غوطا خوري ۽ ٽوٻو
ھڪ دفعي جپان جي ھڪ اسپتال جي جنرل وارڊ ۾ داخل ھوس. منهنجي ڀر واري کٽ تي ھڪ غوطا خور علاج ھيٺ ھو. ھو ھڪ اليڪٽرانڪ ڪمپنيءَ جو وڏو آفيسر ھو ۽ غوطا خوري سندس وندر ھئي. تازين موڪلن ۾ شڪاڪو ٻيٽ وٽ غوطا خوري ڪندي ھن کي پاسراٽين ۾ ڌڪ لڳي ويا ھئا.
ھيءَ ڪھاڻي پڙھڻ بعد پڙھندڙن جي ذھن ۾ به شايد ساڳيو سوال اڀري جيڪو منهنجي ذھن ۾ مٿين ھمراھ جي حادثي جي ڳالهه ٻڌي اڀريو ته ماڻھو آخر غوطا خوري ڪن ڇو ٿا؟
جواب ھرڪو اھو ئي ٿو ڏئي ته مھم جوئي ۽ ائڊوينچر جي شوق ۾. جيئن ماڻھو جبلن تي چڙھن ٿا، پوءِ ڪرندا جھرندا پيا پر پچر نه ڇڏيندا. ويندا وڏي کان وڏي جبل جي چوٽي پار ڪندا يا جيئن ماڻھو شڪار ڪرڻ جي شوق ۾ جھنگ جھاڳيندا وتندا آھن.
غوطا خور پاڻ سان ھوا جو سيلينڊر کڻي پوءِ سمنڊ ھيٺ وڃن ٿا، جيئن پاڻيءَ اندر ساھ کڻندا رھن. پر ھيءَ ڪھاڻي ھڪ اھڙي غوطي خور جي آھي، جيڪو مڇيون ڦاسائڻ جي مقابلي ۾ بنا سيلينڊر جي سمنڊ اندر ويو. ان ڪري ھن کي ھڪ ئي وقت ٽي ڪم ڪرڻا پيا: ترڻ لاءِ ھٿ پير ھڻڻ، آدمخور مڇيءَ سان مقابلو ڪرڻ ۽ اٽورجڻ کان بچڻ لاءِ ذري ذري مٿي اچي ساھ جو بندوبست ڪرڻ.
غوطا خوري وندر ۽ مھم جوئيءَ کان علاوهه آرٽ ۽ ھنر پڻ آھي. سڌريل ملڪن ۾ غوطا خوري سيکارڻ جا اسڪول ۽ ادارا ائين آھن، جيئن اسان وٽ سبڻ ڀرڻ، درزڪي، واڍڪي، ويلڊنگ ۽ مڪينڪ وغيره جا.
سمنڊ ۾ اندر گھڻي دير رھي جھازن جي ”آب دوز ويلڊنگ“
ڪرڻ ۽ جھازن جي پکن ۾ ڦاٿل رسا ڪڍڻ جھڙا ڪم ٽوٻن جي حوالي ڪيا ويندا آھن. اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ پڻ نيويءَ کي پنهنجا بهترين ٽوٻو آھن. ان کان علاوه ڪيترا ئي نجي کاتا پڻ آھن، جيڪي ضرورت وقت غوطا خور مھيا ڪن ٿا ۽ اھي ”فراگ مين“ سڏجن ٿا.