مذهب

اسلام جو عقلي مطالعو

ڪائنات جي ابدي حقيقتن کي ڄاڻڻ جي خواهش انساني فطرت ۾ اهڙي طرح سمايل آهي، جو هو ڪنهن به طرح پنهنجو پاڻ کي ان کان الڳ نه ٿو ڪري سگهي. قديم زماني کان وٺي انسان فطرت جي ابدي رازن کي ڄاڻڻ جي جستجوءَ ۾ رڌل رهيو آهي، پر اڃا تائين انهن رازن تائين رسائي حاصل ڪري نه سگهيو آهي. انسان پنهنجي ذاتي ڪوششن سان انهيءَ حقيقت تائين ان ڪري نه پهچي سگهيو آهي،
Title Cover of book اسلام جو عقلي مطالعو

اسلام ۽ سائنس

هڪ دفعي منهنجي ملاقات هڪ اهڙي شخص سان ٿي جنهن سائنس ۾ ڊگري ورتي هئي ۽ ان سان گڏ هن مذهب ۽ تاريخ جو مطالعو به ڪيو هو. هو خدا ۽ مذهب کي نه پيو مڃي. ڳالهين دوران هن سوال ڪيو ته جيڪڏهن اسلام کي تاريخ کان ٻاهر ڪڍيو وڃي ته انساني تاريخ ۾ ڪهڙي کوٽ رهجي ويندي؟ مون چيو ته اهائي جيڪا اسلام کان پهريائين انساني تاريخ ۾ هئي.
زمين تي انسان هزارين سالن کان آباد آهي، پر معلوم تاريخ مطابق اسلام کان پهريائين ڪنهن به دور جي انسان کي انهيءَ شعبي تائين رسائي نه ٿي سگهي، جنهن کي اڄ جي دور ۾ سائنس چئجي ٿو. ان جو ڪهڙو سبب آهي، ان جو سبب بلڪل صاف آهي. اسلام کان پهريائين جي دور ۾ انسان تي شرڪ جو غلبو قائم هو. اهو ئي شرڪ ڪائنات جي فطرت جي تحقيق ڪرڻ ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ هو. ڇاڪاڻ ته شرڪ جي عقيدي مطابق فطرت جا مظهر پوڄڻ جي شيءِ بڻيل هئا. جڏهن ته سائنس جي شروعات اُن وقت ٿئي ٿي، جڏهن انهن مظهرن کي تحقيق ۽ تسخير جي قابل شيءِ سمجهيو وڃي. مشرڪ انسان جڏهن چنڊ کي ديوتا سمجهندو هو، تڏهن سندس سوچ جو رخ انهيءَ طرف ڪيئن ٿي سگهيو ٿي ته هو چنڊ تي پنهنجا قدم رکي. هو سيلاب کي خدا جو جُز سمجهندو هو، ان ڪري ان لاءِ اهو سوچڻ ممڪن ئي نه هو، ته هو سيلاب کي قابو ۾ رکي ان مان بجلي پيدا ڪري. تاريخ ۾ اسلام پهريون ڀيرو شرڪ کي مغلوب ڪري توحيد کي غالب ڪيو. ٻين لفظن ۾ انسان کي اهو ذهن نشين ڪرايو ته خدا صرف هڪ آهي، باقي سموريون شيون مخلوق آهن. اهڙي طرح اسلام ڪائنات جي فطرت تي تحقيق جو رستو کوليو ۽ آخرڪار اهي سموريون ترقيون وجود ۾ آيون، جيڪي قدرت تي فتح جي نتيجي ۾ انسان کي حاصل ٿين ٿيون. حقيقت هيءَ آهي ته اسلام جو اصل مقصد اهو نه آهي ته دنيا کي سائنس جي باري ۾ متوجهه ڪري، پر انهيءَ ۾ به ڪو شڪ نه آهي ته جيڪڏهن اسلام نه اچي ها ته سائنسي ترقي جو دروازو انسان لاءِ بند رهي ها. جيئن ان کان پهريائين اهو انسانن لاءِ بند پيو هو. سائنسي تحقيق ۽ ترقيءَ جي سلسلي ۾ توحيد جي انهيءَ اهميت کي آرنلڊ ٽائن بي (1975-1889ع) کليل لفظن ۾ تسليم ڪيو آهي. (وڌيڪ ڏسو مصنف جو ڪتاب ”ظهور اسلام“ ص 146).

[b]سائنس اسلامي انقلاب مان پيدا ٿي.
[/b] توحيد جي بنياد تي جيڪو فڪري انقلاب آيو، ان جي بهترين نتيجن مان هيءَ به هو ته انسان هن طبعي ڪائنات کي انهيءَ نظر سان ڏسڻ لڳو ته هيءَ بيوس مخلوق آهي ۽ انسان کي اهو حق حاصل آهي ته هو ان کي ڄاڻي ۽ ان کي پنهنجي استعمال ۾ آڻي. ان ذهن جي شروعات اموي دور (750-661ع) ۾ دمشق ۾ ٿي. قديم يوناني ڏاهن وٽ ڪيميا چانديءَ مان سون ٺاهڻ جي جُنون جو نالو هو. خالد بن يزيد بن معاويه غالباََ پهريون شخص آهي، جنهن جي خلافت جي زماني ۾ هن علم جي شعبي بغداد ۾ وڌيڪ فروغ حاصل ڪيو ۽ اسپين ۽ سِسلي تائين پکڙجندو ويو. ان زماني ۾ مسلمان علمي ۽ تمدني ترقيءَ ۾ دنيا جي سمورين قومن کان اڳتي وڌيل هئا. يورپ جا مورخ تاريخ جي هن دور کي ”اونداهو دور“ سڏين ٿا. پر اهو دور صرف يورپ لاءِ اونداهو هو، نه ڪي مسلم دنيا لاءِ. ورلڊ بوڪ انسائيڪلو پيڊيا جو مقاله نگار ”ڊارڪ ايجز“ جي عنوان سان لکي ٿو، ”تاريخ جي اونداهي دور جو اصطلاح شاندار عرب تهذيب تي لاڳو نه ٿو ڪري سگهجي، جيڪا اتر آفريڪا ۽ اسپين تائين ڦهليل هئي.“
شرڪ ڪهڙي طرح سائنسي تحقيق ۾ رڪاوٽ هو. ان جي وضاحت لاءِ اسان هڪ مثال نقل ڪريون ٿا. قديم يونان ۾ زمين ۽ سج جي گردش جي باري ۾ ٻه نظريا پيش ڪيا ويا. ارسٽارڪس جي نظريي مطابق زمين کي سج جي چوڌاري گهمندي فرض ڪيو ويو آهي. ٻيو ٽالميءَ جو نظريو جنهن مطابق سج زمين جي چوڌاري ڦري رهيو آهي. پهرئين نظرئي مطابق زمين بظاهر گول هئي ۽ ٻئي نظرئي ۾ اڀريل مٿاڇري وانگر. قسطنطين، (337-272ع) جي مسيحيت قبول ڪرڻ کان پوءِ جڏهن عيسائيت کي يورپ ۾ غلبو حاصل ٿيو، ته انهن ٽالميءَ جي نظرئي جي سرپرستي ڪئي ۽ ٻئي نظرئي کي طاقت جي زور سان دٻايو. ان جو سبب هيءَ هو ته مسيحيت حضرت مسيح عه کي خدا سمجهيو هو. ان عقيدي مطابق زمين کي اها سعادت حاصل هئي ته اُها خدا جي ڄمڻ جي جاءِ آهي ۽ جيڪو سيارو خدا جي جنم ڀومي هجي اهو ڪنهن ٻئي سياري جي تابع ڪيئن ٿو ٿي سگهي. زمين کي اهڙي طرح مقدس سمجهڻ جو نتيجو اهو ٿيو، جو ان جي باري ۾ تحقيقي ڪم اڳتي وڌي نه سگهيو، مشرڪانه مذهب ۽ سائنس جي ٽڪراءَ جا وڌيڪ مثال ڊريپر (1882-1811ع) جي ڪتاب ”مذهب ۽ سائنس جو ٽڪراءُ“ ۾ ڏسي سگهجن ٿا.
عباسي خليفي مامون (833ع – 786ع) جي زماني ۾ بيت الحڪمت قائم ٿيو ۽ حڪومت جي خصوصي تعاون سان ٻنهي قسم جي نظرين جا ڪتاب عربي زبان ۾ ترجمو ڪيا ويا. مسلمانن جڏهن اعتقادي پيچيدگين کان آزاد ٿي ڪري ٻنهي نظرين کي جاچيو، ته کين پهريون نظريو حقيقت جي ويجهو نظر آيو. خليفو مامون جيڪو پاڻ به وڏو ماهر عالم هو، هن انهيءَ مسئلي جي اهميت کي محسوس ڪيو. هن علم فلڪيات ۽ جاگرافي جي عالمن کي حڪم ڏنو ته هو زمين کي گول تصور ڪندي ان جو دائرو (circum ference) معلوم ڪن ۽ ان لاءِ ڪنهن کليل ميدان ۾ زميني درجي (terrestrial degree) جي ڊيگهه جي پيمائش ڪن. ان کان پوءِ زمين جي پوري گولائيءَ جو اندازو لڳائين. انهيءَ زماني ۾ مسلمانن وٽ حسابن جي اوزارن ۾ ڪنڊ ماپڻ جو سادو اوزار (quardrant)، اصطُرلاب، شمسي گهڙي ۽ معمولي گلوب هئا. اهڙي قسم جي چند شين سان انهن پنهنجي جدوجهد شروع ڪئي.
انهيءَ مقصد لاءِ سنجار (Pelmyra) جو وسيع هموار ميدان منتخب ڪيو ويو. هڪ جڳهه تي اتر قطب جي بلنديءَ سان هڪ ڪنڊ قائم ڪري اتر جي طرف ڏوريءَ سان ان کي ماپڻ شروع ڪيو ويو. 56 ميل اتر ڏانهن وڃڻ سان اتر قطب جي اوچائي جي ڪنڊ ۾ هڪ درجو ڊيگهه وڌي وئي. ان سان معلوم ٿي ويو ته هڪ درجي جي فاصلي تي زمين جي سطح جيڪڏهن56 ميل آهي ته زمين جو ڪل گول دائرو 20 هزار ميلن کان وڌيڪ هئڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هر نقطي تي سڀني ڪنڊن جو مجموعو 360 درجه ٿئي ٿو ۽ 360 کي 56 سان ضرب ڪبو ته 20401 ميلن جو فاصلو نڪري ٿو. ٻيهر اهو تجربو فرات نديءَ جي اتر ۾ ڪوفه جي صحرا ۾ ڪيو ويو ۽ ٻيهر به اهو ئي نتيجو نڪتو. هيءَ پيمائش حيرت انگيز طور تي صحيح مڃڻ جوڳي هئي. ڇاڪاڻ ته موجوده زماني ۾ صحيح پيمائش جي مطابق زمين جو دائرو خط استوا تي 25 هزار ميل آهي. وچين د‍ؤر ۾ مسلمانن جي سائنسي ترقيءَ جو وڌيڪ تفصيل پروفيسر فلپ هِٽي، جي ڪتاب ”تاريخ عرب“ ۾ ڏسي سگهجي ٿو.

[b]سائنس جي مسلم دنيا کان علحيدگي.
[/b] علم جي مختلف شعبن ۾ مسلمانن جي ترقي جاري هئي، ته پاڻ ۾ اختلافن جي نتيجي ۾ عرب خلافت جو نظام ٽٽي ويو ۽ اسلام جو جهنڊو عثماني ترڪن (1922ع – 1517ع) سنڀاليو. اهڙي طرح سورهين صدي عيسويءَ ۾ اسلام جي سياسي نمائندگيءَ جو مرڪز عرب دنيا مان نڪري ترڪيءَ ڏانهن منتقل ٿي ويو، جتان تاريخ جو هڪ نئون انقلاب آيو ۽ ان واقعن جي رخ کي بلڪل ٻئي طرف موڙي ڇڏيو.
تاريخ جي اها عجيب ستم ظريفي آهي ته هڪ شخص ڪنهن لحاظ کان وڏي مفيد خدمت سرانجام ڏئي ٿو ۽ ٻئي طرف ڪنهن ٻئي لحاظ کان تمام وڏي مصيبت جو سبب بنجي وڃي ٿو. ان جو هڪ مثال اموي خليفي سليمان بن عبدالملڪ جو آهي. ان کي انهيءَ ڳالهه جو اعزاز حاصل آهي، ته هن خلفاءِ راشدين جي فهرست ۾ پنجين خليفي عمر بن عبدالعزيز رح جو اضافو ڪيو، پر مورخن انهيءَ ئي خليفي جي تذڪري ۾ انهيءَ انتهائي خطرناڪ غلطيءَ جي نشاندهي به ڪئي آهي، ته هن پنهنجي زماني ۾ تمام اهم فوجي سردارن کي ختم ڪرايو، جنهن جو نقصان اهو ٿيو، جو ايشيا ۽ آفريڪا ۾ اسلام جي هلندڙ پيش قدمي اوچتو بلڪل رڪجي وئي. اها ئي صورتحال عثماني ترڪن سان به پيش آئي. ترڪن عين انهيءَ وقت اسلام جي جهنڊي کي سنڀاليو، جڏهن اهو ڪمزور هٿن ۾ پهچي چڪو هو ۽ ان جي ڪِرڻ جو انديشو پيدا ٿي ويو هو. اهي سوين سالن تائين يورپ جي عيسائي طاقتن جي مقابلي ۾ اسلام جي ديوار بڻيا رهيا. ان لحاظ کان انهن جون خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن، پر انهيءَ سان گڏوگڏ اهي ترڪ ئي هئا، جيڪي انهيءَ حادثي جو به سبب بڻيا، جو مسلم دنيا ۾ سائنسي تحقيق رڪجي وئي ۽ ان جو مرڪز يورپ ڏانهن منتقل ٿي ويو.
ترڪ انتهائي بهادر ۽ وڏي حوصلي وارا هئا، پر انهن جي ڪمزوري اها هئي ته اهي بي علم هئا. اهي نه صرف علم جي تحقيقي ڪم جي اهميت کي سمجهي نه پئي سگهيا، بلڪه ان کي پنهنجي لاءِ هڪ سياسي خطرو پڻ خيال ڪندا هئا. سندن خيال هو ته علم جي واڌاري سان رعيت ۾ انهن جي حق ۾ وفاداري گهٽجي ويندي ۽ پوءِ ان کي ڪنٽرول ڪرڻ ڏاڍو مشڪل ٿي ويندو. اهو ئي سبب هو، جو انهن علمي تحقيق جي سلسلي ۾ انتهائي غير ذميداريءَ جو ثبوت ڏنو. جڏهن مسلم سياست جو مرڪز تبديل ٿيو ته اهي ماڻهو جيڪي بغداد ۽ ٻين علمي مرڪزن ۾ سائنس جي تحقيق سان واڳيل هئا، سي ترڪ دارالسلطنت جي آستانه ۾ اچي ڪٺا ٿيا. عباسي خليفا انهن جو وڏو قدر ڪندا هئا. مٿن درهم ۽ دينار بارش وانگر خرچ ڪندا هئا، پر ترڪ کين پنهنجي لاءِ خطرو سمجهي، کانئن نفرت ڪرڻ لڳا. جڏهن ترڪن انهن جي قدرداني نه ڪئي ته کين ترڪ حڪومت ۾ پنهنجو مستقبل اونداهو نظر اچڻ لڳو. ان صورتحال ۾ مسلمان عالمن ۽ محققن ترڪي کي خيرباد چئي اٽلي ۽ فرانس جو رخ ڪيو. اهڙي طرح سائنسي تحقيق جو ڪم مسلم دنيا مان نڪري مغربي دنيا ڏانهن منتقل ٿي ويو. ترڪن علم ۽ اهل علم جي جهڙي طرح حوصله شڪني ڪئي، ان جو دردناڪ تفصيل محمد ڪرد علي شاميءَ جي ڪتاب ”تاريخ الحضارت العربيه“ ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
مغربي دنيا ۾ انهن سائنسدانن جي وڏي پذيرائي ٿي. صليبي جنگين (1271-1095) ۾ مسلمانن جي مقابلي ۾ يورپي قومن کي شڪست انهيءَ ڪري به ٿي هئي، جو مسلمان علم ۽ فن ۾ کانئن وڌيڪ هئا. انهن لڙاين ۾ شروع ۾ رومي فوجين ”يوناني باهه“ استعمال ڪئي جنهن سان مسلمانن کي تمام گهڻو نقصان برداشت ڪرڻو پيو. ”يوناني باهه“ هڪ قسم جي پچڪاري وانگر هئي، جنهن ۾ آتش گير مادو ڀري، دشمن جي طرف اڇلايو ويندو هو. مسلم سائنسدانن ان جي مقابلي ۾ هڪ ٻئي شيءِ ايجاد ڪئي، جنهن ۾ معدني تيل (روغن نفط) استعمال ٿيندو هو. ان جو نشانو تمام پري تائين هو ۽ ان نقصان به يوناني باهه کان وڌيڪ ٿيندو هو.
يورپ جا عيسائي قدرتي طور تي مسلمانن جي مقابلي ۾ پنهنجي علمي ڪمزوري دور ڪرڻ لاءِ بي تاب هئا. مسلم دنيا جا اهل علم جڏهن انهن وٽ پهتا، ته هنن انهن سان تمام گهڻو تعاون ڪيو. ان لحاظ کان يورپ ۾ علمي تحقيق جو ڪم ٻيڻي شدت سان ٿيڻ لڳو، جيڪو ان کان پهريائين مسلم دنيا ۾ ٿي رهيو هو. سورهين کان اوڻيهين صديءَ تائين تقريباً ٽن سئو سالن جي عملي نتيجي ۾ يورپ ۾ اهو انقلاب آيو جنهن کي سائنسي ۽ صنعتي انقلاب چيو ويندو آهي. مغرب جي سائنسي ترقيءَ ۾ مسلمانن جي حصي بابت وڌيڪ تفصيل بريفالٽ جي ڪتاب Making of Humanity ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
سورهين صدي عيسويءَ تائين مسلمان علم جي ميدان ۾ استادي جي مقام تي هئا، پر ان کانپوءِ جي صدين ۾ يورپ جيڪا ترقي ڪئي، تنهن مسلمانن کي شاگردي جي درجي تي پهچائي ڇڏيو. اهڙي طرح مسلمان پنهنجي بڻايل انقلابي دنيا ۾ ٻين قومن کان پٺتي رهجي ويا. ان هوندي به اهو موقعو هو، ته اهي يورپ جي تحقيق مان فائدو حاصل ڪري اڳتي وڌن ۽ اُها حقيقت ٻيهر نئين شڪل ۾ موٽي آيا جيڪا صورتحال مسلمانن جي مقابلي ۾ يورپي کي پيش آئي هئي. جهڙي طرح مسلمانن جي علم کي بنياد بڻائي يورپ انهن کان اڳتي وڌيا هئا، اهڙي طرح مسلمان يورپ جي علمن کي بنياد بڻائي اڳتي ترقي حاصل ڪري پئي سگهيا. پر هتي ٻه خاص سبب رڪاوٽ بڻجي ويا، جنهن ڪري هڪ تاريخي امڪان حقيقت بنجڻ کان رهجي ويو.

[b]سائنس بابت موجوده دور جي مسلمانن جي غفلت
[/b] صدين تائين سائنسي علمن کان پري رهڻ کانپوءِ يورپ جي ذريعي جيڪا سائنس مسلمانن تائين پهتي، سا صرف علم جي طور تي نه آئي، بلڪه اها استعمار ۽ نو آبادياتي ملڪ گيريءَ جي شڪل ۾ نمودار ٿي. مسلمانن وٽ سائنس جو علم انهن ماڻهن جي ذريعي اچي رهيو هو، جن مسلمانن کان سندن عظمت ۽ اقتدار کسيو هو، سندن تهذيب ۽ ان جي مذهبي شعائرن تي حملا ڪيا هئا. اهڙي موقعي تي مسلمان انهيءَ دانش منديءَ جو ثبوت نه ڏئي سگهيا، جو هو مغربي سائنس کي مغربي سياست کان الڳ ڪري سمجهن ها. هنن ٻنهي کي هڪ ڪري سمجهيو. هو جهڙي طرح مغربي قومن جا دشمن بڻيا، اهڙي طرح مغربي علمن جا به دشمن ٿي پيا. جڏهن ٻيون قومون مغرب کان سندن علم حاصل ڪري رهيون هيون، مسلمان ان کي دشمن جي شيءِ سمجهي کائنس پري ڀڄي رهيا هئا. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته موجوده زماني ۾ مسلمان ٻين قومن کان گهٽ ۾ گهٽ سئو سال علمي لحاظ کان پوئتي رهجي ويا ۽ ٻين قومن مٿان علمي برتري جو ته سوال ئي نه پيدا نٿو ٿئي.

[b]اسلام ۾ سائنس جي اهميت
[/b] اسلام ۾ سائنس جي اهميت جا ڪافي سبب آهن، هيٺ ڪن جو ذڪر ڪجي ٿو.
1- سائنس سادن لفظن ۾ ڪائنات جي حقيقتن جي ڄاڻ جو نالو آهي. قرآن پاڪ ۾ ايمان وارن جون جيڪي صفتون بيان ڪيون ويون آهن، تن ۾ هيءَ به آهي ته ”اهي زمين ۽ آسمان جي بناوٽ ۾ غور ڪن ٿا.“ وَیَتَفَکَّرُوۡنَ فِیۡ خَلْقِ السَّمٰوٰتِ وَالۡاَرْضِ ۚ (آل عمران 191) ان لحاظ کان هڪ سائنسدان اهو ئي ڪم ڪري ٿو، جيڪو هڪ مومن ڪري ٿو. ان هوندي به ٻنهي ۾ وڏو فرق آهي. سائنسدان جو عمل صرف تحقيق لاءِ هوندو آهي ۽ مومن جو عبرت حاصل ڪرڻ لاءِ. سائنسدان لاءِ علم براءِ علم هوندو آهي ۽ مومن جي نظر ۾ علم براءِ مقصد هوندو آهي. اهڙي طرح سائنسدان علم جي اضافي تي مطمئن ٿي ويندو آهي ۽ مومن ايمان جي اضافي تي.
سوچ جو اهو فرق ٻنهي جي مطالعي جي طريقه ڪار ۾ وڏو فرق پيدا ڪري ڇڏي ٿو. ان جو نتيجو هيءُ نڪري ٿو ته سائنسدان شين جي بيهڪ کي ڇڏي صرف شين جي خاصيتن جي مطالعي تائين پنهنجو پاڻ کي محدود رکي ٿو، هو شين جي ڪارڪردگي کي ان جي مقصد کان جدا ڪري ڇڏي ٿو. سائنسدان کي ائين ان ڪري ڪرڻو پوي ٿو، جو هو صرف پنهنجي عقل جي رهنمائي ۾ ڪائنات کي ڏسڻ گهري ٿو ۽ انسان جو عقل رڳو تجربي جوڳين شين کي ئي ڏسي سگهي ٿو. ان ڪري ان لاءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ئي نه آهي ته هو ڪائنات ۾ تجربي جي قابل پهلوئن جي مطالعي تائين پنهنجو پاڻ کي محدود رکي. پر مومن پنهنجي عقل سان گڏوگڏ نبوت جي رهنمائيءَ کي به تسليم ڪندڙ هوندو آهي. ان ڪري هو پنهنجي ڄاڻ ۽ مطالعي کي شين جي خاصيتن مان گذاري حقيقتن تائين پهچائي ٿو ۽ هو مخلوق کي ”خالق“ سان شامل ڪري ڏسي ٿو. اهو فرق مومن جي ڪائنات جي مشاهدي ۾ زبردست مقصديت پيدا ڪري ٿو. کيس سموري ڪائنات خدائي صفتن جو ظهور نظر اچڻ لڳي ٿي. هو ڪائنات کي سڃاڻڻ سان خدا کي به ماڻي وٺي ٿو، جنهن تي هو پيغمبر جي ذريعي ايمان آڻي ٿو.
2- قرآن پاڪ اندر ڪائنات ۾ پيدا ٿيندڙ واقعن کي قرآني پيغام جي حق ۾ دليل جي طور تي پيش ڪيو ويو آهي، ڄڻ ته قرآن ۾ جيڪا ڳالهه نظري طور تي چئي وئي آهي، ڪائنات ان جي حق ۾ عملي دليل آهي. ان لحاظ کان پوري سائنس قرآن پاڪ جو علم ڪلام آهي. ڇاڪاڻ ته سائنس ڪنهن سائنسدان جي پنهنجي ذاتي علم جو نالو نه آهي، بلڪه خدا جي ڪائنات ۾ ڪم ڪندڙ قانونن جي دريافت جو نالو آهي. انهن قانونن جو جيڪو حصو سائنس دريافت ڪري ٿي، سو خدا جي قدرت جي هڪ جهلڪ هوندي آهي. اهو خدا جي نشانين مان هڪ نشانيءَ جو انساني علم ۾ اچڻ آهي. سائنسدان لاءِ سائنس علم براءِ علم آهي يا وڌ ۾ وڌ هيئن کڻي چئجي ته علم دنيا جي تعمير لاءِ هڪ ذريعو آهي. پر مومن لاءِ سائنس هڪ علمي هٿيار آهي، جنهن کي حق جي دعوت جي جدوجهد ۾ ڪتب آڻي ٿو. جنهن سان هو پنهنجي ڳالهه کي مدلل ڪري پيش ڪري ٿو.
3- سائنس جو ٽيون پهلو اهو ئي آهي، جنهن ڏانهن مٿي اشارو ڪيو ويو آهي. يعني سائنس موجوده زماني ۾ قوت جي حيثيت رکي ٿي. ان ڪري اسلام ۽ مسلمانن جي سر بلنديءَ لاءِ ضروري آهي ته کين سائنس جي قوت پوري طرح فراهم ڪئي وڃي ۽ اهو ان وقت ممڪن ٿيندو جڏهن مسلمان سائنس جي تحقيق ۽ تحصيل ۾ اڳتي وڏن. ايتريقدر جو ان ۾ اڳواڻ جو درجو حاصل ڪن.
اڻويهين صديءَ جي آخري ۽ ويهين صديءَ جي پهرين ٻن ڏهاڪن ۾ سموري مسلم دنيا ۾ آزاديءَ جون تحريڪون شروع ٿيون. انهن تحريڪن جي مذهبي اڳواڻن جو هيءَ خيال هو ته بيروني سياسي قبضي کان آزاديءَ جو نالو غلبو آهي. انهن رڳو سياسي آزاديءَ کي ئي اسلام جي سربلنديءَ لاءِ سمجهيو. پر اڄ جڏهن بي شمار قربانين کان پوءِ سمورا اسلامي ملڪ آزاد ٿي چڪا آهن، تڏهن به اهي اڄ انهن غير مسلم قومن جا محڪوم آهن، ڇاڪاڻ ته اهي سائنس ۽ ٽيڪنالوجيءَ ۾ کانئن اڳتي وڌيل آهن. مسلمانن کي سندن اُها سياسي آزادي اڄوڪي دنيا ۾ برتري وارو مقام نه ڏياري سگهي. ايستائين جو وقت ٻڌائڻ واري گهڙيءَ کان وٺي جنگ لڙڻ واري سامان تائين هر شيءَ لاءِ هو انهن قومن جا محتاج آهن. حقيقت هيءَ آهي ته موجوده زماني جي هر شيءَ جو تعلق سائنس ۽ ٽيڪنالوجي سان ٿي ويو آهي. انهيءَ معاملي ۾ جيڪا قوم انهن شين ۾ پٺتي آهي، سا مقابلي جي هن دنيا ۾ پهرين صف ۾ جڳهه نه ٿي حاصل ڪري سگهي.

[b]آخري ڳالهه
[/b] نئين دهليءَ ۾ جنتر منتر روڊ تان گذرڻ وارو هڪ عجيب ۽ غريب عمارت ڏسي ٿو. ان عمارت جو نالو ”جنترمنتر“ آهي، انهيءَ ڪري ان روڊ جو نالو ئي جنتر منتر روڊ رکيو ويو آهي. جنتر منتر اصل ۾ پراڻي زماني جي ستارن جي گردش کي ڏسڻ جي جاءِ (رصدگاهه) آهي. اها عمارت ارڙهين صدي جي پهرين اڌ ۾ جيپور جي راجا جئي سنگهه ٺهرائي هئي. جئي سنگهه کي علم فلڪيات جو وڏو جنون هو. هندوستان جي هن راجپوت راجا پنهنجي شوق جي پورائي لاءِ رڳو جئپور ۾ نه پر دهلي، مٿرا، بنارس ۽ اجين ۾ به رصدگاهون ٺهرايون هيون. دهلي جو جنتر منتر اڄ به راجا جي انهيءَ شوق جي ياد ڏياري ٿو.
انهن رصدگاهن ۾ انهيءَ دور جا فلڪيات جا ماهر چنڊ ۽ ستارن جي رفتار معلوم ڪندا هئا. انهن جي ذريعي هو موسم جي خبرچار، ستارن ۽ زمين جو مفاصلو ماپيندا هئا. رات جو چنڊ جي روشنيءَ جي مدد سان وقت جو اندازو لڳائيندا هئا. عمارت جون دريون، روشندان ۽ ديوار جا سوراخ پاڻمرادو سال جو ڪيلينڊر ترتيب ڏيندا هئا.
وچين دور ۾ سموري دنيا جو علمي ۽ تعميري ڪم مسلمانن جي علمي ۽ تعميري ترقيءَ جو نقل هوندو هو. ان لحاظ کان راجا جئي سنگهه جي اها رصد گاهه به عباسي دور جي رصد گاهن جو نقل هئي. اها هوبهو انهيءَ انداز سان بڻائي وئي هئي جيئن خليفي مامون رشيد هڪ هزار سال اڳ بغداد ۾ ٺهرائي هئي.
قديم دور ۾ علم جي امامت مسلمانن کي حاصل هئي. ان ڪري سموري دنيا ۾ انهن جي طريقن جي تقليد ڪئي ويندي هئي. پر بعد جي زماني ۾ سندن غفلت جي ڪري امامت جو هيءَ مقام مغربي قومن حاصل ڪري ورتو. ٽي سئو سال پهريائين جڏهن هڪ شخص فلڪيات جي مطالعي لاءِ رصدگاهه ٺاهڻ چاهيندو هو، ته هو بغداد جي نموني کي نقل ڪندو هو، پر اڄ جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ رصدگاهه تعمير ڪئي وڃي ٿي ته ان جو نقشو ۽ سامان مغرب جي ماهرن کان حاصل ڪيو وڃي ٿو. هي اهو مقام آهي جتي مسلمانن جي عزت ۽ سربلنديءَ جو سفر ختم ٿيو آهي ۽ هي اهو ئي مقام آهي جتان مسلمان ٻيهر پنهنجي سفر جو آغاز ڪري سگهن ٿا.