ٽائٽانڪ جهاز
جهاز جو پنکو (Propeller) جنهن جي هلڻ سان جهاز اڳتي وڌي ٿو، ٻاڦ تي هلندڙ اسٽيم انجڻ (يعني پسٽن ۽ سلينڊر واري انجڻ) يا ٽربائين (جهجهن پرن واري پکي تي ٻاڦ جو ڦوهارو هڻي هلائڻ واري مشين) ذريعي هلايو ويو ٿي. (پوءِ ٻن ٽن ڏهاڪن بعد ڊيزل انجڻ به عام ٿي وئي، جنهن ۾ تيل سنئون سڌو سيلينڊر اندر وجهي ساڙيو ويو ٿي ۽ ڌار ٻاڦ ٺاهڻ وارن بائلرن جي تڪليف کان بچاءُ ٿي ويو).
ويهين صديءَ جي انهن شروعاتي سالن ۾ (جڏهن ٽائٽانڪ جهاز جنم ورتو هو) پئسينجر (مسافر) جهاز کان ٻه ڪمپنيون تمام مشهور هيون: وائيٽ اسٽار (سفيد تاري واري) ڪمپني ۽ ڪنارڊ (Cunard) جنهن جا راڻي ايلزبيٿ ۽ ميري نالي جهاز هينئر به هليا پئي.
ٻئي جهازي ڪمپنيون انگلينڊ جون هيون ۽ ٻنهي جو پاڻ ۾ وڏو مقابلو هليو ٿي. هر هڪ چاهيو ٿي ته هن جا مسافر کڻن وارا جهاز ٻي ڪمپنيءَ کان وڏا هجن، سهڻا هجن، تکا هلندڙ هجن ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته وڏيءَ سلامتيءَ وارا هجن ۽ هر وڏو ماڻهو ان ڪمپنيءَ جي جهازن ۾ چڙهي. جهاز تي پهرين فقط مسافرن جي رهڻ لاءِ هنڌ بسترا هئا. هنگڻ مُٽڻ لاءِ جهاز جي ڇيڙي تي تڏهن تونئرين جي اڏاوت هوندي هئي، جتي وڃي هر ڪو فارغ ٿي ايندو هو. نه ڪموڊ، نه پائيپ، نه گٽر سسٽم، نه ڇڪڻ جي زنجير، هر ڪم ڊائريڪٽ هو. يعني مٿي مسافر سوراخ واري تختي تي ويٺو اهي ۽ هيٺان سمنڊ پيو وهي. پر پوءِ ته سائين جيئن جيئن مسافرن جو معيار ۽ ٽڪيٽ جو اگهه وڌندو ويو ته جهاز به ان مطابق اعليٰ کان اعليٰ ٿيندا ويا. سڀني مسافرن کي ڳاهٽ ڪري هڪ ڊيڪ تي رهائڻ بدران، جهازن تي ٽي ٽي چار چار ماڙيون ٺهي ويون، جن تي اڪيلن لاءِ، جوڙن لاءِ ۽ ٻارن ٻچن سان رهڻ وارن لاءِ خوبصورت ڪمرا ۽ اٽيجڊ باٿ ٺهي ويا. مسافرن جي سهوليت ۽ وندر لاءِ جهازن تي ڪلب، سئمنگ پول، راندين جا ميدان ۽ ڪمرا، هوٽلَ ۽ انهن ۾ ناچ گاني جي بندوبست لاءِ خوبصورت ڳائڻيون ۽ خذمتگار ڇوڪريون رکيون ويون. فرانس، اٽلي، اسپين وارن جا جهاز پڻ دنيا جي سمنڊن تي هليا پئي، پر وڏي لئي انگلينڊ وارن جي هئي، جنهن جي بادشاهه يا راڻي جي حڪومت ڌرتيءَ جي چوڌاري هئي ۽ جنهن جي حڪومت جي سج لهڻ جو نالو ئي نٿي ورتو. ٻيا مسافر ته ٺهيو، سندن ملڪ جا انگريز ئي ايترا هئا، جو هنن جا جهاز مسافرن سان هر وقت ٽٻ ٿي هليا. هر ڪمپنيءَ جڏهن نئون جهاز ٿي ٺهرايو ته پهريان کان بهتر ٿي ٺهرايو ۽ خاص ڪري سندس مقابلي جي ڪمپنيءَ جي جهازن کان ته هر صورت ۾ گوءِ کڻي وڃڻ ٿي چاهيو.
1907ع ۾ ڪنارڊ ڪمپنيءَ ٻه تمام وڏا ۽ تيز رفتار مسافر جهاز هلائڻ شروع ڪيا. هڪ ٻٽيهه هزار ٽن وزني (هڪ ٽن ۾ اٺاويهه مڻ ٿين ٿا) ”لوسيتانيا“ نالي ۽ ٻيو ٽيٽيهه هزار ٽن وزن جو ”موريطانيا“ نالي جهاز، ٻنهي جهازن تي ٻاڦ وارا ٽربائين لڳل هئا. جهاز ٺهرائڻ وقت مالڪن پنجويهه ناٽ رفتار لاءِ آرڊر ڏنو هو، پر پوءِ ٺهي راس ٿيڻ مهل ورتل چڪاس (Trial) ۾، توڻي بعد ۾ ان کان به گهڻي رفتار سان هليا ٿي. ڪنارڊ (Cunard) ڪمپنيءَ جي انهن جهازن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ، مخالف ڪمپني ”وائيٽ اسٽار“ ان کان به وڏا اٽڪل چاليهه ايڪيتاليهه هزار ٽن وزن جي ٽِن جهازن جو آرڊر ڏنو، پر هنن جي رفتار ٿوري گهٽ ٻاويهه ناٽ کن رکرائي. اهي ٽي جهاز هئا: اولمپڪ، ٽائٽانڪ ۽ جائگئنٽڪ (Giagantic). جائگئنٽڪ جهاز جو نالو بعد ۾ بدلائي برٽانڪ (Brittanic) رکيو ويو. برٽانڪ جهاز ٺهڻ بعد وائيٽ اسٽار ڪمپنيءَ پاڻ هلائڻ بدران وڪڻي ڇڏيو ۽ مسافر جهاز ٿي هلڻ بدران اسپتال ٿي هليو ۽ ڪجهه سالن بعد ڀونچ سمنڊ (Mediterranean) ۾ مائين (Mine) يا ٽارپيڊو لڳڻ ڪري ٻڏي ويو.
اولمپڪ جهاز جنهن 1911ع ۾ هلڻ شروع ڪيو، ڇهه ست مهينن بعد (1912ع جي شروع ۾) انگلينڊ نيوي جي هڪ جنگي جهاز سان ٽڪرائجڻ ڪري ڌڪجي پيو ۽ مسافر کڻن بدران خشڪ گوديءَ ۾ مرمت لاءِ ڇهه مهينا کن اچي بيٺو. هي اهو وقت هو جو جهاز جي مرمت پوري ٿيڻ تائين جهاز جي مالڪن، هن جهاز تان ڪئپٽن (اي، جي، سمٿ)، چيف آفيسر ۽ ٻين کي اولمپڪ جهازن تان بدلي ڪري ٽائٽانڪ جهاز هلائڻ لاءِ موڪليو، جن بدقسمتيءَ سان پهرين ئي سفر ۾ جهاز کي ٻوڙيو ۽ ٻڏڻ وقت اولپمڪ جهاز جي مرمت مڪمل ٿي چڪي هئي ۽ ٽائٽانڪ جهاز جي مسافرن کي جن جهازن بچايو، اولمپڪ انهن مان هڪ هو.
هر نئون جهاز ٺهي راس ٿيڻ مهل چڪاس خاطر کلئي سمنڊ ۾، هر رفتار ۽ هر نموني سان هلايو ويندو آهي ته، ڪٿي ڪو نقص ته نه رهجي ويو آهي. انگلينڊ جي ”هارلئنڊ ۽ وولف“ جهاز ٺاهيندڙ ڪمپنيءَ ۾ بيلفاسٽ شهر ۾ 3 مئي 1911ع تي هن جهاز يعني ٽائٽانڪ جهاز جو لوهي ڍانچو مڪمل ڪري، خشڪي تان ترڪائي پاڻيءَ ۾ آندو. ان بعد ڏهه يارهن مهينا کن ان ۾ جهاز جو پکو هلائيندڙ انجڻ ٽربائين ۽ ٻيون مشينون لڳنديون رهيون. ڪمرا، هوٽل ۽ ان ۾ استعمال ٿيڻ جو فرنيچر ۽ ٻيو سامان ٺهندو رهيو. 2 اپريل 1912ع تي صبح جو ڇهين وڳي ٽائٽانڪ آخري چڪاس (Sea Trial) لاءِ جهاز جي مالڪن، جهاز هلائيندڙن ۽ جهاز ٺاهيندڙن سان گڏ بيلفاسٽ بندرگاهه مان نڪتو. هر شيءِ کي چيڪ ڪيو ويو ۽ شام جو وري بندرگاهه ۾ آيو، جتي جهاز ٺاهيندڙ مستري مزور لٿا ۽ جهاز مالڪن حوالي ڪيو ويو.
نئون جهاز مالڪن حوالي ڪرڻ بعد به هڪ ٻه ماڻهو، جهاز ٺاهيندڙ ڪمپني، ان جهاز تي سال کن لاءِ رکندي آهي، جيئن ڪا ڪمي پيشي هجي ته اهي درج ڪندا رهن. سو هارلئنڊ ۽ وولف جهاز ساز ڪمپنيءَ جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر ٿامس (جنهن هي جهاز ٽائٽانڪ ڊزائين ڪيو هو) جهاز تي ئي ترسي پيو، جنهن کي هاڻ مسافر کڻي نيويارڪ وڃڻو هو. (جهاز جي حادثي ۾ اهو ايم ڊي ۽ ڪجهه ٻيا شپ يارڊ جا انجنيئر پڻ فوت ٿي ويا)
بيلفاسٽ مان نڪرڻ بعد جهاز سائوٿ مپٽن جي بندرگاهه ۾ پنهنجي پهرين سفر (Maiden Voyage) جي تياري لاءِ آيو. ظاهر آهي جهاز ٺاهڻ وارا فقط جهاز ٺاهي ڏيندا. تيل پاڻي، کاڌو پيتو، هنڌ بسترا ته نه ڏيندا. اهي شيون مالڪ يا انهن جا نمائندا: جهاز هلائيندڙ آفيسر يا جهاز جو ڪاروبار هلائيندڙ ايجنسي وٺندي آهي. انهن ڏينهن ۾ جهاز تي ٻارڻ لاءِ تيل بدران ڪوئلو استعمال ٿيندو هو. انگليند ۾ ڪوئلو جام آهي پر ٽائٽانڪ جهاز جي بدقسمتي چئجي، جو انهن ڏينهن ۾ ڪوئلي وارن جون اسٽرائيڪون هلي رهيون هيون ۽ پوءِ بندرگاهه ۾ بيٺل وائيٽ اسٽار جهازي ڪمپنيءَ جي ٻين جهازن کان ٿورو ٿورو ڪوئلو اوڌر تي وٺڻو پيو. پوءِ به جيترو ڪوئلو کتو ٿي، اوترو ملي نه سگهيو ۽ ٽائٽانڪ کي گهٽ ڪوئلو کڻي Sail ڪرڻو پيو.
جهاز جي لنگر کڻڻ ۽ سائوٿ مپٽن بندرگاهه ڇڏڻ جي تاريخ اربع ڏينهن 10 اپريل 1912ع مقرر ڪئي وئي هئي ۽ وقت اندر مسافر ۽ مال جهاز تي چڙهي ويو. ڪا به اهڙي تهڙي ڳالهه نه ٿي. جملي ٻه هزار ٻه سئو پنجٽيهه مسافر چڙهيا، جن ۾ 337 فرسٽ ڪلاس جا، 271 سيڪنڊ ڪلاس جا، 712 ٿرڊ ڪلاس جا ۽ جهاز هلائيندڙ ۽ ٻيو عملو 915 ڄڻا هئا. مسافرن ۾ چون ٿا ته ڪيترائي امير ماڻهو هئا. ڏهه کن ته ڪروڙ پتي آمريڪن هئا، جيڪي انگلينڊ گهمڻ بعد هاڻ پنهنجي ملڪ آمريڪا موٽي رهيا هئا. باقي ماڻهو مشهور شخصيتون ائڪٽر، ائڪٽرياڻيون، سياستدان، وڏين نوڪرين وارا، سرڪاري ڪامورا ۽ واپاري هئا. انهن مسافرن ۾ اولمپڪ جهاز جا به مسافر هئا، جنهن جو جنگي جهاز سان ٽڪر ٿي پيو هو ۽ مرمت هيٺ هو ۽ ڪجهه مسافر ساڳيءَ ڪمپنيءَ جي هڪ ٻئي جهاز ”اوشنڪ“ جا به هئا، جنهن جهاز ڪوئلو نه ملڻ ڪري پنهنجو نيويارڪ وڃڻ جو سفر ڪئنسل ڪري ڇڏيو هو. مسافرن کان علاوه جهاز تي ٽپال جا ٽي هزار کن ٿيلها، ڇهه هزار ٽن ٻارڻ ۽ ٻاڦ ٺاهڻ لاءِ ڪوئلو ۽ مسافرن جو هزار کن ٽن سامان ۽ ڪارگو هو. چيو وڃي ٿو ته جهاز تي چڙهيل مسافرن جي سامان ۾ ڪيترائي قيمتي هيرا جواهر ۽ ڳهه ڳٺا هئا. (پر سخت ڳولا بعد به ايتري مال ملڻ جي پڪ ٿي نه سگهي آهي، جو ٻڏل جهاز کي سمنڊ جي تري مان ڇڪائي ٻاهر ڪڍائڻ جو خرچ ڪجي).
ٽائٽانڪ جهاز جو سائوٿ مپٽن مان نڪرڻ به حادثي کان خالي نه رهيو. ٽگن (Tug Boats)کيس ڇڪي بندرگاهه کان ٻاهر ڪڍيو ۽ هاڻي پنهنجي انجڻ ذريعي رفتار وڌائي رهيو هو ته (اتي چئنل ۾ ئي آمريڪن لائين ڪمپني جو ”نيويارڪ“ نالي بيٺل جهاز ڀرسان اچي لنگهيو. سوڙهي چئنل مان ٻن جهازن جي وچ ۾ اُٿيل لهرن ”نيويارڪ“ جهاز کي دڪي طرف کڻي ڌڪو ڏنو ۽ هن جا پويان رسا ڇڄي پيا. ٽائٽانڪ جهاز يڪدم کڻي پنهنجي انجڻ بند ڪئي ۽ ”نيويارڪ“ جهاز سان ٽڪرائجڻ کان بچي ويو. بهرحال! اتان نڪرڻ بعد ٽائٽانڪ جهاز چربورگ ۽ پوءِ ڪئنس ٽائون (آئرلينڊ) پهتو، جتي ڪجهه مسافر لٿا ۽ ڪجهه چڙهيا ۽ پوءِ خميس ڏينهن (11 اپريل 1912ع) منجهند جو ٻين وڳي ڪُئنس ٽائون (Queens Town) کان نيويارڪ ڏي روانو ٿيو.
برطانيا ۽ نيويارڪ (آمريڪا) جي وچ ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي ۽ اڄ به ان رفتار وارا جهاز چئن پنجن ڏينهن ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ پار ڪريو، هڪ پاسي کان ٻئي پاسي وڃيو نڪرن. دنيا جي نقشي ۾ ڏسبو ته نيويارڪ ۽ انگلينڊ (برطانيا) آمهون سامهون لڳن ٿا، پر اهو ائين ڪاغذ جي نقشي تي لڳي ٿو. ڌرتي ڪاعذ وانگر سڌي ناهي، پر بال وانگر گول آهي. ان ڪري ائٽلانٽڪ سمنڊ اُڪرڻ لاءِ ڪجهه گولائي وٺڻي پوي ٿي. حقيقت ۾ ٽائٽانڪ جي ڏينهن کان وٺي بلڪ ان کان به اڳ کان انگلينڊ کان آمريڪا وڃڻ لاءِ، ٻه ٽي رستا عام هئا، ۽ اڄ به اُهي ئي اختيار ڪيا وڃن ٿا. انهن مان هڪ Great Circle وارو رستو سڏجي ٿو، جنهن ۾ ٿورو اتراهون پاسو ڏئي، سمنڊ پار ڪرڻ ۾ سمنڊ اندر ڇوليون (ڪرنٽ)، ”ڪُن ۽ سمنڊ مٿان لڳندڙ هوائون جهاز لاءِ فائديمند ثابت ٿين ٿيون ۽ بهتر رفتار ۽ گهٽ لوڏن سان جهاز دنيا جي ٻئي پاسي کان وڃيو نڪري. ٽائٽانڪ جهاز به اهو ئي رستو ”گريٽ سرڪل“ وارو ورتو ۽ جنهن رستي جهاز Fastnet Rock نالي ٻيٽ (42.N, 47.W) کان لنگهي Nantucket ٻيٽ وٽان ٿي، نيويارڪ پهچي ٿو. اهو روٽ اتر قطب واري برفاني علائقي کان ٻاهر آهي، پر بهرحال ڪن ڪن هنڌن تي سال جي هنن ڏينهن ۾ برف جون ڇپون Ice berg نظر اچن ٿيون.
خميس ڏينهن ٻي وڳي ڌاري هي ٽائٽانڪ جهاز آئرلينڊ جي شهر ڪُئنس ٽائون مان نڪتو. شام جو ڊنر تي سڀني مسافرن کي هڪ ٻئي سان ملڻو هو. وائيٽ اسٽار ڪمپني اعليٰ مسافرن ۽ اوچي کاڌي کان مشهور هئي. سڀ مسافر سٺا ڪپڙا پائي، رات جي مانيءَ تي آيا. کاڌي جي دوران ملڪ جي بهترين بئنڊ ميوزڪ وڄائيندي رهي. جهاز جو ڪئپٽن ۽ ٻيا آفيسر مسافرن سان مليا ۽ خبر چار ڪيائون. کاڌي بعد شراب ۽ ڊانس پارٽي هلندي رهي. موسم صاف سٿري هئي، سو جهاز کي لوڏا نه پئي آيا. پر جي اچن به، ته به مسافرن جي خوشين ۾ ڪو فرق نه اچي ها، ڇو جو جهاز هلائيندڙن ۽ جهاز ۾ چڙهيل مسافرن کي خبر هئي ته، وائيٽ اسٽار ڪمپنيءَ پنهنجي ۽ ملڪ جو نالو ۽ ساک مٿاهين رکڻ لاءِ وڏو خرچ ڪري هي جهاز اهڙو ٺهرايو آهي، جنهن جي ست اٺ مختلف حصن مان ڪنهن ۾ به جيڪڏهن پاڻي ڀرجي وڃي، ته به هي جهاز هرگز ٻڏي نٿو سگهي. هڪ حصو ته ٺهيو، پر ٽي حصا ڦاٽي پون ۽ پاڻي انهن سڀني ۾ هليو وڃي (جيڪو آهي ته ناممڪن ڇو جو ڪو ٻيو جهاز پاسي کان اچي ٽڪر هڻندو ته به فقط هڪ حصو ڦاٽي پوندو ۽ ان ۾ ئي پاڻي ڀرجي سگهندو. سو جي ٻه ٽي حصا به ڦاٽي پون) ته به جهاز ٻڏندو نه ۽ واقعي اها حقيقت آهي ته جو ان ۾ بيانسي (Bouyncy) جو حساب ڪتاب ڪجهه ان ريت رکيو ويو هو. (اهو حساب آئين آهي. جيئن لوهي دٻي جي تر ۾ هڪ وڏو ڦوڪڻو هوا سان ڀري ٻڌي ڇڏجي، پوءِ ان کي ڪَنَن تائين پاڻيءَ سان تار ڪبو، ته به اهو دٻو پاڻيءَ ۾ اندر ٻڏي نه ويندو. سو ٽائٽانڪ ۾ به اهڙو حساب رکيو ويو هو ۽ ٻه ٽي حسا پاڻي ڀرجڻ تي اهو ڪجهه هيٺ ٿي سگهيو ٿي، پر ٻڏي نٿي سگهيو. شايدا ان ”حد کان وڌيڪ“ ڀروسي ڪري (يا اڃا پهريون ڏينهن هجڻ ڪري) جهاز ٻڏڻ تي جهاز ۾ رکيل Life Boats (ٻيڙيون) به چڱيءَ طرح نه ڏٺيون ويون هيون ۽ اهو ئي سوچيو پئي ويو ته جڏهن جا مينهن تڏهن جون چڪون. جڏهن جهاز ٻڏندو. تڏهن ڏٺو ويندو ۽ هينئر ڪهڙو ٿو ٻڏي.
ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته قسمت ۾ ڇا لکيل آهي؟ اهو جهاز جنهن جي ٺهڻ وقت کان سڄي دنيا کي ٻڌايو پئي ويو ته، هي جهاز ٻڏي نه سگهندو. ٻين لفظن ۾ ٽائٽانڪ جهاز Unsinkable آهي، ائين ٻڏي ويو ڄڻ ڪو خواب هجي. هو ڇا چوندا آهن ته قدرت چاهي ته ٻڏا ٻيڙا به پار اُڪاري ڇڏين. ”پن ٻوڙين پاتال ۾، پهڻ تارين تون“ وارو حساب آهي. ڪنهن کي خبر ته جهاز جو هڪ نه، ٻه نه، پر ذري گهٽ سڀ حصا ڦاٽي پوندا ۽ جهاز ڏسندي ئي ڏسندي ٻڏي ويندو. جان بچائڻ لاءِ ٻيڙين جو وڏو تعداد هوندي به مونجهاري ۾ انهن جو چڱيءَ طرح استعمال ٿي نه سگهندو ۽ ڪيترا مسافر مرڻ گهڙيءَ تائين ٽائٽانڪ جي ٻڏڻ کي چرچو سمجهندا رهندا. شايد هڪ اهو به سبب آهي جو ٽائٽانڪ جو ٻڏڻ هڪ اهم خبر ۽ واقعو چيو وڃي ٿو ۽ ٽائٽانڪ کي وڏي اهميت ڏني وئي آهي، نه ته پاڻيءَ وارا جهاز ته اڄ ڏينهن تائين ڪيترائي ٻڏندا رهن ٿا.