مذهب

اسلام جو عقلي مطالعو

ڪائنات جي ابدي حقيقتن کي ڄاڻڻ جي خواهش انساني فطرت ۾ اهڙي طرح سمايل آهي، جو هو ڪنهن به طرح پنهنجو پاڻ کي ان کان الڳ نه ٿو ڪري سگهي. قديم زماني کان وٺي انسان فطرت جي ابدي رازن کي ڄاڻڻ جي جستجوءَ ۾ رڌل رهيو آهي، پر اڃا تائين انهن رازن تائين رسائي حاصل ڪري نه سگهيو آهي. انسان پنهنجي ذاتي ڪوششن سان انهيءَ حقيقت تائين ان ڪري نه پهچي سگهيو آهي،
Title Cover of book اسلام جو عقلي مطالعو

مذهب ڏانهن واپسي

آمريڪا جي ٽائيم ميگزين جي 18 اپريل 1966ع جي خصوصي مضمون جو عنوان هو، ”ڇا خدا مري چڪو آهي“ هي 20 سال پهريائين جي ڳالهه آهي، هاڻي ته مغربي دنيا ۾ اهڙي قسم جا مضمون ۽ ڪتاب لڳاتار شايع ٿي رهيا آهن، جن جو عنوان ان جي بلڪل ابتڙ هوندو آهي، مثال طور ماهوار ”اسپان“ ڊسمبر 1984ع ۾ هڪ تفصيلي رپورٽ شايع ٿي آهي. جنهن جي شهه سرخي هيءَ آهي، ”مذهب ڏانهن واپسي“.
انهيءَ رپورٽ مطابق آمريڪا ۽ ٻين مغربي ملڪن ۾ مختصر وقفي کان پوءِ مذهب نئين سر زنده ٿي رهيو آهي. ڪاليجن ۾ دينيات جا ڪلاس جيڪي پهريائين خالي هوندا هئا سي هاڻ شاگردن سان ڀريل رهن ٿا. چرچ ۽ سينيگاگ (يهودي عبادتخانو)۾ وڃڻ وارن جو تعداد ڪافي وڌي ويوآهي. مذهبي ادب جي پڙهندڙن ۾ غير معمولي اضافو ٿيو آهي ۽ مذهب جي نالي تي وڏي تعداد ۾ ڪانفرنسون منعقد ٿي رهيون آهن. بقول ڪنهن پروفيسر جي، ته هتي مذهب ۾ دلچسپي جو حيرت انگيز اڀار ٿيو آهي.
هڪ مغربي دانشور 1965ع ۾ ”سيڪيولر شهر“ نالي ڪتاب ۾ لکيو هو، ته ماڻهن مقدس شين ۾ دلچسپي وٺڻ ڇڏي ڏني آهي، هاڻي هو پنهنجي ٻئي ڪتاب ”سيڪيولر دنيا ۾ مذهب“ ۾ ڄاڻائي ٿو، ته مذهب ۾ ماڻهن جي دلچسپي نئين سر بحال ٿي وئي آهي، دانشور طبقي جنهن ڪافي عرصي کان شڪ جي بنياد تي مذهب کي نظر انداز ڪري ڇڏيو هو، سو مذهب جي طرف ٻيهر ڏسي رهيو آهي.
ڊينيل بل لکيو آهي، ته 18هين صديءَ جي آخر کان وٺي 19 صديءَ جي اڌ تائين تقريباً هر ترقي پسند مفڪر جو اهو خيال هو ته مذهب ويهين صديءَ ۾ ختم ٿي ويندو. هيءُ خيال عقل جي طاقت جي بنياد تي قائم ڪيو ويو هو. هن نظرئي مطابق انسان پنهنجي دماغ سان پنهنجا مسئلا حل ڪري وٺندو ۽ ان کان پوءِ مذهب پاڻمرادو ختم ٿي ويندو، پر ائين نه ٿي سگهيو. اسان ٽيڪنالوجي جي ذريعي فطرت جي مٿان غير معمولي طاقت حاصل ڪري قدرتي شين کي پنهنجي تابع ته ڪري ڇڏيو آهي پر ان جي باوجود ويهين صدي غالباً انساني تاريخ جي سڀ کان وڏي خوفناڪ صدي آهي.
جيئن ته انسان جا سيڪيولر خدا ناڪام ٿي ويا آهن، انڪري هو روايتي مذهبي خدا جي طرف سڀ کان وڌيڪ ڏسڻ لڳو آهي. هڪ پروفيسر چواڻي مذهبي سوچ هاڪاري سگهه سان ٻيهر اڀري رهي آهي. مذهب ڏانهن هيءُ واپسي دراصل فطرت جي طرف واپسي آهي؛ يعني انهيءَ خدا جي طرف واپسي آهي، جنهن جو احساس انسان جي فطرت ۾ شامل آهي. اها واپسي ان خدا جي طرف نه آهي، جنهن جي نمائندگي انسان پنهنجي موروثي مذهب ۾ ڏسي رهيو آهي.
هارورڊ لا اسڪول جو پروفيسر آلن ڊرشووٽز چيو ته هيءَ وڏي عجيب شيءِ آهي، جو منهنجو نسل مذهب جي طرف واپس اچي. اسان جو تعلق ان نسل سان آهي، جنهن کي هرقسم جي آزادي ۽ ڇوٽِ مليل هئي، پر اسان کي ان ڳالهه جو تجربو ٿيو ته انهيءَ آزاديءَ جي ڪابه پاڙ نه آهي. اهو بي بنياد هجڻ جو احساس ئي آهي جيڪو اڪثر دانشورن کي ٻيهر مذهب جي طرف وٺي آيو آهي. هڪ ٻئي پروفيسر مسٽر ڪولس جو چوڻ آهي، ته مان اهو نه ٿو چئي سگهان، ته مان خدا ۾ عقيدو رکان ٿو. مان روحانيت جي ڳولا ۾ آهيان، نه ڪي ڪنهن خاص مذهب کي مڃڻ وارو آهيان.
منهنجي زندگيءَ ۾ ڪجهه اهڙا لمحا به اچن ٿا، جڏهن مان رڪجي پوندو آهيان ۽ خدا کي پڪارڻ لڳندو آهيان. پر جيڪڏهن توهان مون کان پڇو، ته اهو خدا ڪهڙو آهي ۽ ان جي صورت ڪهڙي آهي ته مان ٻڏتر ۾ پئجي ويندس ۽ رڳو اهو چئي سگهندس ته مان ذهني انتشار جو شڪار ٿي ويو آهيان، جيتوڻيڪ مان نه ٿو چاهيان، ته ذهني انتشار منهنجي سموري زندگيءَ تي پوري طرح ڇائنجي وڃي.
تبصرو:
هيءَ صورتحال جيڪا غير مسلم قومن ۾ پيدا ٿي آهي، سا خود مسلمانن ۾ به پيدا ٿي آهي. موجوده زماني ۾ مسلمانن جي اندر به دين ڏانهن متوجه ٿيڻ جو رجحان نئين انداز ۾ پيدا ٿيو آهي. پر انهيءَ رجحان جو تعلق ڪنهن وقت جي مفڪر يا ڪنهن الله واري بزرگ جي ڪري نه آهي، بلڪه زماني جي حالتن جو لازمي نتيجو آهي. اهوئي سبب آهي، جو اهو رجحان هر قوم ۾ يڪسان طور تي پيدا ٿيو آهي. مسلمان، هندو، سک، عيسائي، يهودي ۽ ٻڌ مت وغيره سمورن ۾ انهيءَ تبديليءَ کي ڏسي سگهجي ٿو، ان ۾ ڪنهن هڪ مذهب يا ٻئي مذهب جو ڪوبه فرق نه آهي.
هن نئين صورتحال جو سبب مغربي انسان جي اها مايوسي آهي، جيڪا کيس موجوده صديءَ ۾ پيش اچي رهي آهي. ويهين صدي عقليت ۽ سائنس جي صدي هئي؛ جديد انسان کي يقين ٿي چڪو هو، ته هو پنهنجي عقل ۽ سائنس وسيلي اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪري وٺندو، جنهن جي اميد پهريائين مذهب مان ڪئي ويندي هئي، پر ان جون اهي اميدون پوريون نه ٿي سگهيون. انسان جي عقليت کيس رڳو بي يقيني تائين ئي پهچايو ۽ سائنس ايٽمي جنگ جا ڪارا ڪڪر کڻي سندس مٿان ڦرڻ لڳي. جيئن ته انسان جو سيڪيولر خدا ناڪام ٿي چڪو هو. انهيءَ ڪري انسانن روايتي خدا جي طرف وڌيڪ توجهه سان ڏسڻ شروع ڪيو.
اهڙي طرح موجوده صورتحال اسان لاءِ هڪ نئون دروازو کوليو آهي. ان خدا جي محفوظ دين (اسلام) جي تبليغ ۽ اشاعت جو هڪ نئون موافق ماحول پيدا ڪيو آهي. اڄ جو انسان خدا ۽ مذهب جي تلاش ۾ نڪتل آهي. پر اهو سڄو فطرت جي زور تي ٿي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته موجوده تحريف ٿيل مذهب انسان جي تلاش جو حقيقي جواب نه ٿا بڻجي سگهن. هن وقت ان ڳالهه جي سخت ضرورت آهي، ته کين يقين ڏياريو وڃي ته جنهن مذهب جي توهان کي تلاش آهي تنهن جو حقيقي جواب محمد ﷺ جو پيش ڪيل دين اسلام ئي آهي. درحقيقت مذهب اسلام انهيءَ بنيادي سچائي جو غير تحريف ٿيل آخري ايڊيشن آهي جنهن کي انسان ڦيرڦار ڪيل مروج مذهبن ۾ ناڪاميءَ جي حالت ۾ تلاش ڪري رهيو آهي.
دنيا جي موجوده حالتن جو تجزيو ڪجي ٿو، ته ائين معلوم ٿئي ٿو، ته خدا انسانن کي پنهنجي رحمت جي دروازي تي آڻي بيهاريو آهي. هو انسانن کي مجبور ڪري کين حقي دين ۾ داخل ڪرڻ چاهي ٿو. حقيقت هيءَ آهي، ته آسمان کان انسانن لاءِ هدايت اچي چڪي آهي. هاڻي اهو اسان جو ڪم آهي ته اسان حق کي حق جي طالبن تائين پهچايون.