طبيعات مان مابعد الطبيعات جي تصديق
[b]1- ڪائنات ايتري يڪسان ڇو آهي:
[/b] آئن رڪسبرگ ڪوئين ميري ڪاليج لنڊن ۾ تجزياتي رياضي جو پروفيسر آهي. هو چوي ٿو ته ڪائنات حيران ڪن حد تائين يڪسان آهي. زمين تي جيڪي طبيعاتي قانون دريافت ڪيا وياآهن، سي متعين ڪيل اگن تي مشتمل آهن. مثلاً ڪنهن اليڪٽران جي مادي مقدار جو تناسب پروٽان جي مادي مقدار جيڪو تقريباً 1840 جي ڀيٽ ۾ هڪ ٿئي ٿو اهوئي تناسب هر هنڌ ۽ هر وقت ملي ٿو. ائين ڇو آهي، ڇا هڪ خالق مستقل طور تي انهن انگن جو انتخاب ڪري ڇڏيو آهي؟ ڇا ڪائنات جي وجود لاءِ انهن انگن جي مقدار جو اهوئي تناسب ضروري آهي جيڪو اسان کي نظر اچي رهيو آهي.
[b]2- ڇا ڪو زڊ ذرڙو آهي:
[/b] عبدالسلام پروفيسر نظري طبيعات، امپريل ڪاليج لنڊن جو چوڻ آهي،ته ايندڙ ڏهن سالن تائين اسان کي يا ته زڊ ذرڙي جو وجود مڃڻو پوندو يا اهو ثابت ڪرڻو پوندو، ته ان جو ڪو به وجود ڪونهي. جيڪڏهن ان جو وجود ثابت ٿي ويو، جيئن موجوده نظرئي جي پيشن گوئي آهي، ته ان کانپوءِ ڪائنات جون چار فطري قوتون، جن جو اسان کي علم آهي؛ تن مان ٻن طاقتن جو هڪ هجڻ ثابت ٿي پوندو، (اهي چار قوتون هي آهن: ڪشش، برقي مقناطيسيت، طاقتور نيوڪليئر قوت جيڪا ايٽم جي نيوڪليس کي پاڻ سان ڳنڍي رکي ٿي ۽ ڪمزور نيوڪليئر قوت جيڪا ريڊيائي لهرن سان تعلق رکي ٿي) پروفيسر عبدالسلام ۽ ٻين سائنسدانن ويجهڙائي ۾ ڪمزور نيوڪليئر قوت ۽ برقي مقناطيسيت کي هڪ ثابت ڪرڻ ۾ ڪجهه ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. زڊ ذرڙي جي دريافت سان ان ڏس ۾ هڪ مضبوط تجرباتي تائيد حاصل ٿيندي.
[b]3- ڊي _ اين _ اي کان پهريائين ڇا هو:
[/b] ڊاڪٽر گراهم ڪيرنس اسمٿ گلاسڪو يونيورسٽي ۾ ڪيمسٽريءَ جو ليڪچرر آهي. سندس چوڻ آهي ته اسان لاءِ ضروري آهي، ته اسان هڪ نئون جينيٽڪ مادو دريافت ڪريون، جيڪو ڊي _ اين _اي کان بلڪل مختلف هجي. (ڊي _ اين _اي جو ٻٽو پيچدار ڍانچو ڪيمبرج ۾ 1953ع ۾ فرانسس ڪريڪ ۽ جيمس واٽسن دريافت ڪيو هو) مون کي يقين نه ٿو اچي، ته ڊي _ اين _اي ابتدائي زمين تي ٺهي سگهي پيو. ٿي سگهي ٿو ته زندگي ڪنهن ٻي شيءَ سان شروع ٿي هجي ۽ ڊي _ اين _اي جي ارتقا بعد ۾ ٿي هجي.
[b]4- جين ڪهڙي طرح متحرڪ ۽ غير متحرڪ ٿين ٿا:
[/b] سر جان ڪينڊريو يورپين ماليڪيولر بائلاجي آرگنائيزيشن هائڊلبرگ جو چيئر مين ٻڌائي ٿو، ته جين ڪهڙي طرح بيڪٽريا ۾ متحرڪ ۽ غير متحرڪ ٿين ٿا. ”انهن بابت اسان کي ٿوري گهڻي ڄاڻ آهي. پر وڏنٰ حيوانن ۾ اهو واقعو ڪيئن ٿئي ٿو، ان بابت اسان کي ڪابه ڄاڻ نه آهي. (جين جي متحرڪ ۽ غير متحرڪ هئڻ ڪري ائين آهي، ته هڪ جسم جا گهرڙا جيڪي سڀ جو سڀ هڪ قسم جي جين تي مشتمل ٿين ٿا، سي مختلف قسم جا عمل ڪن ٿا، جنهن سان رڳون ۽ کل وغيره جا ترڪيبي جزا ٺهي پون ٿا).
[b]5- اسان جي اندر محفوظ نظام ڇو آهي:
[/b] جسم جو دفاعي نظام اسان کي وچڙندڙ بيمارين کان بچائي ٿو. اهوئي اسان جي اندر الرجي جو سبب آهي ۽ عضون جي پيوندڪاري مشڪل بنائي ڇڏي ٿو. پر اڊنبرا يونيورسٽي جي ڊاڪٽر ميڪلم جو چوڻ آهي، ته ”سڀ کان وڌيڪ دلچسپ سوال هيءُ آهي، ته اهو دفاعي نظام ڪيئن ڪم ڪري ٿو؛ بلڪه اڃا به هي ته ان جو وجود ڇا لاءِ آهي؟ بنا ڪرنگهي وارا جانور به ته انهيءَ کانسواءِ پنهنجي زندگي گذارين ٿا. ان جي ابتڙ ڪرنگهي وارن حيوانن ۾ هيءُ سرشتو ناقابل يقين حد تائين پيچيده نموني شامل آهي. گذريل ڏهن سالن کان انهيءَ خيال کي مقبوليت حاصل ٿي رهي آهي، ته انهيءَ نظام جي ضرورت انهيءَ ڪري هئي جو جيو گهرڙي جي سطح تي جيڪي ننڍيون ننڍيون تبديليون سرطان جو سبب بڻجي سگهن ٿيون، تن جو پتو لڳائي سگهجي پر اڃا تائين ان ڏس ۾ ڪيل کوجنائون انهيءَ جي تائيد ڪندي نظر نه ٿيون اچن.
[b]6- اسان ارتقا جي ماپ ڪيئن ڪريون:
[/b] جان ميزڊ سمٿ سيسڪس يونيورسٽي ۾ حياتيات جو پروفيسر آهي. سندس خيال آهي ته ارتقا جو نظريو هڪ حل نه ٿيندڙ اندروني مسئلي ۾ ڦاٿل آهي. هن نظرئي جا ٽي حقيقي جزا آهن؛ 1_ تبديلي (جين ۾ تبديليءَ جو ظاهر ٿيڻ) 2_ چونڊ (فرق جو باقي رهڻ يا مختلف قسمن جي زرخيزي) 3_ نقل مڪاني يعني جڳهه جي تبديلي.
انهيءَ نظريي مان معلوم ٿئي ٿو، ته انهن جزن مان هر هڪ جزو اڪثر حالتن ۾ پيمائش ۾ نه ايندڙ حد تائين، هيٺين سطح تي ارتقا جي عمل تي گهرا اثر وجهي سگهي ٿو. اهڙي طرح اسان انهن ٽنهي طريقن جي ڄاڻ رکون ٿا، جن بابت اسان کي يقين آهي، ته اهي ارتقا جي عمل جو تعين ڪن ٿا. ٻيو وري اسان وٽ رياضياتي نظريو آهي، جيڪو اسان کي ٻڌائي ٿو، ته اهي ٽئي طريقا اهڙين سطحن تي پنهنجو اثر ڏيکارين ٿا، جن جي اسان اڻ سڌي ماپ جي اميد نه ٿا رکون. اهو ائين آهي، جيئن اسان وٽ برقي مقناطيسيت جو نظريو ته هجي، پر اسان وٽ نه برقي لهرن کي ماپڻ جو ڪو ذريعو هجي ۽ نه ئي وري مقناطيسي قوت کي ماپڻ جو ڪو اوزار ئي هجي.
[b]7- تنتي سرشتو ڪيئن ٺهي ٿو:
[/b] فرانسس ڪريڪ، (سالڪ انسٽيٽيوٽ ڪيلي فورنيا) جو چوڻ آهي، ته حياتياتي ترقيءَ ۾ شايد سڀ کان وڏو علمي چئلينج هيءُ سوال آهي، ته هڪ جاندار ۾ تنتي سرشتو ڪهڙي طرح وجود ۾ اچي ٿو. ڪجهه سال پهريائين راجر اسپري هڪ تجربي ذريعي ڏيکاريو هو، ته جيڪڏهن هڪ درياهي ڪرڙي جي اک اهڙي طرح ڪڍي وڃي، جو ان جي نظر واري تنت اک کان دماغ تائين ٽٽي پوي، ان کان پوءِ انهيءَ اک کي ٻيهر الٽو ڪري به لڳايو وڃي، ته نظر واري تنت اک جي پردي کان ٻيهر شروع ٿي دماغ جي طرف وڌڻ لڳندي ۽ ٻيهر ان سان جُڙي ويندي. ڪجهه عرصي کان پوءِ جانور انهيءَ اک سان ڏسڻ لڳندو، پر ان کي هر شيءِ اُلٽي نظر ايندي ڇاڪاڻ ته اک کي الٽو ڪري لڳايو ويو هو. ٻين لفظن ۾ هيءُ نئون ڳانڍاپو بلڪل درست هو، سواءِ ان جي ته اک جي الٽي هجڻ ڪري، ان سان هر شيءِ الٽي نظر اچي رهي هئي. اهي نتيجا ٻڌائين ٿا، ته اعصابن جي هڪ نظام کي اعصابن جي ٻئي نظام سان بلڪل ٺيڪ نموني سان ڳنڍڻ لاءِ تمام درست ۽ پيچيده طريقا استعمال ٿين ٿا، پر اهو عمل ٿئي ڪيئن ٿو؟ ان کي اسان ٺيڪ طور تي نه ٿا سمجهي سگهون. ٻين لفظن ۾ ائين چئي سگهجي ٿو، ته جيئن ته اک الٽي لڳائي وئي هئي، ان ڪري اهو انهيءَ ڳالهه کي ظاهر ڪري ٿو ته جسم ۽ عضون جو رابطو ڪيڏو مضبوط طور تي پاڻ ۾ جُڙيل آهي.
[b]8- ڇا ڪو انٽم نظريو ڪشش جي نظرئي تي به ٺهڪي اچي ٿو:
[/b] سر هرمن بونڊي، چيف سائنٽسٽ شعبه انرجي چوي ٿو، ته جيڪڏهن اسان آئن اسٽائن جي مشهور نظرئي کي مڃيون، ته ڪنهن مقناطيسي ميدان جي مرڪز ۾ اوچتي تبديلي (مثلاً ٻن ستارن ۾ جيڪي هڪ ٻئي جي چوڌاري گهمن ٿا) سان ائين ٿيڻ گهرجي، جو ڪشش جون لهرون روشني جهڙي رفتار سان پيدا ٿيڻ گهرجن، جڏهن ته ريڊي ايشن جون سڀئي صورتون ”ڪو انٽم“ مطابق هونديون آهن. ان جو مطلب هي آهي، ته اهي لڳاتار نه آهن، پر ننڍن ننڍن ذرڙن جي شڪل ۾ وقفي وقفي سان اچن ٿيون. اها ڳالهه سمجهڻ ڏاڍي مشڪل آهي، ته ڪشش جون لهرون مقدارن جي شڪل ۾ نه هونديون آهن. پر اڃا تائين ڪوبه ان کي ثابت ڪري نه سگهيو آهي، جيتوڻيڪ ڪيترائي ماڻهو ان جي ڪوشش به ڪر ي چڪا آهن.
[b]9- دماغ جا مختلف حصا پاڻ ۾ ڪهڙي طرح رابطو قائم ڪن ٿا:
[/b]پروفيسر هوريس بارلو، ڪيمبرج يونيورسٽي، چوي ٿو، ته اسان تقريباً مڪمل طور تي ان ڳالهه کان بي خبر آهيون، ته دماغ جا مختلف حصا پاڻ ۾ ڪهڙي طرح رابطي ۾ رهن ٿا، مثال طور اسان جڏهن ڪنهن ڄاتل سڃاتل آواز کي سڃاڻون ٿا، ته ان وقت دماغ جي ٻڌڻ وارن حصن ۽ باقي حصن جو پاڻ ۾ ڪهڙي طرح رابطو قائم ٿي وڃي ٿو. توهان مثال ۾ ”ڳالهائڻ“ کي پيش ڪري سگهون ٿا، جيڪو صوتي لهرن ذريعي هلندو آهي. پر اهو ٻار جي پاتن ٻولن کان گهڻو وڌيڪ با مقصد هوندو آهي، جيڪو پاڻ به صوتي لهرن تي هلندو آهي. دماغ جون تنتي حرڪتون صوتي لهرن جي برابر هونديون آهن. پر اسان کي ڪابه خبر نه ٿي پوي ته اهي ڪهڙي طرح بامقصد بنجي پون ٿيون!
[b]10- انسان ڪڏهن کان وٺي زمين تي رهي ٿو:
[/b] ڊاڪٽر ڊونالڊ جانسن ميوزيم آف نيچرل هسٽري ڪليو لينڊ، اوهائو جي مطابق يورپ، آفريڪا ۽ ايشيا مان جيڪي قديم انساني ڍانچا برآمد ٿيا آهن، اهي انسان جي ابتدا کي اڃا وڌيڪ پوئتي ڏانهن وٺي وڃن ٿا. بهرحال اها ڳالهه ڏينهون ڏينهن نمايان ٿيندي پئي وڃي، ته ارتقا جو معاملو اڳوڻي تصور جي ابتڙ تمام گهڻو ڏکيو آهي، اها مدت جنهن جو تعين ڪرڻ هڪ وڏو مسئلو آهي، اهو ٽن ملين کان ڏهن ملين سالن تائين کان به پوئتي تائين آهي. انسان جي متوقع ابن ڏاڏن ۾ ظاهري طور تي وڏو فرق رهيو آهي. اسان انهيءَ متعلق اڻ ڄاڻ آهيون ته انهن جي درميان پاڻ ۾ رشتو ڪهڙي طرح قائم هو. ان جو هڪ سبب جزوي طور تي ڊاڪٽر جانسن جون حبشه مان هٿ ڪيل قديم دريافتون آهن، ان کان به قديم پنڊ پهڻ پاڪستان مان مليا آهن.
[b]تبصرو:
[/b] ڪائنات پنهنجي سموري وجود سان هڪ اهڙو واقعو آهي، جنهن جي وضاحت ان جي خالق کي مڃڻ کان سواءِ نه ٿي ڪري سگهجي. سائنسي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪائنات هڪ متعين ڪيل عددي تناسب تي قائم آهي. اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي، ته ان جي تخليق ۾ هڪ رياضياتي ذهن ڪم ڪري رهيو آهي. انسان جي بناوٽ ۾ ايتريون ته حڪمتون ڪم ڪري رهيون آهن، جو ڪابه طبيعاتي وضاحت ان جي تشريح لاءِ ڪافي نه ٿي ٿي سگهي. هڪ جاندار جي اک ڪڍي ان کي ٻيهر الٽو ڪري لڳائجي ته اهو جاندار ڏسي سگهندو پر کيس هر شيءِ الٽي نظر ايندي. جسم جا مختلف جزا جيڪي انتهائي سهڻي نموني ڪم ڪري رهيا آهن، سي سڀ هڪ بي حد نازڪ ترڪيب جو نتيجو آهن. آواز سائنسي لحاظ کان ڪجهه لهرن جو نالو آهي پر اهي لهرون انسان جي دماغ ۾ داخل ٿي، بامقصد لفظن جي شڪل اختيار ڪري وٺن ٿيون. اهڙي قسم جا اڻ ڳڻيا عجوبا اسان جي دنيا ۾ نظر اچن ٿا. اهو ان ڳالهه جو پڪو ثبوت آهي، ته هيءَ دنيا ڪنهن اتفاقي حادثي جي ڪري وجود ۾ نه آئي آهي پر هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي سان وجود ۾ آئي آهي. انهيءَ جي پٺيان هڪ اعليٰ ذهن آهي جيڪو پنهنجي زبردست طاقت سان ان کي ڪنٽرول ڪري رهيو آهي. ڪائنات جي نظم، ضبط جي وضاحت انهيءَ کان سواءِ ٻي ڪابه نه ٿي ٿي سگهي. ڪائنات جي باري ۾ انسان جي اڻ ڄاڻائي دراصل هڪ وڏي علم جو ڏس ڏئي رهي آهي. اهو علم هيءُ آهي، ته دنيا جو هڪ خدا آهي جيڪو ان کي هڪ اعليٰ درجي جي حڪمت سان هلائي رهيوآهي.