انسان جي فطرت
سجدو انسان جي فطري تقاضا آهي، انهيءَ تقاضا جو حقيقي جواب هيءُ آهي، ته انسان پنهنجو پاڻ کي پنهنجي حقيقي مالڪ جي سامهون جهڪائي، پر انسان پنهنجي اڻ ڄاڻائيءَ جي ڪري پنهنجو پاڻ کي ٻين شين جي سامهون جهڪائي ٿو ۽ جيڪا شيءِ فقط هڪ خدا جو حق آهي، اها ٻين کي ڏئي ٿو. پهرئين تصوير آمريڪي رانديگر ڪارل ليويس جي آهي، لاس اينجلس ۾ ڊوڙ جو عالمي مقابلو ٿيو؛ جنهن ۾ 22 جون 1984ع تي ڪارل ليويس اعليٰ ڪاميابي حاصل ڪئي. انهيءَ ڪاميابيءَ کان پوءِ اخبارن ۾ سندس هڪ تصوير شآيع ٿي، جنهن ۾ کيس سجدي جي حالت ۾ ڏيکاريو ويو آهي. جنهن پٽڙي تي ڊوڙي هن اهو مقابلو کٽيو، ان پٽڙيءَ سندس دل ۾ عقيدت ۽ احسان منديءَ جو اهڙو ته شديد جذبو پيدا ڪيو، جو هو پٽڙيءَ تي پنهنجي پيشاني رکي سجدي ۾ ڪري پيو. هيءُ تازو مثال آهي، جنهن مان پتو پوي ٿو، ته انساني فطرت ۾ ڪهڙي طرح نه هيءُ جذبو لڪل آهي. هو جڏهن ڪنهن کي پنهنجو محسن سمجهي ٿو ته ان جي اڳيان پنهنجي اندر جي اُڌمي کان مجبور ٿي پنهنجو سِر نمائي عقيدت جو اظهار ڪري ٿو، هيءُ سجدي جو مثال شڪر جي احساس جو عملي مظهر آهي.
ٻي تصوير ۾ وري انسان کي پنهنجي عاجزيءَ جي احساس ڪري مجبور ٿي زمين تي سر جهڪائيندي ڏيکاريو ويو آهي، اها تصوير 29 سالن جي آمريڪي جان ميڪ انرو جي آهي. هو 1981ع کان بيڊ منٽن جو عالمي چيمپيئن هو، 24 جون 1988ع تي سندس مقابلو آسٽريليا جي والي ماسور سان لنڊن ۾ ٿيو. ان مقابلي ۾ جان ميڪ انرو کي شڪست ملي ۽ سندس عالمي چيمپين واري حيثيت ختم ٿي وئي. ان شڪست جو مٿس زبردست اثر پيو. پر هن پنهنجي ناڪاميءَ جي ذميواري قبول ڪئي ۽ بنيادي تقاضائن کي پورو نه ڪرڻ جو اعتراف ڪيو. انهيءَ ڏس ۾ اخبارن ۾ جيڪا رپورٽ شايع ٿي، تنهن ۾ جان ميڪ انرو جي تصوير به شامل آهي جنهن ۾ کيس سجدي جي حالت ۾ زمين تي ڪريل ڏيکاريو ويو، جيڪو انساني عاجزيءَ جو اعتراف آهي. اهي ٻئي جذبا (شڪر ۽ نوڙت جو احساس) انساني فطرت جا انتهائي گهرا احساس آهن. انسان هن دنيا ۾ ڪڏهن ڪجهه حاصل ڪري ٿو ۽ ڪڏهن ڪجهن وڃائي ٿو، ڪڏهن ڪامياب ٿئي ٿو ته ڪڏهن ناڪام. انسان جڏهن ڪامياب ٿئي ٿو، ته منجهس اهو احساس پيدا ٿئي ٿو، ته هو انهيءَ ڪاميابيءَ کي ڪنهن جو ڏنل انعام سمجهي، ان جو شڪر ادا ڪري. اهڙي طرح جڏهن ناڪام ٿئي ٿو، ته محسوس ڪري ٿو ته ڪا ٻي طاقت آهي، جيڪا سڀ کان مٿانهين آهي. هيءُ جذبو کيس اڀاري ٿو ته هو انهيءَ قادر مطلق جي اڳيان پاڻ کي جهڪائي!
اهي انساني فطرت جا انتهائي گهرا جذبا آهن. ڪو انسان امير هجي يا غريب، چاهي وڏو هجي يا ننڍو، انهن جذبن کان خالي نه آهي. انساني فطرت جو مطالعو ڪندڙ ماهرن جو چوڻ آهي، ته اهي جذبا انساني فطرت سان اهڙي طرح ڳنڍيل آهن، جو انهن کي ڪنهن به طرح انسان کان الڳ نه ٿو ڪري سگهجي. دراصل اهي فطري جذبا انسان ۾ خدا جي عبادت لاءِ رکيا ويا آهن، انهن جذبن جي عملي اظهار جي حقدار اها ئي ذات آهي، جنهن سڀني کي خلقيو آهي. اهي جذبا انهيءَ لاءِ آهن، ته انسان پنهنجي خالق ۽ مالڪ کي سڃاڻي، ان جي عظمت جو اعتراف ڪري ۽ پنهنجو پاڻ کي ان جي اڳيان فنا ڪري ڇڏي. پر انسان انهيءَ فطري رستي کان مُنهن موڙي ٿو. جيڪا شيءِ خدا کي ڏيڻ گهرجي ، سا هو ٻين کي ڏيڻ چاهي ٿو. ان جو ٻيو نالو شرڪ آهي. انسان جيڪڏهن پنهنجي فطري جذبن جو مرڪز هڪ خدا کي بڻائي، ته اهو توحيد آهي ۽ جيڪڏهن ان جو مرڪز ڪنهن ٻئي زندهه يا مرده شيءِ کي بڻائي، ته اهو شرڪ آهي. توحيد انساني فطرت جو صحيح استعمال آهي ۽ شرڪ انساني فطرت جو غلط استعمال.
انسان پنهنجي فطرت جي ڪري مجبور آهي ته هو ڪنهن کي پنهنجو خدا بڻائي. خدا جيئن ته ظاهري اکين سان نظر نه ٿو اچي، ان ڪري انسان نظر ايندڙ شين کي خدا سمجهي ٿو. ان طرح جيڪو ڪجهه خدا کي ڏيڻ گهرجي، سو هو غير خدائن کي ڏئي ٿو. اوڻويهين صديءَ جي آخري اڌ ۽ ويهين صدي جي پهرين اڌ تائين هيءَ سمجهيو پئي ويو، ته انساني فطرت ڪابه شيءِ نه آهي، هيءُ صرف ٻاهريون حالتون آهن جيڪي انسان کي هڪ شڪل ڏين ٿيون، پر جديد تحقيق انهيءَ نظريي کي غلط ثابت ڪري رهي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ اسان هتي هڪ آمريڪي تحقيق جو حوالو ڏيون ٿا، جنهن جو خلاصو هيٺئينءَ ريت شايع ٿيو:
”ڪارل مارڪس ۽ سگمنڊ فرائڊ انساني فطرت جي باري ۾ غلطيءَ تي هئا. انهن جي سوچ جي ابتڙ انساني شخصيت جي تعمير ۽ ماحول جي مقابلي ۾ سندس اندروني پيدائشي صفتون ان کان وڌيڪ اهم آهن. نفسياتي ماهرن جي هڪ گروهه انهيءَ نتيجي جو اعلان ڪيو آهي. مني سوٽا يونيورسٽي پاران 8 ساله تحقيقي اڀياس ( جنهن ۾ 350 اولاد وارا جوڙا شامل هئا، ان ۾ 44 جوڙا بلڪل يڪسان قسم جا هئا ) ۾ سائنسدانن محسوس ڪيو ته جينز جو اثر فطرت بمقابله تربيت واري بحث ۾ واضح طور تي غالب رهيو. انهيءَ تحقيق جا نتيجا مارڪس جي انهيءَ دليل جي ترديد ڪن ٿا، جنهن ۾ وڏي زور سان اها دعويٰ ڪئي وئي آهي ته انسان کي ٻيهر نئين سر جوڙي سگهجي ٿو. تحقيقي ٽيم جي ميمبر ڊاڪٽر ڊيوڊ لڪن جوچوڻ آهي ته اسان ڏٺو، ته روايتي قدرن ۾ عقيدي ۽ قانون کي سختيءَ سان نافذ ڪرڻ جو رجحان گهڻو ڪري پيدائشي صفتن جو نتيجو آهي“. (هندستان ٽائيمز، سنڊي مئگزين 4-جنوري 1987ع )
انهيءَ تحقيق ۽ اهڙي قسم جي ٻين واقعن مان ثابت ٿئي ٿو، ته هڪ طاقتور هستيءَ (خالق) جي اڳيان پاڻ کي حوالي ڪرڻ جو جذبو هڪ فطري ۽ حقيقي جذبو آهي. جيڪڏهن اهو غير فطري ۽ غير حقيقي هجي ها، ته ان کي هن وقت تائين ختم ٿيڻ گهرجي ها. جديد نسل جن حالتن ۾ پرورش حاصل ڪري چڪو آهي، تنهن ۾ سندس چوڌاري لامذهبيت ۽ بي خدائي تهذيب جو شور عام آهي. ان جي باوجود نئين نسل ۾ مذهبي نفسيات مسلسل قائم رهي آهي ۽ اها ڪنهن به طرح ختم نه ٿي سگهي آهي.
سيول (ڪوريا) ۾ سيپٽمبر 1988ع ۾ راندين جو عالمي مقابلو ٿيو، ان سلسلي ۾ روزانو اخبارن ۾ با تصوير خبرون شايع ٿيون. انهن تصويرن مان ٽائيمس آف انڊيا جي 30 سيپٽمبر 1988ع جي صفحي 10 تي شايع ٿيل تصوير ۾ هڪ عورت اوهان کي عين نماز جي حالت ۾ نظر ايندي. يعني نماز جي آخر ۾ التحيات ۾، جيئن ڪو نمازي ويهندو آهي بلڪل انهيءَ حالت ۾ ٻئي پير موڙي ويٺل نظر اچي پئي ۽ پنهنجا ٻئي هٿ مٿي کڻي پنهنجي چهري جي سامهون اهڙي طرح پکيڙي رهي آهي جيئن ڪو نماز کان فارغ ٿي دعا ۾ مشغول هجي. هيءَ ڪا نمازي عورت نه آهي پر هيءَ ڪيليفورنيا جي 37 سالا رانديگرياڻي فلارنس گريفيٿ جائنرجي تصوير آهي. جنهن 29 سيپٽمبر 88ع تي 200 ميٽر ڊوڙ جو مقابلو کٽي سونو تمغو حاصل ڪيو ۽ دنيا جي تيز ترين عورت جو اعزاز ماڻيو. انهيءَ ڪاميابيءَ جي اعلان سندس اندروني احساسن کي بيقرار ڪري وڌو ۽ هوءَ پنهنجي راند واري لباس ۾ ئي زمين تي ڪري پئي ۽ بي اختيار ٿي نماز واري شڪل ۾ ويهي رهي ۽ پنهنجا ٻئي هٿ کڻي خدا کان دعا گهرڻ لڳي ۽ ان جي سامهون پنهنجي جذبن جي اظهار ڪرڻ ۾ مشغول ٿي وئي.
هيءُ واقعو هن ڳالهه کي ظاهر ڪري ٿو ، ته انسان جي فطرت ۾ هڪ محسن ۽ نعمتون عطا ڪندڙ ذات جو تصور نهايت گهرائي سان لڪل آهي. انسان کي جڏهن ڪا غير معمولي ڪاميابي حاصل ٿئي ٿي ته سندس اندروني جذبا بي اختيار ٿي اهو چاهڻ لڳن ٿا، ته هو پنهنجي محسن ۽ آقا جي سامهون جهڪي پوي ۽ حاصل ڪيل انعام کي حقيقي محسن جي کاتي ۾ داخل ڪرائي.
[b]بي چين روح
[/b] بليئر فاولر (پيدائش 1921ع) آمريڪا جو هڪ راڪيٽ انجنيئر آهي، ان جو شمار اعليٰ قابليت وارن انهن انجنيئرن ۾ ٿئي ٿو، جن جي ڪوششن سان آخرڪار سيٽرن راڪٽ ايجاد ٿيو. جنوري 1986ع ۾ بليئر فاولر ڪجهه ڏينهن لاءِ نئين دهليءَ آيو. ان دوران هن تاج محل پيلس هوٽل ۾ هندوستان ٽائيمس جي نمائندي سان گفتگو ڪندي ٻڌايو، ته سندس زندگي اڃا تائين تبديليءَ جي مرحلن مان گذري رهي آهي، سندس گهرواري هڪ ڪامياب ميڊيڪل ڊاڪٽر هئي. هوءَ پڻ پنهنجي ڪيريئر جي تمام وڏي درجي تي پهچي چڪي هُئي، پر ڏهه سال پهريائين هنپنهنجي مشغلن کي خيرباد چئي ڇڏيو هو. ان کان پوءِ هو ٻئي ڄڻا شهر کان پري ڪيليفورنيا جي ٻهراڙيءَ ۾ رهن ٿا، جتي ٻئي بلڪل سادي ڳوٺاڻي زندگي بسر ڪن ٿا. پنهنجي هٿن سان ڪاٺيون آڻين ٿا، ڪاٺين تي باهه ٻاري پنهنجي هٿن سان کاڌو پچائين ٿا. هو مشيني دنيا کان پري فطرت جي دنيا ۾ زندگي گذارين ٿا. هو پنهنجي سادي زندگيءَ تي بلڪل خوش آهن، انهن ائين ڇو ڪيو؟ مسٽربليئر جي لفظن ۾ ان جو سبب هيءُ هو، ته ”اسان جو علم جيتري ترقي ڪري ٿو، اوتروئي اسان ۾ جهالت جو احساس وڌي رهيو آهي.“
As our Knowledge grews the more one
gets convinced that he is ignorant.
هن علم جي دنيا ۾ پنهنجو سفر شروع ڪيو هو. پر آخرڪار کين معلوم ٿيو ته سندن هر اڳتي وڌندڙ قدم صرف جهالت طرف وڌي رهيو آهي ۽ انساني علم انسان کي حقيقي علم تائين نه ٿو پهچائي. وڌيڪ اهو ته ان سائنسي ماحول ۾ کيس روحاني سڪون حاصل نه هو. بليئر فاولر کي هڪ اهڙي دائري ۾ رهي ڪري ڪم ڪرڻو ٿي پيو، جنهن جي چوڌاري چار فوٽ جي مضبوط ديوار بڻايل هئي. سندس ڪم هيءَ هو ته هو هائيڊروجن گيس کي پٽڙي هائيڊروجن ۾ تبديل ڪري. ان لاءِ کيس هر وقت سخت حالتن ۾ ڪم ڪرڻو پوندو هو. ان کان علاوه کيس اهو ڊپ محسوس ٿيندو هو ته متان گيس جو ذخيرو ڌماڪي سان ڦاٽي نه پوي. اهڙي صورتحال سندس لاءِ هر وقت ذهني پريشانيءَ جو سبب بڻجندي رهندي هئي.
درحقيقت خدا کان گهٽ درجي جي ڪا به شيءِ انسان کي سڪون نه ٿي پهچائي سگهي، چاهي اهو سائنسي علم هجي يا مادي ۽ مشيني ترقي.
[b]جديد انسان
[/b] آمريڪا جي هڪ ڪروڙ پتي شخص جي باري ۾ هيءَ خبر شايع ٿي، جنهن جو عنوان هيو: ”هن تنگ ٿي پنهنجي حياتي ختم ڪري ڇڏي.“ انهيءَ خبر جي وضاحت هن طرح هئي:
ڪروڙ پتي تمام گهڻو ٿڪجي پيو هو، هو نهايت مايوس ۽ تنگ هو. هن پنهنجي قيمتي ڪار گهرائي، ان ۾ سوار ٿيو ۽ ڊرائيور کي حڪم ڪيو ته مٿان ٽَڪريءَ تان تمام وڏي رفتار سان ڪار کي ڊوڙائي ڇو ته مان خودڪشي ڪرڻ جوفيصلو ڪيو آهي. (ٽائيمس آف انڊيا 26 فيبروري 1985ع).
جن ماڻهن وٽ پئسي جي ڪمي آهي، تن کي ڪيترن ئي مسئلن سان منهن ڏيڻو پوي ٿو، اهي سمجهندا آهن، ته سندن اهي مسئلا پئسن جي گهٽتائي جي ڪري پيدا ٿين ٿا ۽ جيڪڏهن وٽن پئسو جام اچي وڃي، ته هوند سندن سمورا مسئلا ختم ٿي وڃن. پر حقيقت هيءُ آهي، ته جهڙي طرح پئسي جي کوٽ جي ڪري مسئلا ٿين ٿا، اهڙي طرح پئسي جي گهڻائيءَ ۾ به مسئلا پيش اچن ٿا، بلڪه جنهن شخص وٽ پئسي جي گهڻائي ٿي وڃي ٿي، ان جي مسئلن ۾ واڌ اچي وڃي ٿي، ايتريقدر جو کيس سڪون سان رات جو ننڊ به مشڪل سان ميسر ٿئي ٿي.
هن دنيا ۾ سڪون واري زندگيءَ جو راز صرف هڪ آهي جنهن کي مذهب جي ٻوليءَ ۾ ”قناعت“ چيو وڃي ٿو، يعني جيڪو ڪجهه خدا ڏنو آهي، ان تي صبر ۽ شڪر ڪرڻ. اطمينان جو نه هجڻ دراصل قناعت نه ڪرڻ جو نفسياتي نتيجو آهي. هر ان شخص کي اهو نتيجو ڀوڳڻو پوي ٿو جيڪو خدا جي ڏنل تقسيم تي راضي نه ٿو رهي.
عام انسان اهو سمجهي ٿو، ته سندس زندگيءَ جو صحيح استعمال اهو آهي، ته هو دولت ڪمائي، جڏهن ته صرف دولت ڪمائڻ ئي سڀ ڪجهه هجي ها، ته دولت مند شخص کي ڪڏهن به ڪنهن مسئلي سان مُنهن ڏيڻو نه پوي ها. پر حقيقت هيءَ آهي، ته دولت ڪمائڻ کان به وڌيڪ ضروري هي آهي، ته زندگيءَ جو علم حاصل ڪجي ته جيئن ماڻهوءَ کي جيئڻ جو سليقو ۽ ڍنگ اچي وڃي. ان سان هو هر حال ۾ سڪون سان جي سگهي ٿو چاهي وٽس پيسو گهٽ هجي يا وڌيڪ.