سائنس توحيد ڏانهن
ڪشش جو قانون هڪ ڪهاڻيءَ مطابق نيوٽن ان وقت معلوم ڪيو، جڏهن ان صوف جي وڻ مان صوف کي هيٺ ڪرندي ڏٺو. صوف مٿي ڇو نه ويو ۽ هيٺ زمين تي ڇو آيو، انهيءَ سوال کيس ان جواب تائين پهچايو، ته زمين ۾ ۽ اهڙي طرح ٻين سمورن سيارن ۾ ڇڪ ۽ ڪشش جي قوت جو عمل دخل آهي. بعد ۾ آئن اسٽائن هن نظريي ۾ ڪجهه فني سڌارا آندا. اُن هوندي به اصلي نظريو اڄ به سائنس جي دنيا ۾ فطرت جي هڪ مڃيل حقيقت جي طور تي قبول ڪيو وڃي ٿو. مقناطيسي قانون جو تجربو پهريون ڀيرو فريڊي 1821ع ۾ ڪيو. ان ڏيکاريو ته بجليءَ جي قوت ۽ مقناطيس جي قوت هڪ ٻئي سان گهرو تعلق رکن ٿيون. مقناطيس ۽ حرڪت کي جيڪڏهن گڏ ڪجي ، ته بجلي پيدا ٿي وڃي ٿي، ۽ جيڪڏهن مقناطيس ۽ بجليءَ جي لهر کي گڏ ڪبو ته حرڪت وجود ۾ اچي وڃي ٿي.
ابتدائي پنجاهه سالن تائين سمورن طبعي واقعن جي وضاحت لاءِ مٿيان بيان ڪيل ٻئي اصول ڪافي سمجهيا پئي ويا، پر موجوده صديءَ جي شروع ۾ جڏهن ايٽم جي اندروني ڍانچي بابت معلومات ۾ اضافو ٿيو ۽ اهو به معلوم ٿيو ته ايٽم کان به ننڍڙا ذرڙا موجود آهن جيڪي ايٽم جي اندر ڪم ڪن ٿا، ته طبعي نظرين ۾ تبديلي شروع ٿي وئي. هتان کان طاقتور نيوڪليئر سگهه ۽ ڪمزور نيوڪليئر سگهه جي نظرين جنم ورتو. ايٽم جو اندروني مرڪز (نيوڪليس) اليڪٽرانن سان گهيريل آهي، جيڪي پروٽان نالي ذرڙن کان تمام گهڻو ننڍڙا ۽ هلڪا ٿيندا آهن، پر ان جو مطالعو ٻڌائي ٿو، ته هر اليڪٽران ايتري طاقت رکي ٿو، جيتري هڪ ڳرو پروٽان طاقت رکي ٿو، البت اهي ٻئي هڪ ٻئي جو ضد آهن. اليڪٽران ڪاٽو برقي چارج ٿئي ٿو ۽ پروٽان واڌو برقي چارج. اليڪٽران ايٽم جي ٻاهرين طرف اهڙي طرح گردش ڪن ٿا، جو انهن جي ۽ ايٽم جي مرڪز نيوڪليس جي وچ ۾ وڏو فاصلو رهي ٿو پر ڪاٽو چارج ۽ واڌو چارج ٻنهي ۾ هڪ جيترا ٿين ٿا، انهيءَ بنياد تي ايٽم خود مجموعي لحاظ کان نيوٽرل ۽ قائم رهي ٿو. هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي، ته ائٽم جو مرڪز بذات خود قائم ڇو ٿو رهي؟ اليڪٽران ۽ پروٽان الڳ الڳ ٿي پکڙجي ڇو نه ٿا وڃن؟ قائم رهڻ جي وضاحت علم طبعي جي روشنيءَ ۾ هيءُ ٻڌائي وئي آهي ته پروٽان ۽ نيوٽران جي ويجهو هڪ نئين قسم جي طاقتور ڪشش واري قوت موجود هوندي آهي. هيءَ قوت هڪ قسم جي ذرڙن مان نڪري ٿي، جن کي ميسن (masons) چئجي ٿو، ايٽم جي پروٽان ۽ نيوٽران جا ذرڙا بنيادي طور تي هڪ جيتري قوت وارا سمجهيا ويندا آهن. مقناطيس جي ٻن ٽڪرن کي کڻو ۽ ٻنهي کي ساڳين پاسن يعني اتر پاسي کي اتر سان ۽ ڏکڻ کي ڏکڻ پاسي سان ملايو ته اهي هڪ ٻئي کي پري ڌڪيندا. انهيءَ عام طبعي اصول مطابق پروٽان ۽ نيوٽران کي هڪٻئي کان پري ڀڄڻ گهرجن، پر ائين ٿئي ڪونه ٿو، ڇاڪاڻ ته پروٽان ۽ نيوٽران هر لمحي بدلجندا رهن ٿا ۽ ان بدلجڻ دوران ”ميسن“ جي شڪل ۾ قوت خارج ڪن ٿا؛ جيڪا انهن کي پاڻ ۾ جوڙي ٿي. اهائي طاقتور نيوڪليئر قوت آهي. اهڙي طرح سائنسدانن اهو به ڏٺو ته ايٽم جا ذرڙا (نيوٽران ۽ ميسن) اوچتو ٽٽي پون ٿا، اها صورتحال ريڊيم ۾ پيش اچي ٿي. ايٽم جي ذرڙن جو انهيءَ طرح اوچتو ٽٽڻ، علم طبعي جي مڃيل تعليل جي اصول جي خلاف آهي. ڇاڪاڻ ته اڳواٽ اهو نه ٿو ٻڌائي سگهجي، ته ايٽم جي ذرڙن مان ڪهڙو ذرڙو پهريائين ٽٽندو. اهو سڀڪجهه اتفاقي مڃيو وڃي ٿو. انهيءَ مظهر جي وضاحت لاءِ جيڪا پراسرار طاقت ايٽم ۾ فرض ڪئي وئي، ان جو نالو ڪمزور نيوڪليئر طاقت آهي. سائنسدان انهيءَ ڳالهه تي يقين رکندا آيا آهن ته ڪائنات ۾ ظاهر ٿيندڙ واقعن ۾ اهي مذڪوره چار قوتون ئي ڪم ڪري رهيون آهن، پر سائنس پنهنجي فطرت جي لحاظ کان هميشه وحدت جي ڳولا ۾ رهي ٿي. ڪائنات جي سائنسي مطالعي مان پتو پوي ٿو ته سموري ڪائنات انتهائي متوازن هلي رهي آهي. اها حيرت انگيز موافقت ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري ٿي، ته ضرور ڪو هڪ قانون آهي، جنهن جو فطرت جي هن سموري نظام ۾ عمل دخل آهي. ان ڪري علم طبعي مستقل طور تي هڪ متفق اصول (Unified theory) جي ڳولا ۾ آهي. سائنس هر وقت ان جدوجهد ۾ لڳل آهي ته هو فطرت جي قانونن ۾ ڪمي آڻيندي ڪو اهڙو فطرتي اصول ڳولهي هٿ ڪري، جيڪو فطرت جي سمورن واقعن جي وضاحت ڪندڙ هجي.
آئن اسٽائن مٿين اصولن مان پهرين ٻن قانونن يعني ڪشش ۽ برقي مقناطيس، کي پاڻ ۾ ملائڻ واري عمل جي ڪوشش ڪئي ۽ ان ۾ هن ٢٥ سالن کان وڌيڪ عرصي تائين محنت ڪئي پر هو ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو. چيو وڃي ٿو، ته هن پنهنجي موت کان ڪجهه ڏينهن پهريائين پنهنجي پٽ کي چيو هو، ته ڪاش مان علم رياضيءَ ۾ اڃا وڌيڪ ڄاڻ رکان ها؛ ته هوند انهيءَ مسئلي کي حل ڪري وٺان ها. ڊاڪٽر عبدالسلام ۽ ٻن آمريڪي سائنسدانن (گلاسگو ۽ وين برگ) کي 1979ع ۾ علم طبعي ۾ گڏيل نوبل انعام مليو، سو به کين انهيءَ قسم جي تحقيق تي ڏنو ويو. انهن مٿي ذڪر ڪيل فطري قانونن مان آخري ٻن (طاقتور ۽ ڪمزور نيوڪليئر قوتن) کي هڪ اڪيلي رياضياتي اسڪيم ۾ گڏ ڪيو. ان جي ذريعي انهن ثابت ڪيو، ته ٻئي قانون اصل ۾ هڪ ئي آهن، اهڙيءَ طرح انهن چئن قوتن کي گهٽائي ٽن تي آندو ۽ انهيءَ نظرئي جو نالو جي_ايس_ڊبليو نظريو (G.S.W theory) رکيو ويو. انهيءَ سموري دريافت جو سهرو ڊاڪٽر عبدالسلام جي سر ڏانهن وڃي ٿو. پر کيس اهو انعام اڪيلي سر نه ملڻ دراصل انهيءَ ذهني پس ماندگيءَ جي قيمت هئي، ته هن جو تعلق پاڪستان سان هو ۽ اتي انهيءَ قسم جو تحقيقي سازوسامان موجود نه آهي. ڇاڪاڻ ته دنيا جي نظر ۾ اهڙي قسم جي تحقيق اهڙن ادارن ۾ ٿي سگهي ٿي، جن وٽ اربن کربن جي انگ ۾ پئسو هجي، انتهائي قيمتي مشينون هجن، ۽ ظاهر آهي، ته اهڙا ادارا آمريڪا، جاپان يا مغربي يورپ ۾ آهن.
سائنس جيتوڻيڪ پنهنجو پاڻ کي ”ڇا آهي“ واري سوال تائين محدود رکيو آهي ۽ ”ڇو آهي“ واري سوال تائين وڃڻ جي ڪوشش نه ٿي ڪري. ان هوندي به اها هڪ حقيقت آهي، ته سائنس جيڪا دنيا ڳولي لڌي آهي، سا ايترو ته ڏکي ۽ حيرت انگيز آهي، جو ان کي ڄاڻڻ کان پوءِ ڪوبه ماڻهو”ڇو آهي“ واري سوال پڇڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهي. ميڪسيويل (79_1831ع) اهو شخص آهي، جنهن برقي مقناطيسي تعامل جي قانونن کي علم رياضيءَ جي مساواتن ۾ نهايت ڪاميابيءَ سان بيان ڪيو. انسان کان ٻاهر فطرت جو جيڪو مستقل نظام آهي، ان ۾ ڪم ڪندڙ هڪ قانون ۽ اصول جو انساني ذهن سان بنايل رياضياتي مساواتن ۾ اهڙي عمدي نموني سان پورو لهڻ، ايترو ته عجيب هو، جو ان کي ڏسي بولٽزمن جي زبان مان هي لفظ بي اختيار نڪري ويا، ته ”اهو خدا ڪير هو، جنهن اهي نشانيون لکيون آهن!“