مذهب

اسلام جو عقلي مطالعو

ڪائنات جي ابدي حقيقتن کي ڄاڻڻ جي خواهش انساني فطرت ۾ اهڙي طرح سمايل آهي، جو هو ڪنهن به طرح پنهنجو پاڻ کي ان کان الڳ نه ٿو ڪري سگهي. قديم زماني کان وٺي انسان فطرت جي ابدي رازن کي ڄاڻڻ جي جستجوءَ ۾ رڌل رهيو آهي، پر اڃا تائين انهن رازن تائين رسائي حاصل ڪري نه سگهيو آهي. انسان پنهنجي ذاتي ڪوششن سان انهيءَ حقيقت تائين ان ڪري نه پهچي سگهيو آهي،
Title Cover of book اسلام جو عقلي مطالعو

خدائي تشبيهون

دنياوي شين کي قرآن پاڪ ۾ آيتون (نشانيون) چيو ويو آهي، يعني اهي خدا جي خدائي جي سڃاڻپ ڪرائين ٿيون. هن دنياوي مخلوقات جي آئيني ۾ خالق جي جهلڪ نظر اچي ٿي. هتي مادي واقعن مان رباني حقيقتن جو مشاهدو ڪري سگهجي ٿو. ان لحاظ کان خدا جي مخلوقات ڄڻ خدا جون نشانيون آهن. هيٺ ان قسم جي ڪجهه نشانين جو ذڪر ڪجي ٿو.

[b]دماغ هڪ نشاني:
[/b] انسان کي روزانو ننڊ اچي ٿي، جنهن ڪري هو سمهي پوي ٿو. کيس وقت تي بک لڳي ٿي، ته کاڌو کائي ٿو. اهي سڀ کان وڌيڪ عام تجربا آهن، جيڪي هر انسان کي پيش اچن ٿا، چاهي امير هجي يا غريب، ان سان گڏوگڏ اهو به عام تجربو آهي ته جيڪڏهن دماغ کي ڪو اوچتو جهٽڪو لڳي ٿو ته ننڊ ۽ بک ٻئي ختم ٿيو وڃن. هاڻي رات اچي ٿي پر ماڻهو سمهي نه ٿو سگهي، کائڻ جو وقت اچي ٿو پر کاڌو کائڻ لاءِ دل ئي نه ٿي چوي.
جديد تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته انهيءَ سموري معاملي جو واسطو دماغ سان آهي. انساني جسم ظاهر ۾ ته سببن جي هڪ نظام جو ٻيو نالو آهي پر هيءُ نظام دماغ جي حڪم سان عمل ڪري ٿو. دماغ حڪم ڏئي ٿو، ته ننڊ اچي ٿي، دماغ حڪم ڪري ٿو ته بک لڳي ٿي ۽ انسان کاڌو کائي ٿو. جڏهن دماغ ڪنهن اوچتو پيش آيل واقعي جي ڪري منتشر ٿي وڃي، ته هو پنهنجي معمول جا حڪم نه ٿو ڏئي سگهي. اهو ئي سبب آهي، جو اهڙي صورتحال ۾ جسم جو نظام ناڪاره بنجي وڃي ٿو. اهڙو انساني واقعو ننڍڙي سطح تي هڪ وڏي واقعي کي سمجهڻ لاءِ هڪ مثال آهي. ان سان خدا جي خدائي کي سمجهڻ ۾ آساني پيدا ٿئي ٿي.
دماغ جو جيڪو تعلق جسم سان آهي، ساڳيو ئي تعلق خدا جو سموري ڪائنات سان آهي. ڪائنات ظاهر ۾ هڪ مڪمل نظام آهي. ان جي جوڙجڪ علت ۽ معلول، سبب ۽ مسبب (law of causes and effect) جي قانون سان جڙيل نظر اچي ٿي پر انهن سڀني مٿان هڪ برتر دماغ آهي ۽ اها باري تعاليٰ جي ذات آهي. دنيا جو هر واقعو ان وقت ٿئي ٿو جڏهن خدا پاڪ پاڻ ان جو حڪم ڏئي ٿو. رات ۽ ڏينهن جو بدلجڻ، فصلن جي اوڀڙ، برسات جو وسڻ، زندگي ۽ موت جا واقعا سڀ خدا تعاليٰ سنئون سڌو ڪنٽرول ڪري رهيو آهي. قرآني لفظن ۾ هيءُ سمورو ”کُن فيکون“ جو نظام آهي. خدا جنهن شيءِ جي ٿيڻ جو چوي ٿو، سا ٿي وڃي ٿي ۽ خدا جنهن شيءِ جي نه ٿيڻ جو حڪم ڪري، سا نٿي ٿئي. موجوده دنيا کي اهڙي طرح بڻايو ويو آهي، جو هتان جا مادي واقعا اصلي حقيقتن جي مثالي تشبيهه بڻجي ويا آهن: دماغ ۽ جسم جو تعلق خدا ۽ ڪائنات جي تعلق جي مثال وانگر آهي. جيڪڏهن ڪو شخص چاهي، ته خود پنهنجي ذات ۾ غور و فڪر ڪرڻ وسيلي خدا جي معرفت حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن نه چاهي ته سموري ڪائنات به کيس معرفت تائين پهچائڻ لاءِ ڪافي نه آهي.

[b]زبان وارا بي زبان ٿي ويندا:
[/b] نئين دهليءَ ۾ ڪن اهم رستن تي سوارين کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هڪ نئون نظام قائم ڪيو ويو آهي، هتي رستن مٿان وڏيون ٽي وي ڪيمرائون لڳل آهن، جن سان ايندڙ ويندڙ سوارين جا فوٽو ورتا وڃن ٿا. اهي فوٽو مشيني انتظام ذريعي هڪ الڳ ڪمري (ڪنٽرول روم) ۾ پهچن ٿا، جتان هڪ سرڪاري انسپيڪٽر ماڻهن جي نظرن کان دور ويهي، سندن هر حرڪت کي هڪ وڏي پردي تي ڏسندو رهي ٿو، بلڪل ايئن جيئن اوهان ڪنهن منظر کان پري هوندي، ان کي پنهنجي گهر جي ٽيلي ويزن تي ڏسندا آهيو. ان سان گڏوگڏ رستي تي لائوڊ اسپيڪر لڳل آهن. بند ڪمري ۾ ويٺل همراهه جڏهن ڪنهن مسافر کي غلط هلندي ڏسي ٿو، ته فوراً لائوڊ اسپيڪر تي کيس تنبيهه ڪري ٿو. مسافر ڳالهائڻ واري جو آواز ته ٻڌي ٿو پر ڳالهائڻ واري کي ڏسي نه ٿو سگهي.
هڪ ڏينهن ائين ٿيو، جو هڪ رڪشا هلائيندڙ پنهنجو رڪشا اهڙي جڳهه تي اچي بيهاريو، جتي سواري بيهارڻ جي منع ٿيل هئي. انسپيڪٽر پنهنجي ڪمري جي اسڪرين تان کيس ڏٺو ۽ فوراً لائوڊ اسپيڪر تان کيس خبردار ڪيو، ته تو پنهنجو رڪشا منع ڪيل جڳهه تي بيهاريو آهي، انڪري فوراً اتان پنهنجو رڪشا هٽائي وڃ. رڪشا واري جي ڪن تي آواز ته پهتو، پر هُن ان جي ڪابه پرواهه نه ڪئي ڇاڪاڻ ته کيس آسپاس پوليس جي ورديءَ ۾ ڪوبه شخص نظر نه اچي رهيو هو، اهو مشيني نظام جيئن ته تازو ئي لڳايو ويو هو تنهن ڪري رڪشا واري کي خبر نه هئي، انڪري اعلان جا لفظ ته فضا ۾ گونجي رهيا هئا، پر رڪشا واري ان کي سنجيدگيءَ سان سمجهڻ جي به ڪوشش نه ڪئي. هوڏانهن انسپيڪٽر انهيءَ سموري روئيداد کي پردي تي ڏسي رهيو هو. جڏهن هن ڏٺو، ته رڪشا وارو مسلسل سندس هدايتن کي نظر انداز ڪري رهيو آهي، ته انسپيڪٽر پنهنجي هڪ سپاهيءَ کي موڪلي ڊرائيور کي چالان ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سپاهي جڏهن رڪشا واري وٽ پهتو، ته هن پنهنجي غلطي مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ پنهنجي صفائي پيش ڪندي چيو ته هو سواريءَ کي لاهڻ لاءِ صرف هڪ منٽ لاءِ رڪيو هو ۽ هاڻي هو پنهنجي رستي سان اڳتي وڃي رهيو آهي.
ان کان پوءِ سپاهي رڪشا واري کي ڪنٽرول روم ۾ وٺي ويو، اتي موجود انسپيڪٽر جي سامهون به هن اهائي ڳالهه چئي، جيڪا سپاهيءَ کي چئي هئائين. انسپيڪٽر جڏهن ڏٺو، ته رڪشا وارو پنهنجي غلطيءَ جو اقرار نه ٿو ڪري، ته هن پنهنجي مشين کي پٺتي ڦيرايو ۽ رڪشا واري فلم سندس سامهون هلائي. اوچتو پردي تي رڪشا وارو نظر اچڻ لڳو. هاڻي هو مشين جي سامهون پنهنجي سموري ڪيل حرڪت کي پنهنجي اکين سان ڏسي رهيو هو. هن ڏٺو ته هو رڪشا هلائيندو آيو. ان کان پوءِ کيس نظر آيو ته هن پنهنجو رڪشا انهيءَ جڳهه تي روڪيو، جتي گاڏي بيهارڻ جي منع هئي. ان کان پوءِ هو رڪشا تان هيٺ لٿو، ڪافي دير تائين بي فڪر ٿي، هيڏانهن هوڏانهن گهمندو رهيو. اطمينان سان پنهنجي دوست سان ڪچهري ڪندو ۽ سگريٽ پيئندو رهيو، ايتري تائين جو انسپيڪٽر جو موڪليل سپاهي وٽس اچي پهتو. هن پنهنجو رڪشا جلديءَ ۾ هلائڻ شروع ڪيو ۽ اهو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ته هو راهه هلندي هڪ منٽ لاءِ هتي رُڪيو هو ۽ هاڻي اڳتي وڃي رهيو آهي، اهڙي طرح رڪشا واري پنهنجي سموري ڪهاڻي، متحرڪ تصويرن جي شڪل ۾ پنهنجي اکين سان ڏٺي. انهيءَ کان اڳ رڪشا وارو انسپيڪٽر جي ڳالهين جو انڪار ڪري رهيو هو. وٽس پنهنجي بي گناهي ثابت ڪرڻ لاءِ بي شمار لفظ هئا پر پردي تي جڏهن ماضيءَ جي سموري داستان کي سندس سامهون ورجايو ويو، ته سندس زبان بند ٿي وئي. وٽس ڳالهائڻ لاءِ لفظن جو ذخيرو ختم ٿي ويو. انهيءَ منظر کي ڏسندي ئي سندس اهڙو حال ٿي ويو، ڄڻ گونگو هجي. هاڻي وٽس ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه به نه هو. هُن جو ڏوهه اهڙي ته واضح نموني سان ثابت ٿي ويو، جو هاڻي هن لاءِ پنهنجي گناهه جو انڪار ڪرڻ ممڪن ئي نه رهيو ۽ هو خاموش ٿي ويو. سندس خاموشي هر لحاظ کان هن جي جرم جو اقرار بنجي وئي.(هندوستان ٽائيمس، 20 فيبروري 1980)
قرآن پاڪ ۾ ارشاد خداوندي آهي ”تون اي پيغمبر! چئو، ته سڀ تعريفون الله تعاليٰ جي لاءِ آهن، هو توهان کي پنهنجون نشانيون ڏيکاريندو، ان وقت توهان انهن کي سڃاڻندؤ جن شين جي توهان کي خبر ڏني وڃي ٿي. (سَیُرِیۡکُمۡ اٰیٰتِہٖ فَتَعۡرِفُوۡنَہَا سوره النمل، 93)
مٿين قسم جا واقعا جيڪي موجوده زماني ۾ پيش اچي رهيا آهن؛ سي شايد انهيءَ اڳڪٿيءَ جي تصديق لاءِ آهن. الله جي طرف سڏڻ وارا، ماڻهن کي آخرت متعلق خبردار ڪري رهيا آهن، پر اهو انسان خدائي آواز ڏانهن توجه ئي نه ٿو ڏئي. پنهنجو پاڻ کي حق ۽ سچ تي هئڻ کي ثابت ڪرڻ لاءِ وڏا دليل پيش ڪري رهيو آهي. حق جي طرف سڏيندڙ جي پيغام کي رد ڪرڻ جي باوجود هُو پنهنجو پاڻ کي محفوظ ۽ مطمئن محسوس ڪري رهيو آهي، حق جي دعوت ڏيندڙ کي مڃڻ ۽ ان جو ساٿ ڏيڻ کيس ائين نظر اچي ٿو ڄڻ کيس ان جي ضرورت ئي نه هجي، پر سندس سموري زندگي ايستائين جو سندس دل ۾ اڀرندڙ ارادا به خدا جي نه نظر ايندڙ انتظام جي ذريعي محفوظ ڪيا پيا وڃن. قيامت جي ڏينهن جڏهن هر ماڻهوءَ جي سامهون ان جي گذريل زندگي جي فلم ٻيهر ورجائي ويندي ته هو پنهنجي سوچ، قول ۽ عمل کي اکين سان ڏسندو ۽ ڪنن سان ٻڌندو. ان وقت انسان جو اهڙو ئي حال ٿيندو، جنهن جو هڪ معمولي نقشو مٿي بيان ڪيل رڪشا واري جي انجام ۾ نظر اچي رهيو آهي. انسان ان وقت اهڙو بد حواس ٿي ويندو، جو پنهنجا لفظ ڀلجي ويندو. سندس دليل ان وقت بي معنيٰ بڻجي ويندا. سندس انڪار ان وقت اهڙو ته واضح ۽ ثابت ڏسڻ ۾ ايندو، جيئن هن ڪائنات ۾ چمڪندڙ سج ۽ چنڊ صاف ۽ روشن نظر اچن ٿا.

[b]ٻڌڻ وارو ٻُڌي رهيو آهي:
[/b] آمريڪا جي خفيه اداري (N.S.A) جي هڪ اڳوڻي آفيسر جو ڪتاب شايع ٿيو آهي جنهن جو نالو The Puzzle Place آهي. هن ڪتاب جي مصنف وڏا دلچسپ انڪشاف ڪيا آهن. انهن مان هڪ هيٺ نقل ڪيو ن ٿا:
آمريڪا مان روزانو ٽيليفون، ٽيليڪس ۽ تار جي ذريعي اندازاََ هڪ ملين کان وڌيڪ پيغام موڪليا وڃن ٿا. جديد نظام مطابق اهي پيغام پهريائين ورجينا جي زميني اسٽيشن تي پهچن ٿا ۽ اتان پوءِ اهي مصنوعي سياري ڏانهن موڪليا وڃن ٿا، جيڪو 2300 ميل بلنديءَ تي زمين جي چئني طرفن کان گهمي رهيو آهي. هيءُ سمورو عمل انتهائي تيز رفتاريءَ سان هڪ سيڪنڊ کان به گهٽ وقت ۾ مڪمل ٿي وڃي ٿو. ان جو مطلب اهو ٿيو، ته هر مشيني پيغام، جيڪو آمريڪا کان ٻاهر وڃي ٿو يا آمريڪا جي اندر اچي ٿو، سو اصلي مخاطب کان پهريائين آمريڪي حڪومت تائين پهچي ٿو. تنهن ڪري ان آمريڪا جا ڳجها ادارا جنهن شخص جي پيغام کي پڙهڻ چاهين ٿا، ان جو نمبر زميني اسٽيشن جي آفيس ۾ لکرائي ڇڏين ٿا، جتي ان شخص جي گفتگو ۽ پيغام پاڻ مرادو ڪم ڪندڙ اوزارن جي ذريعي رڪارڊ ٿيندا رهن ٿا. ان لحاظ کان جيڪڏهن توهان واشنگٽن کان دهليءَ لاءِ فون ڪندؤ، ته توهان جي وات مان جيڪي به لفظ نڪرندا، سي توهان جي مخاطب کان اڳ ۾ ئي آمريڪي حڪومت ٻڌي چڪي هوندي. ٽائيمس آف انڊيا (19 ڊسمبر 1982ع) جي آمريڪي نمائندي ان متعلق خبر ڏني جنهن جو عنوان هن طرح آهي: ”هوشيار! آمريڪا اوهان جي گفتگو ٻڌي رهيو آهي.“
اهڙي قسم جا واقعا خدائي نشاني آهن. اهي واقعا ان لاءِ ٿي رهيا آهن، ته جيئن انسان پنهنجي زبان احتياط سان استعمال ڪري. ڪو شخص ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان غلط ڳالهه ڪري ٿو ته سمجهي ٿو ته مان صرف هڪ شخص سان ڳالهائي رهيو آهيان پر ڳالهائيندڙ کي سمجهڻ گهرجي ، ته اها ڳالهه سندس مخاطب کان اڳ خدا وٽ پهچي وڃي ٿي. مٿيون ذڪر ڪيل واقعو ڄڻ ان ڳالهه جو اعلان آهي ته اي انسان! هوشيار ٿي، ڇا ڪاڻ ته تنهنجي هر ڳالهه کي الله تعاليٰ ٻڌي رهيو آهي.

[b]ريموٽ ڪنٽرول:
[/b] موجوده زماني ۾ انساني لغت ۾ جن نَون لفظن جو اضافو ٿيو آهي، انهن مان هڪ لفظ ريموٽ ڪنٽرول آهي، يعني پري کان ڪنهن ظاهري واسطي کانسواءِ ڪنٽرول ڪرڻ. موجوده دور ۾ تمام گهڻيون اهڙيون صورتون پيدا ٿي چڪيون آهن، جن ۾ سگنل يا پيغام تارُن جي ذريعي نه ٿو موڪليو وڃي. مثلاً چرپر ڪندڙ سواريون. مثلاً هوائي جهاز يا خلائي جهاز وغيره. اهڙي قسم جي مشينن کي پنهنجي مرضيءَ مطابق هلائڻ لاءِ ريموٽ ڪنٽرول يا ريڊيو ڪنٽرول جو طريقو اختيار ڪيو وڃي ٿو.
اهڙين حالتن ۾ علامتي ڪوڊ جي شڪل ۾ ڳجهو اشارو موڪليو ويندو آهي. واسطيدار مشين ۾ هڪ رسيور لڳل هوندو آهي جيڪو گهربل فريڪوئنسيءَ تي اُن کي وصول ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار هوندو آهي. موجوده زماني ۾ هيءَ طريقو ڪيترن ئي ڪمن ۾ ڪثرت سان استعمال ٿي رهيو آهي.
ريموٽ ڪنٽرول جو طريقو هاڻي ان حد تائين ترقي ڪري چڪو آهي، جو ان سان خلا ۾ پنهنجي مدار ۾ ڦرڻ وارين مشينن کي زمين تان انتهائي محفوظ طريقي سان هدايتون ڏيئي سگهجن ٿيون ۽ انهن جي نگراني به ڪئي وڃي ٿي. جيڪڏهن ان جي اندر ڪا خرابي پيدا ٿي پوي ته ڪنهن مادي وسيلي کان سواءِ رڳو ريڊيائي لهرن وسيلي زمين تان ئي ان کي درست ڪيو وڃي ٿو. ايتري قدر جو انهي ايجاد، فساد پکيڙيندڙن کي به جديد موقعا فراهم ڪيا آهن. جيئن 25 مئي 1985ع تي ڪويت جي امير جي ڪار جي ڀرسان جيڪو بم ڦاٽو هو، سو پري کان ڪنٽرول ٿيندڙ بم هو.
ريموٽ ڪنٽرول جوهيءُ نظام هڪ معنوي حقيقت جو مادي صورت ۾ عملي مظاهرو آهي. هيءُ مظاهرو عملي مثال جي صورت ۾ اهو ٻڌائي رهيو آهي، ته خدا هن وسيع ڪائنات کي بغير ڪنهن واسطي جي ڪنٽرول ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجي مرضي ۽ منشا مطابق ان کي هلائي رهيو آهي. ريموٽ ڪنٽرول ريڊيو جيتوڻيڪ هڪ انساني واقعو آهي پر ان ڪائنات جي عظيم ترين خدائي واقعي کي سمجهڻ لاءِ بلڪل آسان بڻائي ڇڏيو آهي.
ڇا توهان چاهيو ٿا، ته جڏهن اوهان موڪلن ۾ پنهنجي گهر کان ٻاهر هجو ته ان دوران به پنهنجي گهر جي دروازن جا پردا کولي ۽ بند ڪري سگهو يا گهر کان پري هوندي به ان ڳالهه کي ڄاڻي سگهو ته توهان جو ٻاهريون دروازو بند آهي يا نه؟ اهڙي طرح جيڪڏهن اوهان چاهيو ، ته پنهنجي گهر پهچڻ کان پهريائين ئي پنهنجي گهر جو ايئر ڪنڊيشنر چالو ڪري ڇڏيو؟ اهي سڀ ڪم اڄڪلهه آسانيءَ سان ڪري سگهو ٿا. جاپان جا تيار ڪيل پاڻ مرادو ڪم توهان ڪندڙ اوزار پنهنجي گهر ۾ لڳرائي، اوهان پنهنجي خالي گهر ۾ ٽيليفون جي ذريعي اهو سڀ ڪجهه ڪري سگهو ٿا.
انهيءَ مشيني نظام جو نالو ٽيلي ڪنٽرول سسٽم آهي. انهيءَ سسٽم کي گهر جي مختلف شين سان ڳنڍي سگهجي ٿو. مثلاً ايئرڪنڊيشنر، برقي تالا، ڪُڪر ۽ لائٽ وغيره. اڄڪلهه گهر جي خودڪار سامان ۾ ٻيون به ڪيتريون شيون شامل ٿي چڪيون آهن: مثلاً باهه يا چوريءَ کان بچڻ لاءِ برقي آواز سان حفاظت. اهڙي طرح موبائيل ٽيليفون ۽ انٽرڪام سرشتو، جيڪو مختلف ڪمرن کي پاڻ ۾ ڳنڍي رکي ٿو.
ٽيلي ڪنٽرول نظام سان انسان گهر جي برقي شين کي کولي ۽ بند ڪري سگهي ٿو. هو پري کان باهه جو پتو لڳائي سگهي ٿو، گيس جي خارج ٿيڻ کي معلوم ڪري سگهي ٿو. مخصوص اوزارن جي ذريعي چوريءَ جو پتو ڪري سگهي ٿو، اهو سڀ ڪجهه ڪوڊ (اشاري) جي شڪل ۾ پيغام موڪلڻ سان ٿئي ٿو.
خدا ڪائنات جي هر شيءِ کي ڪنٽرول ڪري ٿو اها ڳالهه اڳ ۾ هڪ عقيدو هئي پر هاڻي اها هڪ اهڙي حقيقت بنجي چڪي آهي، جنهن کي اسان معلوم واقعن ذريعي نهايت آسانيءَ سان سمجهي سگهون ٿا. مٿي ذڪر ڪيل ٽيلي ڪنٽرول نظام هڪ گهر جي دائري ۾ انهيءَ واقعي جو ڄڻ ابتدائي مظاهرو آهي: جنهن کي خدا پنهنجي وسيع ڪائنات ۾ وڌيڪ ڪامل انداز ۾ قائم رکيو آهي.

[b]ڪُن فيڪون
[/b] اڄڪلهه جيڪي موٽرڪارون رستن تي ڊوڙندي نظر اچن ٿيون، سي انهيءَ مشيني اصول تي بنايون ويون آهن، جيڪو نڪولاس آٽو 1876ع ۾ دريافت ڪيو هو. ان هوندي به ڪجهه سالن کان ڪارن جي دنيا ۾ هڪ نئون انقلاب برپا ٿيو آهي. هاڻي ته اهڙيون ڪارون به ٺهي رهيون آهن، جن جي انجڻ سان هڪ ڪمپيوٽر لڳايو ويو آهي، جيڪو ڪيترائي ڪم پاڻ مرادو سرانجام ڏئي ٿو، مثلاً اهو ٻڌائي ٿو، ته سيٽ بيلٽ ٻڌو، هڪ دروازو صحيح طرح بند نه آهي، اوهان جي گاڏيءَ ۾ پيٽرول گهٽ آهي، وغيره. اهڙين ئي نئين ايجادن مان هڪ هيءَ به آهي، ته ڊرائيور پنهنجي ڪار کي زباني هدايتون ڏئي سگهي ٿو، هو پنهنجي هٿ ۾ ڪنهن شيءِ کي ڇُهڻ کان سواءِ زبان سان لفظ ڳالهائي، ان کي ڪوبه حڪم ڏئي سگهي ٿو. هڪ آمريڪي رسالي (Span) جي، مئي 1984ع جي شماري ۾، ان سلسلي ۾هڪ رپورٽ شايع ٿي آهي جنهن ۾ هن طرح جا لفظ درج ٿيل آهن:
”...... ۽ اوهان پنهنجي ڪار سان ڳالهائي سگهو ٿا، فورڊ موٽر ڪمپنيءَ هڪ اهڙو سرشتو تيار ڪيو آهي، جنهن ذريعي زباني حڪم سان ڪار جي بتي ٻري وڃي ٿي، شيشي کي صاف ڪرڻ وارا وائيپر هلڻ لڳن ٿا، اهڙي طرح ٻيو برقياتي نظام حرڪت ۾ اچي وڃي ٿو.“ يعني ڊرائيور کي بتي ٻارڻي هوندي، ته ان لاءِ بٽڻ کي دٻائڻو ڪونه پوندو صرف زبان سان چوندو ”بتي ٻري پئو“ ته ٻتي ٻري پوندي، اهڙي طرح جيڪڏهن کيس وائيپر هلائڻو هوندو، ته ان لاءِ بٽڻ کي پنهنجي هٿ ۾ نه وٺندو پر صرف ايترو چوندو ته ”وائيپر هلڻ شروع ڪر“ ته فوراً وائيپر هلڻ لڳندو. انهيءَ مشيني ايجاد قرآن پاڪ جي آيت ”ڪن فيڪون“ (البقره 117) کي اڄ جي انسان لاءِِ سمجهڻ جوڳو بنائي ڇڏيو آهي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪهڙي طرح زبان مان نڪتل آواز ڪنهن شيءَ کي وجود ۾ آڻي ٿو ۽ پورو سرشتو حرڪت ۾ اچي وڃي ٿو، خدا جي ”ڪن فيڪون“ واري اصل حقيقت کي انسان نه ٿو ڄاڻي سگهي: پر موجوده زماني جي مشيني واقعن، انهيءَ حقيقت کي نه سمجهڻ وارن کي، سمجهڻ جي قابل بڻائي ڇڏيو آهي.

[b]کَل (چمڙي) ڳالهائيندي
[/b] ڊاڪٽر آرلين ڪارني آمريڪا جي اليونائز يونيورسٽي ۾ سمعيات يعني ٻڌڻ جي علم جو ماهر آهي. سندس تحقيق مطابق انسان جي چوڌاري جيڪي آواز اڀرن ٿا، سي انسان جي کل تي اهڙي طرح نقش ٿي وڃن ٿا، جهڙي طرح رڪارڊ جي مٿان آواز نقش ٿي وڃن ٿا. ڊاڪٽر ڪارني مختلف تجربن کان پوءِ ٻڌائي ٿو، ته مخصوص اوزارن جي ذريعي کَل تي اُڪريل آوازن جي لهرن کي اهڙي طرح ورجائي سگهجي ٿو، جيئن رڪارڊ جي آواز کي گرامو فون تي ورجائي ٻڌي سگهجي ٿو.
ڊاڪٽر موصوف ان کي کل جو آواز (Skin Speech) نالو ڏنو آهي. سندس اهو به چوڻ آهي، ته جن ماڻهن جي ڪنن جو پردو خراب ٿي ويو هجي ۽ هو آواز کي صحيح طرح ٻڌي نه سگهندا هجن، سي مخصوص برقياتي آوازن جي ذريعي پنهنجي کل کي ڪن بدران ٻڌڻ جو متبادل ذريعو بڻائي سگهن ٿا يعني کل سان هر قسم جي آواز جي لهرن ذريعي اهڙي طرح ٻڌي سگهن ٿا، جهڙي طرح ڪَن جي ذريعي ڪو شخص ٻڌي ٿو، (ٽائمس آف انڊيا _ 30 مئي 1984)
انهيءَ تحقيق کي سامهون رکندي، قرآن پاڪ جي سوره ٤١ جي انهن آيتن کي پڙهيو وڃي، جن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته:
”۽ جنهن ڏينهن الله جا دشمن باهه جي طرف آندا ويندا. پوءِ جڏهن اهي پيش ٿيندا، ته انهن جون اکيون، ڪن ۽ کلون سڀ سندن عملن جي شاهدي ڏيندا. اهي ان وقت پنهنجين کلن کي چوندا ته توهان اسان جي خلاف شاهدي ڇو ڏني؟ هو جواب ۾ چونديون، ته الله اسان کي ڳالهائڻ جي طاقت ڏني آهي، جنهن هر شيءِ کي ڳالهائڻ جي طاقت عطا ڪئي آهي، انهيءَ ئي توهان کي پهريان به پيدا ڪيو ۽ اُن ڏانهن ئي موٽايا ويندؤ ۽ توهان دنيا ۾ پنهنجو پاڻ کي ان کان لڪائي نه سگهندا هئا، ته توهان جا ڪن، توهان جون اکيون ۽ توهان جون کلون شاهدي ڏينديون. توهان ته اهو گمان ڪيو هو ته الله کي به ان جي خبر نه آهي، جيڪو توهان ڪندا هئا ۽ توهان جيڪو پنهنجي رب سان گمان ڪيو، تنهن توهان کي هلاڪ ڪيو. ۽ پوءِ توهان نقصانڪارن مان ٿي پيا.“ (حٰم سجده 19 _ 23)
آمريڪي پروفيسر جي مٿ ڄاڻايل تحقيق اڄوڪي انسان لاءِ ان ڳالهه کي سمجهڻ جوڳو بڻايو آهي، ته ڪيئن نه انسان جي کل سندس عملن جو رڪارڊ بڻجي ويندي ۽ اها قيامت جي ڏينهن انسان جي خلاف اهڙي طرح شاهدي ڏيندي، جنهن کان انڪار ڪرڻ جي گنجائش باقي نه رهندي.
هيءَ دريافت هڪ طرف قرآن پاڪ جي الهامي هئڻ جو حيرت انگيز ثبوت آهي ته وري ٻئي طرف هڪ اهڙي واضح حقيقت آهي جيڪا جيڪڏهن ڪنهن شخص جي دل ۾ ويهي رهي، ته کائنس ظلم ۽ سرڪشيءَ جو مزاج کسي وٺي ٿي.

[b]اسپيچ ٽيڪنالوجي
[/b] اڳ ڪنهن مشين کي حرڪت ۾ آڻڻ لاءِ ضروري هو ته انسان پنهنجي هٿ کي بٽڻ تائين پهچائي ۽ بٽڻ کي زور ڏئي ڪري ڪنهن مشين کي چر پر ۾ آڻي ٿي سگهيو پر موجوده زماني ۾ هڪ نئون سائنسي شعبو وجود ۾ آيو آهي، جنهن کي اسپيچ ٽيڪنالوجي (Speech Technology)چئجي ٿو يعني ڳالهه ٻولهه جي ٽيڪنالوجي. هيءَ هڪ قسم جي مشيني ڳالهه ٻولهه آهي، اوهان پنهنجي زبان سان لفظي حڪم ڏيو ۽ مشين پنهنجو ڪم ڪرڻ لڳندي. هيءُ فن ايترو ته تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيو آهي، جو هاڻي ته آمريڪا مان هڪ مستقل رسالو نڪري رهيو آهي جنهن جو نالو ئي آهي ”اسپيچ ٽيڪنالوجي مئگزين.“
گهريلو سامان ۾ اڄڪلهه اهڙيون شيون ٺاهيون پيون وڃن، جو توهان زبان سان چوندؤ، ته روشني بند ڪريو، ته مشيني نظام روشنيءَ کي وسائي ڇڏيندو. اوهان کي پنهنجي ڪمري جي صفائي ڪرڻي آهي، اوهان مشيني انسان (روبوٽ) کي زبان سان چوندؤ، ته ڪمري جي صفائي ڪر، ته هو مشيني ٻُهاري جي ذريعي صفائي ڪرڻ شروع ڪندو. آمريڪا ۾ اهڙا ٽيليفون وڪامجن ٿا، جن کي اوهان زبان سان چوندا ته فلاڻي جڳهه جو نمبر ملاءِ، ته پنهنجو پاڻ ئي نمبر ملي ويندو. شڪاگو ايئر پورٽ تي مختلف شهرن ڏانهن موڪلڻ وارو سامان اهڙي طرح تقسيم ڪيو وڃي ٿو جو ماڻهو زبان سان ان جڳهه/ شهر جو نالو وٺندو وڃي ٿو ۽ ڪمپيوٽر فوراً ان کي مقررڪيل خاني ۾ پهچائي ڇڏي ٿو، پر اهڙي قسم جي مشينري ايتري ته مهانگي آهي جو عام ماڻهو ان کي خريد ڪرڻ جي سگهه نه ٿو رکي، صرف حڪومت يا وڏا تجارتي ادارا ئي خريد ڪري سگهن ٿا. (ٽائيمس آف انڊيا، 6 سيپٽمبر 1985ع)
قرآن پاڪ ۾ ارشاد الاهي آهي: ته ”جڏهن الله تعاليٰ ڪنهن ڪم کي ڪرڻ چاهي ٿو، ته صرف ايترو چوندو آهي ”ٿي پئو“ ته اهو ٿي پوندو آهي. (النحل _ 40) قديم زماني جي انسانن لاءِ انهيءَ ڳالهه کي سمجهڻ آسان نه هو، ته لفظ ڳالهائڻ سان ڪهڙي طرح ڪا شيءِ عملي واقعي جي شڪل ۾ ظاهر ٿي سگهندي، پر اسپيچ ٽيڪنالوجي ان ڳالهه کي سمجهڻ جوڳو بڻائي ڇڏيو آهي. هيءَ خدا جي نشانين مان هڪ نشاني آهي، جيڪا هڪ وڏي حقيقت جو ننڍي سطح تي اظهار ڪري رهي آهي.

[b]غيبي نگراني
[/b] هيءُ واقعو نئين دهليءَ ۾ 11 فيبروري 1985ع تي پيش آيو، ڪناٽ پليس جي تاج هوٽل ۾ هڪ تقريب ٿي گذري. هيءَ تقريب دهليءَ جي هڪ واپاريءَ مسٽر ايس پي سونيءَ پنهنجي پٽ جي شادي جي سلسلي ۾ وڏي اهتمام سان سڏائي هئي. اُن ۾ شريڪ ٿيندڙن جو تعداد چار سئو کن هو ۽ سمورا اعليٰ طبقي سان تعلق رکندڙ هئا. مهمان تقريب جي رونقن کي ڏسڻ ۾ مشغول هئا، ته اوچتو هڪ عورت محسوس ڪيو، ته سندس پَرسُ چوري ٿي ويو آهي. اهو مسز سنتوش سوبيءَ جو پرس هو ۽ منجهس پنجاهه هزار روڪ رکيل هئا. ان کان علاوه خالص موتين جو هڪ قيمتي هار به ان ۾ رکيل هو. واقعي دوران نه پرس جي مالڪياڻي چور کي ڏٺو ۽ نه ڪنهن ٻئي ان کي محسوس ڪيو. سڀ ڪجهه لڪ ڇپ ۾ ٿي ويو ۽ چوري ڪرڻ وارو پنهنجي حرڪت ۾ ڪامياب ويو. جنهن جي چوري ٿي ، تنهن لاءِ اهو ئي وڃي رهيو، ته هو پنهنجي خوشين کي غم ۾ بدلائي گهر ڏانهن راهي ٿئي. هوٽل جا ذميوار به انهيءَ ڳالهه کي مڃڻ لاءِ تيار نه هئا، ته ڪو چوريءَ جو واقعو ٿيو آهي. سندن مطابق هيءَ من گهڙت ڪهاڻي آهي، هتي ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي. هوٽل وارن انهيءَ واقعي کي ايترو ته هٿرادو سمجهيو، جو انهن ان جي ضرورت ئي محسوس نه ڪئي ته ڪو دروازا بند ڪري ماڻهن جي تلاشي وٺن. ايتري ۾ ڪجهه ماڻهن کي خيال آيو ته شاديءَ جي تقريب شروع کان آخر تائين وڊيو فلم تي رڪارڊ ڪئي وئي آهي، ڇو نه ان کي ڏٺو وڃي. ان کان پوءِ، تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ ۽ هوٽل انتظاميا جي سامهون ويڊيو ٽيپ هلايو ويو. انهيءَ واقعي کان اڳ تقريب ۾ هر شريڪ ٿيندڙ جي نظر زرق برق اسٽيج تي لڳل هئي، جتي گهوٽ ۽ ڪنوار ويٺل هئا پر هاڻي انهن جو ڌيان ٻئي طرف ٿي ويو. جنهن منظر کي هُنن پهرين تفريح لاءِ پئي ڏٺو، هاڻي انهن ان کي تفتيش ۽ جاچ جي نظر سان ڏسڻ شروع ڪيو.
اوچتو ڏسندڙ جي نگاهه هڪ عورت تي پئي جيڪا هڪ ٻار سان گڏ خادمه جي روپ ۾ هال ۾ داخل ٿي، شروع ۾ ماڻهن کيس هيءُ سمجهي نظر انداز ڪيو هو ته هوءَ معزز مهمانن مان ڪنهن سان گڏ آئي آهي، پر هاڻي هر هڪ کيس متوقع مجرم جي نظر سان ڏسڻ لڳو، اها عورت جيڪا خادمه جي روپ ۾ آئي هئي، سا انهيءَ کان بلڪل بي خبر هئي، ته ڪا هتي ويڊيو ڪئميرا لڳل آهي ۽ ان جون نظرون هر لمحي کيس ڏسي رهيو ن آهن ۽ ان ۾ سندس هر حرڪت انتهائي رازداريءَ سان رڪارڊ ٿي رهي آهي، هوءَ مشڪوڪ انداز ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڦرندي نظر اچي رهي هئي.
آخرڪار ڏسندڙن کي نظر آيو، ته خادمه پنهنجي چادر ۾ لڪل پنهنجو هٿ ٻاهر ڪڍيو ۽ نهايت تيزيءَ سان پرس کنيو ۽ جلدي ئي پنهنجي ڪپڙن ۾ لڪائي ڇڏيو. جڏهن ته پرس جي مالڪياڻي فوٽو ڇڪجڻ ۾ مشغول هئي. جيڪو واقعو ماڻهن جي اکين کان اوجهل هو، تنهن کي وڊيو ڪئميرا جي نگاهه وائکو ڪري ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته ان جي ذريعي سموري معاملي جو منظر پيش ٿي رهيو هو. هڪدم پوليس کي گهرايو ويو ۽ ان جي سامهون ٻيهر فلم هلائي وئي ۽ جرم ثابت ٿي ويو ۽ ان عورت کي پوليس تلاش ڪري گرفتار ڪيو. 16 مارچ 1985ع جي هندوستان ٽائيمز هن ڪهاڻيءَ کي تفصيل سان شايع ڪندي، هيءَ معنيٰ خيز سرخي لڳائي ته:
You can not only spot the thief
But see her commit the crime
يعني ”اوهان نه صرف چور کي پڪڙي سگهو ٿا، پر کيس جرم ڪندي ڏسي به سگهو ٿا.“
هيءُ دنياوي واقعو آخرت جي واقعي جو آئينو آهي. هيءُ واقعو تمثيل جي انداز ۾ ٻڌائي رهيو آهي، ته ڪو بلند ۽ نظر نه ايندڙ ڏسڻ وارو آهي جيڪو هر هڪ کي ڏسي رهيو آهي. هو هر ڳالهه کي نهايت باريڪ بينيءَ سان رڪارڊ ڪري رهيو آهي. ايتري قدر جو ان جي نه ڪنهن ويجهي شخص کي خبر پوي ٿي ۽ نه پري وارن کي پتو پوي ٿو، هو اهڙين ڳالهين کي به ڄاڻي ٿو، جن کي ماڻهو نٿا ڄاڻن. هو اهڙين شين کي به ڏسي ٿو، جنهن کي ٻيو ڪو نه ٿو ڏسي سگهي.
دنياوي واقعا آخرت جي حقيقتن جو عڪس آهن. اڄ جيڪو ٿي رهيو آهي، ان ۾ اهڙن واقعن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو جيڪي سڀاڻي پيش اچڻ وارا آهن، پر انهيءَ مشاهدي لاءِ بصيرت واري نگاهه جي ضرورت آهي ۽ هيءَ اها نعمت آهي، جيڪا اڪثر ظاهري اکين وارن کي حاصل نه آهي.

[b]هڪ لمحي ۾
[/b] ترقي يافته ملڪن ۾ اڄڪلهه اهڙا ٽيليفون استعمال ٿي رهياآهن، جن سان ڪمپيوٽرجو اهڙو پيچيده نظام ڳنڍيل آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مواصلات جو نظام بلڪل هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي، مثلاً آمريڪا جي ڪيترن شهرن ۾ هڪ نئون ٽيليفون سسٽم گذريل هڪ سال کان رائج ٿي ويو آهي. هيءُ ٽيليفون نظام صرف ٽن انگن تي آڱر هڻڻ سان عمل ڪرڻ شروع ڪري ٿو. جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن هنگامي حالت ۾ مدد لاءِ 911 تي آڱر هڻندو ته کيس يڪدم گهربل مدد ملي ويندي. آمريڪا جي هڪ ٽيليفون ڪمپنيءَ اهڙو نظام تيار ڪيو آهي، جو جيڪڏهن ڪو شخص 911 تي آڱر هڻندو، ته ٻئي طرف کان پاڻ مرادو ڪم ڪندڙ نظام، بنا ٻڌائڻ جي معلوم ڪري وٺندو، ته ڪهڙي نمبر تان فون اچي رهي آهي، ان سان گڏوگڏ انهيءَ وقت ئي پاڻمرادو فون ڪندڙ جي ايڊريس به معلوم ٿي وڃي ٿي؛ توڙي جو نمبر ملائڻ واري هڪ لفظ به زبان سان نه ڳالهايو هجي. ايتريقدر جو هيءُ پاڻمرادو نظام اهو به معلوم ڪري وٺي ٿو، ته فون ڪرڻ واري کي ڪهڙي قسم جي مدد جي ضرورت آهي، پوليس جي، باهه وسائڻ جي يا ايمبولينس جي.
فلوريڊا ۾ هڪ واقعو پيش آيو، هڪ پريشان عورت 911 ڊائل ڪيو، پر هوءَ ڪجهه به ڳالهائي نه سگهي. ان هوندي به خودڪار سسٽم بندوق جو آواز ٻڌي، معاملي جي نوعيت کي سمجهي ورتو. صرف چند منٽن ۾ پوليس جي گاڏي حادثي جي صحيح پتي تي رواني ٿي وئي، عورت جو هڪ رشتيدار ڪنهن ڳالهه تان ڪاوڙ ۾ سندس گهر ۾ زبردستي داخل ٿي چڪو هو ۽ گولي هلائي رهيو هو. ڏوهاري فوري طور گرفتار ڪيو ويو. اهڙي طرح آمريڪا ۾ هڪ گونگي ۽ ٻوڙي شخص کي هنگامي طور مدد جي ضرورت پيئي ته هن به 911 تي فون ڪيو ۽ ڪجهه ٻڌائڻ کان سواءِ مدد گار سندس دروازي تي پهچي ويا.
انهن مثالن ۾ ڪمپيوٽر جيڪو جسماني وجود نه رکندڙ آهي صرف ڪال (سڏ) کي ٽيليفون نمبر ۾ تبديل ڪيو، اهو نمبر گهرجي پتي ۾ تبديل ٿيو ۽ ان کان پوءِ ان بنا ڪنهن دير جي وائرليس ذريعي پوليس کي اطلاع به پهچائي ڇڏيو.
قرآن پاڪ ۽ حديث ۾ ٻڌايو ويو آهي، ته ٻانهو جڏهن الله کي سڏي ٿو ته فوري طور تي الله ۽ ٻانهي جي وچ ۾ رابطو قائم ٿي وڃي ٿو ۽ خدا کي پڪارڻ ۽ ساڻس رابطي ٿيڻ ۾ ڪا دير نٿي لڳي.
ٽيليفون جي ذريعي رابطي جو ڄاڻايل مثال قرآن پاڪ جي بيان ڪيل روحاني حقيقت جي مادي تمثيل آهي. هو ٻڌائي ٿو ته ڪهڙي طرح جڏهن ٻانهو پنهنجي رب کي بي چينيءَ ۽ بيتابيءَ وچان سڏي ٿو، ته انهيءَ ئي لمحي ۾ هو پنهنجو پاڻ کي الله جي بلڪل ويجهو محسوس ڪري ٿو، اهڙي طرح اک ڇنڀ ۾ سندس رابطو ساڻس قائم ٿي وڃي ٿو.

[b]پردو هٽي ويندو:
[/b] ٽائمس آف انڊيا 2 جولاءِ 1985ع تي دهليءَ جو هڪ واقعو شايع ڪيو آهي جنهن جو عنوان آهي، ”هن کان وڌيڪ جو هضم ٿي سگهي“ انهيءَ واقعي کي اسان اخبار جي لفظن ۾ بيان ڪريون ٿا: ”رينو سڪسينا نالي عورت اسڪول ۾ استاد آهي، هوءَ پنهنجي اسڪول کان واپس اچي رهي هئي ته هڪ بدنام قسم جي نوجوان سندس پيڇو ڪيو. عورت جي ڳچيءَ ۾ سوني زنجير هئي. هو کانئس اها زنجير کسي وٺي ڀڳو. جاءِ واردات جي ڀرسان ٻن ڄڻن جڏهن اهو واقعو ڏٺو، ته هُنن ملزم کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڊوڙي ڪجهه فاصلي تي کيس پڪڙي وڌو . پر کين اهو ڏسي ڏاڍو تعجب ٿيو ته زنجير وٽس موجود نه هئي. اهو راز ان وقت ظاهر ٿيو، جڏهن پوليس ملزم کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو ۽ کيس شهر جي وڏي اسپتال جي ايڪسري مشين جي سامهون آڻي بيهاريو، ايڪسري جي ذريعي معلوم ٿيو ته زنجير جوابدار جي پيٽ ۾ موجود آهي ۽ هن اها پڪڙجڻ جي خوف کان وات ۾ وجهي ڳيهي ڇڏي هئي.“
هيءَ صورتحال جيڪا دنيا ۾ نظر اچي ٿي، سا وڏي پيماني تي آخرت ۾ پيش ايندي. موجوده دنيا جي ڏوهارين جي گناهن تي ظاهري پردو پيل آهي، پر آخرت ۾ اهي سمورا پردا هٽي ويندا، ان کان پوءِ اهو سڀ ڪجهه صاف نظر ايندو، جن تي دنيا ۾ ماڻهن پنهنجي چالاڪيءَ ۽ هوشياريءَ سان پردا وجهي لڪائي ڇڏيو آهي.

[b]پل صراط جو منظر
[/b] دنيا ۾ چوريءَ جي ذريعي ڪروڙين ڊالرن جو سامان دڪانن تان کڄيو وڃي. انهيءَ کي روڪڻ لاءِ نيويارڪ جي هڪ ڪمپنيءَ هڪ ڪامياب طريقو ڳولي لڌو آهي. چوريءَ کي روڪڻ جو بٽڻ آهي، جنهن ۾ هڪ قسم جي مقناطيسي تار لڳل آهي، جيڪا وار وانگر باريڪ آهي: اها ظاهري طور نظر نه ٿي اچي ۽ ان کي ڪنهن به سامان سان لڳائي ڇڏبو آهي. جڏهن ڪو خريدار سامان خريد ڪري ٿو، ته دڪان جو ملازم انهيءَ سامان کي هڪ خاص قسم جي مشين مان گذاري ٿو، جنهن سان اها غير مؤثر ٿي وڃي ٿي.
نيو يارڪ مان نڪرندڙ مئگزين نيوز ويڪ (4 ڊسمبر 1985ع) هيءَ خبر شايع ڪندي لکيو آهي، ته جنهن سامان ۾ اهڙي قسم جي برقي تار لڳل هجي، ته چوري ڪرڻ وارو جڏهن انهيءَ سامان کي کڻندو ته اهو دروازي تي پهچڻ وقت پڪڙجي پوندو، جتي هڪ مشين ان کي محسوس ڪري وٺي ٿي ۽ فوراً گهنٽي وڄڻ شروع ٿي وڃي ٿي. انهيءَ خبر پڙهڻ کان پوءِ اها ڳالهه ياد اچي وڃي ٿي، جيڪا قيامت جي باري ۾ ٻڌائي وئي آهي. قرآن پاڪ ۾ ارشاد الاهي آهي: ”۽ ناهي ڪوبه توهان مان مگر اتي ايندو، اهو تنهنجي رب جو پڪو فيصلو ٿيل آهي پوءِ اسان انهن کي بچائينداسين جيڪي پرهيز ڪن ٿا ۽ ڏوهارين کي گوڏن ڀر ان ۾ ڪيرائينداسون.“ (مريم 71_ 72) حديث شريف مطابق انهيءَ جي صورت هيءَ هوندي، ته جهنم جي مٿان هڪ پُل (پل صراط) هوندي. ان تان سمورن انسانن کي گذاريو ويندو. انهيءَ پل جي ٻنهي طرفن کان فرشتا بيٺل هوندا، جن جي هٿن ۾ باهه جون ڪُنڍيون هونديون. اهي انهن سان انسان کي پڪڙي ڇڪيندا ۽ کين دوزخ ۾ اڇلائيندا.“ (تفسير ابن ڪثير جلد 3 ص 132)
آخرت جي دنيا هن دنيا جي انسان لاءِ نظر نه ايندڙ دنيا آهي پر جيڪڏهن غور ڪيو وڃي، ته هن دنيا ۾ پيش ايندڙ واقعا آخرت جي واقعن کي سمجهڻ ۾ جوڳو بڻائي رهيا آهن، اڄ جي تجربن جا نتيجا سڀاڻي پيش ايندڙ واقعن جي جهلڪ ڏيکاري رهيا آهن.