مذهب

اسلام جو عقلي مطالعو

ڪائنات جي ابدي حقيقتن کي ڄاڻڻ جي خواهش انساني فطرت ۾ اهڙي طرح سمايل آهي، جو هو ڪنهن به طرح پنهنجو پاڻ کي ان کان الڳ نه ٿو ڪري سگهي. قديم زماني کان وٺي انسان فطرت جي ابدي رازن کي ڄاڻڻ جي جستجوءَ ۾ رڌل رهيو آهي، پر اڃا تائين انهن رازن تائين رسائي حاصل ڪري نه سگهيو آهي. انسان پنهنجي ذاتي ڪوششن سان انهيءَ حقيقت تائين ان ڪري نه پهچي سگهيو آهي،
Title Cover of book اسلام جو عقلي مطالعو

موت جي هُن پار

ستارا ۽ سيارا ڪڏهن به پنهنجي مقرر رستي کان نه ٿا ٿڙن. وڻن ۽ پهاڙن جي سامهون ڪڏهن به اهو مسئلو نه ٿو اچي، ته هو پنهنجي زندگيءَ جي نظام کي ڪهڙي طرح بهتر بڻائين! ڪنهن جانور کي اهو سوال پريشان نه ٿو ڪري، ته هو پنهنجي حاصل نه ٿيندڙ تمنائن کي ڪيئن پورو ڪري. انسان کان سواءِ هن ڪائنات ۾ جيڪي به شيون آهن، سي اهڙيون ئي آهن، جهڙو کين هئڻ گهرجي. هن معلوم دنيا ۾ صرف انسان ئي آهي، جيڪو ان احساس ۾ ورتل آهي، ته هو جيڪي ڪجهه چاهي ٿو، تنهن کي حاصل نه ٿو ڪري سگهي ۽ نه وري موجوده دنيا ۾ ڪڏهن ان جو حاصل ڪرڻ ممڪن آهي.
اسان جي ۽ موجوده دنيا جي وچ ۾ انهيءَ تضاد کي هميشه ماڻهن محسوس ڪيو آهي. عام انسان صرف هيءُ سوچي ٿو، ته هو بيماري، حادثي، پوڙهائپ ۽ موت کان آزاد زندگي گذارڻ چاهي ٿو، پر هو ان مان ڇوٽڪارو حاصل نه ٿو ڪري سگهي. عالم ۽ مفڪر انهيءَ معاملي تي تمام گهڻو گهرائي ۾ وڃي سوچين ٿا ۽ تمام دور رس قسم جي غير موافق پهلوئن جو انڪشاف ڪن ٿا، جيڪي انسان ۽ موجوده دنيا وچ ۾ فيصلائتي انداز ۾ حائل آهن.
انسان خلائن کي ماپي ٿو ۽ اقتدار جا خواب ڏسي ٿو، پر هو ڪيڏو نه عاجز ۽ ڪمزور آهي! اهو هن مثال ذريعي سمجهي سگهجي ٿو. زمين تي جيترا انسان رهن ٿا، تن ۾ جيڪڏهن هر ماڻهو ڇهه فوٽ ڊگهو، اڍائي فوٽ ويڪرو ۽ هڪ فوٽ ٿلهو هجي، ته پوري آباديءَ کي آسانيءَ سان هڪ اهڙي صندوق ۾ بند ڪري سگهجي ٿو، جيڪا ڊيگهه، ويڪر ۽ اوچائي ۾ هڪ ميل هجي. پر جيڪڏهن انهي صندوق کي ڪنهن سمنڊ جي ڪناري تي کڻي وڃي ان کي هلڪو ڌڪو ڏجي، ته اها پاڻيءَ جي گهرائي ۾ گم ٿي ويندي. صديون گذري وينديون، پر انساني نسل ٻيهر زمين تي هلندي ڦرندي نظرنه ايندو. دنيا جي ذهن تان به اها شيءِ گم ٿي ويندي، ته هتي انسان قسم جي ڪا مخلوق آباد هئي. سمنڊ جي سطح تي اهڙي طرح روز طوفان ايندا رهندا، سج ائين چمڪندو رهندو، زمين جو گولو پنهنجي محور تي بدستور گهمندو رهندو. ڪائنات جي لامحدود گهرائين ۾ ڦهليل اڻ ڳڻيون دنيائون انهيءَ وڏي حادثي کي هڪ معمولي حادثي کان وڌيڪ اهميت نه ڏينديون. مدتن گذرڻ کان پوءِ هڪ بلند مٽيءَ جو ڍير پنهنجي زبان سان اهو ٻڌائيندو، ته هيءَ انساني نسل جي قبر آهي، جنهن کي صديون اڳ هڪ ننڍڙي صندوق ۾ دفن ڪيو ويو هو.
سر جيمز جينز (1946ع_1877ع) ڪائنات جي هن بي پناهه وسعت جي ڀيٽ ۾، انسان ۽ ان جي وطن (زمين) جي معمولي حيثيت جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:
”واريءَ جي ذري جي هڪ خوردبيني حصي تي بيهي اسان ڪائنات جي نظام ۽ ان جي مقصد کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون جيڪو زمان ۽ مڪان جي اندر اسان جي وطن (زمين) کي گهيرو ڪيون بيٺو آهي. اسان جو پهريون تاثر ڪجهه دهشتناڪ قسم جو هوندو آهي. اسان ڪائنات کي ان جي وسيع ۽ سمجهه کان ٻاهر فاصلن جي ڪري دهشت ڀريو ڏسون ٿا، اها پنهنجي اڻ ڄاتل حد تائين پکڙيل وقت جي ڪري جنهن جي مقابلي ۾ انساني تاريخ رڳو اک ڇنڀڻ جيتري عرصي واري معلوم ٿئي ٿي، اسان جي بي حد و حساب اڪيلائي جي ڪري، ۽ خلا ۾ اسان جي وطن (زمين) جي مادي طور تي بلڪل بي حقيقت هئڻ ڪري پڻ دهشتناڪ لڳي ٿي. سموري دنيا جي سمنڊن ۾ موجود واريءَ جي ذرن مان هڪ ذرڙي جو ڏهه لَکُون حصو! پر انهن سڀني حقيقتن کي ڇڏي ڪري انهيءَ ڪري به اسان هن ڪائنات کي دهشت ناڪ سمجهون ٿا جو اها اسان جهڙي هڪ حياتيءَ جي معاملي ۾ غيرجانبدار آهي. جذبا، حوصلا، ڪاميابيون، آرٽ ۽ مذهب سڀئي ان جي منصوبي ۾ ڌاريا معلوم ٿين ٿا. شايد اسان چئي سگهون ٿا ته اها (ڪائنات) اسان جهڙي زندگيءَ جي دشمن آهي. ڇاڪاڻ ته خالي خلا جو گهڻو حصو ايترو ته ٿڌو آهي جو زندگي رکندڙ سڀئي وجود ان ۾ ڄمي ويندا. خلا جي اندر مادي جو گهڻو حصو ايترو ته گرم آهي جو انهيءَ جي مٿان زندگيءَ جو وجود ناممڪن آهي. خلا تيڏي ۽ ڦڏي آهي ۽ فلڪياتي جسمن تي مسلسل مختلف قسمن جي ريڊيائي بمباري ٿيندي رهندي آهي، جن مان گهڻا ته زندگيءَ لاءِ مخالف يا تباهي آڻيندڙ آهن. اهڙي ئي قسم جي هڪ دنيا ۾ اسان اچي لٿا آهيون. جيڪڏهن غلطيءَ سان نه ته به گهٽ ۾ گهٽ انهيءَ شيءِ جي نتيجي ۾ جنهن کي اسان اتفاق سڏيون ٿا.
سيارن جي نظام (جنهن ۾ اسان جي زمين آهي) انتهائي قيمتي خلائي واقعو آهي. سياراتي نظام جو اهڙيءَ طرح قيمتي هئڻ تمام اهم آهي. ڇاڪاڻ ته زندگيءَ جي جنهن قسم کان اسان زمين تي واقف آهيون، سا زمين جهڙي ئي ڪنهن سياري تي وجود ۾ اچي سگهي ٿي. انهيءَ کي پاڻ ظاهر ڪرڻ لاءِ سازگار طبيعي حالتون گهربل آهن، جن ۾ سڀ کان اهم اهو گرمي پد آهي جنهن ۾ شيون پٽڙي شڪل ۾ باقي رهي سگهن.
انهن سببن ڪري هيءَ ڳالهه مڃڻ جوڳي نٿي لڳي ته ڪائنات ابتدائي طور اسان جهڙي زندگي لاءِ جوڙي وئي هجي. جيڪڏهن ايئن هجي ها ته پوءِ پڪ سان اسان ميڪانزم جي ڦهلاءَ ۽ پيداوار جي مقدار ۾ گهڻو وڌيڪ سٺي تناسب جي اميد ڪري سگهون پيا. گهٽ ۾ گهٽ پهرين نظر ۾ زندگي انتهائي غيراهم ۽ ضمني پيداوار نظر اچي ٿي، اسان زنده ماڻهو عام رستي کان ڪجهه پري آهيون.
سائنس جي ذريعي هن وقت تائين جيڪا معلومات ملي آهي، ان مطابق اسان نهايت عجيب ۽ حيرت ناڪ طور تي وجود ۾ آيا آهيون ۽ انسان جي حيرانگي ۾ ويتر اضافو ٿئي ٿو جڏهن اسان پنهنجي وجود جي ابتدا جي مسئلي کان اڳتي وڌي پنهنجي حقيقت ۽ مقصديت کي سمجهڻ گهرون ٿا يا اهو ڏسڻ چاهيون ٿا، ته تقدير مستقبل ۾ اسان جي نسل لاءِ ڪهڙي شيءِ بچائي رکي آهي.
فزڪس ۽ فلڪيات ٻئي هڪ ئي ڪهاڻي ٻڌائن ٿا، ته ڪائنات جو هڪڙوئي انجام ٿي سگهي ٿو، اهو آهي، حرارتي موت؛ ان جي ڪابه اهميت ناهي، ته ان آخري انجام تائين پهچڻ جو رستو ڪهڙو هوندو. ڪائنات جي موت کانسواءِ هن سفر جو انجام ٻيو ڪوبه ٿي نه ٿو سگهي.
پوءِ ڇا ائين آهي، ته زندگي محض اتفاق سان هڪ اهڙي ڪائنات ۾ ڀُلي آئي آهي، جيڪا بنيادي طور تي زندگيءَ لاءِ نه بڻائي وئي هئي، ۽ اها سڀني مظاهرن جي مطابق يا ته مڪمل طور تي غير جانبدار آهي يا قطعي طور تي ان جي ابتڙ. هڪ ذرڙي جي محض هڪ حصي تي اسان کي ان وقت تائين چهٽيل رهڻو آهي، جيستائين اسان فنا نه ٿي وڃون. پنهنجي مختصر زندگيءَ جي مختصر اسٽيج تي ٿورڙن لمحن لاءِ آڪڙ جي هلڻ، انهيءَ ڄاڻيندي به ته اسان جا سمورا حوصلا آخرڪار ختم ٿيڻ وارا آهن ۽ اسان جون سموريون ڪاميابيون اسان جي نسل جي خاتمي سان گڏ ختم ٿي وينديون، ڪائنات ته باقي رهندي پر اسان موجود نه هونداسين، اهڙن احساسن جو اظهار تاريخ جي هر دور ۾ مختلف سوچ وارن ماڻهن مختلف انداز ۾ ڪندا رهندا آهن. ڪريسي ماريسن (1946_1884ع) زندگيءَ جو سائنسي مطالعو ڪندي، بي اختيار چوي ٿو، ته ”زندگي هن زمين تي ڪڏهن وجود ۾ آئي يا ڪيڏانهن وڃي رهي آهي، سائنس اسان کي ان جو ڪو به جواب نه ٿي ڏئي.“
آئن اسٽائن ( 1955- 1879ع)پنهنجي سائنسي علم جي روشنيءَ ۾ جڏهن انسان بابت غور ڪري ٿو ته وٽس ان اقرار کان سواءِ ٻيو ڪجهه چوڻ لاءِ باقي نه ٿو رهي ته ماڻهو هن دنيا ۾ بنهه اوپرو آهي ۽ اهڙي هنڌ پهتو آهي جتي ان جي گهرج نه هئي!
انسان جيڪو ڪجهه حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، اهو موجوده دنيا جي ڍانچي ۾ ممڪن نه آهي. انسان ابدي زندگي چاهي ٿو پر کيس ابدي دنيا ڏني ئي نه وئي آهي. هو پنهنجو بهتر کان بهتر آئيندو چاهي ٿو، پر ايندڙ ڏينهن ان لاءِ حادثا، پوڙهائپ ۽ موت آهي. هو هڪ آزاد، برائين کان پاڪ ۽ خوشين سان ڀريل دنيا پسڻ چاهي ٿو، پر اهڙي دنيا هن ڌرتيءَ تي ڪنهن به طرح جُڙي ئي نه ٿي.
هاڻي ٻه ئي متبادل اندازا ممڪن آهن. هڪ هيءَ ته زندگي جيڪا برٽرينڊر رسل (1970ع_1872) جي لفظن ۾ ”نظام شمسي جي وسيع قبرستان ۾ پنهنجي سمورين ڪاميابين ۽ ناڪامين سان آخرڪار هميشه لاءِ دفن ٿيڻ واري آهي، ان کان پوءِ اها دفن ٿيل مادي دنيا شايد ڪنهن شڪل ۾ باقي رهي. پر دفن ٿيل انسان جو ڪٿي به ڪو وجود نه هوندو.“ ٻيو اهو ته موجوده دنيا کان علاوه يا ان کان پوءِ هڪ ٻي وڌيڪ مڪمل دنيا آهي، جتي انسان پنهنجي خواهشن ۽ خوابن کي پورو ڪري سگهندو. موت ايندڙ وسيع زندگيءَ ڏانهن سفر جو نالو آهي نه ڪي خاتمي جو، ڄڻ ته اسان ۽ اسان جي خواهشن وچ ۾ اهائي نسبت آهي، جيڪا هڪ ٻار ۽ وڏي انسان جي وچ ۾ ٿئي ٿي. ٻار پنهنجي ماءُ جي پيٽ ۾ اها آرزو رکيو ويٺو هوندو آهي، ته هو هڪ وسيع ڪائنات ۾ هڪ مڪمل قد وارو انسان بنجي ظاهر ٿيندو. ماءُ جي پيٽ جي محدود دنيا ۾ اهو هڪ فرضي خواب معلوم ٿئي ٿو، پر جڏهن هو هڪ ڏينهن پنهنجي ماءُ جي پيٽ مان ٻاهر اچي ٿو، ته اوچتو هو ڏسي ٿو ته سندس خواب هڪ انتهائي حقيقي خواب هو جيڪو هڪ مڪمل تعبير جي شڪل ۾ سندس سامهون موجود هو، جيتوڻيڪ پيٽ جي اندر رهڻ دوران هو ان کي سنئون سڌو نه ٿي سمجهي سگهيو يا گهٽ ۾ گهٽ نٿي ڄاتائين.
پهرئين اندازي کي مڃڻ جو مطلب هيءُ آهي، ته اها شڪل جنهن کي اسان انسان چئون ٿا، سا صرف هڪ جسم جو نالو آهي. جسم جي موت کان پوءِ لازمي طور تي انسان جو به موت اچي وڃي ٿو، پر انهي خيال جي حق ۾ ڪو قطعي دليل اڃا تائين قائم نه ٿي سگهيو آهي. سمورن دليلن جو نچوڙ اهو آهي ته مرڻ کان پوءِ انسان ڪٿي به نظر نه ٿو اچي. پر هي دليل اصلي دعويٰ کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي نه آهي. ڇاڪاڻ ته موت واري گهڙي ۾ جيڪو انسان جسم کان الڳ ٿئي ٿو، سو موت کان پهريائين به اسان جي مشاهدي جي قابل نٿو هجي. ڪير چئي سگهي ٿو، ته هن سوچڻ ۽ محسوس ڪرڻ واري انسان کي ڏٺو آهي. اها هڪ حقيقت آهي، ته اسان انسان جي صرف جسم کي ڏسون ٿا، جيڪو نمڪيات ۽ معدنيات جي ميلاپ سان ٺهي ٿو. جسم کان مٿانهون انسان، جيڪو موت واري ڏينهن خاموش ٿي وڃي ٿو، ان کي اسان ته موت کان پهريائين به نه ٿا ڏسون، جيڪڏهن اهو موت کان پوءِ نظر نه اچي، ته ان سان ان جو عدم وجود ڪيئن ثابت ٿي ويندو. وڌيڪ هيءُ ته جديد سائنس اهو ثابت ڪري رهي آهي، ته مادو جڏهن ”فنا“ ٿئي ٿو، ته اهو فنا نه ٿو ٿئي، بلڪه زياده حقيقي ۽ ترقي يافته شڪل اختيار ڪري ٿو، يعني انرجي جي شڪل.
فلاسافر ۽ مفڪر موت کان پوءِ واري زندگيءَ بابت عقلي ۽ نقلي ثبوت ڏيندا رهيا آهن. ڪجهه ثبوت وزني پڻ آهن، مثلاً فرد جاف شوان جو هيءُ قول ته روح جيڪو دراصل ذهن ۽ شعور آهي، ان جي غير فاني هجڻ جو هڪ ثبوت هيءُ آهي، ته ان جو خاتمو پاڻ کان گهٽ درجي تي نه ٿو ٿي سگهي، ٻين لفظن ۾ مادي يا مادي جي ذهني اولڙي جي شڪل ۾. ڪا به اعليٰ شيءِ ڪنهن گهٽ شيءِ جو رڳو فعل نٿي بڻجي سگهي. اها هن شيءِ جو صرف ذريعو نٿي ٿي سگهي، جنهن سان اها وڌي وڃي ٿي:
”تنهن هوندي به پنهنجي سموري معقوليت جي باوجود، انهيءَ قسم جا دليل قياسي دليل هئا، ان ڪري جديد ذهن لاءِ انهن ۾ گهڻي ڪشش نه هئي. جديد ذهن حسي استدلال کي اهميت ڏئي ٿو. هو صرف انهيءَ دليل کي دليل سمجهي ٿو، جنهن کي ڇُهي، ڏسي ۽ تجربو ڪري. قياسي منطق تي قائم رهڻ وارو دليل سندس نظر ۾ معتبر نه آهي.“
( Frithjof schuan, understanding islam)
پر ويهين صديءَ جي آخري اڌ ۾ جيڪا تحقيقات ٿي آهي، تنهن حيرت انگيز طور تي اهو ثابت ڪيو آهي، ته قياسي دليل کان سواءِ خالص تجرباتي نوعيت جا مثال قديم زماني کان وٺي هتي موجود هئا. پر علمي اصولن تي انهن جو باقاعده مطالعو نه ڪيو ويو، ۽ بناتحقيق جي اهو فرض ڪيو ويو، ته موت کان بعد واري زندگيءَ جي حق ۾ ڪوبه تجرباتي دليل موجود نه آهي.
قرآن پاڪ جي سورة نمبر 39 ۾ ٻڌايو ويو آهي: ”الله موت جي وقت روح کي ڇڪي وٺي ٿو ۽ جن جي مرڻ جو وقت نه آيو آهي، تن جو ننڊ ۾. پوءِ انهن روحن کي روڪي وٺي ٿو، جن جو مرڻ مقرر ٿيل آهي ۽ باقي زندگيءَ کي هڪ مقرر ڪيل وقت تائين آزاد ڇڏي ڏي ٿو“ (زمر_42) قديم ترين زماني کان وٺي خواب هن قرآني بيان جي تصديق ڪري رهيا هئا پر قديم زماني ۾ جڏهن ان جو علمي تجزيو ڪيو ويو، ته معلوم ٿيو، ته اهي واقعا حيرت انگيز طور تي هي ثابت ڪري رهيا آهن، ته روح يا شعور جسم کان الڳ هڪ مستقل حقيقت آهي. اهو جسم کان الڳ ٿي، به پوري طرح باقي رهي ٿو. خواب موت کان بعد واري زندگيءَ کي تجرباتي طور تي ثابت ڪري رهيو آهي.
عام تجربو آهي، ته خواب ۾ هڪ شخص پري کان ڪنهن واقعي کي يا مستقبل ۾ پيش ايندڙ حادثي کي ڏسي وٺي ٿو. ان قسم جا تجربا جيڪي گهڻو ڪري هر شخص کي پيش اچن ٿا، سي ثابت ڪن ٿا، ته خواب جي حالت ۾ ماڻهوءَ جو شعور موجوده مادي دنيا کان مٿي وڃي ٿو ۽ هو اهڙي دنيا ۾ پهچي وڃي ٿو، جتي زمان ۽ مڪان جون حد بنديون نه ٿيون رهن. ننڊ وقت سمهڻ واري شخص تي جيڪا بي خبري طاري ٿئي ٿي، ان جو سبب هيءُ آهي، ته سندس روح جزوي طور تي سندس جسم کي ڇڏي ڏئي ٿو ۽ هو انسان جي محدود دنيا مان نڪري ابدي دنيا ۾ پهچي وڃي ٿو.
راقم الحروف جي نياڻي فريده خانم (پيدائش 1952) 24 جنوري 1971ع تي خواب ڏٺو، ته سندس ڀاءُ ظفر الاسلام (پيدائش 1948) سندس لاءِ ڏهه روپيا موڪليا آهن. هيءُ خواب انتهائي غير معمولي هو ڇاڪاڻ ته خواب ڏسڻ واري جو ڀاءُ 1941ع کان قاهره ۾ هو، ۽ ملڪ کان ٻاهر رهندڙ ڪو ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ لاءِ ڏهه روپيا موڪلي، سو ڪنهن به طرح خيال ۾ اچي نه ٿو سگهي. پر چند ئي ڏينهن کان پوءِ ظفر الاسلام جو لفافو قاهره کان آيو جنهن ۾ ڏهن روپين جو هندستاني نوٽ پيل هو. ظفرالاسلام کي اهي ڏهه روپيا پنهنجي ٿيلهي مان مليا، جيئن ته عرب دنيا ۾ هيءَ نوٽ سندس لاءِ بيڪار هو، ان ڪري هُن اهو نوٽ پنهنجي ڀيڻ لاءِ خط سان گڏ لفافي ۾ وجهي ڇڏيو. ان جي وضاحت انهيءَ کان سواءِ ٻي نٿي ٿي سگهي، ته ننڊ جي حالت ۾ انسان جو روح جسماني حدن کان آزاد ٿي هڪ بلند ترين آفاقي سطح تي پهچي وڃي ٿو. هو ان وقت انهن شين کي اهڙي مقام تان ڏسڻ لڳي ٿو، جتي هو پنهنجي جسماني قيام گاهه جي حد بندين ۾ نه ٿو ڏسي سگهي.
اهڙي طرح ستل انسان خواب ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن مُئل شخص کي ڏسي ٿو. اهو مئل انسان پنهنجي جيئري ساٿيءَ کي خواب ۾ اهڙيون شيون ٻڌائي ٿو، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو، ته اهو شخص اڃا به پوري شعور سان موجود آهي ۽ خواب ڏسندڙ جي واقعي ساڻس ملاقات ٿي آهي. يعني ننڊ واري شخص جي شعور جي سطح هڪ خاص حد تائين مُئل ماڻهوءَ جي شعور جي سطح جي برابر ٿي وڃي ٿي. ٻين لفظن ۾ ننڊ جي حالت ۾ ماڻهو محدود معنيٰ ۾ زندگيءَ کان پوءِ موت جوتجربو ڪري ٿو، ننڊ واري حالت جزوي طور تي موت جي حالت سان مشابهت رکي ٿي.
ڊاڪٽر ڪيسل اتر ڪيرولينا جي هڪ امير شخص جي واقعي جي تحقيق ڪئي آهي. ان کي چار پٽ هئا، هو ڪنهن ڳالهه تان پنهنجي ٽن پٽن کان ناراض ٿي ويو. ان ڪري هن هڪ وصيت نامي جي ذريعي پنهنجي انهن ٽنهي پٽن کي جائداد ۾ حصيداريءَ واري حق کان محروم ڪري ڇڏيو. سندس مرڻ کان پوءِ ان جي چوٿين پٽ، جنهن کي وصيت مطابق جائداد ملي رهي هئي، پنهنجي پيءَ کي خواب ۾ ڏٺو. خواب ۾ سندس پيءَ کي پنهنجو برسات کان بچڻ وارو پسنديده ڪوٽ پهريل هو،. هو ڄڻ ته ڪنهن ڳالهه تي احتجاج ڪري رهيو هو ۽ گفتگو دوران هو بار بار انهيءَ ڪوٽ جي اندرئين کيسي ڏانهن اشارو ڪري رهيو هو. اک کلڻ تي سندس پٽ پنهنجي پيءُ جي انهيءَ ڪوٽ کي، جيڪو کيس خواب دوران پهريل هو، ٻاهر ڪڍيو ۽ ان جي اندرئين کيسي ۾ هٿ وڌو. ان وقت سندس حيرت جي انتها نه رهي، جڏهن هن ڏٺو ته ان ۾ سندس پيءُ جي هٿن سان لکيل هڪ ٻيو وصيت نامو موجود هو. ان ۾ هن پنهنجي پهرئين وصيت کي منسوخ ڪندي، باقي ٽن پٽن جي حصيداريءَ جو حق بحال ڪيو هو، ته جيئن هو پنهنجي جائداد جو حصو وصول ڪري سگهن. اصل ۾ سندن پيءَ مرڻ کان ڪجهه دير اڳ پنهنجي جائداد جي باري ۾ پنهنجو فيصلو بدلائي ڇڏيو هو. هن ٻيهر پنهنجو وصيت نامو تيار ڪيو ۽ ان کي مڪمل ڪري پنهنجي ڪوٽ جي اندرئين کيسي ۾ رکي ڇڏيو. ان کان پهريائين جو هو پنهنجي فيصلي جي تبديليءَ کان پنهنجن پٽن کي آگاهه ڪري، سندس انتقال ٿي ويو. ظاهر آهي، ته انهيءَ واقعي کي مُئل شخص کان سواءِ ٻيو ڪوبه نه پيو ڄاڻي. ان ڪري يقين ڪرڻو پوندو، ته هو مرڻ کان پوءِ به ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ زنده هو ۽ ان پنهنجي پٽ کي صورتحال کان آگاهه ڪيو.
ان سان ملندڙ جلندڙ هڪ ٻيو واقعو آهي، ته ڪنهن حادثي سبب هڪ شخص وقتي طور تي مري وڃي ٿو ۽ ڪجهه دير کان پوءِ زندهه ٿي اٿي ٿو. قديم زماني ۾ هن قسم جا واقعا ٿيندا رهيا آهن، ته هڪ شخص طبي لحاظ کان بلڪل مري ويو ۽ ڪجهه منٽن کان پوءِ سندس دل جي حرڪت ٻيهر جاري ٿي وئي ۽ هو ٻيهر جيئرو ٿي پيو. اهڙي قسم جا واقعا ظاهري طور تي ان ڳالهه جو ثبوت آهن، ته انسان ڪجهه لمحن لاءِ پنهنجو جسم ڇڏي ڏنو هو ۽ وري ٻيهر پنهنجي جسم ۾ واپس اچي ويو. قديم زماني ۾ اهڙن واقعن جو ذڪر هڪ عجوبي طور ڪيو ويندو هو. موجوده زماني ۾ ان کي علمي انداز ۾ جانچيو ويو، ته معلوم ٿيو، ته ان مان اهو ثابت ٿي رهيو آهي، ته انسان پنهنجي جسم کان ٻاهر به مستقل هستيءَ جو مالڪ آهي، جيڪا ان وقت به باقي رهي ٿي، جڏهن هو پنهنجي دنياوي جسم کان الڳ ٿي ويو هو.
ڪجهه اهڙا واقعا به رڪارڊ ڪيا ويا آهن، ته هڪ بيمار شخص آپريشن ٽيبل تي هو، آپريشن دوران سندس دل جي حرڪت بند ٿي وئي، هو طبعي طور تي مري چڪو هو پر ڪجهه دير کان پوءِ کيس هوش اچي ويو. کانئس پڇيو ويو، ته ”موت“ جي دوران تو ڇا محسوس ڪيو؟ ان تي هن ٻڌايو، ته مون کي ائين محسوس ٿيو، ته مان پنهنجي جسم کان الڳ ٿي فضا ۾ تري رهيو آهيان، مان فضا ۾ پنهنجي جسم کي آپريشن ٽيبل تي پيل ڏسي رهيو هئس ۽ ان جي چوڌاري ڊاڪٽر جهڪيا بيٺا هئا. هن ان دوران ٿيندڙ ڊاڪٽرن جي گفتگو کي اهڙي طرح ٻڌايو ڄڻ هو موت جي وقت به کين ڏسي ۽ ٻڌي رهيو هو. روح جيڪڏهن هڪ جسم جو عمل هجي، ته پوءِ اهو جسم کان الڳ ٿي، ڪيئن اهڙي طرح باقي رهي سگهي ٿو؟ جسم کان الڳ ٿي به ذاتي شعور جو ختم نه ٿيڻ هيءُ ثابت ڪري ٿو، ته انسان هڪ مستقل هستي آهي، جيڪا جسم کان عليحدگيءَ کان پوءِ به پوري طرح باقي رهي ٿي.
ڊاڪٽر گرفيلڊ ٻڌائي ٿو، ته مان هڪ پوڙهي عورت جو معائنو ڪري رهيو هئس. هيءُ عورت هڏي جي ڪينسر ۾ مبتلا هئي. سندس حالت نهايت خراب هئي. اسان مريض جي سور کي دور ڪرڻ جون جيتريون به تدبيرون ڪيون، سي سڀ بيڪار ثابت ٿيون. اوچتو هوءَ بي هوش ٿي وئي. ان کان پوءِ جڏهن هوش ۾ آئي، ته ائين محسوس ٿيو، ته ڄڻ کيس ڪافي فائدو ٿي چڪو آهي. مان عورت کان سندس اوچتو تبديليءَ جو سبب پڇيو. هن ٻڌايو، ته هينئر سندس مُئل ماءُ ساڻس ملڻ آئي هئي ۽ کيس ٻڌائي وئي ته اسان جلد پاڻ ۾ ملڻ واريون آهيون. پنهنجي ماءُ سان ٿيل انهيءَ گفتگوءَ کان پوءِ هوءَ نهايت پرسڪون ٿي وئي ۽ ٿوري دير کان پوءِ مري وئي. هيءُ واقعو ثابت ڪري ٿو، ته مريضه جي والده موت کان پوءِ به پوري شعور سان موجود هئي. نه ته هوءَ ڪهڙي طرح پنهنجي نياڻيءَ وٽ اچي ها؟ ۽ ماءُ جي خبر مطابق پوري وقت تي سندس مرڻ ثابت ڪري ٿو، ته مريضه جو اهو تجربو حقيقي هو، محض خيالي نه هو.
قرآن پاڪ جي سور ة نمبر 56 ۾ ارشاد رباني آهي: ”جڏهن مرڻ واري جو ساهه نڙيءَ تائين اچي ٿو، ته هو ڏسي رهيو هوندو آهي، ته هو مري رهيو آهي. ان وقت اسان توهان جي ڀيٽ ۾ مرڻ واري جي وڌيڪ ويجهو هوندا آهيون. پر توهان نه ٿا ڏسو.“ (واقعه) ان مان معلوم ٿيو، ته ماڻهو جڏهن مرڻ جي ويجهو ٿئي ٿو، ته ساهه جي جسم کان عليحدگيءَ کان پهريائين موت جي هن پار جون ڪجهه شيون سندس سامهون کوليون وڃن ٿيون. ٻي دنيا جو پردو ڪنهن خاص حد تائين کانئس هٽايو وڃي ٿو. موجوده دنيا ۾ رهندي، هو آخرت جي دنيا جي ڪجهه شين کي ڏسڻ لڳي ٿو، انهن مان عام ۽ اڪثر پيش ايندڙ واقعن ۾ پنهنجي مري ويل عزيزن کي ڏسڻ آهي. اهي واقعا انهيءَ وقت پيش اچن ٿا، جڏهن ماڻهو سڪرات جي حالت کي پهچي وڃي ٿو. عام طور تي ڏٺو ويو آهي، ته سڪرات جي وقت ماڻهو پنهنجي مري ويل رشتيدارن کي سڏڻ لڳندو آهي. هو پنهنجي مري ويل عزيزن ۽ دوستن کي اهڙي طرح سڏيندو آهي، ڄڻ هو سندن سامهون ۽ ويجهو بيٺا هجن. راقم الحروف جي وڏي ڀيڻ طاهره خانم جو انتقال تقريباً٦٠ سالن جي عمر ۾ 12 آگسٽ 1976ع تي ٿيو. ان وقت هوءَ اعظم ڳڙهه جي اسپتال ۾ هئي. ڀيڻ جي انتقال وقت مان وٽس موجود ته ڪونه هوس، پر منهنجي والده مون کي ٻڌايو، ته مرحومه جي آخري وقت ۾ سندس واتان اهي لفظ ٻڌا ويا، ته ”والد صاحب ڪافي دير کان بيٺو آهي ۽ کيس ويهڻ لاءِ ڪوبه نٿو چوي.“ جيتوڻيڪ اسان جو والد 1929ع ۾ وفات ڪري چڪو هو. ان ڪري ماڻهن کي ٻڌي عجب لڳو. مرحومه جي نياڻيءَ کيس چيو ته والد صاحب هتي ڪٿي آهي؟ مرحومه ٻيهر چيو، ته ”هو سامهون جو بيٺو آهي“ ۽ ڪجهه لمحن کان پوءِ انتقال ڪري وئي.
ڊاڪٽر ايلزبيٿ ڪيوبلر روز مهم جي طور تي هيءُ ڪم شروع ڪيو هو، ته هوءَ سڪرات ۾ مبتلا فردن سان ملي ۽ انهن جي آخري وقت جي گفتگو کي ٽيپ ڪري. هن هڪ هزار کان وڌيڪ اهڙن ماڻهن جو ويجهڙائي کان مشاهدو ۽ مطالعو ڪيو، جيڪي سڪرات جي حالت ۾ مبتلا هئا يعني موجوده ۽ ايندڙ دنيا جي درميان پهچي چڪا هئا. اهڙن فردن کيس ٻڌايو، ته سڪرات جي حالت ۾ سندن اهڙا ڪيترائي دوست ۽ رشتيدار وٽن آيا آهن، جيڪي پهريائين مري چڪا هئا، ته جيئن آخرت جي سفر دوران سندن مدد ڪري سگهن. اهڙا شخص جيڪڏهن دنيا ۾ جسم جي ڪنهن عضوي کان محروم هئا، ته سڪرات جي حالت ۾ کين ائين محسوس ٿيو، ته ڄڻ انهن جو جسم هر لحاظ کان مڪمل آهي، مثلاً جيڪو شخص ٽنگ کان معذور هو، ان محسوس پئي ڪيو ته سندس ٻئي پير صحيح سالم هئا، يعني جسم ۾ ڪنهن حادثي سان ڪا ڪمي رهجي وڃي، ته ان ڪري اصل انساني هستيءَ ۾ ڪابه ڪمي نه ٿي ٿئي.
اهڙي قسم جا واقعا ۽ خواب جيتوڻيڪ هميشه کان پيش ايندا رهيا آهن، پر موجوده زماني ۾ ان جو باقاعده مطالعو ڪيو ويو. ضروري انگن اکرن سميت هزارين واقعن کي گڏ ڪيو ويو آهي. خاص طور تي آمريڪا ۾ جديد ٽيڪنيڪي ۽ سائنسي بنيادن تي ان جو باقاعده جائزو ورتو پيو وڃي. اهڙن تحقيقي نتيجن جي آڌار تي ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. تازو (1976ع ۾) آمريڪا ۾ ڊاڪٽر ريمنڊ موڊي جو تصنيف ٿيل هڪ ڪتاب شايع ٿيو آهي، جنهن جو نالو آهي ”زندگيءَ کان پوءِ زندگي.“
اهو ڪتاب تمام گهڻي تعداد ۾ شايع ٿيندڙ ڪتابن مان هڪ آهي، جديد دنيا جي مشهور اخبارن ۽ رسالن ۾ پهريون دفعو زندگيءَ کان پوءِ موت جي متعلق سرخيون نظر اچڻ لڳيون آهن. ان سلسلي ۾ تحقيقي ڪتابن تي تبصرا شايع ڪيا وڃن ٿا. مثلاً نيوز ويڪ 12 جولائي 1976ع، السٽرٽيڊ ويڪلي آف انڊيا مارچ 1977ع، ريڊرز ڊائجسٽ آگسٽ 1977ع. هڪ آمريڪي مئگزين ٽائم، 7 جنوري 1974ع جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي، ته موت جو موضوع ۽ موت کان پوءِ زندگيءَ جو مسئلو اوچتو آمريڪا ۾ تمام گهڻو مقبول ۽ عام موضوع بڻجي چڪو آهي. عام اجتماعن ۾ اڄڪلهه موت جو موضوع، جنس ۽ سياست جهڙن مقبول موضوعن کان وڌيڪ پذيرائي حاصل ڪري چڪو آهي. ڪتابن جو هڪ نئون قسم وجود ۾ اچي ويو آهي، جنهن کي ”علم الموت“ جو نالو ڏنو ويو آهي.
آرٿرڪوئسلر جو هڪ طويل تحقيقي مقالو شايع ٿيو آهي، جنهن جو عنوان آهي، ”ڇا موت کان پوءِ زندگي آهي؟“
موجوده صدي جي ٻي چوٿائي ۾ آئن اسٽائن ۽ ڊي بروگلي، شروڊنگر ۽ هيزن برگ ڪاميابيءَ سان مادي جو غير مادي هجڻ ثابت ڪيو آهي. جيڪا شيءِ ڏسڻ ۾ سخت جسم نظر اچي ٿي، سا انرجي يعني قوت جي صرف هڪ شديد اجتماع جو ٻيو نالو آهي. ان مان ثابت ٿيو آهي، ته مادي جا جزا اليڪٽران، پروٽران ۽ نيوٽران وغيره عام مفهوم ۾ مادي ذرڙا نه آهن، بلڪه اهي لهرن وانگر آهن. ڊي بروگلي جو چوڻ آهي، ته هڪ اليڪٽران هڪ ئي وقت ۾ جسم جي شڪل ۾ به آهي ۽ لهر جي شڪل ۾ به. ٻٽي معيار وارو نظريو (Dualism) جديد طبيعات جو لازمي حصو آهي ۽ ان کي جديد سائنس ۾ تڪميلي اصول جو نالو ڏنو ويو آهي.
انهن دريافتن جو حوالو ڏيندي آرٿر ڪويسلر لکيو آهي، ته ذرڙي/ لهر (Particle/wave) جي اصول کي مڃڻ کان پوءِ جسم /ذهن (Body/Mind) جي اصول کي مڃڻ آسان ٿي وڃي ٿو. هڪ جڳهه تي تڪميلي اصول کي مڃڻ کان پوءِ وري ٻي جاءِ تي ان کي نه مڃڻ جو ڪوبه سبب نه ٿو ٿي سگهي. اسان پڇي سگهون ٿا ، ته جڏهن مادو پنهجو پاڻ کي لهرن ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو، ته اهڙي طرح اهو خالص غير جسماني انرجي بنجي وڃي ٿو. ته ڇا اڃا به اها ڳالهه بي معنيٰ ٿيندي ته بغير جسم جي ذهن جي موجودگيءَ جي ڳالهه ڪئي وڃي. ڇا اهڙي گفتگو اڃا به اهڙي بي حقيقت آهي، جهڙي اها پنجاهه سال پهريائين هئي. جڏهن ته طبيعات اڃا تائين مادي جي حيرت کي ختم ئي نه ڪيو هو ۽ اڃا اسان کي اهو نه ٻڌايو هو، ته ”ايٽم“ شيءِ ناهي؟ ۽ ڇا اڃا به اها معقول ڳالهه ٿيندي ته ڪو شخص ”ذهني مادي“ جي اصطلاح کي غير سائنسي چئي ڪري ان جي مذاق اڏائي، جنهن کي اڊنگٽن گهڙيو هو. ڊاڪٽر آءِ _ جي گڊ ته ايتريقدر چئي ڏنو، ته مادو غير زميني ۽ ذهن ٺوس پٿر آهي.
موت کان بعد واري زندگيءَ جو ثبوت هيءَ ثابت ڪري ٿو، ته موجوده نظر ايندڙ دنيا کان سواءِ هڪ ٻي دنيا به آهي. جيڪڏهن اهڙي ڪابه دنيا نه آهي، ته پوءِ اهي نظر نه ايندڙ انساني هستيون ڪٿي رهن ٿيون؟ انسان پنهنجي جسم کي ڇڏي ڪيڏانهن هليا وڃن ٿا؟ حقيقت هيءَ آهي، ته هيءُ ٻئي شيون هڪ ٻئي سان اهڙي طرح ڳنڍيل آهن، جو هڪ جو ثابت ٿيڻ پاڻمرادو ٻئي کي ثابت ڪري ٿو.
قرآن پاڪ ۾ چيو ويو آهي، ته: ”هر شيءَ جا اسان جوڙا بڻايا آهن، ته جيئن توهان ڌيان ڪريو،“ (ذاريات_49) هن آيت ۾ انهيءَ ڳالهه جي طرف اشارو آهي، ته دنيا جو نظام اهڙي طرح بڻايو ويو آهي، جو هر شيءِ جوڙي جي شڪل ۾ آهي: نر ۽ مادي، رات ۽ ڏينهن، واڌو ۽ ڪاٽو وغيره. هر جزو پنهنجي ٻئي جزي سان ملي پنهنجو پاڻ کي مڪمل ڪري ٿو. اهو انهيءَ ڪري آهي، ته جيئن انسان سمجهي، ته جهڙي طرح هر شيءِ جو جوڙو آهي اهڙي طرح هن دنيا لاءِ به جوڙو هجڻ ضروري آهي ۽ اهو جوڙو آخرت آهي. آخرت کان سواءِ هيءَ دنيا موجود تخليقي نظام مطابق ڪڏهن به مڪمل نه ٿي ٿي سگهي.
اڄ دنيا جو هي جوڙو انساني علم ۾ اچي چڪو آهي، انهيءَ جوڙي جو سائنسي نالو ”اينٽي ورلڊ“ آهي. عجيب اتفاق آهي ته ويهين صدي جي آخري اڌ ۾ هڪ طرف انسان جو مطالعو موت کان پوءِ انساني هستيءَ جي بقا جو تجربو ڪرائي رهيو آهي، ته ٻئي طرف عين ان وقت طبعي سائنس هيءُ ثابت ڪري رهي هئي ته اسان جي موجوده دنيا جي برابر هڪ ٻئي دنيا پڻ آهي، جيڪا مڪمل شڪل ۾ پنهنجو وجود رکي ٿي. اسان جي هيءَ دنيا ورلڊ آهي ۽ اها اينٽي ورلڊ.
1928ع تائين طبعيات جا ماهر اهو سمجهندا رهيا ته سمورو ايٽم رڳو ٻن قسم جي ذرڙن جو مجموعو آهي. واڌو برقي طاقت رکندڙ پروٽان ۽ ڪاٽو برقي طاقت رکندڙ اليڪٽران. پر انهيءَ سال پال ڊيراڪ هڪ نئين قسم جي ذرڙي جي موجودگي جو امڪان ظاهر ڪيو. سندس چوڻ هو ته ”ان جو مقدار اليڪٽران جهڙو آهي. پر اهو ان جي ابتڙ برقي طاقت رکي ٿو. اسان انهيءَ ذرڙي کي اينٽي اليڪٽران چئي سگهون ٿا“. 1932ع ۾ اينڊرسن انهيءَ اينٽي اليڪٽران کي ڪاسمڪ شعاعن ۾ دريافت ڪيو. هاڻي معلوم ٿيو ته ايٽم جي هر پارٽيڪل جو هڪ مخالف پارٽيڪل آهي. پروٽان جو پڻ هڪ مخالف پروٽان آهي. نيوٽران جو پڻ هڪ اينٽي نيوٽران آهي. ڄڻ ته ڪائنات جا سمورا ذرڙا جوڙن جي شڪل ۾ آهن.
هاڻي سائنسي سوچ اڳتي وڌي. ايستائين جو معلوم ٿيو ته مادي جهان ۾ جوڙن جي هيءَ ورهاست اليڪٽران جي نظر نه ايندڙ ذرڙن کان شروع ٿي، خود سموري جهان تائين پهچي وڃي ٿي. اليڪٽران جو مخالف اليڪٽران، ايٽم جو مخالف ايٽم، ميٽر جو مخالف ميٽر، ايتريقدر جو دنيا جي مخالف دنيا. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته اسان جي دنيا ۾ مخالف ذرڙا غير مستقل (Unstable)حالت ۾ آهن، پر مخالف دنيا ۾ اهو سڀڪجهه قائم حالت ۾ هوندو، ڇاڪاڻ ته سمورن ايٽمن جا مرڪز ڪاٽو برقي طاقت رکندڙ هوندا ۽ سمورا اليڪٽران واڌو برقي چارج. اهڙي قسم جي هڪ مخالف دنيا جو امڪان پهريون ڀيرو 1933ع ۾ ڊيراڪ پنهنجي هڪ ليڪچر ۾ ٻڌايو هو. هاڻي سائنسدان عام طور تي انهيءَ ڳالهه کي تسليم ڪندا پيا وڃن. سويت يونين جو ڊاڪٽر گستاف نان رياضيءَ جي ذريعي انهيءَ مخالف دنيا جي اهڙي ته ٺوس حد بندي ڪئي آهي جو هاڻي ان جا مخالف به انهيءَ کي هڪ انتهائي زبردست قسم جو متوازن تصور مڃڻ لڳا آهن.
اسان پنهنجي دنيا ۾ ڏورانهين شين کي فوٽان جي مدد سان سڃاڻون ٿا، جيڪي برقي مقناطيس جي شعاعن جا ذرڙا آهن. سائنسدانن جو خيال آهي ته مخالف دنيا به اهڙي قسم جا فوٽان خارج ڪندي هوندي جيڪو هڪ ئي وقت ۾ پارٽيڪل به آهي ۽ مخالف پارٽيڪل پڻ. مخالف دنيا پري هجي يا ويجهو ان جي روشني فوٽان جي شڪل ۾ ٿي سگهي ٿي ، جيڪا لاڳيتو اسان تائين پهچندي هجي. پر اسان ان کي پنهنجي واڌو دنيا جي شين جي روشنيءَ کان الڳ ڪري ڏسي نه ٿا سگهون. دنيا ۽ مخالف دنيا جي وچ ۾ ڪهڙو رشتو آهي؟ ڇا ٻنهي جي وچ ۾ ڪو مواصلاتي سلسلو آهي جنهن جي ذريعي اسان جي دنيا مخالف دنيا سان تعلق قائم ڪندي هجي، سائنسدانن جو جواب هاڪار ۾ آهي. ڊاڪٽر نان جو خيال آهي، ته بليڪ هول ۽ وائيٽ هول کي دنيا ۽ مخالف دنيا جي وچ ۾ هڪ مقامي واسطو سمجهڻ گهرجي. ڪيترن سائنسدانن جو خيال آهي ته مخالف دنيا اسان کان الڳ ۽ اسان جي دنيا جي برابر وجود رکي ٿي. تخليق جي باري ۾ عظيم ڌماڪي (Big Bang) جو نظريو ٻڌائي ٿو ته ڏهن کان 20 ملين سال پهريائين سمورو مادو ڄميل حالت ۾ ابتدائي ايٽم جي شڪل ۾ هو ۽ فوٽان توانائي تي مشتمل هو. اندازو آهي ته فوٽان هڪ عظيم ڌماڪي سان ميٽر ۽ مخالف ميٽر جي شڪل ۾ گڏ ٿي ويو ۽ دنيا ۽ مخالف دنيا کي بنائڻ لاءِ الڳ الڳ ٿي ويو. انهيءَ بنياد تي هنيزالفوين 1963ع ۾ تفريقي ميڪانيات جي امڪان کي ظاهر ڪيو، جنهن جي ذريعي هڪ ئي ڪهڪشان ۾ ميٽر ۽ مخالف ميٽر ٻئي موجود رهن ٿا.
سائنس هتي پهچي خاموش ٿي وڃي ٿي ۽ ان کي خاموش ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ان جي تحقيق جو دائرو صرف اهڙن واقعن تي مشتمل آهي، جي طبعي قانون پٽاندڙ ظاهر ٿين ٿا. طبيعات کان ٻاهر شين جي باري ۾ سائنس اسان کي ڪا قطعي ڳالهه نه ٿي ٻڌائي سگهي. ان هوندي به ان اهو تسليم ڪري اسان لاءِ وڌيڪ تحقيق جو دروازو کولي ڇڏيو آهي ته فرض ڪيل شيءِ جي ذريعي اندازي سان نتيجو ڪڍڻ (استنباط) به معقول علم جو ذريعو آهي، پر شرط هي آهي ته اهو ثابت ٿيل واقعن جي بنياد تي هجي. انهيءَ اصول جي روشنيءَ ۾ جيڪڏهن اسان اهو نتيجو ڪڍون ته، ٻي دنيا، جتي انسان مرڻ کانپوءِ پهچي رهيو آهي، گهڻو ڪري اهائي آهي، جنهن کي سائنس ”مخالف دنيا“ جو نالو ڏئي ٿي ته پوءِ خالص علمي لحاظ کان ان کي نه مڃڻ جو ڪو به سبب نه ٿيندو.
موجوده معلوم دنيا ۾ جيڪا صورتحال آهي، سا به اهائي آهي. سائنس جي پهچ مقداري پهلوئن تائين آهي، ڪيفياتي پهلو ان جي پهچ کان ٻاهر آهن. سائنس اسان کي گُل جي باري ۾ ته ٻڌائي ٿي پر خوشبوءَ جي باري ۾ ڪجهه به نه ٿي ٻڌائي. اها اسان کي شين جو پتو ته ڏئي ٿي پر ان جي خوبيءَ جو ڏس نه ٿي ڏئي. اها انسان جي ڄاڻ ته ڏئي ٿي، پر انساني شعور جي باري ۾ چوڻ لاءِ وٽس ڪجهه به نه آهي. اهڙي طرح اها اسان کي مخالف دنيا جي خبر ته ڏئي ٿي پر ان جي خوشبو، خوبي ۽ شعور بابت ڪجهه ٻڌائڻ کان عاجز هجي ته ان تي اسان کي تعجب ڪرڻ نه گهرجي. انهيءَ خال کي اسان استنباط (inference) سان اهڙي طرح ڀري سگهون ٿا، جهڙي طرح اسان موجوده دنيا جي باري ۾ اڄ به ڪري رهيا آهيون.