پڄاڻيءَ جو آغاز
ميني سوٽا جي هڪ ڪاليج ۾ آڪٽوبر 1989ع ۾ هڪ سيمينار ٿيو، جنهن جو موضوع هو، ”سائنس جو خاتمو“ هن سيمينار جي انتظام ڪندڙن ان جي تعارف ۾ لکيو هو ته جڏهن اسان اڄوڪي دنيا جو مطالعو ڪريون ٿا ته اسان کي هيءَ اڻ وڻندڙ احساس ٿئي ٿو ته اسان سائنس جي خاتمي واري دور ۾ پهچي چڪا آهيون. سائنس گڏيل عالمي ۽ موضوعي ڪوششن جي حيثيت ۾ هينئر ختم ٿي چڪي آهي.
آمريڪا جديد ترقي يافته دنيا جو اڄڪلهه اڳواڻ آهي. آمريڪا جي اڳوڻي صدر هنري ٽرومين 1947ع ۾ فخر سان چيو هو ته ويهين صدي آمريڪا جي صدي آهي ۽ آمريڪا آزاد دنيا جو اڳواڻ آهي. پر صديءَ جي خاتمي کان پهريائين آمريڪا جي عالمي اڳواڻيءَ وارو خواب چڪنا چور ٿي ويو آهي. انهيءَ نئين فڪر جي شروعات آمريڪا ۾ 1960ع ۾ ٿي، جڏهن ڊينئل بيل جو ڪتاب ”نظرئي جو خاتمو“ شايع ٿيو. 1989ع ۾ فوڪوياما جي ڪتاب ”تاريخ جو خاتمو“ جي اشاعت انهيءَ موضوع کي نئين سر زنده ڪري ڇڏيو آهي.
جديد انسان جو چوڻ هو ته هو سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي ذريعي هڪ پرسڪون زندگي جو سمورو سامان حاصل ڪري سگهي ٿو. آمريڪا ۾ اهڙو سمورو ساز و سامان گهڻو ڪري حاصل ٿي چڪو آهي. پر انهي سامان آخرڪار انسان کي جنهن جاءِ تي پهچايو، اتي سڪون نه بلڪ بوريت هئي. اهڙوئي حال انهن سمورن فلسفن ۽ نظامن جو ٿيو آهي، جن تي موجوده صدي جي شروعات ۾ تمام گهڻي جوش ۽ جذبي سان ڀروسو ڪيو پئي ويو. ڪميونزم کي ڪيترن ئي ماڻهن آخري انساني دريافت سمجهيو هو، پر هاڻي خود ڪميونزم جي مرڪز روس به ان کي ناقص نظام قرار ڏنو آهي. مغربي تهذيب مختلف قسم جي نه حل ٿيندڙ مسئلن، مثال طور، عورتن جي آزاديءَ جي نتيجي ۾، خانداني انتشار وغيره ۾ ڦاسجي چڪي آهي. نيشنلزم جي تعصب ۽ انتهاپسنديءَ وارين شڪلين مختلف قومن کي الڳ الڳ ويڙهاڪ گروهن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو آهي. انساني نظريه سازيءَ جو خواب انهيءَ حقيقي صورتحال سان ٽڪرائجي چڪو آهي، ته انسان جي معلومات جا ذريعا لازمي محدوديت جو شڪار آهن ۽ انهيءَ محدوديت جي هوندي ڪو به ڪامل نظريو بنائڻ ممڪن نه آهي.
هيءَ هڪ نهايت عجيب صورتحال آهي، جيڪا ويهين صديءَ جي خاتمي تي سامهون آئي آهي، موجوده زماني جا سمورا انساني نظام ناڪام ٿي ويا آهن. سمورا نظام ۽ سائنسي علم ناقص ثابت ٿيا آهن. ايتريقدر جو هر هڪ جي پڄاڻي اچي وئي آهي. پر خدائي دين جي پڄاڻي نه ٿي آهي. خدا ئي دين ۾ نه ڪا ڳالهه فڪري طور تي بي بنياد ثابت ٿي آهي ۽ نه ان جو عملي نظام ڪنهن طرح سان غلط ثابت ٿي سگهيو آهي ۽ اهو اڄ به پنهنجي حق هجڻ کي زنده ۽ قائم رکيو پيو اچي.
اهڙي طرح ڄڻ ته الله تعاليٰ اسان جي حصي جو اڌ ڪم اڳواٽ ئي مڪمل ڪري ڇڏيو آهي. هن خود پنهنجي برتر انتظام جي ذريعي مَدعو کي لااِله جي مقام تي پهچايو آهي. هاڻي دعوت ڏيندڙن جو ڪم صرف هي آهي ته ”الاالله“ جو ان ۾ اضافو ڪري ان کي مڪمل ڪن. هاڻي به جيڪڏهن مسلمان دعوت الي الله جي ڪم لاءِ نه اٿيا، ته اها ايڏي وڏي ڪوتاهي ٿيندي، جنهن لاءِ نه دنيا ۾ انهن وٽ ڪو عذر هوندو ۽ نه آخرت ۾ .
خاتمي واري جنهن جديد تحريڪ جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، ان جي فهرست ۾ ڪجهه ماڻهو مذهب کي به شامل ڪن ٿا. تنهنڪري مغربي دنيا ۾ اهڙا مضمون به شايع ٿيا آهن جن جو عنوان آهي ” مذهب جو خاتمو“ ائين چوڻ وارن هيءُ سمجهي ورتو آهي ته جنهن شيءِ کي هو پنهنجي آسپاس ڏسي رهيا آهن، سا اهائي شيءِ آهي جنهن کي مذهب چيو وڃي ٿو. حالانڪ انهن جي آسپاس جيڪا شيءِ مذهب جي نالي سان موجود آهي، سا مذهب جي بگڙيل شڪل آهي، نه ڪي ان جي اصلي صورت. اڄڪلهه مذهب جي نالي تي جيڪا شيءِ هر هنڌ موجود آهي، سو اصل ۾ مذهب جو مسخ ڪيل روپ آهي، اهڙي مذهب جي يقيناً پڄاڻي اچي چڪي آهي. پر جيستائين غير تبديل مذهب جو تعلق آهي سو اڃا به جيئن جو تيئن موجود آهي ۽ اهو اسلام آهي. اسلام سج وانگر هڪ ابدي حقيقت آهي. اهو انسان جي مستقل ضرورت آهي. اڄوڪو انسان اسلام جي رهنمائيءَ جو ايترو ئي محتاج آهي، جيترو ماضيءَ جو انسان ان جو محتاج هو.
بازار ۾ جيڪڏهن ڪجهه ماڻهو ملاوٽ ڪيل کاڌي جون شيون وڪرو ڪرڻ لڳن ته ان کان واقف ٿيڻ کانپوءِ انسان يقيني طور تي انهن ملاوٽي کاڌن کان بيزار ٿي ويندو. پر ان جو مطلب اهو نه آهي ته انسان خالص غذا کان به بيزار ٿي وڃي. خالص غذا ته انسان جي ابدي ۽ لازمي ضرورت آهي، ان ڪري ان کان ڪيئن بيزار ٿي سگهي ٿو. ملاوٽي سامان جي خريداريءَ کان بيزاري ان دڪاندار لاءِ ڪو به مسئلو نه آهي، جيڪو خالص ۽ بنا ملاوٽ جو سامان پنهنجي دڪان تي وڪڻي رهيو آهي.
اسلام ڪو نئون مذهب نه آهي. اسلام جي امتيازي خصوصيت ۽ صفت هيءَ آهي ته اهو هر ڦيرڦار کان محفوظ آهي. اسلام کانسواءِ جيڪي به ٻيا مذهب آهن، سي پنهنجي ابتدائي حالت تي قائم نه آهن. انهن مذهبن جي تعليمات ۾ بگاڙ ۽ ملاوٽ اچي چڪي آهي. انهيءَ ڪري اهي مذهب پنهنجي موجوده صورت ۾ انساني فطرت سان پنهنجي مطابقت وڃائي چڪا آهن. جنهن ڪري علمي ۽ تاريخي حقيقتن سان سندن ٽڪراءُ ٿي ويو آهي. پر اسلام پنهنجي انفرادي خصوصيت جي لحاظ کان هڪ محفوظ مذهب آهي. اسلام اڄ به پنهنجي اصلي حالت تي موجود آهي. اهو انساني فطرت جي مطابق به آهي ۽ علمي ۽ تاريخي حقيقتن سان هڪجهڙائي رکندڙ پڻ آهي. تنهنڪري اسلام جو دور اڄ به پوري طرح جاري آهي. اسلام لاءِ نه زوال جو سوال آهي نه وري خاتمي جو ۽ نه مدي خارج ٿيڻ جو!
درحقيقت ٻين نظرين جي پڄاڻي اسلام جي نظرئي جي شروعات آهي. جتي ٻين مذهبن جي حد ختم ٿئي ٿي اتان اسلام پنهنجي بقا کي نئين سر ثابت ڪري ٿو. اسلام جا مڃيندڙ جيڪڏهن اسلام کي کڻي هلن ته اهي ڏسندا ته انهن لاءِ هر طرف ڪاميابيءَ جا موقعا کليل آهن.