مذهب

اسلام جو عقلي مطالعو

ڪائنات جي ابدي حقيقتن کي ڄاڻڻ جي خواهش انساني فطرت ۾ اهڙي طرح سمايل آهي، جو هو ڪنهن به طرح پنهنجو پاڻ کي ان کان الڳ نه ٿو ڪري سگهي. قديم زماني کان وٺي انسان فطرت جي ابدي رازن کي ڄاڻڻ جي جستجوءَ ۾ رڌل رهيو آهي، پر اڃا تائين انهن رازن تائين رسائي حاصل ڪري نه سگهيو آهي. انسان پنهنجي ذاتي ڪوششن سان انهيءَ حقيقت تائين ان ڪري نه پهچي سگهيو آهي،
Title Cover of book اسلام جو عقلي مطالعو

ڪائناتي نشانيون

ڪائنات هڪ آئينو آهي، جنهن ۾ان جي خالق جو چهرو نظر اچي ٿو. ان لحاظ کان ڪائنات جي هر شيءِ هڪ نشاني آهي، هر شيءِ هڪ حقيقت جي جهلڪ ڏيکاري رهي آهي. جيڪڏهن انسان جي اندر ۾ ڏسڻ جي صلاحيت هجي، ته هوند کيس هر شيءِ ۾ لڪل حقيقت نظر اچڻ لڳي ۽ موجوده دنيا پنهنجي سموري ڪشادگيءَ سان هوند انسان لاءِ خدائي معرفت جو هڪ عظيم خزانو بڻجي پوي.

[b]رياضياتي دنيا
[/b] ڪائنات ظاهري طور تي هڪ رياضياتي ڪائنات آهي. هر شيءَ رياضياتي اصولن جي حد تائين منظم آهي. هيءُ موجوده ڪائنات جو هڪ اهڙو پهلو آهي، جيڪو ان جي هر حصي ۾ نمايان طور تي نظر اچي ٿو. ماکيءَ جي مک ڪهڙي ته عجيب طريقي سان ان ڇهه ڪُنڊي شڪل ۾ مانارو ٺاهي ٿي. ايٽم جي ذرڙن جو مقدار انتهائي يڪسان طور تي مقرر هوندو آهي، زمين جي ٻنهي طرفن جي گردش اهڙي ته ٺيڪ ٺيڪ نموني سان ٿئي ٿي، جو ان سان هزارين سال پهريائين ۽ هزارين سال بعد جي ايندڙ وقت جو به ڪيلينڊر ٺاهي سگهجي ٿو. اهو ڪائنات جي سمورن جزن جو حال آهي. ڪائنات جو هر جزو اهڙو ته مستحڪم ۽ پائدار اصولن پٽاندڙ عمل ڪري ٿو، جو نهايت اعتماد سان ان جي مستقبل جي اڳڪٿي ڪري سگهجي ٿي.
ڪائنات جو اهو پهلو سائنسدانن کي ڏاڍو متاثر ڪري ٿو. ايستائين جو کين اهو يقين ٿي ويو آهي، ته سموري ڪائنات هڪ رياضياتي ماڊل آهي، ڪنهن شيءِ کي جيستائين هو رياضياتي طور تي نه سمجهن، تيستائين کين اهو گمان رهي ٿو، ته هو انهيءَ ڳالهه کي صحيح طور سمجهي ئي نه سگهيا آهن.
سائنسدان فطرت جي کوجنا ڪندا آهن. جيتوڻيڪ سائنس جا ڪيترائي شعبا آهن ۽ مختلف سائنسدان پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ الڳ الڳ تحقيق ۽ مطالعاتي ڪم ڪن ٿا. ان هوندي به سندن تحقيق کي جيڪڏهن ڪو گڏيل عنوان ڏيڻو هجي، ته منهنجي خيال ۾ هيءُ ئي ٿيندو ”ڪائنات ۾ رياضياتي نظم جي تلاش“.
سمورن سائنسدانن جو هيءُ گڏيل عقيدو آهي، ته ڪائنات ۾ رياضياتي نظم ۽ ترتيب مڪمل طور تي قائم آهي. هڪ سائنسدان پنهنجي تحقيق مان اُن وقت بلڪل مطمئن ٿي وڃي ٿو، جڏهن هو پنهنجي تحقيق کي رياضياتي سانچي ۾ پرکي ٿو. رياضياتي تصديق سائنسدانن جي نظر ۾ سندن نظرئي جي صداقت جو آخري ثبوت آهي.
سائنسدانن جي جماعت ڪائنات جي مطالعي ۾ رياضيءَ کي اهڙي طرح استعمال ڪري ٿي جهڙي طرح سونارو ڪسوٽي ۽ پرک جي تصديق کانپوءِ سون کي سون مڃيندو آهي. اهڙي طرح سائنسدان رياضيءَ جي تصديق کان پوءِ نظرئي جي صحيح هجڻ کي تسليم ڪري وٺي ٿو. رياضيات ۽ ڪائناتي نظام جي وچ ۾ هيءَ هڪجهڙائي ڇو آهي؟ ڪجهه سائنسدانن هيءُ سوال اٿاريو آهي. انهن مان هڪ طبقي ان جو سنئون سڌو جواب ڏيڻ کان سواءِ ان جي جواب کي هڪ سوال تي ختم ڪيو آهي ته ڇا ڪائنات هڪ رياضياتي ذهن جي تخليق آهي؟ ڪجهه سائنسدانن ان جو هاڪاري جواب ڏنو آهي. سر جيمز جينز فلڪي طبيعات جو مشهور عالم آهي هن 1932ع ۾ چيو هو، ته ظاهري طور تي ائين معلوم ٿئي ٿو، ته ڪائنات جو نقشو هڪ خاص رياضي دان تيار ڪيو هو.

[b]ڪائنات ۽ انسان
[/b] موجوده اندازي مطابق ڪائنات ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه ارب ڪهڪشائون آهن. هر ڪهڪشان ۾ هڪ کرب ستارا آهن. انهن مان اڪثر ستارا اسان جي سج کان به وڌيڪ گرم ۽ گهڻو وڏا آهن. جڏهن ته اسان جو سج ايترو ته وڏو آهي، جو ان مان زمين جهڙا ٻارنهن لک گولا ٺهي سگهن ٿا. اهي بي شمار متحرڪ ستارا هڪ ٻئي کان ايترو گهڻو پري آهن، جيئن بحر الڪاهل ۾ وکريل ڪجهه سامونڊي جهاز. انهيءَ سمجهه ۾ نه ايندڙ حد تائين هڪ وڏي ڪائنات ۾ زمين جو هيءُ ننڍڙو گولو هڪ انتهائي انمول ۽ منفرد حيثيت جو حامل آهي جتي پاڻي، هوا ۽ ٻيون ڪيتريون شيون آهن، جيڪي انسان جهڙي مخلوق لاءِ زندگيءَ جو سامان مهيا ڪن ٿيون. هيءَ دنيا پنهنجي سمورين عظمتن ۽ حڪمتن جي باوجود انسان کان سواءِ بلڪل بي مقصد ۽ اجائي آهي.
انسان جيڪڏهن نه هجي ته هتي ڪابه اک اهڙي نه هوندي، جيڪا دنيا جي رنگينين کي ڏسي سگهي ۽ ڪو به ڪن نه هوندو جيڪو ان جي نغمن کي ٻڌي، ڪو دماغ نه هوندو جيڪو ان جي حڪمت ۽ مقصد کي حاصل ڪري. هيءَ دنيا هڪ عجيب ۽ عظيم آرٽ آهي، پر انسان کانسواءِ اها هڪ اهڙي آرٽ بڻجي ويندي، جنهن کي ڪو سڃاڻڻ وارو نه هجي. جنهن جي ڪو تعريف ڪرڻ وارو نه هجي.
پر خود انسان جي حقيقت ڇا آهي؟ زمين تي جيترا به انسان رهن ٿا، جيڪڏهن انهن مان هرشخص ڇهه فوٽ ڊگهو، اڍائي فوٽ ويڪرو ۽ هڪ فوٽ ٿلهو هجي، ته انسان جي سموري آباديءَ کي آسانيءَ سان هڪ اهڙي صندوق ۾ بند ڪري سگهجي ٿو، جنهن جي ڊيگهه، ويڪر ۽ ٿولهه هڪ ميل هجي. پر ڪائنات جي وسعتن جي ڀيٽ ۾ هيءَ صندوق ڪيڏي نه ننڍڙي نظر اچي ٿي. هاڻي جيڪڏهن انهيءَ صندوق کي ڪنهن سمنڊ جي ڪناري تي آڻي، ان کي هلڪو ڌڪو ڏبو، ته اها سمنڊ جي گهرائيءَ ۾ اهڙي طرح گم ٿي ويندي، جهڙي طرح هڪ ڀريل بالٽيءَ ۾ سرنهه جو هڪ داڻو! صديون گذري وينديون، انساني نسل پنهنجي مادي ڪفن ۾ ويڙهيل هميشه لاءِ رهجي ويندو. دنيا جي ذهن تان به اها شيءِ لهي ويندي، ته ڪو انسان جهڙي مخلوق به هتي آباد هئي. سمنڊ جي سطح تي طوفان ائين ئي ايندا رهندا، سج اهڙي طرح چمڪندو رهندو، زمين جو گولو دستور موجب پنهنجي محور تي گهمندو رهندو. ڪائنات جي اڻ کٽ وسعتن ۾ ڦهليل بي شمار دنيائون انهيءَ حادثي کي صرف ايتري اهميت ڏينديون، جيترو زمين جي مٿان هڪ ڪِوِل چيڀاٽجي مري وڃي! صدين کان پوءِ سمنڊ جي ڪناري مٽيءَ جو ڍير پنهنجي خاموش زبان سان ٻڌائيندو، ته هيءُ انساني نسل جي قبر آهي، اهو صديون پهريائين هڪ صندوق ۾ دفن ڪيو ويو هو. پر ياد رکڻ گهرجي ته انسان حقيقت جي لحاظ کان انتهائي بامقصد شيءِ آهي، پر انسان ڪائنات جي موجوده نظام ۾ پنهنجي حقيقت کي نٿو سڃاڻي. هن دنيا ۾انسان جون تمنائون پوريون نه ٿيون ٿين، موجوده دنيا پنهنجي تڪميل لاءِ هڪ ٻي دنيا گهري ٿي. موجوده دنيا پنهنجي سموري حقيقت جي باوجود به بي حقيقت آهي، جيستائين ان سان گڏ آخرت کي نه مڃيو وڃي.

[b]فطرت جو توازن
[/b] ڏکڻ قطب (انٽارڪٽڪا) جي باري ۾ روس جي جاگرافيڪل سوسائٽي وڏو تحقيقي ڪم ڪيو آهي. سندن اندازي مطابق ڏکڻ قطب جي مٿان جيڪا برف ڄميل آهي، سا سموري دنيا جي تازي پاڻيءَ جو 85 سيڪڙو حصو آهي. ان جو مقدار اڍائي ڪروڙ معڪب چورس ميٽر آهي. هِن وقت ڏکڻ قطب جي برف صرف ڏيڍ ڪروڙ چورس ميٽر جي علائقي تي پکڙيل آهي. جيڪڏهن انهيءَ برف کي دنيا جي خشڪ حصي تي پکيڙيو وڃي، ته موجوده خشڪ زمين تي 50 ميٽر برف ڄمي ويندي ۽ جيڪڏهن اها برف اوچتو پگهرجي وڃي، ته دنيا جي سمنڊن جي سطح 60 کان 70 ميٽر بلند ٿي ويندي ۽ زمين جو ڏهه سيڪڙو حصو پاڻيءَ هيٺ اچي ويندو. ان جو نتيجو اهو نڪرندو، جو دنيا جا سمورا ساحلي شهر پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويندا، ايتريقدر جو ڪيترائي ملڪ مڪمل طور پاڻيءَ هيٺ اچي ويندا. ڏکڻ قطب جي سموري برف جي پگهرجڻ سان سمنڊ جو سراسري طور گرميءَ جو درجو ٻه سيڪڙو گهٽ ٿي ويندو، جنهن ڪري زمين تي موسمي تباهي ايندي؛ ڇاڪاڻ ته سمنڊ ۾ هڪ درجي جي هزارهين حصي جي گهٽ وڌائي فضا ۾ گرميءَ جي پوري هڪ درجي جو فرق پيدا ڪري ٿي.
هيءُ هڪ ننڍڙو مثال آهي جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهو ڪيڏو نه متوازن نظام آهي. هتي هڪ ئي وقت مختلف ضرورتن جي وچ ۾ اهڙي طرح توازن قائم رکيو ويو آهي جو هر شيءَ رڳو پنهنجو فائدو ڏئي ۽ پنهنجي نقصان کان انسان کي بچائي.
فطرت جو اهو توازن زمين جي هر معاملي ۾ نمايان آهي. ان مان اهو واضح طور تي ثابت ٿئي ٿو، ته هن دنيا جي پٺيان هڪ طاقتور ذهن ڪم ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن هتي ذهن جي ڪارفرمائي نه هجي، ته موجوده توازن ڪنهن به حال ۾ برقرار نه ٿو رهي سگهي.
زمين جو مطالعو ڪندي واضح طور تي ائين معلوم ٿئي ٿو ڄڻ ته جنهن هستيءَ زمين جي موجوده حالتن کي هڪ خاص ڍنگ تي بڻايو آهي؛ تنهن کي معلوم هو، ته هتان جون جاندار شيون انسان، حيوان ۽ نباتات آهن. ان لحاظ کان هتان جي هر شيءِ جاندار شين جي ضرورت جي عين مطابق بڻائي وئي آهي. جيڪڏهن اها حقيقت انسان کي خدا جو يقين نه ڏياري، ته پوءِ آخرڪار باقي ڪهڙي شيءِ هوندي جيڪا انسان کي انهيءَ حقيقت جو يقين ڏياريندي.

[b]نم جو معجزو
[/b] ڊسمبر 1983ع ۾ نم جي وڻ بابت ٻي عالمي ڪانفرنس مغربي جرمنيءَ ۾ منعقد ٿي. اڄڪلهه نم جو وڻ نباتاتي ماهرن لاءِ خاص توجهه جو مرڪز بڻيل آهي. ان جو سبب هيءُ آهي، ته نم نقصانڪار جيوڙن کي ڀڄائڻ جو هڪ قيمتي قدرتي ذريعو آهي. انسان ڪيميائي طور تي هن وقت تائين جيتريون به جيت مار دوائون ٺاهيون آهن، سي سڀ جيتن تي اثر انداز ٿيڻ سان گڏوگڏ ماحوليات کي به خراب ڪن ٿيون، جنهن ڪري انسانن لاءِ به نقصان ڪار بڻجن ٿيون. پر نم جي وڻ ۾ اها عجيب خوبي آهي، جو اها ماحولياتي نقصان ڏيڻ کان سواءِ انسان ذات ۽ نباتات کي نقصان پهچائيندڙ ڪيڙن کان محفوظ رکي ٿي.
ان ڪانفرنس ۾ 21 ملڪن جا هڪ سئو کان وڌيڪ سائنسدان شريڪ ٿيا. هر هڪ پنهنجي پنهنجي ماحول ۾ نم جا تجربا ٻڌايا. هالينڊ جي هڪ ماهر ايل_ايم اوسچون هيون پنهنجي مقالي ۾ ٻڌايو، ته نم جي اندر هڪ عجيب دفاعي نظام موجود آهي جيڪو هڪ اڻ لڀ ۽ قيمتي قسم جو ڪيڙا ڪنٽرول ذريعو آهي. هن ٻڌايو، ته ٽوگو (Togo) ۾ هن قسم جو تجربو ڪيو ويو، ته زمين جي مٽيءَ ۾ نم جا پن ملايا ويا، ان جو نتيجو اهو نڪتو جو زمين ۾ نباتاتي ڪيڙن جو تعداد تمام گهڻو گهٽجي ويو. اهڙي پوک جنهن تي هيءُ عمل ڪيو ويو هو، تنهن جي فصل جي پيداوار ۾ نمايان اضافو ٿيو.
هندوستان جي نمائندي پنهنجي مقالي ۾ ٻڌايو، ته پونا جي نيشنل ڪيميڪل ليبارٽري نم جو هڪ پائوڊر تيار ڪيو آهي، جنهن جو نالو نيمرچ رکيو ويو آهي. مڪئي، پٽاٽا ۽ ڪجهه ٻين فصلن تي نيمرچ جا تجربا ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ انهن جي پيداوار ۾ سٺو اضافو ٿيو.
موجوده زماني ۾ دنيا جي سمورن ملڪن ۾ جيت مار دوائن جو استعمال عام آهي. انهن دوائن جي استعمال سان يقيناً زرعي پيداوار ۾ اضافو ٿيو آهي، پر اڃا تائين اهو دريافت نه ٿي سگهيو آهي، ته انهن دوائن سان ماحوليات تي جيڪي نقصانڪار اثر پون ٿا، تن کان ڪيئن بچي سگهجي ٿو. هيءَ ڪيڙا مار دوائون هڪ طرف ڪيڙن جو خاتمو ڪن ٿيون، ته ٻئي طرف ان سان گڏوگڏ انسان کي به نقصان پهچائين ٿيون. جيڪڏهن اوهان ڪاٺ ۽ پنن کي باهه ۾ وجهندؤ، ته ٻئي سڙي ويندا. ڇاڪاڻ ته اصليت جي لحاظ کان ٻئي هڪ آهن، اهڙي طرح انسان ۽ ڪيڙا ٻئي زنده جنسون آهن، جيڪا شيءِ هڪ جنس لاءِ نقصان ڪار آهي، اها ٻي جنس لاءِ به نقصان جو سبب ٿيندي آهي.
انسان کي نقصان ڪار جيوڙن کان بچائڻ لاءِ اينٽي بائيو ٽڪ دوائون کارايون وڃن ٿيون. هيءُ دوائون بيڪٽيريا وانگر انساني جسم لاءِ به نقصانڪار ثابت ٿيون آهن. مک، مڇر، اڏوهي ۽ ٻين جيوڙن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڊي_ڊي_ٽي پائوڊر ڇٽيو ويندو آهي. ان سان اهي جيوڙا ته ڀڄي يا مري وڃن ٿا، پر ان سان فضا ۾ ڊي_ڊي_ٽي جا جزا شامل ٿي وڃن ٿا. انسان ساهه کڻڻ دوران انهن کي پنهنجي جسم ۾ داخل ڪري ٿو، جنهن ڪري مختلف مرضن جو شڪار ٿئي ٿو. ميون ۽ زرعي پيداوار ۾ نقصان ڪار جيوڙا لڳن ٿا، جنهن ڪري پيداوار ۾ گهٽتائي ٿئي ٿي. ان لاءِ ڪيڙا مار دوائون ٺاهيون وڃن ٿيون. انهن دوائن جي استعمال سان باغن ۽ فصلن ۾ اضافو ته ٿئي ٿو، پر هتي به ساڳئي صورتحال آهي، جو هڪ طرف انهن دوائن سان ماحوليات خراب ٿئي ٿي، ته وري ٻئي طرف خود باغن ۽ فصلن جي پيداوار ۾ نقصان ڪار ڪيميائي جزا شامل ٿي وڃن ٿا ۽ کائڻ سان انسان جي جسم ۾ داخل ٿي نقصان جو سبب بڻجن ٿا.
هندوستان ۾ هر سال تقريباً چاليهه هزار پائونڊ ڪيميائي دوائون زرعي فصلن ۾ استعمال ڪيون وڃن ٿيون. ان جي نتيجي ۾ عوام جي صحت جو معيار ڏينهون ڏينهن ڪرندو پيو وڃي. 1983ع جي ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي، ته ٽئين دنيا جي ملڪن ۾ جيڪي زرعي ڪيڙا مار دوائون استعمال ڪيون وڃن ٿيون، تن جي زهريلي اثرن ڪري هر سال تقريباً پنجاهه هزار ماڻهو بيمار ٿين ٿا جن مان لڳ ڀڳ پنج هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿين ٿا.
انساني سائنس اڃا تائين انهيءَ سائنس تائين نه پهچي سگهي آهي، جن جو مظاهرو قدرت جي انهيءَ معجزي جي شڪل ۾ ٿي رهيو آهي، جنهن کي نم جو وڻ چئجي ٿو. انهيءَ جي باوجود ڪجهه ماڻهو اڃا به اهو فرض ڪيو ويٺا آهن، ته هن دنيا جو ڪو به خالق ۽ مالڪ ڪونهي ۽ هن دنيا کي هلائڻ وارو ڪوبه ذهن ناهي.
ڊي_ڊي_ٽي جي هڪ پاڪيٽ کي ڏسي ڪوبه شخص اهو نه ٿو چوي، ته هيءُ پاڪيٽ پاڻ مرادو ٺهيو آهي. هرڪو ماڻهو پڪ سان انهيءَ کي ڪنهن ذهن جي تخليق قرار ڏيندو، پر ڊي-ڊي-ٽي کان به اعليٰ پيداوار کي ڏسي ماڻهو هيءُ چئي ٿو ڏئي، ته هيءُ پنهنجو پاڻ وجود ۾ آئي آهي! درحقيقت نم جو وڻ ڊي_ڊي_ٽي کان وڌيڪ اعليٰ پيداوار آهي. ان جي بناوٽ ۾ يقيني طور تي غير معمولي ذهانت نظر اچي ٿي، ان هوندي به اهو ڪيترو نه عجيب آهي، جو ماڻهو ڊي_ڊي_ٽي جي باري ۾ اهو مڃن ٿا، ته اهو ذهانت جي پيداوار آهي. پر هو اها ڳالهه نم جهڙين شين بابت نه ٿا مڃن!

[b]تخليق ۾ ذهانت
[/b] ماکيءَ جي مک ميون جو رس چوسي ماکي تيار ڪري ٿي، مک جو ڪم صرف ايتروئي آهي. هوءَ ان سان گڏوگڏ ٻيا به ڪيترا اهم ڪم سرانجام ڏئي ٿي. انهن ۾ هڪ ڪم ميلاپ به آهي، يعني ٻوٽن جي نر ۽ مادي جزن کي هڪ ٻئي تائين پهچائڻ ته جيئن ٻوٽن جو ميلاپ ٿي سگهي. هيءُ ڪم ايڏو ته اهم آهي، جو ماکيءَ جي مک جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ميون جي رس ڄڻ ته هڪ معاوضو آهي، جيڪو ٻوٽا ماکيءَ جي مک کي ميلاپ واري عمل جي بدلي ۾ ادا ڪن ٿا.
آمريڪا جي اوڀر واري حصي ۾ گلن جي رس جو نوي سيڪڙو حصو بيڪار ٿي وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته انهيءَ علائقي ۾ ماکيءَ جي مک تمام گهٽ ٿئي ٿي، ۽ انهيءَ ڪري ميلاپ جو عمل اولهه جي ڀيٽ ۾ گهٽ ٿئي ٿو. تحقيق مان معلوم ڪيو ويو آهي، ته ماکيءَ جي مک جڏهن ڪنهن باغ يا فصل مان گلن جي رس چوسيندي آهي، ته اها هڪ ئي وقت ۾ هر قسم جي وڻن تان ميون جو رس نه چوسيندي آهي بلڪه هوءَ ايئن ڪندي آهي، جو جنهن گل جو هڪ دفعو رس چوسيندي آهي، ته ٻيهر به وري وري انهيءَ ئي گل جو رس کڻندي آهي. هوءَ هڪ ئي وقت ۾ هڪ ئي نسل جي گلن وچ ۾ اُڏامندي هڪ کان پوءِ ٻئي جي رس کڻندي آهي. ماکيءَ جي مک جو اهو طريقو زراعت ۽ باغبانيءَ لاءِ نهايت اهم آهي. ائين ڪرڻ سان هوءَ هڪ خاص گل جي جزن کي ساڳئي ئي وڻ جي گلن تائين پهچائيندي رهي ٿي. گلن جي رس چوسڻ دوران گل جو ٻج سندس جسم سان چنبڙي ويندو آهي، جڏهن هوءَ ٻئي گل تي وڃي ويهندي آهي، ته اهو ٻج وارو مادو انهيءَ گل تي ڪري پوندو آهي. اهڙي طرح نر ۽ مادي جزن وچ ۾ ميلاپ جوعمل تڪميل تي پهچي ٿو ۽ انهن ۾ واڌ ويجهه جو عمل جاري رهي ٿو. جيڪڏهن ائين نه هجي، ته هوند زمين تان لڳ ڀڳ هڪ لک قسم جا ٻوٽا بلڪل ختم ٿي وڃن. هيءُ عمل واضح طور تي تخليق جي نظام ۾ ذهانت جو ثبوت آهي. انهيءَ قسم جو بامقصد واقعو لازمي طور تي انهيءَ حقيقت کي ثابت ڪري ٿو، ته هن ڪائنات جو هڪ خالق آهي. جيڪڏهن خالق نه هجي ته تخليق جي نظام ۾ اهڙي قسم جي بامقصد تدبير ممڪن ئي نه آهي.

[b]ذرو ضايع نه ٿئي
[/b] هوا بازيءَ جي قانون مطابق ٻارنهن هزار پائونڊن کان به وڌيڪ وزني هوائي جهاز لاءِ ضروري آهي، ته ان ۾ بليڪ باڪس هجي. بليڪ باڪس ٻن ننڍن خاص قسم جي ٽيپ رڪارڊرن تي مشتمل آهي، جنهن مان هڪ کي فلائيٽ رڪارڊر ۽ ٻئي کي وائس رڪارڊر چئجي ٿو. انهن مان هر هڪ سراسري طور20 انچ ڊگهو ۽ 6 انچ ويڪرو ٿيندوآهي، ان جو وزن لڳ ڀڳ 25 پائونڊ ٿئي ٿو. هيءَ ٻئي رڪارڊر هوائي جهاز جي پوئين حصي ۾ رکيا ويندا آهن، ته جيئن حادثي جي وقت محفوظ رهي سگهن. اهي هڪ خاص نظام هيٺ پائليٽ جي آواز، جهاز جي رفتار ۽ ٻي ضروري معلومات رڪارڊ ڪندا رهندا آهن. انهن ۾ محفوظ ڪيل آواز ۽ رڪارڊ پاڻمرادو هر اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ميسارجي ويندوآهي، ته جيئن جهاز جي آخري لمحن جو حال معلوم ٿي سگهي.
23 جون 1985ع تي هڪ وڏو هوائي حادثو پيش آيو. ايئر انڊيا جو هڪ وڏو جهاز (بوئنگ 747) ڪئناڊا کان لنڊن ٿيندي هندوستان اچي رهيو هو. ڪنٽرول ٽاور جهاز جي هر لمحي جي رپورٽ وٺي رهيو هو ته اوچتو ان جي ڪمپيوٽر اسڪرين تان جهاز جي تصوير غائب ٿي وئي ۽ جهاز تان پيغام اچڻ بلڪل بند ٿي ويا. جهاز هڪ حادثي جو شڪار ٿي اوچتو ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ وڃي ڪريو. جهاز ۾ 329 مسافر سوار هئا، جيڪي سمورا مري ويا، انهن مان ڪوبه نه بچيو، جيڪو حادثي بابت دنيا کي ڪجهه ٻڌائي سگهي. هاڻي حادثي متعلق ڄاڻڻ جو ذريعو صرف بليڪ باڪس هو، سو پڻ سمنڊ جي تهه ۾ وڃي پهتو. ائٽلانٽڪ دنيا جو ٻيو نمبر سڀ کان وڏو سمنڊ آهي. ان جي پکيڙ ننڍن ننڍن سمنڊن سميت چار ڪروڙ يارنهن لک چورس ميل آهي. انهيءَ وڏي سمنڊ ۾ بليڪ باڪس جي حيثيت صرف هڪ ننڍڙي ذري جي هئي، جيڪو سمنڊ جي تهه ۾ ٻن ميلن جي اونهائي ۾ پيو هو. ظاهري طور انهيءَ ذري کي سمنڊ مان ڪڍڻ ناممڪن هو، پر هيءُ ناممڪن ممڪن بڻجي ويو، جڏهن 10 ۽ 11 جولاءِ 1985ع تي انهن رڪارڊرن کي اونهي سمنڊ جي تهه مان ڪڍيو ويو.
هيءُ معجزو ڪيئن پيش آيو. اهو سڀ ريڊيائي لهرن جي ذريعي ڪنٽرول ڪرڻ واري مشيني انسان ”روبوٽ“ جي ذريعي ممڪن ٿي سگهيو. بليڪ باڪس ۾ اهڙيون مشينون هونديون آهن جن وسيلي هو ريڊيائي سگنل موڪليندو رهندو آهي اهي سگنل هر سيڪنڊ ۾ نڪرندا آهن ۽ اهو عمل ٽيهن ڏينهن تائين جاري رهندو آهي. فرانس، آمريڪا ۽ برطانيه جي جديد سامان سان ڀريل ٻيڙين سگنل جي ذريعي ان بليڪ باڪس جو پورو ٺڪاڻو تلاش ڪيو. ان کان پوءِ هڪ خاص ڪيميرا جي ذريعي ان جون تصويرون ورتيون ويون ۽ پوءِ اهو مشيني انسان (Robot) سمنڊ جي تهه ۾ موڪليو ويو، جنهن کي انسانن وانگر ٻانهون، هٿ ۽ آڱريون آهن، هيءُ روبوٽ ريڊيائي لهرن ذريعي ڪنٽرول ڪيو وڃي ٿو. سمنڊ جي ڪناري تي بيٺل انسان مشيني اسڪرين تي سمورو منظر ڏسي ٿو ۽ ريڊيائي لهرن جي ذريعي روبوٽ جي رهنمائي ڪري ٿو، ته جيئن هو مقرر ڪيل جڳهه تي پهچي، بليڪ باڪس کي پنهنجي هٿن سان پڪڙي ۽ پوءِ مٿي کڻي اچي انسان جي حوالي ڪري.
هيءُ هڪ اهڙو طريقو هو، جنهن کي استعمال ڪري اٿاهه سمنڊ مان هڪ ننڍڙي ذري کي ڪڍيو ويو ۽ پوءِ ان جي ذريعي حادثي جي سموري ڪهاڻي انسان کي معلوم ٿي سگهي. مان جڏهن اخبار ۾ انهيءَ تفصيل کي پڙهيو، ته مون کي ائين محسوس ٿيو، ته ڄڻ هن واقعي جي صورت ۾ انهيءَ ”عظيم واقعي“ کي واضح نموني بيان ڪيو ويو آهي، جيڪو قرآن پاڪ جي لفظن ۾ هن طرح آهي: ”وَمَا یَعْزُبُ عَنۡ رَّبِّکَ مِنۡ مِّثْقَالِ ذَرَّۃٍ فِی الۡاَرْضِ وَلَا فِی السَّمَآءِ وَلَاۤ اَصْغَرَ مِنۡ ذٰلِکَ وَلَاۤ اَكْبَرَ اِلَّا فِیۡ کِتٰبٍ مُّبِیۡنٍ” يعني ”۽ تنهنجي پاليندڙ کان ذري جيترو نه ڪي زمين ۾ ۽ نه ڪي آسمان ۾ ڳجهو رهي ٿو. ۽ نه ان کان تمام ننڍي وڏي شيءِ (لڪل) آهي پر اها ظاهر ڪتاب ۾ (لکيل) آهي. (يونس61)