انسان ۽ سمنڊ
”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ کان وٺي الطاف شيخ جا سفرناما پڙهيا اٿم. سندن سفرنامن سان منهنجي چاهه جو بنيادي ڪارڻ اهو ئي سمنڊ آهي. سندس سفرنامن ۾ سمنڊ جون ڳالهيون پڙهي مون کي آسيس ملندي رهي آهي. سڀ ڪم ڇڏي، سندس ڪتاب پڙهندو آهيان، جن ۾ ديس ديس جون دلچسپ ڳالهيون، معلومات، مزي وارا جملا، تشبيهون ۽ حسن جو ذڪر هوندو آهي.
الطاف جڏهن ڪجهه لکڻ لاءِ ڪتاب جو مسودو مون کي ڏنو، تڏهن اتفاق سان مون کي هڪ ٽي وي پروگرام لاءِ، ماهيگيرن جي زندگيءَ بابت فلم ٺاهيندڙ ٽيم سان گڏ سمند ۾ وڃڻو پيو. رات جو ئي مون مسودي جو جائزو ورتو، جنهن ۾ سامونڊي حادثن جون ڪهاڻيون ڏنل آهن. ٻئي ڏينهن اسان هڪ ننڍڙي موٽر بوٽ ۾ سوار ٿي، ٽي چار ميل سمنڊ اندر نڪري وياسين. اڄڪلهه سنڌ جي ساحلي علائقن ۾ سمنڊ ماٺو آهي، پر اسان جي بوٽ جيئن جيئن ڪناري کان پري ٿيندي وئي، ڇولين جو ڇوهه وڌندو ويو. اسان ڇولين جي رُخ طرف وڃي رهيا هئاسين ۽ جيئن ئي هڪ ڇولي گذرڻ سان ٻي ڇولي پهتي ٿي، بوٽ ”ڇپاڪ“ جي آواز سان پاڻيءَ سان ٽڪرائي ٿي. جيڪڏهن ڇوليون بوٽ جي پاسي ۾ ٽڪرائجن ها ته، اها ضرور اونڌي ٿي پوي ها. ان وقت منهنجي ذهن ۾ الطاف جي هن ڪتاب ”موج نه سهي مڪڙي“ جا ڪجهه واقعا ذهن تي تري آيا ۽ مون پاڻ کي به هڪ اهڙو ئي ڪردار تصور ڪيو. ان وقت مون کي عجيب سڪون محسوس ٿيو. مست ڇولين کي مون پاٻوهه مان ڇهڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي. پورا ٽي ڪلاڪ اسان ان سمنڊ ۾ شوٽنگ ڪندي گذاريا. (گهٽ ۾ گهٽ منهنجي لاءِ هڪ بوٽ ۾ ٽي ڪلاڪ گذارڻ پهريون تجربو هو).
مٿي ٻڌايو اٿم ته هن ڪتاب ۾ سمنڊ جي طوفانن ۽ حادثن جون ڪهاڻيون ڏنل آهن. الطاف شيخ جي پڙهندڙن کيس خط لکيا هئا ته، هو سندس سامونڊي زندگيءَ ۾ ساڻس پيش آيل حادثن ۽ تڪليفن تي به ڪجهه لکي، پر جيئن ته سامونڊي زندگيءَ ۾ اسان اڃا قدم رکي رهيا هئاسين ۽ اسان جو ملڪ ۽ ماڻهو جپانين ۽ انگريزن وانگر Seafaring ناهي، تنهن ڪري کين سامونڊي زندگيءَ جي خوفائتن واقعن ٻڌائڻ سان اَرهي ڪرڻ بجاءِ هن هميشه سامونڊي زندگيءَ جو بهتر ۽ دلچسپ رُخ پئي ڏنو آهي. اها حقيقت آهي ته پنهنجي دلچسپ تحريرن سان هن سامونڊي زندگيءَ لاءِ ماڻهن جو چاهه وڌايو آهي، پر خوفائتن واقعن نه ٻڌائڻ وارو نظريو ايترو مناسب ناهي. اهڙا واقعا ٻڌائڻ گهرجن، جيئن ماڻهن ۾ ڏکاين کي منهن ڏيڻ جو جذبو پيدا ٿئي ۽ هو ذهني طرح هر ڳالهه لاءِ تيار رهن. اها زندگي ڪهڙي جنهن ۾ خطرا نه هجن؟ خطرن کي منهن ڏيڻ ئي زندگيءَ جو رومان آهي. مون کي ياد آهي ته ننڍي هوندي مان اردو ڊائجيسٽ ۾ اهڙا واقعا دلچسپيءَ سان پڙهندو هوس، جن ۾ سامونڊي جهاز ڪنهن طوفان يا ٽارپيڊو جو شڪار ٿي تباهه ٿي ويندا هئا ۽ ان جا مسافر ٻيڙين ۾ بُک ۽ اُڃ جو مقابلو ڪندي منزل تي پهچندا هئا، يا ڪنهن شارڪ مڇيءَ جو کاڄ ٿي ويندا هئا. تڏهن مان سوچيندو هئس ته، سنڌيءَ ۾ اهڙيون ڪهاڻيون ڇو نه آهن؟ سچي ڳالهه هيءَ آهي ته سنڌي لٽريچر ۽ ائڊوينچر بابت نه هئڻ جي برابر لکيو ويو آهي. مان ان لاءِ اديبن کي ڏوهه نٿو ڏيان، ڇو ته هن سماج ۾ زندهه رهڻ ۽ پنهنجي ۽ قومي مسئلن کي منهن ڏيڻ ئي وڏو ائنڊوينچر آهي.
بهرحال! هيءُ ڪتاب، جنهن ۾ الطاف ٻين کي پيشي آيل سامونڊي حادثن جون ڪهاڻيون ڏنيون آهن، هڪ سٺو قدم آهي ۽ اهو سلسلو جاري رهڻ گهرجي.
الطاف پاڻ چوي ٿو: ”سامونڊي سفر هڪ ماڻهوءَ جي زندگيءَ وانگر آهي، جنهن ۾ کل خوشي به آهي ته، ڏک ڏاکڙا به.“ تنهن ڪري اسان لاءِ ڏک ڏاکڙا پار ڪرڻ لاءِ ذهني سکيا حاصل ڪرڻ به ضروري آهي ۽ اهو ڪم الطاف پنهنجي فنڪاراڻي قلم سان ڪري سگهي ٿو، جيئن هن ڪتاب ”موج نه سهي مڪڙي“ ۾ واقعن کي اهڙيءَ طرح پيش ڪيو آهي، جو پڙهندڙ کي محسوس ٿيندو، ڄڻ هو به ان واقعي جو هڪ ڪردار آهي. ان سان هو خطرن کي منهن ڏيڻ جي سکيا حاصل ڪري سگهي ٿو. اها ئي ڪتاب جي خصوصيت آهي پڙهندڙن جي سولائيءَ لاءِ الطاف هر ڪهاڻيءَ جي منڍ ۾ سمجهاڻي ڏئي، کين اصل ماحول ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪهاڻين جي عنوان لاءِ شعرن جي چونڊ، ڪتاب کي اڃا به دلچسپ بڻائي ڇڏيو آهي.
ڪتاب ۾ ڏنل ڪهاڻين ۾ فنڪاراڻي Touches ڏئي جنگ جي تباهڪاري، بيٺڪيت ۽ غلاميءَ کي نندڻ سان گڏ، الطاف خوبصورت نموني تاريخ جا ڪجهه حوالا به ڏنا آهن. مون کي يقين آهي ته هن ڪتاب جا پڙهندڙ الطاف جي ٻين ڪتابن جيترو ئي مزو ماڻيندا ۽ ڪجهه پرائيندا.
نصير اعجاز