خدا، رسالت، آخرت
[b]خدا جي تمثيل
[/b] خدا جي تمثيل خود انسان جو پنهنجو وجودآهي. انسان جو وجود خدا جي وجود جو دليل آهي. ”خدا“ ڇا آهي؟، هڪ زندهه هستي جيڪا خود پنهنجي ذات ۾ قائم ۽ دائم آهي، جيڪو سوچي، ڏسي ۽ ٻڌي ٿو ۽ پنهنجي ارادي سان عمل ڪرڻ جي طاقت رکي ٿو، هو خود پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي ٿو ۽ هر شيءَ کان مڪمل طور تي واقف آهي. هو سڀني موجودات کان الڳ پنهنجي هڪ سڃاڻپ يا ”انا“ رکي ٿو.
اهو سڀ ڪجهه بلڪل اهوئي آهي، جنهن کي ”انسان“ جي صورت ۾ اسان مان هر شخص سڃاڻي ٿو. هر ماڻهو ”مان“ کان چڱي طرح واقف آهي. خدا تي ايمان انهيءَ ”مان“ جي هڪ بر ترصورت تي يقين رکڻ آهي. انسان جن صفتن ۽ خوبين سان پنهنجي ذات جو تجربو ڪري رهيو آهي، انهن ئي صفتن ۽ خوبين واري هڪ ٻي برتر ذات آهي، جنهن کي اسان خدا يا الله چئون ٿا.
جيڪڏهن منهنجو وجود يقيني آهي، ته پوءِ خدا جو وجود ڇو غير يقيني آهي؟ جيڪڏهن مان هڪ جڳهه تي ويهي ڪائنات کي ڏسي رهيو آهيان، ته پوءِ ان ۾ ڪهڙو عجب آهي، جو اهڙي طرح هڪ عظيم ۽ اعليٰ هستي ڪٿي ويهي ڪري ڪائنات جو مشاهدو ڪندي هجي. جيڪڏهن مان ريمورٽ ڪنٽرول سرشتي جي ذريعي خلا ۾ هڪ مشين کي هلائي سگهان ٿو، ته ان ۾ تعجب جي ڪهڙي ڳالهه آهي، ته هڪ خدا پنهنجي مخصوص نظام سان ڪائنات کي هلائي رهيو هجي! جيڪڏهن مان پنهنجي عدل جي تصور مطابق ڪنهن کي سزا يا انعام ڏيان ٿو، ته پوءِ انهيءَ ۾ ڪهڙي ڳالهه غير معقول آهي، جو اهڙي طرح هڪ طاقتور خدا سڀني انسانن تي پنهنجي عدل جي تصور مطابق سزا ۽ جزا کي لاڳو ڪري!
حقيقت هيءَ آهي ته خدا کي مڃڻ ائين آهي، جيئن پنهنجو پاڻ کي مڃڻ. خدا جي وجود کي تسليم ڪرڻ ائين ئي آهي، جيئن انسان جي وجود کي تسليم ڪرڻ. خدا کي مڃڻ بيشڪ عجيب آهي، پر انسان کي مڃڻ به ايتروئي عجيب آهي؛ ته پوءِ هڪ عجيب کي مڃڻ کان پوءِ ٻئي عجيب کي مڃڻ ۾ ڪهڙي رڪاوٽ آهي؟
[b]رسالت جي تمثيل:
[/b] ”مان لنڊن کان ڳالهائي رهيو آهيان. هاڻي اوهان تازيون خبرون ٻڌندا،“ اهي لفظ هڪ شخص اسان کان پري لنڊن ۾ ويهي چوي پيو. اسان ان کي سئون سڌو ٻڌي نه ٿا سگهون. پر جڏهن اسان پنهنجو ريڊيو کوليون ٿا، ته فوراً اسان کي اهو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.
پري کان هڪ ريڊيو اسٽيشن تان اسان جي سمجهڻ واري ٻوليءَ ۾ اسان لاءِ پروگرام نشر ٿين ٿا، اسان انهيءَ آواز کي سنئون سڌو پنهنجي ڪنن سان ٻڌي نه ٿا سگهون. پر جڏهن اسان هڪ ريڊيو سيٽ جو سهارو وٺون ٿا، ته هزارين ميلن کان نشر ٿيندڙ پروگرام اسان کي اهڙي طرح ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، ڄڻ اسانجي ۽ نشرياتي جڳهه جي وچ ۾ فاصلو ختم ٿي ويو هجي ۽ اسان ان کي سنئون سڌو ٻڌي رهيا هجون.
اهڙوئي معاملو بنا ڪنهن تشبيهه جي پيغمبر جو پڻ آهي، پيغمبر ڄڻ اسان لاءِ هڪ ريڊيو سيٽ وانگر آهي، هو اسان جي ۽ خدائي نشرگاهه جي وچ ۾ هڪ يقيني واسطي جو ڪم ڏئي ٿو. جهڙي طرح عام ريڊيو نشر ٿيندڙ جڳهه تان آواز ۽ پروگرام وصول ڪري ٻيهر اسان تائين پهچائي ٿو، اهڙي ئي طرح الله تعاليٰ پيغمبر کي به اها طاقت عطا فرمائي ٿو، ته هو خدا جي طرفان ايندڙ آوازن کي اخذ ڪري سگهي. اهڙيءَ طرح پيغمبر خدا جي خاص توفيق سان انهن آوازن کي واضح طرح سان اخذ ڪري ٿو ۽ پوءِ بنا ڪنهن گهٽ وڌائي جي اسان کي ٻڌائي ٿو.
پيغمبر انسان ۽ خدا جي وچ ۾ هڪ زندهه ريڊيو سيٽ وانگر آهي. جيڪڏهن پيغمبر نه هجي، ته اسان خدائي آواز کي ٻڌي نه ٿا سگهون، بلڪل اهڙي طرح جيئن مشيني ريڊيو سيٽ کانسواءِ ڪوبه شخص تمام پري موجود نشر گاهن تان نشر ٿيندڙ پروگرام کي ٻڌي نه ٿو سگهي. ماڻهو دنياوي نشرگاهن جي نشريات ٻڌڻ چاهين ٿا انڪري هو ريڊيو کي پسند ڪن ٿا. اڄ دنيا ۾ شايد ڪو اهڙو گهر هجي، جنهن ۾ ريڊيو نه هجي، اهڙي طرح جيڪڏهن انسان کي خدائي نشريات جي اهميت جو پتو پئجي وڃي ته هو ند پيغمبر کي دل ۽ جان سان چاهڻ لڳي. هو انهن ڳالهين کي نهايت توجهه ۽ دل جي اطمينان سان ٻڌي، جيڪي پيغمبر ٻڌايون آهن.
پيغمبر جي معاملي کي سمجهڻ ايترو ئي آسان آهي، جيترو ريڊيو جي معاملي کي سمجهڻ. پيغمبر انهيءَ قسم جي هڪ ڪم کي الهامي طور تي ڪري ٿو، جنهن کي ريڊيو مشيني طور تي سرانجام ڏئي ٿو.
[b]آخرت جي تمثيل:
[/b] هڪ ڪمري ۾ ڪجهه ماڻهو ويٺل آهن، جيڪي ڳالهائي رهيا آهن ۽ ٻڌي رهيا آهن. اهي پنهنجي سامهون هڪ پوري دنيا کي ڏسي رهيا آهن، پر هيءَ اها دنيا آهي، جيڪا محسوس طور تي نظر اچي ٿي. ظاهري طور تي انهيءَ محسوس ٿيندڙ دنيا کان سواءِ ٻي ڪا دنيا نه آهي، جيڪا اتي پنهنجو وجود رکندي هجي.
ايتري ۾ هڪ شخص سامهون رکيل ٽيليويزن سيٽ کي هلائي ٿو. اوچتو ان جي شيشي تي هڪ ٻي دنيا نظر اچڻ لڳي ٿي، جيڪا ان کان اڳ ۾ نظر نه اچي رهي هئي. هلندڙ ڦرندڙ انسان، سندن آواز، گهر ۽ سندن ڪارگذاري سڀ اکين آڏو اچي وڃي ٿو.
آخرت جو نظريو هيءُ آهي، ته اسان جي هن موجوده دنيا کان دور هڪ ٻي دنيا آهي، اها دنيا اهڙي طرح هڪ مڪمل دنيا آهي، جهڙي طرح اسان کي نظر ايندڙ هيءَ دنيا. ٽيليويزن ڄڻ ته انهيءَ نظرئي جي عملي تصديق آهي. ٽيليويزن جي تجربي مان معلوم ٿئي ٿو، ته ڪهڙي طرح هن محسوس دنيا ۾هڪ ٻي دنيا موجود ٿي سگهي ٿي. ٽيليويزن جي دنيا اسان جي چوڌاري پوري طرح موجود هوندي آهي، پر اها ان وقت اسان جي مشاهدي ۾ اچي ٿي، جڏهن ٽيليويزن سيٽ کي هلائجي ٿو. اهڙي طرح آخرت واري دنيا پوري طرح هتي موجود آهي، پر اها اسانجي مشاهدي ۾ ان وقت ايندي، جڏهن خدا ان کي ظاهر ڪرڻ جو حڪم ڏيندو.
سائنس ۾ عام طور ڪنهن شيءَ کي ”ماڊل“ جي ذريعي سمجهايو ويندو آهي، موجوده دنيا هڪ قسم جو مادي ماڊل آهي، جنهن جي ذريعي اسان غير مادي حقيقتن کي سمجهي سگهون ٿا. اسان جي هيءَ دنيا هڪ لحاظ کان اعليٰ حقيقتن جو آئينو آهي. انسان جيڪڏهن سنجيدگيءَ سان سوچي، ته کيس هن دنيا جي اندر سندس سمورن سوالن جا جواب ملي سگهن ٿا.
خدا، وحي ۽ آخرت جو تعلق غيب سان آهي. انسان ان کي پنهنجي موجوده نگاهه سان ڏسي نه ٿوسگهي. پر دنيا ۾ ڪيتريون ئي شيون بلڪه سموريون اعليٰ حقيقتون اهڙيون آهن، جيڪي اکين سان نظر نه ٿيون اچن ۽ انسان انهن کي ڪجهه واضح اشارن جي آڌار تي تسليم ڪري ٿو. اهڙوئي معاملو خدا، وحي ۽ آخرت جو آهي، اهي شيون بلاشڪ اکين سان نظر نه ٿيون اچن پر اهڙا واضح ڏسائون موجود آهن، جيڪي اسان کي يقين ڏيارين ٿا ته اهي شيون حقيقي آهن ۽ يقيني طور تي پنهنجو وجود رکن ٿيون. جيڪڏهن انسان سنجيده ٿي سوچي ته انهن کي مڃڻ کان سواءِ نه ٿو رهي سگهي.