ٽائٽانڪ اي ڀلا ڇو؟
ڇا ٽائٽانڪ کان اڳ يا پوءِ ڪو به جهاز نه ٻڏو آهي؟ ڪيترائي ٻڏا آهن ۽ اڄ تائين ٻڏندا اچن.
ته پوءِ ڀلا ٽائٽانڪ جهاز جي حادثي تي ايڏي واويلا ڇو؟ ٽائٽانڪ کي ايڏي اهميت ڇو ڏني وئي، جو ان جي ٻڏڻ کان پوءِ جهازن ۽ مسافرن جي سلامتيءَ جو سختيءَ سان خيال رکڻ لاءِ ڪيترائي اُپاءَ ورتا ويا. ورلڊ مئري ٽائيم يونيورسٽي ماملو (سئيڊن) ۾ M.Sc ڪرڻ وقت هڪ اهڙو به اسان جو سبجيڪٽ هو، جنهن ۾ حادثي هيٺ آيل جهاز تي بحث مباحثو هلندو هو. ٽائٽانڪ جهاز جي Case Study مهل انگريز پروفيسر الڊرٽن کي ڏاڍيون خارون اينديون هيون. چوندو هو ٽائٽانڪ کان وڌيڪ ٻيا اهم جهاز ۽ حادثا آهن، پر هن جهاز جي حادثي کي اهم بڻائڻ ۾ وڏو ڪردار پريس وارن جو آهي ۽ اخبار وارن کي ان کي گهڻي اهميت ان ڪري ڏني، جو هن جهاز ۾ ٻڏي وڃڻ وارا دنيا جا امير ۽ اهم ماڻهو هئا. آفريڪا جي ڪنهن ڏورانهين ڳوٺ ۾ پنجاهه مزدور مري وڃن ته، اخبار جي آخري صفحي تي ٽن سٽن جي هڪ ڪالمي خبر ايندي، سا به اخبار ۾ جاءِ بچي ته. ان جاءِ تي انگلينڊ جي پرائيم منسٽر جان ميجر يا اٽليءَ جي فلم ائڪٽريس صوفيه لارين جو رستي ۾ هلندي پير ترڪڻ ڪري موت ٿي پوي ته، اخبار جي نه فقط پهرين صفحي تي خبر اچي وڃي، پر لندن ۽ روم جون گهٽيون صاف رکڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ بل پاس ٿي وڃن.
بهرحال! ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته، ٻڏي ويل مسافرن جو وڏو تعداد امير ماڻهن جو هو. غريب غربي جو نه هو، پر ان کان علاوه ٻيون به ڪجهه ڳالهيون آهن، جيڪي ٽائٽانڪ جهاز جي حادثي کي اهم بنائين ٿيون.
مسافر جهاز هونءَ به عام جهازن کان بهتر نموني سان ٺهن ٿا. منجهن Safety Factor (سلامتيءَ جو درجو) وڌيڪ ٿئي ٿو ۽ هي جهاز ته ان دور ۾ ٺهندڙ ٻين پئسينجر جهازن کان تمام مضبوط ۽ سلامتيءَ وارو ٺاهيو ويو هو. ايتري قدر جو هن جهاز کي Unsinkable جو لقب ڏنو ويو هو. يعني ان کي اهڙي نموني سان Buoyancy Tank وغيره ٺاهيو ويو هو، جو جهاز کي اونڌو ڪري هيٺ ٻوڙيو وڃي ها، ته به مٿي اپڙي سمنڊ جي مٿاڇري تي تري ها. (اهو ائين آهي جيئن ڪنهن ماڻهوءَ جي پٺ سان هوا سان ڀريل وڏو ڦوڪڻو ٻڌي ڇڏجي. پوءِ ظاهر آهي ته هن کي پاڻيءَ ۾ زور ڏئي اندر ٻوڙڻ جي ڪوشش ڪبي ته به هو مٿي تري ايندو).
انهن ڏينهن ۾ پئسي وارن ماڻهن کي جهاز ۾ چڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو، پر کين ۽ سندن دوستن عزيزن کي اهو ڊپ ٿيندو هو ته، ڪٿي جهاز ٻڏي نه وڃي. اهڙي Scenario (تناظر) ۾ ٽائٽانڪ جهاز جي ٺهڻ وارن ڏينهن ۾ ئي سڀني کي ٻڌايو ويو هو ته، انگلينڊ جي جهازي ڪمپني هڪ اهڙو جهاز ٺاهي رهي آهي، جيڪو ٻوڙڻ سان به نه ٻڏندو. نتيجي ۾ هن جي Maiden Voyage (پهرين سفر) ۾ ئي دنيا جا اهم ماڻهو چڙهي پيا ۽ مڃون ٿا ته جهازن جا حادثا ٿيندا رهن ٿا. گهڻو ڪري تڏهن جڏهن جهاز پراڻا ٿين ٿا يا انهن جهازن جا گهڻا حادثا ٿين ٿا، جيڪي سادي مال مان ٺاهيا وڃن ٿا، پر هن جهاز سان اهي ڳالهيون هرگز لاڳو نه هيون. جهاز سال به پراڻو نه هو. بلڪه پهرين Voyage (سفر) تي ئي حادثي جو شڪار ٿي، ٻڏي ويو هو. جهاز تمام سٺي مٽيريل مان ٺاهيو ويو هو. هر شيءِ اوچي کان اوچي استعمال ٿيل هئي، پر هن جهاز ۽ ان ۾ چڙهيل مسافرن جي قسمت ئي اهڙي هئي جو غلط نموني سان سامان رکڻ ڪري اُٿلڻ يا ڪنهن ٻئي جهاز سان ٽڪرائجڻ بدران، هڪ برف جي ڇپ (Ice berg) سان وڃي لڳو.