مذهب

اسلام جو عقلي مطالعو

ڪائنات جي ابدي حقيقتن کي ڄاڻڻ جي خواهش انساني فطرت ۾ اهڙي طرح سمايل آهي، جو هو ڪنهن به طرح پنهنجو پاڻ کي ان کان الڳ نه ٿو ڪري سگهي. قديم زماني کان وٺي انسان فطرت جي ابدي رازن کي ڄاڻڻ جي جستجوءَ ۾ رڌل رهيو آهي، پر اڃا تائين انهن رازن تائين رسائي حاصل ڪري نه سگهيو آهي. انسان پنهنجي ذاتي ڪوششن سان انهيءَ حقيقت تائين ان ڪري نه پهچي سگهيو آهي،
Title Cover of book اسلام جو عقلي مطالعو

مذهب بابت علمي دليل

قديم زماني ۾ پاڻيءَ کي صرف پاڻي سمجهيو ويندو هو، اڻويهين صديءَ ۾ خوردبين ايجاد ٿي . خوردبين جي ذريعي جڏهن پاڻيءَ کي ڏٺو ويو ، ته معلوم ٿيو ته اهو رڳو پاڻي نه هيو پر ان ۾ بي شمار بيڪٽيريا پڻ موجود آهن، اهڙي طرح آسمان ۾ جيڪي ستارا چمڪندي نظر اچن ٿا، تن جي تعداد جي باري ۾ انسان اهوئي پئي سمجهيو، جيڪو کيس ظاهر اکين سان نظر پئي آيو. پر موجوده زماني ۾ جڏهن آسمان جو مشاهدو دوربين جي وسيلي ڪيو ويو، ته معلوم ٿيو، ته ستارن جو مقدار ان کان تمام گهڻو آهي، جيڪو ظاهري اک سان نظر اچي ٿو. هيءُ هڪ سادو مثال آهي، جنهن سان قديم ۽ جديد زماني جي فرق کي سمجهي سگهجي ٿو. جديد زماني جا مشاهدا يقيني طور تي ٻڌائي رهيا آهن، ته حقيقتون ان کان تمام گهڻيون آهن، جن کي انسان پنهنجي سادي مشاهدي جي آڌار تي هن کان اڳ ۾ سمجهي ويٺو هو، پر اهي فرد جيڪي انهن نون مشاهدن کي سامهون آڻي رهيا هئا، سي پنهنجي کوجنائن ۾ ايترو ته جوش ۾ هئا، جو انهن هڪ ٻي دعويٰ به ڪري وڌي. انهن چيو ته حقيقت اها ئي آهي، جيڪا سنئون سڌو سندن مشاهدي ۾ اچي، ان جي ابتڙ جيڪا شيءِ سئون سڌو مشاهدي ۽ تجربي ۾ نه ٿي اچي سو صرف من گهڙت خيال آهي، ان جو ڪو به وجود ڪونهي.
اڻويهين صديءَ ۾ انهيءَ دعويٰ کي ايڏو ته زور شور سان پيش ڪيو ويو، جو ان جو اثر سڀ کان وڌيڪ مذهب تي پيو. مذهب جن عقيدن جي تعليم ڏئي ٿو، سي سڀ غيبي عقيدا آهن يعني اهي سنوان سڌا اسان جي تجربي ۽ مشاهدي ۾ نه ٿا اچن. انهيءَ بنياد تي ڪيترن ئي ماڻهن اهو سمجهي ورتو، ته مذهب هڪ فرضي شيءِ آهي، حقيقت سان ان جو ڪوبه تعلق نه آهي پر ويهين صدي جي تحقيق انهيءَ صورتحال کي بلڪل بدلائي ڇڏيو، سائنس جي وڌيڪ مطالعي سان انسان کي اهو معلوم ٿيو، ته حقيقتون صرف ايتريون نه آهن، جيڪي سنئون سڌو اسان جي مشاهدي ۾ اچن ٿيون، پر انهن کان مٿانهيون ٻيون به ڪيتريون ئي حقيقتون آهن، پر تمام وڏيون حقيقتون مشاهدن کان مٿانهيون ئي هونديون آهن.
برٽرينڊرسل جي لفظن ۾ علم ٻن قسمن جو آهي: هڪ شين جو علم ۽ ٻيو صداقتن جو علم. اسان سنئون سڌو صرف شين کي ڏسي سگهون ٿا، ان کان پوءِ جيڪي صداقتون آهن، اهي فقط اڻ سڌي مشاهدي ٻين لفظن ۾ استنباطي وسيلي ڄاڻي سگهجن ٿيون. مثال طور روشني، ڪشش، مقناطيس، جو هري طاقت وغيره اهي شيون بلاشڪ ڪائنات جون مڃيل حقيقتون آهن، پر انسان کين سنئون سڌو ڏسي نه ٿو سگهي. اهي صرف سندن اثرن جي ذريعي ڄاڻي سگهجن ٿيون، انسان جي تجربي ۾ ڪجهه شيون اچن ٿيون، جن مان اهو نتيجو ڪڍندو آهي، ته فلاڻي فلاڻي حقيقت ۽ صداقت اتي موجود آهي.
ويهين صديءَ ۾ علم جي انهيءَ تبديليءَ بنيادي طور تي سموري معاملي کي تبديل ڪري ڇڏيو ۽ انسان مجبور ٿي پيو، ته هو اهڙين شين جي وجود جو اعتراف ڪري، جن کي هو سنئون سڌو نه ٿو ڏسي سگهي، البت تجربن ۽ مشاهدن جي ذريعي اڻ سڌي طرح موجود حقيقتن ۽ صداقتن کي معلوم ڪري سگهي ٿو. علم جي انهيءَ تبديليءَ تاريخ ۾ پهريون دفعو مشاهداتي حقيقت ۽ غيبي حقيقت جي فرق کي ختم ڪري ڇڏيو. هاڻي نظر نه ايندڙ شيون به ايتريون ئي اهم بنجي ويون ، جيتريون نظر ايندڙ شيون آهن. هاڻي انسان اهو به مڃڻ تي مجبور ٿي پيو ته تجربي ۽ مشاهدي جي واسطي سان يا استنباط ۽ استخراج جي ذريعي حاصل ڪيل حقيقتن کي عقلي طور تي تسليم ڪري، جيئن سنئون سڌو مشاهدي ۽ تجربي سان حاصل ڪيل شين کي مڃي ٿو. علم جي انهيءَ تبديليءَ موجوده زماني ۾ الهياتي دليل کي بلڪل سائنسي دليل طور متعارف ڪرايو آهي. مثال طور خدا جي وجود تي الاهٰياتي عالمن جو سڀ کان وڏو دليل اهو آهي جنهن کي فلاسافر ڪائنات جي نظم ۽ ضبط جو استدلال (Argument from design) سڏين ٿا. هن استدلال کي اڻويهين صديءَ جي متشدد عالمن مڃڻ کان انڪار ڪيو. انهن چيو ته اهو دليل استنباطي آهي ۽ استنباطي دليل علمي لحاظ کان مڃڻ جي قابل نه آهي پر موجوده زماني ۾ اهو اعتراض بنيادي طور تي ختم ٿي چڪو آهي. اڄ جو انسان مجبور آهي، ته هو ڪائنات جي هن نظم ۽ ضبط مان ڪائنات جي خالق جي دليل کي ايئن ئي علمي ۽ عقلي طور تسليم ڪري، جيئن هو مشين جي ڦيٿي کي حرڪت ڏيڻ سان اليڪٽرانن جي گردش جي نظريي کي عقلي سمجهي ٿو.
قديم يوناني فلاسفرن دنيا جي باري ۾ ڪيترائي خيالي دليل قائم ڪيا هئا، جيڪي بعد ۾ تحقيق سان غلط ثابت ٿي چڪا، مثال طور هي نظريو ته زمين مرڪز ۾ آهي ۽ سج ان جي چوڌاري ڦري ٿو، پر مذهب جو معاملو بلڪل ان کان مختلف آهي. مذهب جا جيڪي حقيقي عقيدا آهن، سي سائنسي تحقيق سان واضح طور تي ثابت ٿيندا پيا وڃن. هيءُ هڪ اهڙو واقعو آهي، جيڪو مذهب جي صداقت کي، تجرباتي بنياد تي ثابت ڪري رهيو آهي. مذهبي عقيدا جيڪڏهن بي بنياد دليل تي قائم ڪيا ويا هجن ها، ته بعد جي علمي تحقيق ان جي ترديد ڪري ها ۽ نه ڪي تصديق. انهيءَ واضح ثبوت کان پوءِ به جيڪي ماڻهو مذهب جي صداقت کي نه ٿا مڃين، سي علم ۽ عقل جي بنياد تي نه پر هٺ ڌرميءَ جي بنياد تي انڪار ڪن ٿا.