مذهب

اسلام جو عقلي مطالعو

ڪائنات جي ابدي حقيقتن کي ڄاڻڻ جي خواهش انساني فطرت ۾ اهڙي طرح سمايل آهي، جو هو ڪنهن به طرح پنهنجو پاڻ کي ان کان الڳ نه ٿو ڪري سگهي. قديم زماني کان وٺي انسان فطرت جي ابدي رازن کي ڄاڻڻ جي جستجوءَ ۾ رڌل رهيو آهي، پر اڃا تائين انهن رازن تائين رسائي حاصل ڪري نه سگهيو آهي. انسان پنهنجي ذاتي ڪوششن سان انهيءَ حقيقت تائين ان ڪري نه پهچي سگهيو آهي،
Title Cover of book اسلام جو عقلي مطالعو

انڪار کان اقرار تائين

پروفيسر حيدر وڪرما سنگهي (پيدائش 1939ع) سري لنڪا جو هڪ سائنسدان آهي. هن وقت هو يونيورسٽي ڪاليج ڪارڊيف (برطانيه) ۾ رياضي ۽ فلڪيات جو استاد آهي، پنهنجي علمي تحقيق سبب عالمي شهرت ماڻي اٿس. هو پروفيسر سر فريڊ هائل سان گڏ 1962ع کان هڪ تحقيق ۾ مشغول رهيو. سندن تحقيق جو عنوان هو، ته ”زمين تي حياتيءَ جي شروعات ڪهڙي طرح ٿي.“ ٻنهي پروفيسرن پنهنجي تحقيق جي نتيجي کي ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪيو، جنهن جونالو آهي ”ارتقا خلا مان.“
پروفيسر وڪرما سنگهي تحقيق جي ابتدا انهيءَ سوچ سان ڪئي، ته خالق جو تصور سائنس سان مطابقت نه ٿو رکي. هو لکي ٿو ”پر تحقيق جي آخري نتيجن سان مون کي وڏو ڌچڪو لڳو. سائنسي تعليم جي دوران شروع ۾ مونکي ان ڳالهه جو يقين ڏياريو ويو هو ته ڪنهن به ارادي تخليقي قوت (طاقت) کي تسليم ڪرڻ هڪ اهڙو خيال آهي، جنهن کي سائنس قبول نه ٿي ڪري سگهي.“ پر مونکي حيرانگيءَ وچان چوڻو پوي ٿو، ته انهيءَ خيال کي ڇڏڻو پوندو. منهنجو ذهن مون کي جنهن طرف وٺي وڃي رهيو آهي، سو منهنجي لاءِ سخت غير اطمينان بخش آهي، پر انهيءَ مان نڪرڻ جو ڪوبه منطقي رستو ڪونهي.“
ٻنهي سائنسدانن پنهنجي پنهنجي ليکي ان جو حساب لڳايو، ته اتفاقي طور تي حياتيءَ جي شروع ٿيڻ جو رياضياتي امڪان ڪيترو آهي. ٻنهي ڄڻن جي آزادانه تحقيق جو گڏيل نتيجو اهو نڪتو، ته اتفاقي پيدائش جو رياضياتي طور تي ڪوبه امڪان نه آهي. انهن حساب لڳائي ٻڌايو ته اتفاقي پيدائش جو امڪان جيڪڏهن ”هڪ“ مڃجي، ته ان جي ابتڙ امڪان ايترا ته گهڻا آهن، جو انهن کي ڳڻڻ لاءِ هڪ جي ساڄي طرف چاليهه هزار ٻُڙيون (Zero) لڳائڻيون پونديون. ”هيءَ تعداد موجوده مقدار ۽ ڪائنات جي عمر (جيڪا سائنسدان 15 بلين سال ٻڌائين ٿا) کان اندازي کان ٻاهر حد تائين گهڻو وڌيڪ آهي، ان ڪري مونکي سئو سيڪڙو يقين آهي، ته هن ڌرتيءَ تي زندگي اوچتو شروع نه ٿي سگهي.“
ڪيميائي اتفاق سان اوچتو زندگيءَ جو شروع ٿيڻ ايتريقدر عقل کان پري جي ڳالهه آهي، جو بلڪل بيڪار خيال معلوم ٿئي ٿو. اهو سوچڻ بلڪل عقل مطابق آهي، ته طبعي طور تي عطا ڪيل اهي خصوصيتون جن تي زندگيءَ جو دارومدار آهي، سي هر لحاظ کان ڪنهن ارادي جون عطا ڪيل آهن. وڪرما سنگهي لکي ٿو، ته سرفريڊ هائل مون کان وڌيڪ هڪ اعليٰ خالق جي وجود جو قائل هو. مون جڏهن به ان جي ابتڙ ساڻس بحث ڪيو ته مون پنهنجي دليلن کي کوکلو محسوس ڪيو. ان وقت مون وٽ ڪوبه عقلي دليل نه هو، جنهن سان خدا جي وجود جي نظريي کي باطل ثابت ڪري سگهان. جيڪڏهن مون وٽ ڪو معمولي دليل به هجي ها، ته مان هن ڪتاب جي لکڻ ۾ سرفريڊ جو ساٿ نه ڏيان ها. هاڻي اسان محسوس ڪريون ٿا ته زندگيءَ جي باري ۾ معقول جواب اهو آهي، ته اها ڪنهن خالق جي تخليق آهي، اها ڪنهن بي ڪار ۽ بي مقصد ڦيرگهير جو نتيجو نه آهي، مان اڄ به اها اميد رکان ٿو، ته ڪنهن ڏينهن ٻيهر خالص مشيني تشريح پيش ڪري سگهان. اسان هڪ سائنسدان جي حيثيت ۾ ان ڳالهه جي آس لڳايو ويٺا هئا سين، ته ڪونه ڪو رستو ڳولي وٺنداسين، پر موجوده تحقيقي نتيجي جي روشنيءَ ۾ ان جي ڪابه صورت نظر نه ٿي اچي. منطقي سوچ رکندڙ مايوس ٿي وڃڻ جي باوجود به ان جا مخالف آهن.
مان ٻڌ مذهب سان لاڳاپيل آهيان، ان لحاظ کان جيتوڻيڪ مان جذباتي نه آهيان، ان ڪري اهو منهنجي لاءِ ڪو مسئلو به نه هو، ڇاڪاڻ ته ٻڌ مذهب ۾ خدا جي وجود جي عقيدي جي ڪا به اهميت نه آهي، اهو ڪائنات جي تخليق جي باري ۾ ڄاڻڻ جي دعويٰ ئي نه ٿو ڪري. ٻڌ مذهب جي نظرئي ۾ خالق جو ڪوبه وجود ڪونهي پر هاڻي مان سمجهان ٿو، ته منطق جي ذريعي مان هن مقام تي پهچايو ويو آهيان ته انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه طريقو ڪونهي جنهن سان اسان اهو سمجهي سگهون ته مخصوص ڪيميائي مادن ۾ بلڪل هڪ متوازن نظام ڪيئن ٿو ڪم ڪري، جنهن سان ڪائنات جي دنيا ۾ تخليق جو سلسلو جاري رهي ٿو. (هندستان ٽائيمز 6 سيپٽمبر 1981ع)

[b]تبصرو:
[/b] گذريل صديءَ ۾ اهو سمجهيو پئي ويو، ته خدا جو تصور هڪ ذاتي عقيدي جي ڳالهه آهي ۽ ان جو علمي سوچ ۽ فڪر سان ڪوبه تعلق ڪونهي. پر ٻي عالمي جنگ کان پوءِ لڳاتار اهڙيون شاهديون ملن ٿيون، جن جي آڌار تي انسان اهو مڃڻ تي مجبور ٿي پيو آهي ته خدا جو وجود صرف بي دليل عقيدو نه آهي، بلڪه هڪ علمي ۽ عقلي نظريو آهي.
سائنسي علم انسان کي رڳو انهيءَ واضح حقيقت کي سمجهڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو، ته خدا جو وجود آهي. هاڻي ان کان اڳتي اهو سوال ٿو پيدا ٿئي، ته جڏهن خدا آهي، ته پوءِ انسان جو ان سان ڪهڙو تعلق آهي؟ انهيءَ سلسلي ۾ سائنس اسان جي ڪابه رهنمائي نه ٿي ڪري ۽ نه ئي ڪا ڄاڻ فراهم ڪري سگهي ٿي. دراصل هيءُ اهو نقطو آهي، جتان مذهب جي سرحد شروع ٿئي ٿي.
اصولي طور تي سمورا مذهب انهيءَ سوال جو جواب آهن، پر مذهبن جي موجوده شڪل ٻڌائي ٿي، ته اسلام کان سواءِ ڪوبه مذهب پنهنجي اصلي حالت ۾ محفوظ نه رهيو آهي. ڪو مذهب انهيءَ ڪري باطل قرار ٿي چڪو آهي ته ان ۾ خدا جو تصور آهي ئي ڪو نهي ۽ ڪنهن جو حال وري هيءَ آهي، ته اهو ڪيترن ئي خدائن جي وجود جي دعويٰ ڪري ٿو. جيتوڻيڪ سمورا علم اهو ثابت ڪري رهيا آهن ته خدا جيڪڏهن ٿي سگهي ٿو، ته اهو صرف هڪ ئي ٿي سگهي ٿو، گهڻن خدائن جو هئڻ ممڪن ئي نه آهي. ڪيترن مذهبن جي نظام ۾ اهڙا نظريا شامل ٿي چڪا آهن، جن کي انساني ضمير ڪڏهن به قبول ئي نه ٿو ڪري سگهي. مثال طور انسانن جي وچ ۾ رنگ ۽ نسل جي بنياد تي فرق، اهڙي طرح ٻيون به ڪيتريون ڳالهيون آهن.
علمي حقيقتون انسان کي خدا تائين پهچائي رهيون آهن ۽ خدا کي مڃڻ کان پوءِ، مذهب اسلام کي مڃڻ کان سواءِ ڪوبه چارو نه آهي. جڏهن علمي مطالعو هيءُ ٻڌائي رهيو آهي، ته هن دنيا جو صرف هڪ ئي خدا آهي، ته پوءِ بي خدا مذهب پنهنجو پاڻ ئي باطل ثابت ٿي وڃن ٿا. جڏهن ڪائناتي تحقيقات مان واضح ٿئي ٿو ته هن ڪائنات جو سمورو نظام هڪ وحدت پٽاندڙ هلي رهيو آهي، ته پوءِ اهڙا سمورا مذهب بي معنيٰ بڻجي وڃن ٿا جيڪي ڪائنات جي گهڻن خدائن کي مڃين ٿا. اهڙي حالت ۾ انسان مجبور بڻجي وڃي ٿو، ته اسلام کي پنهنجو مذهب بڻائي، جيڪو نه صرف خدا جي صحيح تصور تي مشتمل آهي، بلڪه واضح طور تي اهو به ٻڌائي ٿو ته خدا ۽ انسان جي درميان ڪهڙي قسم جو تعلق هئڻ گهرجي.

[b]تلاش جو صحيح جواب نه ملڻ جو سبب
[/b] ڊاڪٽر جي _ وي نارليڪر (پيدائش 1939ع) کي هڪ انٽرويو دوران چيو ويو، ته ”مذهبي توهم پرستيءَ جي عبادت ۾ سائنسدان عام ماڻهن کان ڪنهن به طرح پوئتي نه آهن، ايستائين جو ڪيترا سائنسدان ديوتائن ۾ به يقين رکن ٿا. ان جي جواب ۾ عالمي شهرت يافته سائنسدان ڊاڪٽر نارليڪر جواب ڏنو، ته مون کي اها ڳالهه بلڪل پسند نه آهي. عملي طور تي ڏسان ٿو ته ڪيترائي سائنسدان جڏهن تجربي گاهن ۾ ڪم ڪندا رهندا آهن، ته هو سائنسي نقطه نظر کي اختيار ڪندا آهن، پر جڏهن پنهنجي گهر ۾ هوندا آهن، ته سائنسي طريقي کي بلڪل استعمال نه ڪندا آهن، مثال طور مغرب جي اعليٰ تعليم يافته ماڻهن ۾ جيوتش جو عقيدو ڦهلجي رهيو آهي. هيءَ هڪ نفسياتي مسئلو آهي. انسان جي اندر ۾ اها خواهش هر وقت اڀرندي رهي ٿي، ته هو آسان ۽ فوري تسڪين حاصل ڪري، درحقيقت اهو هڪ ذهني سهارو آهي.“ ڪوبه شخص خواه جاهل هجي يا عالم، ڪامياب هجي يا ناڪام سندس زندگيءَ ۾ باربار اهڙا مرحلا پيش اچن ٿا جنهن سان هو پنهنجي عاجزيءَ جو تجربو ڪري ٿو، هو محسوس ڪري ٿو، ته هو بي وس وجود آهي، اها ڳالهه کيس پاڻ کان برتر هستي جي تلاش ڏانهن وٺي وڃي ٿي، اهڙي هستي جيڪا سندس ڪمزورين جو متبادل بڻجي سگهي. مغرب جا اعليٰ تعليم يافته فرد جن لاءِ مادي موقعن کي حاصل ڪرڻ جا سمورا دروازا کليل آهن، سي جڏهن پنهنجي ذهني ”تسڪين“ لاءِ فوق الفطرت شين جو سهارو وٺن ٿا، ته حقيقت جي لحاظ کان فرضي نه هوندو آهي بلڪه حقيقت ۾ اهو سندن فطرت جي خاموش پڪار جو جواب هوندو آهي. اهوئي سبب آهي، ته هو پنهنجي تلاش جو صحيح جواب نه ملڻ جي صورت ۾ جيوتش جهڙي تو هم پرست شين ۾ اٽڪي پون ٿا. خدا جو وجود نه صرف يقيني آهي، بلڪه اهو انسان لاءِ ايترو ته ضروري آهي، جو ان کانسواءِ هو هڪ لمحو به رهي نه ٿو سگهي.