سائنس مذهب جي رستي تي
تصوريت يا آئيڊيلزم خالص فني تفصيلن کي ڇڏي، انهيءَ سوچ جو حامي رهيو آهي، ته ڪائنات جي آخري حقيقت روحانيت آهي. يعني اسان دنيا ۾ جيڪي محسوس ٿيندڙ منظر ڏسون ٿا، تن جو ڪو حقيقي وجود اسان جي دماغ کان ٻاهر نه آهي. تصوريت جو نظريو جيتوڻيڪ افلاطون (347_ 427 ق.م) جي زماني کان موجود رهيو آهي، پر موجوده مفهوم ۾ اهو تصور ارڙهين صدي عيسوي ۾ جارج برڪلي (1753_1675) کان شروع ٿئي ٿو. انهيءَ سلسلي ۾ هيءُ سوال اڀريو، ته جيڪڏهن شين جو وجود صرف ذهني آهي ته پوءِ ان ڳالهه جو ڪهڙو سبب آهي جو هيءُ مادي شيون ان وقت به موجود رهن ٿيون جڏهن ڪوبه شخص کين نه ڏسي رهيو هجي. برڪلي جواب ڏنو، ته انهن شين جو وجود خدا جي ذهن ۾ آهي. اهڙي طرح هن تصوريت کي خدا جي وجود تي هڪ نئين دليل جي حيثيت ڏني.
ڪانٽ (1804-1724) جي زماني ۾ ان فڪر نئين وسعت اختيار ڪئي ۽ هڪ مستقل مڪتبه فڪر جي حيثيت سان قائم ٿيو. جرمني، انگلينڊ، فرانس، آمريڪا هر هنڌ ان جا وڏا وڏا وڪيل پيدا ٿيا. تنهن هوندي به پهرين عالمي جنگ کان پوءِ ان فڪر کي زوال آيو.
ان جي ابتڙ ماديت پنهنجي مختلف فڪري نظرين سان ان نقطه نظر جي حامي رهي آهي، ته هن ڪائنات ۾ جيڪي ڪجهه آهي، سو سمورو مادي آهي ۽ مادي کان ٻاهر ان جو ڪو به وجود ڪونهي. هن نظرئي جي دعويٰ آهي، ته هتي صرف هڪ حقيقت آهي ۽ اهو صرف مادو آهي. ايتريقدر جو خود انسان به عام عقيدي مطابق ٻن شين روح ۽ جسم جو مجموعو ڪونهي، پر بنيادي طور تي صرف هڪ ئي حقيقت رکي ٿو ۽ اهو ان جو مادي جسم آهي.
انهيءَ فڪر ۽ سوچ جو بنياد ايپي ڪيورس (280_342ق.م) وٽ ملي ٿو؛ جنهن جو خيال هو، ته سموريون شيون آخري نتيجي جي شڪل ۾، ننڍن ننڍن نظر نه ايندڙ جزن جي ميلاپ سان وجود ۾ آيون آهن. انهيءَ مادي نظرئي کي نئين قوت ان وقت حاصل ٿي، جڏهن هولباخ جو ڪتاب ”سسٽم آف نيچر“ 1770ع ۾ شايع ٿيو. ان جي حمايتين جي فهرست هڪٻئي ۾ اختلاف باوجود تمام ڊگهي آهي. ويهين صديءَ ۾ ماديت جون ٻه وڏيون شاخون وجود ۾ آيون. هڪ جدلياتي ماديت، جيڪا ڪميونسٽ دنيا جو سرڪاري فلسفو آهي ۽ ٻي کي طبيعاتي ماديت چئجي ٿو. ماديت پرست ”ذهن“ کي به تسليم ڪن ٿا، پر سندن خيال ۾ ”ذهن“ صرف مادي جسم جو هڪ عمل آهي، مادي جسم کان الڳ ان جو ڪوبه مستقل وجود نه ڪونهي.
تصوريت ۽ ماديت پرستيءَ جي اها ڪشمڪش ايتري ئي پراڻي آهي، جيتري انساني تاريخ. تصوريت مذهب جي حقيقي وڪيل نه هئڻ جي باوجود ان لحاظ کان مذهب جو فلسفيانه سهارو رهي آهي، ته اها آخري حقيقت کي غير مادي ثابت ڪري ٿي، جيئن خود مذهب جي دعويٰ آهي. ان جي ابتڙ ماديت پرستي فڪري لحاظ کان خدا جي انڪار لاءِ ماحول پيدا ڪرڻ جو ڪم سرانجام ڏئي ٿي. ڇاڪاڻ ته ان جي نظر ۾ محسوس ٿيندڙ ڪائنات کان ٻاهر ٻي ڪنهن شيءِ جو حقيقي وجود ڪونهي.
گذريل صديءَ ۾ جديد طبعي سائنس جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ انهيءَ نظرئي وڌيڪ وسعت اختيار ڪئي. هاڻي ته سائنس جي تشريحي علم جي طور تي سائنٽيفڪ مادي پرستي وجود ۾ آئي آهي. علم طبقات الارض ۽ حياتياتي ارتقا جي نظرئي وسيلي ماڻهن ۾ ان جي زبردست پذيرائي ٿي. عام طور تي اهو تسليم ڪيو ويو ته زندگيءَ ۽ دماغ بي جان مادي جون ئي ترقي يافته شڪليون آهن. عضون جي علم جي ترقي سان ان کي وڏي هٿي ملي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ علم جي مطالعي مان ثابت ٿيو ته ذهني زندگي ۽ ان جي وسعت جو دارومدار دماغ جي جسامت تي آهي. جيتوڻيڪ ان جا وڏا وڏا حمايتي، مثلاً ڪارل واٽ (1895ع) ۽ لڊوگ بشنر (1899ع) واضح طور تي ثابت نه ڪري سگهيا، ته دماغ جي اصلي حقيقيت ڇا آهي. ان هوندي به جديد طبعي دريافتن کان پوءِ عام طور تي اهو سمجهيو ويو ته سائنس مادي پرستيءَ جي حق ۾ پنهنجو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، سترهين صديءَ عيسويءَ جي آخر تائين اهو سمجهيو پئي ويو، ته ماديت پرستي جديد علمي دنيا کي فتح ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي علمي ۽ منطقي طور تي مذهب لاءِ ڪابه گنجائش باقي نه رهي آهي.
فڪري طور تي ماده پرستي جا ٻه رخ هئا؛ هڪ هيءُ ته ڪائنات مڪمل طور تي هڪ مادي وجود آهي، ان ڪري هتي ڪنهن غير مادي هستي يعني خدا کي مڃڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. ٻيو هيءُ ته هتي جيڪي واقعا پيش اچن ٿا، تن جي پٺيان واضح مادي اسباب آهن، ان ڪري ڪنهن رب ۽ قيوم جي مڃڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. ماده پرستيءَ جو پهريون پهلو خدا جي وجود جو انڪار ڪري رهيو آهي، ۽ ٻيو پهلو خدا جي وجود کي ناممڪن ته نه ٿو چوي پر اهو چوي ٿو ته ابتدائي پيدائش کان پوءِ هن ڪائناتي نظام کي خدا جي ڪابه ضرورت نه آهي. والٽير (1778ع _ 1694ع) چوي ٿو ته جيڪڏهن خدا آهي، ته پوءِ اسان جي دنيا سان ان جو تعلق ائين آهي، جيئن هڪ گهڙي ٺاهڻ واري جو گهڙي سان آهي. ان هوندي به هيوم (1776_1711) ته انهيءَ ”بي جان ۽ بي ڪار“ خدا کي مڃڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته هن ”گهڙيون ٺهندي ڏٺيون هيون پر دنيائون ٺهندي نه ڏٺيون هيون.“
پر اڻويهين صديءَ جو خاتمو دراصل انهن نظرين جو به خاتمو هو. موجوده صديءَ ۾ خود سائنس جيڪي حقيقتون دريافت ڪيون آهن، تن سمورن خيالن کي آخري طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي.
نيوٽن جي ميڪانڪس جو هڪ مسئلو هي هو؛ ته جيڪڏهن ڪنهن شيءَ جي موجوده حالت معلوم هجي، ته ان جي گذريل ۽ ايندڙ حالت يقيني طور تي متعين ڪري سگهجي ٿي. ان طرح رڳو حرڪت جي قانون جي بنياد تي علم رياضيءَ جي مدد سان ازل کان ابد تائين ان جي سمورين حالتن جي اڳواٽ رٿا بندي ڪري سگهبي. ميڪانڪس جو اهوئي مسئلو هو، جيڪو ماده پرستن لاءِ فيصلائتو هيو جنهن جي بنياد تي هو ڪنهن خالق جي تصور کي غير ضروري قرار ڏيندا هئا، ڇاڪاڻ ته سندن نظر ۾ ڪائنات جي هر حالت ۽ هر لمحو متعين ٿيل آهي ۽ اها ان جي مطابق پاڻمرادو جڙندي وڃي ٿي.
فطرت جي باقاعده قانون جي حيثيت سان هيءَ سببن وارو اصول (Law of causation) سترهين صديءَ ۾ مڃيو ويو. هيءَ عظيم صدي جيڪا گليلو (1642_1564ع) ۽ نيوٽن (1727_1742)جي صدي مڃي وڃي ٿي، هن کان پهريائين پُڇڙ تاري جي ظاهر ٿيڻ کي بادشاهت جو خاتمو يا ڪنهن وڏي شخصيت جي موت جي علامت سمجهيو ويندو هو، پر هن صديءَ ۾ ڪشش ثقل جي آفاقي قانون مطابق ان جي وضاحت معلوم ڪئي وئي. نيوٽن لکيو آهي، ته ”اهڙي طرح قدرت جي ٻين واقعن کي به ميڪانيڪي اصولن جي روشنيءَ ۾ معلوم ڪري سگهبو.“
اهڙِيءَ طرح هڪ زبردست تحريڪ جنم ورتو، جنهن جو مقصد هن مادي ڪائنات کي هڪ مشين ثابت ڪرڻ هو. هيءَ تحريڪ اڻويهين صديءَ جي آخري اڌ ۾ پنهنجي انتها کي پهچي وئي. اهو وقت هو، جڏهن هيلم هولٽز (1894ع _ 1821ع) چيو ته سڀني فطري علمن جو آخري مقصد پنهنجو پاڻ کي حرڪت جي قانون ۾ منتقل ڪرڻ آهي. لارڊ ڪلوين (1907ع_1824) اعتراف ڪيو، ته جيستائين ڪنهن شيءَ جو ميڪينيڪل ماڊل نٿو ٺاهي سگهان، تيستائين ان کي سمجهي ئي نه ٿو سگهان.“ واٽرسٽن ميڪسويل (1879_1831ع) ۽ ٻين، نهايت ڪاميابيءَ سان گيس جي مشيني تشريح پيش ڪئي. سندن نظر ۾ گئس انتهائي ننڍڙن ننڍڙن باريڪ ذرڙن جو مجموعو هئي جيڪي هيڏانهن هوڏانهن پوپٽن وانگر اڏرندا رهن ٿا. اهڙي طرح نرم شين، روشني ۽ ڪشش ڪندڙ عنصرن جي تشريح ڪئي وئي. جيتوڻيڪ کين انهن ڪوششن ۾ ڪا گهڻي ڪاميابي حاصل ٿي نه سگهي، پر پوءِ به کين ان ڳالهه جو يقين هو ته هڪ نه هڪ ڏينهن سموري ڪائنات مشيني تشريح کي قبول ڪندي.
”جڏهن سموري ڪائنات اصول تعليل ۾ ٻڌل آهي، ته پوءِ انسان ان کان ٻاهر ڪيئن ٿي سگهي ٿو.“ انهيءَ سوال انسان کي ان حد تائين پهچائي ڇڏيو جو خود انسان به هڪ مشين بنجي ويو. ان منجهان سترهين ۽ ارڙهين صديءَ جي مشيني فلسفي جنم ورتو. جڏهن اهو معلوم ٿيو، ته زندهه شيون به ائين ئي انهيءَ ڪيميائي ائٽم مان ٺهيل آهن، جنهن مان غير جاندار شيون، ته انهيءَ يقين ۾ ڪو به شڪ باقي نه رهيو، ته ٻنهي جي نوعيت بلڪل هڪجهڙي آهي. وڏي زور ۽ شور سان اها دعويٰ ڪئي وئي، ته زندگي خود به پنهنجي آخري تجزيي ۾ صرف هڪ مشيني شيءِ ئي آهي. نيوٽن، باخ يا مائيڪل انجلو جا دماغ ڪنهن ڇاپي خاني کان رڳو پنهنجي پيچيدگين ۾ مختلف هئا پر حقيقت ۾ ٻنهي ۾ ڪوبه خاص فرق نه هو.
پر اوڻويهين صدي عيسويءَ جي آخر ۾ جڏهن فلاسفرن انهيءَ بحث کي ڇيڙيو، ته ڇا ڪا اهڙي مشين ٺاهي سگهجي ٿي، جيڪا نيوٽن يا باخ (1750_1685) جي خيالن کي دهرائي سگهي؟ انهن ڏٺو ته فطرت جي مظهرن، خاص ڪري روشني ۽ ڪشش ثقل جي خالص مشيني تشريح جون سموريون ڪوششون ناڪام ثابت ٿي رهيون هيون. سائنسدان تيزي سان انهيءَ نتيجي تي پهچڻ لڳا، ته ڪابه مشين بلب جي روشني ۽ صوف جي ڪرڻ کي ٻيهر دهرائي نه ٿي سگهي. ايتريقدر جو اڻويهين صديءَ جي آخر ۾ پروفيسر ميڪس پلانڪ (1947_1858ع) روشنيءَ جي باري ۾اهڙا نظريا پيش ڪيا، جيڪي ڪنهن به طرح مشيني تشريح کي قبول ڪرڻ وارا نه هئا. تنهن ڪري شروع ۾ ته ان تي تمام گهڻي تنقيد ڪئي وئي ۽ سندس مذاق اڏائي وئي، پر آخرڪار انهيءَ نظرئي کي ڪوانٽم نظرئي جي شڪل ۾ جديد علم طبعي جي تسليم ڪيل حقيقتن ۾ شامل ڪيو ويو. نه رڳو اهو پر ان سان مشيني تصوراتي دور جو خاتمو ۽ نئين دور جو آغاز پڻ ٿيو.
پلانڪ جو نظريو شروعاتي طور تي ائين سمجهيو ويندو هو، ته قدرت جهٽڪن ۽ ٻرانگهن جي شڪل ۾ سفر ڪري ٿي جيئن واچ جي سئي. پر 1911ع ۾ آئن اسٽائن اهو ثابت ڪيو، ته پلانڪ جو نظريو عدم تعين (Discontinuty)کان وڌيڪ انقلابي نوعيت جو هيو. ان سان اصول تعليل جو خاتمو ٿئي ٿو، جنهن کي قدرت جي نظام جو طبعي رهنما سمجهيو پئي ويو. قديم سائنس جي دعويٰ هئي ته قدرت صرف هڪڙو ئي رستو اختيار ڪري سگهي پئي، جيڪو علت ۽ معلول جي اصول تحت پهرئين ڏينهن کان وٺي ڪائنات لاءِ مقدر بڻجي چڪو آهي. پر هاڻي ان تي يقين رکڻ ناممڪن بنجي ويو.
هڪ مثال سان ان جي وضاحت ٿي ويندي. جيئن اسان کي معلوم آهي، ته ريڊيم ۽ ٻين عنصرن جا ائٽم ٽٽندا رهن ٿا ۽ اهڙي طرح وقت گذرندي اهي عنصر شيهي ۽ هيليم ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا. اهي ايٽم ڪيئن ٽٽن ٿا، ان بابت اصول تعليل جا سمورا ممڪن اندازا غلط ثابت ٿيا آهن. مثلاً هيءُ اندازو لڳائڻ ته ممڪن آهي ته ايٽم اليڪٽران جي حرڪت سان پيدا ٿيڻ واري گرميءَ جي ڪري ٽٽندا هجن، صحيح ڪونهي. ڪنهن مخصوص ايٽم تي خارجي گرمي پهچائي ان جو تجربو ڪري سگهجي ٿو، اهڙو تجربو ڪيو ويو، ۽ ناڪام ثابت ٿيو. اهو ئي سبب آهي، جو ردر فورڊ (1937_1871ع) ۽ ساڊي 1903ع ۾ پاڻمرادي انتشار (Spontaneous disintegration) جو مفروضو قائم ڪيو، جيڪو خالص طبعي نقطه نگاهه کان ان جي وضاحت نه پر وضاحت جو انڪار آهي. موجوده صديءَ جي شروع ۾ جڏهن ميڪ لينان، ردرفورڊ ۽ ٻين سائنسدانن جڏهن ڪائناتي شعاعن کي ڳولي لڌو، ته ائين سمجهيو ويو، ته هيءُ اهي ئي شعاع آهن، جيڪي ريڊيائي عنصرن ۾ پاڻمرادو انتشار جو سبب آهن، پر تجربي مان اهو به غلط ثابت ٿيو.
عام روشني ڪنهن مادي ۾ هڪ انچ کان به گهٽ حصي ۾ داخل ٿئي ٿي، ايڪسري جا شعاع ان کان گهڻو وڌيڪ داخل ٿيڻ جي طاقت رکن ٿا. اهي شعاع اسان جي سموري جسم مان گذري وڃن ٿا. تنهن هوندي به هڪ سڪي جي برابر ڌاتو جو ٽڪرو ان جي گذرڻ کي روڪي وٺي ٿو. پر ڪائناتي شعاع شيهي ۽ ٻين سخت ڌاتن ۾ ڪيترن ئي گزن تائين داخل ٿي وڃن ٿا. انهيءَ ڪري اهو اندازو لڳائڻ تمام گهڻو سؤلو هو، ته ريڊيائي انتشار جو سبب اهي شعاع ئي آهن. پر اهو اندازو به هڪ تمام سادي تجربي سان غلط ثابت ٿي ويو. ريڊيائي عنصر جي هڪ ٽڪري کي ڪوئلي جي کاڻ جي اندر پهچايو ويو. هينئر هو ڪائناتي شعاعن جي حملي کان بلڪل محفوظ هو. پر ان جي اندر جوهري انتشار اڃا به بلڪل ساڳئي طرح جاري هو. ڪائنات جي انهيءَ ناقابل توجيه مظهرن جو ذڪر ڪندي هڪ سائنسدان لکي ٿو:
”ڪائنات جو مستقبل يقيني طور تي ايئن ماضيءَ سان ٻڌل ڪونهي، جيئن اسان سمجهيو هو. ائين معلوم ٿئي ٿو، ته هيءَ معاملو بهرحال خدائن سان تعلق رکي ٿو، چاهي اهو خدا ڪير به هجي.“
اهڙي قسم جون ٻيون تحقيقون پڻ اهڙي ئي قسم جي رهنمائي مهيا ڪن ٿيون. مثلاً پروفيسر هيزن برگ 1927ع ۾ ٻڌايو، ته ڪوانٽم جو نظريو هڪ ٻئي نتيجي تي پهچائي رهيو آهي، جنهن کي هن غير متعين يعني غير مقرر نظريي (Principle of Indeterminacy) جو نالو ڏنو آهي. روايتي طور تي اهو سمجهيو پئي ويو، ته قدرت هڪ متعين ڪيل رخ تي نهايت صحيح طريقي سان سفر ڪري ٿي، پر هيزن برگ اهو ثابت ڪيو، ته قدرت سڀ کان وڌيڪ انهيءَ خيال جي ترديد ڪري رهي آهي. تنهن ڪري اڄ طبعي سائنس جو اهو مڃيل قانون آهي، ته نه صرف ڪائنات بلڪه ان جي ڪنهن به حصي، ايتريقدر جو ڪنهن ذرڙي جو مستقبل به قطعي طور تي مقرر ڪيل نه آهي. اهو ڪيترن ئي ممڪن حالتن مان ڪنهن هڪ حالت کي اختيار ڪري سگهي ٿو. ان ريت قدرتي قانون متعين ٿيل (deterministic) نه بلڪه سراسر (Statistical) بنجي وڃن ٿا.
اوڻويهين صدي جي طبيعات ۾ مادي ۽ توانائي کي هڪ ٻئي جو ضد تصور ڪيو ويندو هو. مادي کي هڪ جسماني شيءِ سمجهيو ويندو هو، جيڪا هڪ محدود فضا ۾ پنهنجي جڳهه والاري ٿي ۽ ان کي هڪ مستقل وزن ٿئي ٿو، جنهن کي گهٽائي وڌائي يا ختم نٿو ڪري نه سگهجي. جڏهن ڪابه مادي شيءِ حرڪت ڪري ٿي، ته اها هڪ ئي رخ ۾ هڪ ذري وانگر حرڪت ڪري ٿي، آواز يا روشنيءَ جي لهرن وانگر پوري فضا ۾ نه ٿي ڦهلجي. ان جي ابتڙ روشني ۽ توانائي جي باري ۾ هيءُ خيال هو، ته، نه اها ڪا جسماني شيءِ آهي ۽ نه ڪنهن محدود فضا کي ڪنهن ٻئي جي شرڪت کان سواءِ گهيري وٺي ٿي، ان جو ڪو به وزن نه هوندو آهي ۽ اها ذري وانگر حرڪت نه ٿي ڪري پر لهرن جي شڪل ۾ اڳتي وڌي ٿي. انهيءَ ”ٻٽي معيار“ ماڻهن کي اهو موقعو ڏنو ته هو اها دعويٰ ڪري سگهن، ته ڪائنات جي اصليت مادو آهي، توانائي ان مادي جو هڪ اضافي مظهر آهي، ان جو الڳ ڪوبه وجود نه آهي.
جديد طبيعات ۾ مادي ۽ توانائي جو هيءُ اختلاف ختم ٿي ويو آهي ۽ تجربن مان ثابت ٿي چڪو آهي ته اهي ٻئي هڪ ٻئي جون مختلف شڪليون آهن. ڪڏهن مادو توانائيءَ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو، ته ڪڏهن توانائي مادي ۾. ڪنهن مادي شيءِ جو مايو مستقل نه آهي، بلڪه اهو ان جي حرڪت تي مدار رکي ٿو ۽ رفتار سان ان ۾ گهٽ وڌائي ٿيندي رهي ٿي. هڪ مادي شيءِ ڪڏهن ذري جي شڪل ۾ هڪ ليڪ ۾ حرڪت ڪري ٿي، ته ڪڏهن اها لهرن وانگر ڦهلجندي، اڳتي وڌندي آهي. مادي جو توانائي ۾ منتقل ٿيڻ جو اهوئي اصل اصول آهي، جنهن جي بنياد تي ايٽم بم ٺاهيو ويو آهي.
1900ع ۾ پلانڪ ڪوانٽم جو انڪشاف ڪيو ۽ ٻڌايو ته توانائي ۽ مادي جي حالتن ۾ تبديلي مسلسل نه ٿي اچي، بلڪه هڪ خاص ٿورڙي مقدار يعني ڪوانٽم جي ٻيڻ (multi ples) جي تناسب سان ٿيندي آهي. انهيءَ انڪشاف کان پوءِ قديم ترين زماني کان وٺي طبعي ڪائنات ۾ تبديلي جي مسلسل ۽ درجي به درجي ٿيڻ جو جيڪوتصور هليو پئي آيو، سو ختم ٿي ويو. ان سان نيوٽن جي ميڪانڪس ۾هڪ غير معمولي انقلاب برپا ٿيو.
ايٽم جي باري ۾ 1895ع تائين اهو سمجهيو پئي ويو، ته اهو مادي جو سڀ کان ننڍڙو ذرڙو آهي، جنهن کي وڌيڪ ورهائي نه ٿو سگهجي. پر بعد ۾ اهو پتو پيو ته هر ايٽم جي اندر ڪيترائي ٻيا به ننڍڙا ذرڙا ٿين ٿا، جن کي اليڪٽران، پروٽان ۽ نيوٽران وغيره چئجي ٿو. ڪنهن ايٽم جو مادو مسلسل ڦهليل نه هوندو آهي، بلڪه اهي ذرڙا ان جي اندر شمسي نظام وانگر ترتيب ڏنل هوندا آهن ۽ ڪجهه مقرر مدارن ۾ حرڪت ڪندا رهن ٿا. ايٽم جي مختلف ذرڙن وچ ۾ اهڙيءَ طرح وسيع خال هوندو آهي، جيئن سج ۽ ان جي تابع سيارن جي وچ ۾ هوندو آهي. ايٽم جي مرڪزي حصي ۾، جنهن کي نيوڪلس چئجي ٿو، تنهن جا تقريباً سمورا مادا مرڪز ۾ ٿين ٿا ۽ انهن جي ٽوڙ ڦوڙ سان ايٽم جي ڪيفيت ۽ ماهيت به بدلجي وڃي ٿي ۽ ايٽمي توانائي به حاصل ٿئي ٿي. هاڻي ته اهڙا ذرڙا تمام وڏي تعداد ۾ دريافت ٿيا آهن، جيڪي ٻن مادي ذرڙن يا هڪ مادي جي ذرڙي ۽ شعاعن جي گڏيل تعامل دوران ظاهر ٿين ٿا.
اهڙي طرح جديد طبيعات قديم مادي جي بنياد کي بلڪل ڊاهي ڇڏيو آهي. علمي دنيا جو هي به عجيب اتفاق آهي، ته جڏهن نيوٽن جي نظرين تي مشتمل طبيعات اڻويهين صديءَ ۾ پنهنجي عروج کي پهچي رهي هئي، عين انهيءَ زماني ۾ هڪ ٻئي پٺيان اهڙا تجربا ۽ مشاهدا ٿيا، جن خود هن علم جي بنيادن کي لوڏي وڌو ۽ علم طبعي ۾ هڪ همه گير انقلاب رونما ٿيو. مادو ۽ توانائي، ذرو ۽ لهرون، جوهر ۽ عنصر، زمان ۽ مڪان، علت ۽ معلول جهڙا بنيادي تصور شروع کان ئي بدلجي ويا ۽ خود قدرتي قانونن جو به نئون مفهوم سامهون اچڻ لڳو. اهي بنيادي تبديليون هيون، جن نيوٽن ۽ ميڪسويل جي طبيعات بدران ان جديد طبيعات جي تشڪيل ڪئي، جنهن جو بنياد ڪوانٽم ۽ اضافيت جي نظرين تي قائم آهي.
برٽرينڊرسل (1970_1872) جو چوڻ آهي ته: ”اڄ جا طبيعات جا ماهر اسان کي يقين ڏياري رهيا آهن، ته مادي جهڙي ڪا به شيءَ شروع کان وٺي اصل ۾ ڪوبه وجود نه ٿي رکي. ٻئي طرف نفسيات جا ماهر اهو يقين ڏياري رهيا آهن، ته ذهن جهڙي ڪابه شيءِ موجود ئي نه آهي.“ هو وڌيڪ لکي ٿو ته؛ ”اڄ جو جديد ماده پرست بڻجڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارو پنهنجو پاڻ کي عجيب ڪشمڪش ۾ مبتلا محسوس ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته جتي هڪ طرف خاص حد تائين ذهن جي افعالن کي ڪاميابيءَ سان جسم جي افعالن جي ماتحت ثابت ڪري سگهجي ٿو، اتي وري ٻئي طرف انهيءَ حقيقت کي به مڃڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي ته جسم به ته ذهن جو ايجاد ڪيل هڪ سهوليت پيدا ڪرڻ وارو تصور آهي.“
” عام ماڻهو مادي شين جي وجود کي يقيني سمجهي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو حواسن لاءِ بلڪل پڌرو آهي ۽ جيڪڏهن تسليم ڪجي ته ڪجهه شيون مشڪوڪ آهن ته بهرحال ايترو ته يقيني آهي ته جنهن شيءَ کي اوهان ٺوڪر هڻندؤ، ڌڪو ڏيندؤ يا ٽڪرائيندؤ، سو حقيقي ۽ واقعي مڃڻ گهرجي.“ پر حقيقت ڇا آهي؟
طبيعات جا ماهرثابت ڪن ٿا، ته توهان ڪڏهن به ڪنهن شيءَ سان هرگز نه ٿا ٽڪرايو. ايتريقدر جو جڏهن توهان جو مٿو ڪنهن پٿر جي ديوار سان ٽڪرائجي ٿو، ته حقيقت جي لحاظ کان توهان ان کي ڇهو به نٿا ٿئي ائين ٿو، ته ڪجهه پروٽان ۽ اليڪٽران جيڪي توهان جي جسم جو حصو ٿين ٿا، انهن ۾ ۽ ان شيءِ جي اليڪٽران ۽ پروٽان وچ ۾ جنهن کي توهان سمجهو ٿا، ته ڇُهي رهيا آهيو؛ صرف پاڻ ڏي ڇڪڻ ۽ هٽائڻ جو عمل ٿيندو آهي پر انهيءَ عمل دوران دراصل ٻن جسمن ۾ ڇُهڻ ۽ ميلاپ نه ٿو ٿئي. پر صرف ايترو ٿئي ٿو، ته توهان جي جسم جا اليڪٽران ۽ پروٽان جڏهن ٻئي جسم جي اليڪٽرانن ۽ پروٽان جي ويجهو ٿين ٿا، ته انهن ۾ هڪ تحرڪ پيدا ٿئي ٿو، اهوئي تحرڪ توهان جي اعصابن جي ذريعي دماغ تائين پهچي ٿو. بس اهوئي دماغي تاثر ڇهڻ ۽ ميلاپ جي احساس کي پيدا ڪرڻ لاءِ ضروري هوندو آهي.“
جديد سائنس جي روشنيءَ ۾ هيءُ ثابت ڪرڻ انتهائي مشڪل ٿي پيو آهي، ته اسان جي ذهن کان ٻاهرڪنهن مادي شيءِ جو وجود آهي. رسل جي لفظن ۾ هتي صرف اليڪٽرانن جو مجنونا نه رقص ٿئي ٿو ۽ ان ۾ ۽ اسان جي ڇُهڻ وغيره جي سنئين سڌي محسوسات يا شين سان مشابهت صرف نالي ماتر ئي آهي. سر آرٿر اڊنگٽن علم طبيعات جي ماهر جو هي اعلان ۽ اعتراف ته ”طبيعات خارجي صداقت يا ان جي ڪنهن جزوي حصي جو ڪوبه علم عطا نه ٿي ڪري سگهي؛ انهيءَ نظرئي جي توثيق آهي ته طبعياتي طريقن سان جيڪو علم حاصل ٿئي ٿو، سو گهڻو ڪري ذهني ٿئي ٿو.“
”جهڙي طرح لفظن سان شين جي نمائندگي ظاهر نه ٿي ٿئي، پر اُهي صرف ان جون علامتون هوندا آهن. مثلاً مانيءَ جو لفظ مانيءَ جي اصلي شڪل، صورت، رنگ ۽ بُو وغيره جي تصوير، عڪس يا نقشو نه هوندو آهي، اهڙي طرح اسان خارجي شين جي باري ۾ جيڪي تصورات رکون ٿا، سي شين جي واقعي حقيقت ۽ نوعيت کي نمايان ڪندڙ تصوير يا بدل ۽ ثاني نه هوندا آهن بلڪه صرف علامت هوندا آهن، جيئن رياضيءَ ۾ انگ ۽ اي_بي_سي وغيره وارا حرف علامتي هوندا آهن. حقيقت هيءَ آهي، ته طبيعات جو نتيجو هاڻي رڳو رياضياتي علامتن ۽ ان جي مساواتن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه رهيو آهي؛ اهي علامتون ڪنهن شيءَ يا حقيقت جون آهن. ان جو پراسرار جواب هيءُ آهي، ته طبيعات جو ان سان ڪوبه واسطو نه آهي، ۽ نه ان وٽ انهن علامتن جي تهه ۾ وڃڻ جو ڪو ذريعو آهي.“ انهن علامتن جي پٺيان جيڪا شيءَ ڪم ڪري رهي آهي، ان جي حقيقت متعلق ڪو يقيني حڪم لڳائڻ ته پري جي ڳالهه پر طبيعات جو ان جي ابتڙ انتهائي يقين سان اصرار آهي، ته ان جا طريقا علامتن جي پس منظر ۾ وڃي ئي نٿا سگهن.
اهڙي طرح اڊنگٽن جي لفظن ۾ طبيعات جي خارجي دنيا محض پاڇن جي دنيا رهجي وئي آهي.
گذريل صدي تائين مادو سڀ کان وڏي حقيقت هو، پروفيسر ٽائٽ طبيعاتي سائنس جي ڪجهه ترقين تي ليڪچر ڏيندي 1876ع ۾ چيو هو، ته ”مادي جي حقيقي هجڻ يا ان جي خارجي وجود جو سڀ کان وڏو ثبوت هيءُ آهي، ته انسان وٽ ڪا اهڙي طاقت ئي نه آهي، جيڪا ان کي پيدا يا فنا ڪري سگهي.“
پر هاڻي مادو ٽٽي چڪو آهي. ”هيروشيما جي تباهي مادي جي فنا جوئي نتيجو هئي“. جديد ايٽمي سائنس جو بنياد گهڻو ڪري انهيءَ عقيدي تي قائم آهي، ته مادي جي آخري اڪائي (ايٽم) کي ٽوڙي سگهجي ٿو.
سائنس جي دنيا ۾ انهيءَ انقلاب جو نتيجو هيءُ نڪتو آهي، بقول برٽينڊر رسل جي؛ ”حقيقت هيءَ آهي، ته اڄڪلهه مشڪل سان ئي توهان کي ڪو رسالو يا ڪتاب ڏسڻ لاءِ ملندو جنهن ۾ اسان جي سائنسي خيالن تي بحث نه ٿيل هجي ۽ ان تي انهيءَ طرح جي ٽيڪا ٽپڻي ڪيل نه هجي، مثلاً ”گليلو جي عهد جو خاتمو“،”سائنس جي روح سان دشمنيءَ جو خاتمو“، ”ميڪانڪي طبيعات جي ناڪامي“، ”مذهب ۽ سائنس ۾ مصالحت،“ وغيره ايتريقدر جو برنهارڊ باونڪ جديد طبيعات تي پنهنجي ڪتاب جو نالو ئي اهو رکيو ”سائنس مذهب جي رستي تي.“
اڊنگٽن جي لفظن ۾ ”ڪائنات جو اهو نظريو جيڪو ڪشش جهڙي اڻ ڏٺل قانون جي ڪار فرمائي کي مڃي ٿو، ڇا ان کان به ڪجهه وڌيڪ سائنسي ٿي سگهي ٿو، جو جيئن وحشي انسان هر ان شيءَ کي جنهن کي هو پراسرار محسوس ڪندا هئا، تنهن کي اڻ ڏٺل ديوتائن جي طرف منسوب ڪندا هئا. سائنس جي ترقيءَ جي نتيجي ۾ مشاهدي جا جديد ذريعا انسان جي هٿن ۾ اچي ويا، ته ان سان هو انهيءَ غلط فهميءَ ۾ پئجي ويو، ته هو هر شيءَ کي ڏسي سگهي ٿو، ايتري قدر جو اها دعويٰ پڻ ڪئي وئي، ته جيڪا شيءِ اسان جي خوردبيني يا دوربيني جي ذريعي نظر نه ٿي اچي، سا اصل ۾ ڪوبه وجود نه ٿي رکي.
نيوٽن (1727ع_1642ع) ۽ آئن اسٽائن (1954_1879) جي درميان هڪ پورو دور گذريو آهي، پر آئن اسٽائن کان پوءِ جيڪو دور شروع ٿيو، تنهن کان پوءِ سائنس پنهنجو اهو يقين وڃائي ڇڏيو آهي. هاڻي اها حقيقت مڃڻ بدران مشڪوڪ بڻجي وئي آهي ته هيءَ دنيا معروضي آهي يا داخلي. يعني ڪائنات جو ڪو خارجي وجود آهي، جنهن کي ڏسي سگهجي ٿو يا اها صرف اسان جي اندروني احساس جو ڪرشمو آهي، جڏهن ته پهريائين اهو سمجهيو پئي ويو، ته ذهن ۽ احساس جو ڪوبه حقيقي وجود ئي ڪونهي، اصل موجود شيءِ مادو آهي ۽ احساس صرف انهيءَ مادي جي اضافي پيداوار آهن.
اوڻويهين صديءَ جي آخر تائين اهو سمجهيو ويندو هو، ته هر شيءَ جي آخري حقيقت ايٽم آهي ۽ ايٽم ننڍڙا ننڍڙا ذرڙا آهن، جن کي ڏسي سگهجي ٿو، پر ايٽم جي ٽٽڻ کان پوءِ ايٽم ناقابل مشاهدي دنيا ۾ غائب ٿي ويو. هاڻي سائنس ۾ عام طور تي اهو تسليم ڪيو ويو آهي، ته آخري حقيقت هڪ اهڙي لطيف شيءِ آهي، جيڪا ڏسي نه ٿي سگهجي. تنهن ڪري هاڻي ڪائنات جي تشريح ڪو هنن لفظن ۾ ڪري ٿو، ته هيءُ امڪاني لهرون آهن. ڪو چوي ٿو، ته هيءُ معروف معنيٰ ۾ ڪابه شيءِ نه آهي بلڪ واقعن جو هڪ سلسلو آهي، ڪو ان کي خيالي جهان چوي ٿو ڪو ان کي جن سان تشبيهه ڏئي ٿو، ڪو ان کي رڳو هڪ جوڙجڪ ٻڌائي ٿو ۽ ڪو وري ان کي پاڇن جي دنيا سڏي ٿو.
برٽينڊرسل انهن سڀني خيالن کي هڪ طنزيه جملي اندر هن طرح سميٽيو آهي: ”مادو اهڙي طرح هڪ اهڙو ڀوت بنجي ويو آهي، جيڪو ذهن کي هڪلڻ لاءِ ڏنڊو نه ٿوبڻجي سگهي.“ هو وڌيڪ لکي ٿو، ته ”اها شيءِ جنهن کي اڄ تائين پنهنجو جسم چوندا رهيا آهيون، سا درحقيقت وڏي ديده دليريءَ سان بڻايل هڪ سائنسي تشڪيل آهي، جنهن جي ڪابه طبيعاتي حقيقت نه ٿي ملي.“
[b]خلاصو:
[/b]برنهارڊ باونڪ جو هيءُ چوڻ ته سائنس مذهب جي رستي تي هلي رهي آهي، مٿي ڏنل تفصيل مان واضح ٿي وڃي ٿو. حقيقت هيءَ آهي ته علم جو درياهه وري اُتي پهچي ويو آهي، جتي ان مذهب کي ڇڏيو هو. يعني هيءَ ڪائنات پنهنجي آخري حقيقت جي لحاظ کان هڪ غير مادي واقعو آهي ۽ نه بي جان ۽ بي شعور مادي جو بي معنيٰ رقص.
وڌيڪ اهو ته اسان جي هن دنيا ۾ جيڪي اسباب ڪم ڪري رهيا آهن، سي امڪاني طور تي نهايت مختلف ۽ متضاد نتيجن تائين پهچي سگهن ٿا، پر ڪائناتي نظام حيرت انگيز طور تي واقعن جي رخ کي غير موزون نتيجن ڏانهن وڃڻ کان روڪي ٿو ۽ ان کي صرف موزون نتيجن جي طرف وٺي وڃي ٿو، ڪائنات جي اها مقصدي فطرت (Teleo Logical Nature) واضح طور تي انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهي، ته هن جهان جي واقعن پٺيان هڪ باشعور ارادو ڪم ڪري رهيو آهي. انهيءَ صورتحال جي ٻي ڪابه وضاحت نه ٿي ڪري سگهجي.
ڪائناتي نظام جو غير متعين هجڻ ٻين لفظن ۾ انتخابيت جو هجڻ ۽ ان جو تسلسل برقرار رهڻ اهو ثابت ڪري ٿو ته ان کي هر وقت خارجي رهنمائي ڏني پئي وڃي. سر آرٿراڊنگٽن بجا طور تي ان جي نشاندهي ڪئي آهي، ته جديد ڪوانٽم جي نظريي جو هيءُ بي حد حيرت انگيز پهلو آهي، ڇاڪاڻ ته هيءُ مذهبي عقيدن جي سائنسي تصديق ڪري رهيو آهي.“ (وا وحیٰ فی کل سماءِ امرھا)