باقي مري ويلن جا لاش سڄي سمنڊ تي پکڙيا پيا ھئا ۽ اوندھ ۾ چوڌاري ننڍا بلب ھئا. (اڄڪلهه لائيف جئڪيٽ ۾ سيٽيءَ سان گڏ ننڍڙي ٽارچ به ٿئي ٿي، جيڪا سمنڊ ۾ ڪري اڀي ٿيڻ تي ٻري ٿي. جيئن رات جي وقت بچاءَ لاءِ آيل جھاز اوندھ ۾ بتيءَ مان اندازو لڳائي سگھن ته مسافر ڪٿي ڪٿي آھن؟)
بچاءَ لاءِ آيل ھڪ جھاز وارن بعد ۾ ٻڌايو ته، رات جي وقت جڏھن ھو ايسٽونيا جھاز جي ٻڏڻ واري ھنڌ تي پھتا ته، ھنن ڏٺو ته چوڌاري بلب ٽمڪي رھيا ھئا ۽ انھن مان ڪجھهه چري پري به رھيا ھئا، جنھن مان لڳو ته ھو جيئرا آھن. ”اسان پنھنجي جھاز کي انھن جي ويجھو وٺي وياسين، پر سمنڊ ۾ ايتري ته اٿل پٿل ھئي جو اسان ھنن مان ڪي ٿورا بچائي سگھياسين ۽ ڪيترا ويچارا جھاز جي پکي (Propeller) جي ڇِڪ (Suction) ۾ ان سان لڳي ڪپجي ويا. ڪجهه ماڻھو ھيليڪاپٽرن ذريعي به بچايا ويا، جيڪي اوسي پاسي جي ڇهه کن ملڪن مدد لاءِ موڪليا. ھڪ برٽش مسافر جيڪو خوش قسمتيءَ سان بچي ويو ۽ ھيليڪاپٽر ذريعي مٿي ڇڪيو ويو. تنھن ٻڌايو ته سخت سيءَ ڪري ساڻس گڏ باقي ڇهه ڄڻا ان رٻڙ جي ٻيڙيءَ ۾ ئي ساھ ڏئي ويٺا. سندس ھٿ پير به ٿڌ کان اھڙا کيرا ٿي چڪا ھئا، جو ھيليڪاپٽر جي رسيءَ ۾ ھٿ ڦٻائي نهه سگھيو. پر پوءِ ڪجھ جوش جذبي کان ڪجهه زندھ رھڻ جي شديد خواھش سڀ ھو جياپي کي ماڻي سگھيو.
سمنڊ تي ٻڏندڙن جي دانھن کان وڌيڪ جھاز تي وڌيڪ افراتري ۽ ڏکويل حالت ھئي. جھاز جي جھڪڻ تي ھر ھڪ پنھنجي ڪئبن کان نڪري آيو ۽ جھاز جي گھٽين ۾ ايڏي ڀڄ ڊڪ ۽ ڌڪ ڌڪان ٿي جو ڪيترا ئي چيباٽجي ڪري پيا يا بيھوش ٿي ويا. ھارسٽئٽ (Harstedt) نالي ھڪ مسافر ٻڌايو ته ھڪ عورت جي ٻنھي ٽنگن جون ھڏيون ڀڄي پيون. ھوءَ مدد ۽ لائيف جئڪيٽ لاءِ ھر لنگھندڙ کي آزيون نيزاريون ڪندي رھي، پر ان وقت جھنگل جو قانون ڇانيل ھو. ھر ھڪ کي رڳو پنھنجي ساھ جي لڳل ھئي ته ڪنھن نموني سان ھو جھاز جي اندرين گھٽين مان نڪري جان بچائي. ڪجهه پوڙھا مرد ۽ ڪمزور عورتون ته بچڻ جي ڪا اميد نهه ڏسي، ھڪ ھنڌ ويھي روئڻ لڳيون. ڪجهه ننڍا ٻار ڀڄڻ وارن جي پيرن ھيٺان اچي لتاڙجي به ويا ھئا.
”ايسٽونيا“ جھڙي مسافر جھاز جي ٻڏڻ تي جھاز جا بچيل مسافر، انھن جا مائٽ عزيز، ڊيزائنر، ھلائيندڙ، انجنيئر ۽ عوام تعجب کائي ٿو ته، اھو ڪو اھڙو جھاز ته نه ھو جيڪو ائين ٻڏي وڃي ۽ ايترو جھٽ پٽ! ان جو جواب اڃا ڪو به ڳولي نه سگھيو آھي.