مذهب

اسلام جو عقلي مطالعو

ڪائنات جي ابدي حقيقتن کي ڄاڻڻ جي خواهش انساني فطرت ۾ اهڙي طرح سمايل آهي، جو هو ڪنهن به طرح پنهنجو پاڻ کي ان کان الڳ نه ٿو ڪري سگهي. قديم زماني کان وٺي انسان فطرت جي ابدي رازن کي ڄاڻڻ جي جستجوءَ ۾ رڌل رهيو آهي، پر اڃا تائين انهن رازن تائين رسائي حاصل ڪري نه سگهيو آهي. انسان پنهنجي ذاتي ڪوششن سان انهيءَ حقيقت تائين ان ڪري نه پهچي سگهيو آهي،
Title Cover of book اسلام جو عقلي مطالعو

حقيقت جي تلاش

مشهور سائنسدان گليليو (1642ع _ 1564ع) پنهنجي ايجاد ڪيل دوربين سان چنڊ جو صرف سامهون وارو رخ ڏسي سگهيو ٿي، پر اڄوڪو انسان خلائي جهاز ۾ لڳل دوربين ڪيميرائن جي مدد سان چنڊ جو پويون پاسو به پوري طرح ڏسي رهيو آهي. هيءُ هڪ سادو مثال آهي، جنهن مان واضح ٿئي ٿو ته ڪالهه ۽ اڄ ۾ علمي لحاظ کان ڪيترو فرق اچي چڪو آهي.
پر انهيءَ جديد معلومات تائين رسائي لاءِ تمام وڏو پئسو خرچ ٿئي ٿو. 10 آڪٽوبر 1980ع تي نيو ميڪسيڪو ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي دوربين نصب ڪئي وئي. ان جي قيمت 78 ملين ڊالر هئي. 1980ع ۾ زحل تائين پهچندڙ آمريڪي خلائي جهاز وائيجر جي لاڳت ٣٤٠ ملين ڊالر هئي. يورپ ۾ ذراتي (Particle) فزڪس جي بين الاقوامي ليبارٽري (Cern) 1981ع ۾ مڪمل ٿي. ان جو مقصد اينٽي ميٽر کي ٽوڙي ميٽر ۾ تبديل ڪرڻ آهي. انهيءَ ليبارٽري تي 120 ملين ڊالر خرچ ٿيا آهن. انهيءَ اداري طرفان ان کان وڌيڪ وڏي تحقيقاتي مشين جي تياريءَ جو منصوبو ٺاهيو ويو آهي، جنهن تي 550 ملين ڊالر خرچ ايندو. پروٽان جي تحقيق لاءِ آمريڪا ۾ هڪ مشين تيار ڪئي وئي آهي، جنهن جي لاڳت 275 ملين ڊالر ٻڌائي وڃي ٿي، وغيره.
پارٽيڪل فزڪس جي تحقيق ۾ وڌندڙ دلچسپيءَ جو اندازو هِن مان لڳائي سگهجي ٿو، ته 1927ع ۾ منعقد ٿيل فزڪس ڪانفرنس ۾ 32 سائنسدان شريڪ ٿيا هئا، جڏهن ته 1980 ۾ شريڪ ٿيندڙ سائنسدانن جو تعداد 800 هو. امريڪن فزيڪل سوسائٽيءَ جي ميمبرن جو تعداد 1920ع ۾ 1300 ۽ 1980ع ۾ 3000 تائين پهچي چڪو هو. اهڙين جديد تحقيقاتي ڪوششن جو تعلق فلڪيات ۽ پارٽيڪل فزڪس سان آهي. انهن علمن ۾ ٿيندڙ کوجنائن جا نتيجا تمام دير سان ظاهر ٿين ٿا. تقريباً 50 سالن کان پوءِ يا ان کان به دير سان. جيڪڏهن انهيءَ لحاظ کان سوچجي ته اهڙين تحقيقن تي خرچ ٿيندڙ رقم (جنهن تي ڪو وياج به ڪونه ٿو ملي) جي قيمت ڏينهون ڏينهن گهٽ ٿيندي رهي ٿي، ان طرح پنجاهه سالن کان پوءِ هڪ سؤ ڊالرن جي قيمت هڪ ڊالر جي برابر ٿي ويندي، ته پوءِ ايڏي وڏي رقم خرچ ڪرڻ ظاهري طرح بي فائدي نظر اچي ٿي. اهوئي سبب آهي، جو ڪيترائي معاشيات جا ماهر اهڙن منصوبن تي اعتراض ڪن ٿا. ان جي جواب ۾ آمريڪي پروفيسر راجر پنروز (Roger Penrose) چوي ٿو:
”ڇا معاشيات جا ماهر هن بي انداز خوشيءَ ۾ اسان سان گڏ نه آهن، جيڪا علم جي هر نئين واڌاري سان حاصل ٿئي ٿي؟ الائي ڇو کين اها ڳالهه ڄاڻڻ جو شوق نه ٿو پيدا ٿئي، ته اسان ڪٿان آيا آهيون؟ اسان جي پيدائش ڪيئن ٿي يا هن زمين تي اسان ڇو آهيون؟ ڇا منجهن معاشي فائدي کان سواءِ ٻي ڪنهن ڳالهه کي ڄاڻڻ جو جذبو پيدا نه ٿو ٿئي؟ ڇا کين نظرين جي خوبصورتيءَ جو ملهه سمجهه ۾ نٿو اچي؟ جڏهن ڪا تهذيب ڪائنات جي باري ۾ تحقيق کان رڪجي وڃي ٿي، ته اها ٻين شين جي باري ۾ کوجنا کي به روڪي ڇڏي ٿي. اهڙي طرح پارٽيڪل فزڪس کان علاوه ٻيون ڪيتريون ئي شيون پڻ موت جو کاڄ بڻجي وينديون.“
انهيءَ مٿئين بيان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته زندگيءَ جي حقيقت کي ڄاڻڻ جو مسئلو ڪيترو نه اهم آهي. اهو انسان جيڪو خدا جي حوالي سان ڪائنات جي تشريح نه ٿو ڪرڻ چاهي، سو به ڪنهن اهڙي شيءِ کي حاصل ڪرڻ لاءِ بي تاب آهي، جنهن جي ذريعي هو پنهنجي ۽ ڪائنات جي تشريح ڪري سگهي. دراصل نظر ايندڙ ڪائنات ۽ ان جي اندر انسان جهڙي هڪ مخلوق جو موجود هجڻ، ايتريقدر حيران ڪندڙ آهي، جو انسان ان جي اصليت جي باري ۾ سوچڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهي. ڪا به شيءِ کيس انهيءَ سوچ کان نه روڪي سگهي ٿي ۽ نه ئي ڪا وڏي مادي ترقي ان سوال کان بي نياز بڻائي سگهي ٿي.
انسان ڏسي ٿو ته هيءَ ڪائنات لامحدود آهي. تقريباً هڪ کرب ڪهڪشائون منجهس موجود آهن، هر ڪهڪشان ۾ لڳ ڀڳ هڪ کرب وڏا ستارا آهن. هر ستارو ٻئي ستاري کان وري ايترو پري آهي، جيئن بحرالڪاهل جي سنسان سمنڊ ۾ چند ٻيڙيون هڪ ٻئي کان تمام پري ترنديون هجن. هن عظيم ڪائنات ۾ ڦهليل ستارا ايتري ته وڏي تعداد ۾ آهن، جو جيڪڏهن هر ستاري جو ڪو فرضي نالو رکيو وڃي ۽ ڪو شخص انهن نالن کي ڳڻڻ شروع ڪري، ته صرف نالن کي ورجائڻ لاءِ به 300 کرب سال وقت لڳندو. (پلين ٽرٿ، جنوري 1981ع)
هن انساني سوچ ۽ فهم کان ته بلند ۽ عظيم ڪائنات ۾ انسان جيتوڻيڪ هڪ ڪمزور مخلوق آهي پر هو ڪائنات جي فاصلن کي ماپي رهيو آهي. هو طبيعاتي ذرڙن کان وٺي ڪهڪشائن جي نظام تائين کوجنائن ۾ رڌل آهي. هو اهڙي ذهن جو مالڪ آهي، جيڪو ماضي ۽ مستقبل جو تصور ۽ فرق ڪري سگهي ٿو؛ ته هيءُ سڀ ڪجهه ڇو ٿي رهيو آهي ۽ ڪيئن ٿي رهيو آهي ۽ آخرڪار انهيءَ عجيب و غريب ڊرامي جو ڪهڙو انجام ٿيڻو آهي؟ اهڙا سوال هر سوچڻ واري انسان جي ذهن ۾ اڀري رهيا آهن ۽ هو انهن جي حقيقت تائين پهچڻ چاهي ٿو. پر اها انسان جي بدقسمتي چئجي، جو هو انهن سوالن جا جواب دوربيني مشاهدن ۽ ليبارٽري جي تجربن ذريعي ڳولي رهيو آهي. حالانڪه انهن سوالن جا جواب پيغمبرن جي الهامي تعليمات کان سواءِ ٻيو ڪٿي به موجود نه آهن. جنهن ڪائنات ۾ ايترا جهان هجن، جن جو نالو وٺڻ لاءِ به ٽي سؤ کرب سالن جو زمانو گهربل هجي، ان جي حقيقت کي اهو انسان ڪيئن ٿو سمجهي سگهي، جيڪو پنجاهه يا سؤ سال زندگي گذاري مري وڃي ٿو. در اصل انهيءَ راز کي ان جو خالق ئي سلجهائي سگهي ٿو ۽ ان پنهنجي پيغمبرن جي ذريعي ان کي واضح ڪيو آهي.
البرٽ آئن سٽائن (1955ع _ 1879ع) زمان ۽ مڪان جي باري ۾ جيڪو نظريو پيش ڪيو هو، تنهن کيس غير معمولي شهرت ڏياري. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي، ته آئن سٽائن جي سائنسي لحاظ کان اهميت ايتري نه هئي جيتري کيس ملي. ان جو ڇا سبب هو ان جي وضاحت هن طرح ڪئي وئي آهي، ته آئن سٽائن جي کوجنائن جو واسطو ڪائنات جي ابدي حقيقتن سان هو ۽ جيڪو انسان ڪائنات جي ابدي حقيقتن کي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، اهو ماڻهن جي نظر ۾ خاص اهميت حاصل ڪري وڃي ٿو. ان سلسلي ۾ هڪ مبصر پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو:
”جيڪو شخص ڪا اهڙي کوجنا ڪري، جنهن جي ذريعي اسان فطرت جي رازن جي گهري جهلڪ ڏسڻ جي قابل بڻجي وڃون، ته اهڙ ي شخص کي وڏي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. البرٽ آئن اسٽائن کي جيڪا خصوصي عزت ملي، سا انهيءَ ڪري هئي جو هن اهڙي قسم جي ويچار ۽ فڪر تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي.“ (هندستان ٽائمز 15 مارچ، 1981ع)
ڪائنات جي ابدي حقيقتن کي ڄاڻڻ جي خواهش انساني فطرت ۾ اهڙي طرح سمايل آهي، جو هو ڪنهن به طرح پنهنجو پاڻ کي ان کان الڳ نه ٿو ڪري سگهي. قديم زماني کان وٺي انسان فطرت جي ابدي رازن کي ڄاڻڻ جي جستجوءَ ۾ رڌل رهيو آهي، پر اڃا تائين انهن رازن تائين رسائي حاصل ڪري نه سگهيو آهي. انسان پنهنجي ذاتي ڪوششن سان انهيءَ حقيقت تائين ان ڪري نه پهچي سگهيو آهي، جو هو ان ڏس ۾ لاچار هو. منجهس موجود فطري ڪمزوريون سندس راهه ۾ وڏي رڪاوٽ بڻجي سامهون آيون. ان هوندي به هيءُ سوال اڀري ٿو، ته جيتوڻيڪ قديم زماني کان وٺي پيغمبر پنهنجي تعليمات ۾ انهيءَ راز تان پردو هٽائيندا به رهيا پر انسان باوجود تلاش ۽ جستجوءَ جي، پيغمبرن جي جواب کي ڇو نه تسليم ڪيو؟
اصل ۾ ان جو سبب هيءُ آهي، ته پيغمبر پنهنجي جواب سان گڏوگڏ جزا ۽ سزا ۽ جنت ۽ جهنم جو تصور به پيش ڪيو. اهو تصور ان ڳالهه جي تقاضا ڪري ٿو، ته انسان پنهنجي ڇڙواڳ ۽ آزاد زندگيءَ کي ختم ڪري ۽ زمين تي هڪ قسم جي پابند زندگي بسر ڪري، انهي ڪري انسان پنهنجي تلاش بابت پيغمبر جي جواب کي مڃڻ لاءِ تيار نه ٿو ٿئي. هو لڳاتار ان ڳالهه جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو، ته هو فطرت جي رازن جو اهڙو حل دريافت ڪري جيڪو سندس تلاش جو جواب ته هجي، پر سندس زندگي هر قسم جي پابنديءَ کان آجي هجي ۽ گڏوگڏ مستقبل جي انديشن ۾ مبتلا ڪرڻ واري نه هجي. ڪيترائي ماڻهو نام نهاد روحاني شخصيتن جي جواب کي مڃي وٺندا آهن، پر پيغمبر جي جواب کي مڃڻ لاءِ تيار نه ٿيندا آهن. ان جو سبب اهو ئي آهي، ته روحاني شخصيتن جي جواب ۾ صرف روحاني تسڪين آهي، ان ۾ روحاني انديشي جو خانو ڪونهي جڏهن ته پيغمبرن جو جواب انسان کان سندس ڇڙواڳي واري زندگي کسي وٺي ٿو ۽ سڄيءَ زندگي لاءِ کيس آخرت ۾ جوابدهيءَ جي احساس ۾ مبتلا ڪري ڇڏي ٿو.
ڪاميابيءَ جو راز حقيقت سان موافقت ۾ آهي، نه ڪي حقيقت کان مُنهن موڙڻ ۾. جيڪڏهن اصل حقيقت اها ئي آهي، جنهن جي پيغمبرن رهنمائي ڪئي آهي، ته ان کان سواءِ ڪنهن ٻي حقيقت جي تلاش ۾ لڳڻ، پنهنجو وقت ضايع ڪرڻ آهي. جيڪا شيءِ واقعي موجود نه هجي، ته پوءِ ڪوشخص ان کي ڪٿان آڻي سگهي ٿو!
خارجي هدايت جي ضرورت:
انسان آزاد پيدا ٿيو آهي پر کيس اهو معلوم نه آهي، ته هو پنهنجي آزاديءَ کي ڪهڙي طرح استعمال ڪري. ڪائنات جي هر غير جاندار شيءِ فطري قانون مطابق عمل ڪري رهي آهي ۽ هر جاندار پنهنجي جبلت مطابق. سموري دنيا ۾ صرف انسان ئي آهي، جنهن کي پنهنجي زندگيءَ جو نقشو پاڻ ئي بنائڻو پوي ٿو پر تجربي مان اهو واضح ٿئي ٿو، ته انسان پنهنجي سمورين اعليٰ صلاحيتن جي باوجود اهو نه ٿو ڄاڻي، ته هو پنهنجي زندگيءَ جو نقشو ڪيئن ٺاهي.
ڪائنات ۾ ننڍي کان ننڍي اهڙي ڪابه شيءِ نه آهي، جيڪا باقي ڪائنات کان الڳ هجي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته انساني زندگيءَ جو نظام ٺاهڻ لاءِ ڪائنات جو علم گهربل آهي. انسان هن عظيم ڪائنات جو هڪ جزوي حصو آهي پر انهيءَ جُز، کي ان وقت سمجهڻ ممڪن ٿيندو، جڏهن ڪُل يعني سڀ جي باري ۾ اسان کي سمورو علم حاصل ٿي چڪو هجي. تاريخ جي مطالعي مان پتو پوي ٿو، ته انسان ڪنهن به دور ۾ ان قابل نه ٿي سگهيو آهي، ته هو ڪائنات جي حقيقتن کي مڪمل طرح سمجهي سگهيو هجي. اڄوڪي سائنس اهو پڻ ثابت ڪيوآهي، ته انسان لاءِ، پنهنجن محدود صلاحيتن جي ڪري اهڙي قسم جي مڪمل ڄاڻ حاصل ڪرڻ ممڪن ئي نه آهي.
پاڻي پنهنجا رستا هيٺ مٿانهين مان ٺاهيندو ويندو آهي. جانورن کي سندن فطري طبيعت هڪ مقرر ڪيل راهه تي هلائي ٿي. جيڪڏهن فرض ڪجي، ته ائين نه به ٿئي، ته به انهن لاءِ ڪو به مسئلو نه آهي، ڇاڪاڻ ته پاڻي يا جانور فطري طور تي صحيح ۽ غلط جي احساس کان خالي هوندا آهن. سندن دنيا ۾ اهو ئي ٺيڪ آهي، جيڪو عملي طورتي ظاهر ٿيندو هجي. ان جي ابتڙ انساني مطالعي مان واضح ٿئي ٿو، ته غلط ۽ صحيح جو اخلاقي احساس سندس فطرت ۾ اهڙي طرح رکيل آهي، جو هو ان کي ڪنهن به طرح پاڻ کان جدا نه ٿو ڪري سگهي، پر انسان پنهنجي انهيءَ اخلاقي احساس کي خارجي طور مقرر ڪرڻ چاهي ٿو ته کيس معلوم ٿي ويندو، ته هو ائين نه ٿو ڪري سگهي. انسان پنهنجي موجود حواسن سان ڪنهن اهڙي شيءِ کي يقيني طور ڄاڻي سگهي ٿو، جيڪا اسان جي نسبت سان پنهنجو ڪو معروضي درجو رکندڙ هجي. جڏهن ته تجربو ٻڌائي ٿو، ته انسان هڪ اهڙي دنيا ۾ رهي ٿو، جنهن ۾ معروضي قدرن جو ڪوبه وجود نه آهي.
انسان پنهنجي زندگيءَ جي عملي صورت لاءِ جيڪو به قدم کڻي ٿو فوراً ٻه سوال سندس سامهون اچن ٿا، هڪ ته عمل جي شروعات ڪٿان کان ڪجي ۽ ٻيو هيءُ ته انهيءَ عمل جو نتيجو ڪهڙو هئڻ گهرجي؟ انهن ٻنهي سوالن جي جواب تي ئي عمل جي صحيح هجڻ جو دارومدار آهي پر انسان وٽ اهڙو ڪو به ذريعو موجود ڪونهي، جنهن سان هو انهن ٻنهي سوالن جو صحيح ۽ ٺيڪ جواب معلوم ڪري سگهي.
مثال طور عورت ۽ مرد جي هڪ ٻئي سان تعلق جي مسئلي کي وٺو. جديد دور جو انسان، انهيءَ معاملي جو حل ٻنهي جنسن جي وچ ۾ مڪمل مساوات ۾ سمجهي ٿو پر طويل تجربي کان پوءِ معلوم ٿيو، ته هتي اهڙيون حياتياتي ۽ نفسياتي رڪاوٽون آهن، جو موجوده تخليقي نظام جي موجودگيءَ ۾ ٻنهي جنسن جي وچ ۾ مڪمل مساوات ممڪن ئي نه آهي. اهڙي طرح غلط نقطي کان شروعات ڪرڻ جي ڪري نه صرف بي شمار انساني وسيلا ضايع ٿي ويا، بلڪه اهڙا نوان نوان سماجي ۽ خانداني مسئلا پڻ پيدا ٿي پيا جن جو ڪو به حل هن وقت انسان کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي.
هڪ ٻيو مسئلو اهم آهي، سو هيءُ آهي، ته حيوانن جي مقابلي ۾ انسان جي اندر هڪ حيرت انگيز خواهش اها آهي، ته منجهس سڀاڻي(tomorrow) جو تصور موجود آهي، هو صرف اڄ (Today) تي قناعت نه ٿو ڪري. ان سان گڏوگڏ اسان اهو به ڏسون ٿا، ته اسان جي موجوده زندگي انتهائي مختصر آهي ۽ ان جون خوشيون ۽ ڪاميابيون بي حد معمولي آهن. جڏهن اسان کي اهو سڀ ڪجهه حاصل ٿي وڃي ٿو، جيڪو اسان چاهيون ٿا ته ان وقت موت جو وقت ويجهو اچي پهچي ٿو. موجوده دور جي ٽيڪنيڪي انقلاب کان پوءِ جڏهن انسان ڏٺو، ته هِن لاءِ عيش ۽ راحت جا اهڙا دروازا کلي پيا آهن، جيڪي کانئس اڳ جي انسانن خواب ۾ به نه ڏٺا هوندا، ته سمجهيو ويو، ته صرف موجوده زندگي ئي سڀ ڪجهه آهي ۽ هتي جي عزت ۽ خوشي حاصل ڪرڻ ئي انسان جي حقيقي ڪاميابي آهي. اڃا انسان هڪ صدي به ان نئين امڪان جي لذت پوري طرح ماڻي نه سگهيو هو، جو نت نوان مسئلا مثال طور صنعتي گدلاڻ سندس زندگيءَ کي بلڪل ئي بي چين ۽ بي مزه بڻائي ڇڏيو. ان جي نتيجي ۾ هڪ طرف سائنس مخالف تحريڪ، مختلف شڪلين ۾ سامهون آئي، ته وري ٻئي طرف نفسياتي تحقيقات اهو ثابت ڪرڻ شروع ڪيو ته زندگي هڪ اهڙي حقيقت آهي، جيڪا جسماني موت کان پوءِ به ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ باقي رهي ٿي. ايستائين جو علم الموت (Thanatalogy) جي نالي سان سائنس جي هڪ نئين شاخ وجود ۾ اچي چڪي آهي؛ جيڪا ان ڳالهه جي تحقيق ۾ سرگرم آهي، ته ڇا موت ۽ حياتي ٻئي هڪ ٻئي جا حصا آهن؟ اهڙن واقعن هڪ دفعو ٻيهر انسان کي مجبور ڪيو آهي ته هو پنهنجي لاءِ زندگيءَ جي ڪنهن صحيح ترين فلسفي جي تلاش ڪري. مٿي بيان ڪيل جن نُڪتن ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي، ان جون صرف ٻه وضاحتون ممڪن آهن. هڪ هيءَ ته انسان هڪ مڪمل ڪائنات ۾ هڪ نامڪمل وجود جي حيثيت رکي ٿو، هو هڪ اهڙي ڪائناتي تضاد جي علامت آهي، جنهن جو ڪو واضح حل هن دنيا ۾ موجود نه آهي. ٻيو هيءُ ته انهيءَ تضاد جو به حل آهي يا گهٽ ۾ گهٽ ٿي سگهي ٿو. تجرباتي علمن جي روشنيءَ ۾ ٻنهي وضاحتن مان ڪنهن جي به حق ۾ ڪوبه يقيني ثبوت موجود نه آهي. ان هوندي به عقلي اندازن جي روشنيءَ ۾ ٻي وضاحت کي صحيح هئڻ گهرجي؛ ڇاڪاڻ ته هيءَ عظيم ڪائنات جهڙي طرح فطرت جي قانون ۽ قدرتي تنظيم تحت انتهائي منظم نموني حرڪت ڪري رهي آهي؛ ان کي ڏسندي اها ڳالهه عقل کان ٻاهر معلوم ٿئي ٿي، ته کانئس گهٽ درجي واري هڪ سوال جو جواب وٽس نه هجي، جيڪا تخليقي قوت آسماني ڪائنات جي عجيب و غريب نظام کي گردش ۾ آڻي رهي آهي ۽ هر جاندار مخلوق جي انتهائي پيچيده زندگيءَ کي ڪاميابي سان استعمال ڪري رهي آهي، تنهن وٽ انهي جي مقابلي ۾ هڪ ننڍڙي مسئلي جو حل نه هجي، اهو ڪنهن به طرح عقل ۽ فهم جي قابل نظر نه ٿو اچي. اها ڳالهه انساني وس کان ٻاهرآهي، ته هو پاڻ پنهنجي حياتيءَ جو فلسفو ڳولي لهي. البت خارجي صورتن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته ڪائنات ۾ انهيءَ انساني طلب جو انتظام هئڻ گهرجي، جهڙي طرح ڪائنات جي ٻين بي شمار ضرورتن جو انتظام ان جي اندر موجودآهي.
مذهب دراصل اها خارجي هدايت ئي آهي؛ جيڪو وحيءَ جي صورت ۾ خدا جي طرفان اچي ٿو. اڻويهين صدي عيسويءَ ۾ هيءُ سمجهيو پئي ويو، ته مذهب صرف هڪ سماجي يا نفسياتي فريب آهي پر جديد تحقيقات اڳ کان وڌيڪ اڄ مذهب جي صداقت کي ثابت ڪري ڇڏيو آهي.