مذهب انساني تخليق نه آهي
يوناني مصنف ايوميرس جو چوڻ هو، ته ديوتا شروع ۾ زمين جا وڏا وڏا بادشاهه هوندا هئا، ان کان پوءِ آهستي آهستي اهي خدا بنجي ويا ۽ سندن پوڄا ٿيڻ لڳي. بعد ۾ ان عقيدي کي ٻڌائڻ لاءِ هڪ اصطلاح ٺاهيو ويو، جنهن کي ان جي نالي پٺيان ”ايو ميرزم“ چيو وڃي ٿو، ان جو مطلب هي آهي، ته ديوتا ڪنهن زماني ۾ انساني هيرو هئا. يوناني مصنف جو اهو نظريو محض قياس تي ٻڌل هو. هن ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ئي نه ڏنو، ته چين، آفريڪا ۽ ٻين ڪيترين جاين تي جتي ماڻهو پنهنجن ابن ڏاڏن جي پوڄا ڪندا هئا اتي ان جا مثال به ملن ٿا، ته ان قسم جي پوڄا خدا جي پوڄا کان الڳ ڪنهن ٻئي طريقي سان ڪئي ويندي هئي.
قديم زماني ۾ اهڙي قسم جون ڳالهيون صرف دلي تسڪين حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهو پسند ڪندا هئا. تنهن هوندي به هڪ سئو سال اڳ وڏي پيماني تي انهيءَ سوال جي جواب جي تلاش شروع ٿي، ته مذهب جي ابتدائي شڪل ڪهڙي هئي، پر تحقيق، تلاش ۽ جستجو جي ڊگهي سفر کان پوءِ به انسان ٻيهر اتي ئي اچي بيٺو آهي، جتان هن شروعات ڪئي. ان مان اهو ثابت ٿيو ته مذهبي تصور ايترائي پراڻا آهن، جيتري خود انساني تاريخ. هڪ لک سال پهريائين حيواني شبيهه واري انسان کي مرڻ کان پوءِ جڏهن دفن ڪيو ويو، ته ان سان گڏ قبر ۾ سندس کاڌو به رکيو ويو، ته جيئن هڪ ٻي دنيا جي سفر دوران کيس گذران لاءِ ڪم اچي سگهي. انهيءَ مان ثابت ٿئي ٿو، ته انتهائي شروعاتي انسان به مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ جي تسلسل جي عقيدي کي مڃيندڙ هو.
مذهب ڪيئن شروع ٿيو؟ اهو سوال باقاعدي صرف هڪ سئو سال پهريائين وجود ۾ آيو. ان کان پهريائين بائبل جي ڪتاب ”پيدائش“ ۽ ”قرآن“ جي روشنيءَ ۾ اهو سمجهيو ويندو هو، ته جڏهن پهريون انسان (آدم عه) پيدا ڪيو ويو، ته انهيءَ وقت خدائي الهام به کيس ملي ويو، جنهن ۾ کيس اهو ٻڌايو ويو ، ته سچو مذهب خدا جي نظر ۾ ڪهڙو آهي.
مذهبن جا عالم عام طور تي ان ڳالهه تي يقين رکندا هئا، ته انهيءَ ابتدائي مذهب ۾ بعد جي نسلن پهريون ڀيرو بگاڙ پيدا ڪيو ۽ اهڙي طرح مذهب جون مختلف شڪليون ٺهنديون ويون. اڻويهين صدي ۾ خاص طور تي ارتقائي نظر ئي، تعليم يافته طبقي ۾ اهو ذهن پيدا ڪيو، ته اهي مذهبي ارتقا جو مطالعو ڪن ۽ ان جون ابتدائي شڪليون دريافت ڪن. انهن ائين سمجهيو ته ارتقا جو اصول هر معاملي ۾ اهڙي طرح جاري آهي، جيئن ڊارون حياتيات ۾ ڏيکاريو ويو آهي.
”ابتدائي مذهب“ ۽ ”ترقي يافته مذهب“ جا نوان اصطلاح پيدا ٿيا.. انهيءَ تلاش سان جلد انسان انهيءَ دريافت تائين رسايو ته مذهب جي ابتدا ڪجهه وهمي خيالن سان ٿي، آهستي آهستي اصلاح ٿيندي ٿيندي اهي خيال مذهب جي موجوده ترقي يافته شڪل تائين پهتا آهن. ڄڻ ته انهيءَ علمي تجزيي جي ذريعي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ته مذهب پنهنجي حقيقت جي اعتبار کان هڪ سماجي ۽ نفسياتي وهم کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. پر مذهب جي محققن جو اهو يقين گهڻي دير تائين باقي رهي نه سگهيو ۽ تحقيق کان پوءِ جيڪي نتيجا حاصل ٿيا، تن ابتدائي نتيجن جي ترديد ڪئي.
1871ع ۾ ايڊورڊ بي ٽيلر مذهب جي باري ۾ پنهنجي نظريئي جي وضاحت لاءِ مظاهر پرستيءَ جو اصطلاح ڪتب آندو. ان جو مطلب هيءُ هو ته شروعاتي انسان خواب، وِڦلڻ ۽ موت جي واقعن مان هيءُ نتيجو ڪڍيو، ته ”ان جي اندر ڪو غير فاني روح آهي،“ جڏهن ڪنهن کي مئل شخص خواب ۾ آيو، ته اهو سمجهيو ويو، ته ”انسان جو روح مرڻ کان پوءِ به باقي رهي ٿو،“ ۽ انهن مان آهستي آهستي ڪجهه روح ديوتا بنجي ويا“ انهيءَ زماني ۾ هر برٽ اسپنسر هيءُ خيال به پيش ڪيو، ته مئل ماڻهو، جيڪي ڀوتن جي شڪل ۾ نظر ايندا هئا، تن کي ديوتا سمجهي پوڄيو ويو. ٽيلر ۽ اسپنسر جي نظرين جو جڏهن بعد وارن محققن تجزيو ڪيو، ته اهي انهيءَ نتيجي تي پهتا، ته اهي ٻئي محقق ان ڳالهه کي ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن، ته تاريخ جي دور کان اڳ جو انسان به ڇا انهيءَ ڍنگ تي سوچيندو هو ۽ گڏوگڏ روحن ۽ ڀوتن جي ذريعي خدا تائين پهچڻ جو خيال رڳو قياس تي مشتمل هو. هن نظرئي جا حامي انهيءَ سوال جو جواب به نه ڏئي سگهيا ته جيڪڏهن مرده انسانن جي روح مان خدا جو تصور اڀريو ته اهو عالمي ڪيئن بڻجي ويو. جڏهن ته قديم زماني ۾ زمين جي گولي تي ڦهليل مختلف قبيلن جي درميان ڪو مواصلاتي سلسلو موجود ئي نه هو. تنهن ڪري مظاهر جي روحن (اينمزم) جو نظر يو علمي نقطه نظر کان مذهب جي تشريح جي حيثيت ۾ اڄ عملي طور تي رد ٿي چڪو آهي.
روحيت مظاهر جو هڪ ٻيو نظريو آر_آرميرٽ 1899ع ۾ پيش ڪيو. هن جو چوڻ هو ته پهريائين انسان شخصي روح کي نه مڃيندو هو بلڪه غير شخصي طاقت ۾ عقيدو رکندو هو، جنهن دنيا کي زندگي عطا ڪئي. هن پنهنجي نظرئي کي ”اينيمٽزم“ جو نالو ڏنو، پر بعد جي تحقيق مان معلوم ٿيو، ته هن صرف هڪ لفظي مغالطي مان هيءُ نظريو قائم ڪيو هو. بحرالڪاهل جي ڪناري تي رهندڙ ڪجهه قبيلن کي ميلانيسين چيو وڃي ٿو. انهن جي ٻوليءَ ۾ هڪ لفظ ”منا“ (mana) آهي. ميرٽ سمجهيو ته قبيلي جا ماڻهو ان لفظ کي روحاني طاقت جي معنيٰ ۾ ڳالهائن ٿا ۽ غير شخصي طاقت جو اهو عقيدو ئي مذهب جو بنياد آهي. هن جو وڌيڪ اهو به چوڻ آهي ته قديم انسان مفڪر يعني شين جي حالتن مان نتيجا ڪڍندڙ نه هو بلڪه ايڪٽر يعني شين جي خارجي حالتن جي هوبهو ترجماني ڪندڙ هو. انهيءَ طرح ان جو مذهب جادو کان ٿوروگهٽ مختلف هو. پر بعد جي تحقيق مان پتو پيو، ته اهي قبيلا ”منا“ جو لفظ غير شخصي طاقت جي معنيٰ ۾ نه ڳالهائيندا هئا، جنهن ڪائنات کي وجود بخشيو، جيئن ميرٽ ۽ ٻين محققن سمجهيو هو، بلڪه هو اهو لفظ امتيازي روحاني صفت جي معنيٰ ۾ چوندا هئا.
1890ع ۾ جيمز فريزر هڪ ڪتابي سلسلو شايع ڪيو، جنهن مان وڌيڪ اهم ڪتاب ”سنهري شاخ“ (The Golden Bough)نالي هو. هن پنهنجي ڪتابي سلسلي جو آغاز هڪ ”مقدس وڻ“ جي نالي ڪهاڻيءَ سان ڪيو، جيڪو قديم اٽليءَ جي هڪ هنڌ اربسيا ۾ هڪ شخص پوکيو هو. ان جو خيال هو، ته هن وڻ ۾ ڪا روحاني طاقت آهي ۽ ان جي مدد سان جادو جا ڪرشما ڏيکاري سگهجن ٿا. اهڙي قسم جي واقعن کي بنياد بڻائي فريزر هڪ نظريو گهڙيو جيڪو هي هيو ته: ” جادو پوءِ مذهب پوءِ سائنس“ بڻيو. سندس چوڻ هو ته جادوءَ جي طريقي ۾ جڏهن پهريون ڀيرو ناڪامي ٿي، ته انسان سمجهيو ته ڪا اهڙي مٿانهين هستي آهي، جيڪا سندس مدد ڪري کيس يقيني طور تي ڪامياب بنائي سگهي ٿي. اهڙي طرح جادو مذهب جي شڪل اختيار ڪئي، ان کان پوءِ انسان استدلاليءَ ۽ تجرباتي طريقي تائين پهتو، جنهن کي سائنس چئجي ٿو. پنهنجي ارتقائي ڪشش جي ڪري هيءُ نظريو شروع ۾ تمام گهڻو مقبول رهيو. پر جلد ئي معلوم ٿي ويو ته هن خيال جو ڪوبه تاريخي ثبوت نه ٿو ملي ته جادو پهريائين هو ۽ مذهب ان کان پوءِ وجود ۾ آيو. تهذيب جي هر مرحلي تي، تاريخي دستاويزن مطابق مذهب ۽ جادو ٻئي گڏوگڏ رهيا آهن، ان ڪري هيءُ نظريو ته ” جادو پوءِ مذهب ۽ پوءِ سائنس بڻيو“ غير تاريخي آهي.
1922ع ۾ لوسين ليوي بروهل ابتدائي ذهن جو نظريو پيش ڪيو. هن جي چوڻ مطابق قديم زماني جا وحشي انسان هڪ ابتدائي منطقي فڪر استعمال ڪندا هئا، جيڪو اسان جي موجوده فڪر کان مختلف هو. هن انهيءَ نظرئي تي به تنقيد ڪئي، ته سمورا انسان هڪجهڙي صلاحيت رکن ٿا. هن مثال پيش ڪيو، ته سموريون غير ترقي يافته قومون موت جي تشريح فطري سببن کان سواءِ ٻين سببن سان ڪن ٿيون. سندس نظر ۾ انسان سادي طور تي صرف بيماريءَ يا پوڙهائپ جي ڪري نه ٿو مري بلڪه ڪا پراسرار طاقت آهي، جيڪا کيس ماري ٿي. پر گذريل سئو سالن جي مذهب جي ٻين شارحن وانگر ليوي بروهل پڻ رڳو ڪرسي نشين مفڪر هو، جنهن کي موجوده زماني جي ابتدائي انسان جي خبر ئي نه هئي. ايتريقدر جو کيس ان ڳالهه جي به ڄاڻ نه هئي، ته قديم انسان ڪهڙي طرح سوچيندو هو. حقيقت هيءَ آهي، ته ابتدائي دور جو انسان انهيءَ ڳالهه کي چڱي طرح ڄاڻندو هو ته موت ڪهڙي طرح طبعي سببن جي ڪري ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ هو ان سان گڏ هڪ روحاني سبب کي به ان ۾ شامل ڪندو هو.
هڪ ٻئي فرانسيسي مصنف امائيل ڊر خيم 1912ع ۾ مذهب تي پنهنجو ڪتاب شايع ڪيو جنهن ۾ هن انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو، ته مذهب نه هڪ سماجي واقعو آهي ۽ نه ئي انسان جي نفسيات جي پيداوار. اهو وهم به نٿو ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته هر دور ۾ ان جو وجود نظر اچي ٿو. ان جي ذريعي اخلاق ۽ قانون جا وڏا وڏا نظام قائم ٿيا. ان هوندي به درخيم جي نظر ۾ مذهب خود سماج جي پوڄا جو نالو هو جيڪو پر اسرار علامتن جي ويس ۾ ظاهرٿئي ٿو. درخيم پنهنجو اهو تصور آسٽريليا جي ڪجهه قديم قبيلن کان ورتو هو. درخيم جي انهيءَ چونڊ ۾ هڪ غلطي لڪل هئي. ڇاڪاڻ ته هو ڪڏهن به آسٽريليا نه ويو هو تنهنڪري هن ٻين کان ورتل ناقص معلومات جي آڌار پنهنجي نظرئي جو بنياد رکيو ۽ پوءِ اندازو لڳايو، ته سموري دنيا جا انسان آسٽريليا جي انهن قديم قبيلن مطابق عمل ڪندا هئا. اهي قديم قبيلا ڪجهه وڻن ۽ جانورن کي مقدس سمجهندا هئا ۽ انهن جو کائڻ وٽن حرام هو. ڪجهه هڪجهڙاين جي ڪري درخيم انهيءَ عقيدي کي اتر آمريڪا جي انڊين قبيلن جي ”ٽوٽم“ جي مشابهه سمجهيو ۽ چيو ته هيءُ وڻ ۽ جانور قبيلن جي سماجي آدرش جا نشان هئا، جن آخرڪار مذهب جي شڪل اختيار ڪئي. پر نه رڳو ٽوٽم جو اهو تصور واقعاتي طور تي ثابت نه ٿي سگهيو، پر تاريخي طور تي به اهو ثابت نه ٿي سگهيو ته ڪو ٽوٽم جو عقيدو مذهب کان اڳ جي پيداوار آهي.
انهيءَ کان به وڌيڪ ڪمزور وضاحت آسٽريا جي نفسيات جي ماهر سگمنڊ فرائڊ 1913ع ۾ پيش ڪئي، هن پنهنجي ڪتاب (Totam and Taboo) ۾ بحرالڪاهل جي علائقي جي ڪجهه قبيلن جي ڪهاڻي لکي آهي، ته قديم زماني ۾ هڪ طاقتور پيءُ خاندان جي سمورين عورتن کي پنهنجي لاءِ خاص ڪري ڇڏيندو هو. پوءِ جڏهن ان جاپٽ جوان ۽ طاقتور ٿيا، ۽ سندن پيءُ پوڙهو ٿي ويو، ته هڪ ڏينهن انهن پنهنجي پيءَ کي قتل ڪري وڌو ۽ عورتن کي پاڻ ۾ ورهائي ڇڏيو. وڌيڪ اهو ته انهن پنهنجي قتل ڪيل پيءَ کي کائي ڇڏيو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته سندن پيءُ جو روح انهن جي اندر اچي ويو، جنهن کان هو ڊڄندا هئا ۽ انکي برتر سمجهندا هئا. اهڙي طرح انهن پيءَ جي طاقت جي نشان طور ڪجهه جانور مقرر ڪيا. ان کان پوءِ انهن جشن ملهائڻ شروع ڪيا، جنهن ۾ اهي مختلف طريقن سان پنهنجي انهن عقيدن جو اظهار ڪندا هئا. اها شيءِ آهستي آهستي مذهب بڻجي وئي. پر انهيءَ عجيب و غريب نظرئي جو ڪو تاريخي ثبوت محققن کي ملي نه سگهيو. ”پيءُ“ کي مٿي بيان ڪيل طريقي سان قتل ڪري کائڻ جو مثال امڪاني طور تي صرف آسٽريليا ۾ ۽ اهو به هڪ دفعو ملي ٿو، جنهن جا ثبوت به تمام گهڻو غير واضح آهن. ان ڳالهه جي ڪابه تاريخي، علامتي يا ڪا ٻي ثابتي نه ٿي ملي، جنهن مان ثابت ٿئي ته مذهب انهيءَ طرح پٽن جي هٿان پيءُ جي قتل ڪرڻ جي واقعي سان شروع ٿيو. يا هيءُ ته مذهب سموري ڪائنات ۾ هڪ ئي جڳهه کان ڦهلجڻ شروع ٿيو يا هر ملڪ ۾ انهيءَ خاص ڍنگ سان شروع ٿيو.
مذهب جي آغاز جي نفسياتي يا سماجي نظرين جي بلڪل ابتڙ ڪجهه مصنفن اها به دعويٰ ڪئي آهي، ته قديم ترين مذهبي عقيدو هڪ برتر هستيءَ جو عقيدو هو. اينڊ ريولينگ 1898ع ۾ ”مذهب جي تشڪيل“ ۽ ولهلم اسمٿ ”خدا جي تصور جي ابتدا“ ڪتاب شايع ڪيا، جن ۾ وڏي زور سان انهيءَ نظرئي کي پيش ڪيو ويو. لينگ ڊگها سفر ڪيا ۽ ڪيترن سالن تائين سموري دنيا مان ثابتيون گڏ ڪندو رهيو ۽ پوءِ ٻڌايو ته هڪ خدا جو عقيدو انتهائي ابتدا وارن انسانن ۾ موجود هو، ان کي مذهب جي پهرين صورت چئي سگهجي ٿي. ان کان پوءِ جي محققن ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته ابتدائي قبيلن ۾ هڪ خدا جو تصور بلڪل موجود هو، پر گڏوگڏ اهو به لکيو آهي، ته ٻين ديوتائين جو عقيدو پڻ ملي ٿو.اهڙي طرح هڪ خدا جو تصور ڄڻ ڪيترن کي مڃڻ جوهڪ جُز آهي.
مذهب جي شروعات جي باري ۾ گذريل مفروضن جي غلط ثابت ٿيڻ ڪري هاڻي انهيءَ ميدان ۾ تحقيق ڪندڙ عالم ۽ محقق تمام گهڻو محتاط ٿي ويا آهن. هاڻي جيڪڏهن مذهب ايتروئي پراڻو آهي، جيترو انساني غور وفڪر جي تاريخ ته پوءِ ايڏي آڳاٽي ماضيءَ سان تعلق هئڻ ڪري، ظاهري طور تي اهو ناممڪن ٿي ويو آهي ته ان جي شروعات جي باري ۾ ڪا مڃيل ثابتي ملي سگهي. روماني محقق مرڪيا الياڊاجي لفظن ۾ ”موجوده زماني ۾ مذهب جا مؤرخ اهو ڄاڻن ٿا، ته اهو ناممڪن آهي، ته مذهب جي ابتدائي شڪل کي معلوم ڪري سگهجي.“
ماضيءَ ۾ مذهب جي محققن جو خيال هو، ته جيڪڏهن اهو ثابت ڪري سگهجي، ته مذهب جي شروعات ڪجهه وهمي خيالن سان ٿي، ته پوءِ بعد جي ترقي يافته مذهبي شڪلين کي بي بنياد ثابت ڪري سگهجي ٿو، پر هاڻي انهيءَ خيال جو علمي لحاظ کان خاتمو ٿي چڪو آهي. مذهب کي نفسياتي فريب يا سماجي فريب ثابت ڪرڻ جوخواب به بي تعبير ٿي چڪو آهي. هاڻي ته اهو ذهن ٺهي رهيو آهي، ته مذهب جيئن اڄ آهي، ان کي ان شڪل ۾ سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، نه ڪي ان جي ابتدائي صورتن کي دريافت ڪرڻ جي بي فائدي ڪوشش ۾وقت ضايع ڪيو وڃي.
مذهبي ارتقا جي ابتدائي شڪل کي ڳولڻ جو ذهن ڊارون جي نظرئي کان پوءِ جي پيدا وار آهي. هيءُ فرض ڪيو ويو، ته وحشي قبيلا، جيڪي اڄ به جهنگلن ۾ رهن ٿا، سي ابتدائي دور جي انسانن جي باقيات آهن ۽ مهذب سماج ۾ رهندڙ ترقي يافته دور جا انسان؛ ته پوءِ انهيءَ جو اهو مطلب ٿيو، ته وحشي قبيلن ۾ جيڪو مذهب جو تصور موجود آهي، سو مذهب جي باري ۾ شروعاتي رجحانن جي نشاندهي ڪري ٿو ۽ مهذب سماج ۾ جيڪو مذهب آهي، سو وري مذهب جي ترقي يافته شڪل ٻڌائي ٿو. پر اهو خيال تمام تڪڙ ۾ قائم ڪيو ويو، جڏهن ته حقيقتون ان جي ترديد ڪن ٿيون. مثال طور ڪي اهڙا ابتدائي قبيلا به ملن ٿا، جن ۾ هڪ خدا جو عقيدو موجود آهي جڏهن ته ٻڌ مت کي مڃيندڙ ڪيترا ترقي يافته انسان خدا کي نه ٿا مڃين.
هڪ طرف علم الانسانن انهيءَ مفروضي کي غلط ثابت ڪيو آهي ته مذهب انساني نفسيات يا انساني سماج جي پيداوار آهي، ته وري ٻئي طرف سائنس، (يقيني علم) جي ذريعي وڌ کان وڌ اهڙي معلومات سامهون اچي رهي آهي، جيڪا جيتوڻيڪ سنئون سڌو نه تڏهن به ڪنهن واسطي سان، هيءُ ثابت ڪري رهي آهي ته انسان ۽ ڪائنات جي حقيقت جي باري ۾ اهوئي رايو صحيح آهي، جيڪو مذهب اسان کي ٻڌائي رهيو آهي.
اڻ سڌو اعتراف
ڊاڪٽر سبرا نيم چندر شيکر هڪ مشهور سائنسدان آهي. 31 مئي 1987ع تي هندستان ٽائيمس ۾ انٽرويو ڏيندي چيائين، ته مان هڪ ملحد انسان آهيان ۽ خداجي وجود تي يقين نه ٿو رکان. ان سان گڏوگڏ هن هڪ ٻي ڳالهه به چئي جيڪا اڻ سڌي طرح خدا جي وجود جي اقرار برابرآهي.
”ڪائنات ۾ ڪجهه اهڙا پهلو آهن، جيڪي انتهائي حد تائين انساني سمجهه کان مٿي آهن، آئن اسٽائن، شروڊنگر ۽ ٻين ڪيترن فلاسفرن جو چوڻ آهي، ته فطرت جي باري ۾ سڀ کان وڌيڪ سمجهه ۾ نه ايندڙ ڳالهه هيءَ آهي ته اها سمجهه ۾ ايندڙ آهي. آخر ائين ڪيئن آهي ته انساني دماغ، جيڪو ڪائنات جي ڀيٽ ۾ تمام ننڍو آهي ۽ فلڪياتي وقت جي مقابلي ۾ جنهن جي زندگيءَ جو وقفو نهايت ئي گهٽ آهي، اهو خيالن ۾ انهيءَ حقيقت کي سمجهي وٺي ٿو جيڪي پاڻ انساني دماغ جي پيداوار آهن. انهيءَ سوال ڪپلر کان وٺي اڄ تائين ڪيترن ئي ماڻهن کي پريشان ڪري وڌو آهي. رياضياتي گفتگو ۾ حقيقت ڇو ٿي هجي. رياضيات هڪ اهڙي شيءَ آهي، جنهن کي انساني دماغ ٺاهيو آهي، پوءِ اها خارجي فطرت سان هم آهنگ ڪيئن ٿئي ٿي؟ انهن سوالن جو جواب اسان وٽ نه آهي. انهيءَ جو مطلب اهو نه آهي، ته ڪائنات منظم آهي، تنهن ڪري ضروري آهي ته ان کي ڪنهن قوت منظم ڪيو آهي، پر ائين ڇو آهي ته اسان ڪائنات کي اهڙن اصطلاحن ۾ سمجهي سگهون ٿا، جن کي اسان خود پاڻ ئي ٺاهيو آهي.
سائنسدانن جو هيءُ تبصرو تمام گهڻو عجيب هجڻ سان گڏوگڏ بي حد سبق آموز پڻ آهي ته ڪائنات جو سمجهه ۾ اچڻ ئي سڀ کان وڌيڪ سمجهه ۾ نه ايندڙ معاملو آهي.
سائنسدان جڏهن ڪائنات جو مطالعو ڪري ٿو، ته کيس ڪائنات جي اندر انتهائي ڪامل درجي جو نظم ۽ ضبط نظر اچي ٿو، هاڻي جڏهن هن اڳواٽ ئي اهو خيال پنهنجي ذهن ۾ ويهاريو آهي، ته هن نظم جو ڪو ناظم نه آهي، تنهن ڪري کيس سمجهه ۾ نٿو اچي ته هو ناظم کانسواءِ نظم جي وضاحت ڪيئن ڪري. حقيقت هيءَ آهي ته اها حيرانيءَ ۾ وجهندڙ ڳالهه، مذڪوره گهڙيل خيال جو نتيجو آهي؛ هاڻي جڏهن مذڪوره مفروضي کي درست ڪبو ته پوءِ حيرانيءَ واري ڪيفيت پاڻمرادو ختم ٿي ويندي.
درحقيقت ڪائنات جي باري ۾ سڀ کان وڌيڪ سمجهڻ جي ڳالهه اها آهي، ته ان کي سمجهڻ ڪو مشڪل مسئلو نه آهي. ڪائنات هڪ خالق جي خلقيل ۽ هڪ ناظم جو نظام آهي. جڏهن ائين آهي، ته پوءِ ان لاءِ سڀ کان وڌيڪ مناسب ڳالهه اهائي آهي، ته اها سمجهه ۾ ايندڙ هجي، ته جيئن اها هڪ باشعور حڪيم جو حڪيما نه ڪارنامو نظر اچي.