ٻيڙيون ٻاجھارن جون، تاريون طوفانن...
ان جو تجربو/مشاھدو مون کي پھرين ئي سفر ۾ ٿيو. اسان جو جھاز جون ڌاري ڪراچيءَ کان نڪتو ۽ سانوڻيءَ جي سمنڊ ۾ سٽبو خليج بنگال جو ٻن ڏينھن جو سفر پورو ڪري، ھاڻ ملاڪا نار ۾ گھڙڻ وارو ھو. خراب سمنڊ - سو به پھرئين ئي سفر ۾ پھرين ئي ڏينھن کان ملڻ ڪري سامونڊي زندگيءَ کان دل کٽي ٿي پيئي ھئي. ھڪ ڏينھن ملاڪا نار جي منھن وٽان لنگھڻ وقت، ڪمري جي دريءَ وٽ ڪا دير بيھي، اھو ڏسي رھيو ھوس ته ڪيئن نه اسان جو آفت جيڏو جھاز ھڪ ڪمزور ٻار مثل لڳي رھيو آھي، جنھن کي سمنڊ جون ڇتيون ڇوليون، ايندي ويندي ٿڦڙون ھڻي، ڌونڌاڙي ٿي ويون. آءٌ اھو سوچي رھيو ھوس ته ھھڙي خراب موسم ۾، سمنڊ ۾ نوڪريءَ جي مجبوريءَ خاطر، اسين اڌ چريا ھن پيڙا ۾ ولوڙجي رھيا آھيون. ايتري ۾ ڏسان ته ھڪ ننڍڙي ڪاٺ جي ٻيڙي، جنھن تي ڦاٽل ليڙون ٿيل سڙھ چڙھيل ھئا، ماڻھن سان ٽٻ، جھاز جي ڪام (پاسي) کان پئي اچي. سمنڊ جي وڏين ڇولين ۾ ڄڻ بال وانگر ٽپا کائي رھي ھئي. اسان جي جھاز وٽان لنگھي ته ھيٺين ڊيڪ تي بيٺل جھاز جي خلاصين سيٽيون وڄايائون. منجھس ويھارو کن عورتون ۽ ٻار ھئا ۽ اوترا ئي مرد ويٺل ھوندا. سڀ کلي رھيا ھئا. ڪي زالون ڪچھريءَ ۾ مشغول ھيون، ڪي ٻيڙيءَ جي اُند تي پنھنجن ٻارن کي ھنگائي مٽائي رھيون ھيون. مردن جو ھڪ جٿو پتي راند ۾ مشغول ھو. ڪنڊ ۾ ڪجهه عورتن ۽ مردن دھل وڄائي ڪو راڳ پئي ڳاتو. کين سمنڊ، موسم ۽ ھن ھيڻيءَ ٻيڙيءَ جي ڪا پرواھ ئي نه ھئي. رکي رکي سمنڊ جي وڏي اڇل ٿي آئي ته ان مھل ھنن فقط ٻيڙيءَ جي ھٿئي ۾ ھٿ وجھي، ڪرڻ کان پنھنجو پاڻ کي بچايو ٿي. ان بعد وري پنھنجي پنھنجي ڪرت کي لڳي ٿي ويا. اھي سڀ ھمراھ انڊونيشي نسل جا ھئا. جھاز تي ڪجهه فلپينو ۽ ملئي خلاصين ساڻن ڪنھن زبان ۾ ٻه چار جملا ڳالھايا، تيسين اسان جو جھاز سندن ٻيڙيءَ کان ڪجھه پري نڪري ويو.
ڏينھن اڌ بعد جھاز سنگاپور پھتو. جڏھن سامت آئي ۽ شھر جو چڪر ھڻي تازا توانا ٿياسين - سامونڊي نوڪري وڻڻ لڳي ته، اوچتو رستي تي مليل ان ٻيڙيءَ جي ياد آئي. جھاز جي ھڪ فلپينو ملاح کي سڏي پڇيم ته، اھي ٻيڙيءَ وارا ڪير ھئا ۽ ڪيڏانھن پئي ويا؟ ”سائين اھي ھمراھ ھڪ انڊونيشي ٻيٽ جا ماڻھو ھئا ۽ پنھنجي ٻيٽ کان ٻئي ٻيٽ ڏي ڪا شاديءَ جي دعوت کائڻ وڃي رھيا ھئا.“
”شابس ھجين.“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو. اھڙي سمنڊ ۾ جتي اسان جي الٽين ۽ اٻڙاڪن جو ڦھڪو ھو ۽ اڇل تي پيٽ ۾ پيل پاڻيءَ ڍڪ به ٻاھر نڪري ٿي آيو، اتي ھي ھمراھ اھڙيءَ ڀڳل ڇوڏي جھڙيءَ ٻيڙيءَ ۾ دعوت کائڻ پئي ويا.
”سائين ھتي جي ماڻھن جو ٻيو ڪم ئي ڪھڙو - چوڌاري ھزارين ٻيٽ ننڍا وڏا پکڙيا پيا آھن. ھنن لاءِ ھڪڙي ٻيٽ کان ٻئي ٻيٽ تائين وڃڻ ائين آھي، جيئن پاڻ لاءِ ڪنڊ واري ھوٽل تان چانهه پي اچڻ.“
مون نقشي ڏي نھار ڪئي ته واقعي رڳو انڊونيشيا ۽ فلپين جا ھزارھا ٻيٽ ھن سمنڊ جي ٽڪري ۾ پائوڊر وانگر ڇٽيا پيا آھن. سوين اھڙا به ٻيٽ آھن جيڪي ايراضي ۽ اوچائيءَ ۾ ايترا ته ننڍڙا آهن جو سمنڊ جي وڏي اڀام تي پاڻيءَ ھيٺ اچيو وڃن. سو واقعي ھي جھڙا ٻيٽ تي تھڙا ٻيڙين منجهه ۽ ھيءَ ڳالهه -شاديءَ جھڙي ته تمام وڏي ٿي، جڏھن ته ھو پيئڻ جي پاڻي لاءِ يا گاسليٽ تيل لاءِ ھڪ ٻيٽ کان ٻئي ٻيٽ تائين ائين ھلندا ٿا وتن، جيئن ڪراچيءَ جي ڪيترين ڪالونين جا ماڻھو دٻا کڻي ڪڏھن ڪنھن نل تي ته ڪڏھن ڪنھن تي. يا اسان وٽ ٻھراڙيءَ جا ماڻھو دوا ۽ ڊاڪٽر جي ڳولا لاءِ شيشو ھٿ ۾ کڻي، ڪڏھن ڪنھن ڳوٺ جي سرڪاري اسپتال ڏي ته ڪڏھن ڪنھن ڏي ھلندا وتن ٿا.
سخت اونھاري ۾ سنڌ جي رستن تان گاڏيءَ ۾ لنگھندي اھڙن ھنڌن تي جتي ميلن تائين آبادي ناھي، اتي واٽھڙن کي ڏسي تعجب لڳندو آھي ته ھي ھھڙي نٽھڻ اس ۾ پيرين پيادا ڪيڏانھن پيا وڃن؟ سنڌ ۾ ھاڻ اڃا به ايترو محسوس نٿو ٿئي جو بجلي، رستن ۽ سوارين جي وڌي وڃڻ ڪري، ھر ميل تي ڪا سواري، آبادي يا ڪو ھوٽل نظر ايندو - سواءِ ٿر پارڪر، ٺٽي ۽ دادو ضلعي جي، پر مصر ۾ گاڏيءَ ۾ پورٽ توفيق کان قاھرهه ويندي يا اسڪندريا کان سئيز ايندي، رڻ پٽ ۾ اوچتو ماڻھو ڏسي تعجب لڳندو آھي ته چوڌاري واري ئي واري ۽ رڻ پٽ لڳو پيو آھي، نه پيئڻ لاءِ پاڻي، نه ڇانوءَ لاءِ مَنَهُن. ھي پيرين پيادا ھمراهه، ٻارن ۽ زالن سميت ڪيڏانھن وڃي رھيا آھن؟ ڪيترو پنڌ اڃا ڪرڻو اٿن؟ ۽ رستي تي اڃ، بک، ٿڪ کي ڪيئن منھن ڏيندا؟
سو اھڙي طرح کلئي سمنڊ ۾ جتي ڏنگين ڏائڻين جھڙيون لھرون ۽ سيسر، شارڪ ۽ مڇ توڙي مڇيون منھن کولي ويٺيون آھن، اتي ھيئن ڪنھن ڪمزور دنگيءَ کي درياءَ وچ ۾ ٻڏندو اپڙندو ڏسي، ان ۾ ويٺلن کي دعا يا داد ڏيڻ بنا رھي نٿو سگھجي ته، ملاح تنھنجي مڪڙيءَ کي شل ڪا سٽ نه اچي ۽ جتي ڍينگ ڍرا ٿيو پون، اتي ھنن ناکئن ۽ ناخدائن کي رب جو ئي آسرو آھي.
ھاڻ جيڪا ڪھاڻي آھي، سا آھي: ”ڏکڻ سمنڊ جي ھڪ تعجب خيز ڳالهه“ اھا ڳالهه بلڪل حقيقت تي ٻڌل آھي، جيتوڻيڪ ھڪ عام پڙھندڙ کي ايترو ئي تعجب لڳندو، جيترو ڪراچي يا وڏي شھر جي رھواسيءَ کي پھريون دفعو نئون ڪوٽ يا مٺيءَ بس/ٽرڪ ۾ ويندي، رستي تي ڊٻن تان ويندڙ ڪنھن پيرين اگھاڙي ٿري پير مريد کي نٽھڻ اس ۾ اڪيلو ويندو ڏسي ٿئي.
ڪھاڻي جيمس رامسي جي آھي، جيڪا گھڻو اڳ ھاليڊي رسالي ۾ آئي. تنھن کان پوءِ 1964ع ۾ ريڊرس ڊائجيسٽ وارن به ڏني ھئي. مٿيون ليکڪ سندس ھڪ ٻي ڪھاڻي ”دي وائيٽ ٽاور“ کان تمام گھڻو مشھور آھي.
نوٽ: مٿئين ليک جو عنوان تاجل بيوس جي ڪتاب ”جڏھن ڀونءِ بڻي“ جي ھيٺينءَ وائيءَ تان کنيل آھي:
ٻيڙيون ٻاجھارن جون،
تاريون طوفانن،
لنگھي سير سمونڊ جي،
آيل سامونڊين.