نـبـوي عـلم
وسيع خلا ۾ ڦهليل دنيائون ان کان وڌيڪ حقيقتون سانڍيو ويٺيون آهن، جيڪي دوربين جي ذريعي اسان کي نظر اچن ٿيون. پهاڙن جي نظارن ۾ انهيءَ کان وڌيڪ گهرا داستان لڪل آهن، جن کي ڪيمرا جي اک محفوظ ڪري ٿي. پکين جا چهچٽا ان کان به وڌيڪ وڏيون ڪهاڻيون ٻڌائي رهيا آهن، جيڪي هوا جي ذريعي اسان تائين پهچي رهيون آهن. وڻ ان کان وڌيڪ سبق ڏئي رهيا آهن، جيڪو ڪاٺ ۽ ميون جي صورت ۾ اسان کي حاصل ٿئي ٿو.
ڪائنات کان واقفيت جي هڪ سطح اها آهي جيڪا انساني علمن جي ذريعي حاصل ٿئي ٿي. پوءِ ٻي سطح جي علم حاصل ڪرڻ جو ذريعو ڪهڙو آهي؟ اهو ذريعو وحي يا نبوي علم آهي. نبي سڳورا جنهن علم کي اسان جي آڏو واضح ڪن ٿا، ان مطابق هن ڪائنات جي پٺيان هڪ عظيم خدا آهي. هن ڪائنات جي نظام کي خدا غير محسوس انداز ۾ هلائي رهيو آهي. هيءَ دنيا عارضي آهي. هن کان پوءِ هڪ ٻي دنيا ايندي، جيڪا هميشه لاءِ هوندي ۽ ۽ مڪمل پڻ.
انهيءَ پيغمبرانه علم جي روشنيءَ ۾ جڏهن ڪائنات جو مطالعو ڪيو ويندو، ته هيءَ ڪائنات هڪ ٻي ڪائنات نظر اچڻ لڳندي. هاڻي ڏسڻ واري کي خالق جون تجليون نظر اينديون، هاڻي ٻڌڻ واري کي سندس ڪنن ۾ خدائي آواز گونجندي ٻڌڻ ۾ ايندو، هاڻي کيس ڪائنات جي سرگرمين ۾ فرشتن جي حرڪت نظر ايندي، هينئر ڪائنات جي هر منظر سان کيس آخرت ڳنڍيل ڏسڻ ۾ ايندي.
انساني علم جي روشنيءَ ۾ هيءَ ڪائنات منزل نظر اچي ٿي، پر پيغمبرانه علم جي روشنيءَ ۾ اها گذرگاهه ۽ واٽ بڻجي وڃي ٿي. انساني علم جو استعمال اسان کي صرف چند ڏينهن جو داڻو پاڻي مهيا ڪري ٿو، جڏهن ته پيغمبرانه علم اسان کي رڳو هن ڪائنات کي اسان لاءِ ابدي خوراڪ جو ذريعو بنائي ٿو. انساني علم، صرف مخلوقات سان ملائي ٿو جڏهن ته پيغمبرانه علم اسان کي ڪائنات جي خالق سان ملائي ڇڏي ٿو.
پيغمبرانه علم درحقيقت حقيقي علم جو ٻيو نالو آهي.