علم جي واپسي
پروفيسر هيزن برگ (76_ 1901ع) جو شمار جديد طبيعات بانين ۾ ٿئي ٿو. هن لکيو آهي ته ”اڻويهين صدي جي سائنسدانن جي نظر ۾ اهو ممڪن هو، ته نفسياتي مظهرن جي ڪابه وضاحت دماغ جي طبيعات ۽ ڪيميا جي ذريعي ڪري سگهجي. پر هاڻي ڪوانٽم جي نظريي اچڻ کان پوءِ ان جي گنجائس باقي نه ٿي رهي. اڃا به ”ڪوانٽم“ جي نظريئي جي باري ۾ هيئن چوڻ صحيح ٿيندو ته اهو ”فطرت جي ڪامل خارجي تشريح جي اجازت ئي نه ٿو ڏئي.“ ان کان پوءِ هيءُ ناممڪن ٿي پيو آهي، ته فلسفو ۽ سائنس پنهنجي متشدد غير جانبداري (Armed neutrality) کي برقرار رکي سگهن. هاڻي کين دوست ٿيڻو پوندو يا دشمن. ٻنهي جي وچ ۾ دوستي تيستائين ٿي نه ٿي سگهي، جيستائين سائنس انهن اصولن کي تسليم نه ٿي ڪري، جيڪي فلسفي جي عمارت جو بنياد آهن.“
نيوٽن (1727 _1642) جو ظاهر ٿيڻ تاريخ ۾ هڪ نئين فڪري دور جي شروعات هئي. سندس تحقيق هيءَ هئي ته ڪائنات پنهنجي ڪجهه مقرر ڪيل قانونن مطابق عمل ڪري رهي آهي. ڪائنات ۾ پيش ايندڙ واقعن جي پٺيان ڪجهه طبيعاتي سبب آهن، جيڪي انهن کي وجود ۾ آڻن ٿا، ايستائين جو ڪائنات جو ماضي، حال ۽ مستقبل سڀ سبب ۽ مُسبب (علت ۽ معلول) جي مسلسل زنجيرن ۾ جڪڙيل آهن. نيوٽن جيتوڻيڪ ذاتي طور تي خدا کي مڃيندڙ هو پر بعد وارن مفڪرن چيو ته جڏهن ڪائنات جي باري ۾ اهو صاف طرح سان معلوم ٿي چڪو آهي، ته اها ڄاڻايل طبعي قانونن جي اثر هيٺ حرڪت ڪري ٿي، ته پوءِ هڪ نامعلوم خدا کي مڃڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. اهڙي طرح تعليل جي اصول کي فڪر جي دنيا ۾ عام مقبوليت حاصل ٿي، ۽ انهيءَ اصول کي اڳتي هلي خدا ۽ مذهب جو متبادل تصور ڪيو ويو. نيوٽن پهريون شخص آهي، جنهن تعليل جي اصول کي علمي طور طبيعي دنيا مٿان لاڳو ڪيو.
ڊارون (1882 _ 1809) وري اهو نظريو پيش ڪيو، ته اهوئي تعليل جو اصول حياتياتي دنيا ۾ به ڪم ڪري رهيو آهي. يعني انسان جي پيدائش اوچتو هڪ ڏينهن ۾ ڪنهن خالق جي حڪم تي نه ٿي آهي، بلڪه اها ارتقا جي قانون مطابق هڪ ڊگهي عمل جو آخري نتيجو آهي. ڊارون خود پاڻ انهيءَ ارتقائي عمل کي هڪ خالق جو منصوبو سمجهندو هو پر بعد وارن مفڪرن خالق جي تصور کي ڊارون جو ذاتي عقيدو قرار ڏنو ۽ ارتقا جي نظريي کي الحاد جي سڀ کان وڏي دليل طور پيش ڪرڻ شروع ڪيو. سندن نظر ۾ هن ڪائنات کي تخليق ڪندڙ قوت ”ارتقا“ آهي ۽ نه ڪو ”خدا“.
مارڪس (83_1818) تعليل جي اصول کي وري انسان جي سماجي زندگيءَ تي لاڳو ڪيو. سندس چوڻ مطابق انساني سماج ۽ انساني تاريخ به هڪ ٺوس مادي قانون مطابق سفر ڪري رهيا آهن. سماجي سفر ۾ جدلياتي عمل (Dialectical Process) جي مؤثر هجڻ جو نظريو هن هيگل (1831 _ 1770) کان ورتو هو. جيتوڻيڪ هيگل انهيءَ عمل جي پٺيان هڪ مافوق الفطرت هستيءَ جو قائل هو، پر مارڪس انهيءَ غير مادي هستيءَ جي بجاءِ معاشي قانونن کي جدلياتي عمل جو هيرو ڪردار قرار ڏنو. اهڙي طرح هيگل جي تصوريت واري نظرئي کي خالص ماديت (Materialism) واري نظرئي ۾ بدلائي ڇڏيو.
اهڙي طرح تقريبن ڏيڍ سئو سالن جي مسلسل عمل سان اهو فڪر وجود ۾ آيو جنهن کي الحاد چيو وڃي ٿو. انهيءَ الحاد جو چوڻ هو ته هاڻي اهو علمي طورتي ثابت ٿي چڪو آهي، ته هن ڪائنات جو ڪوبه خالق ۽ مالڪ نه آهي بلڪه اهو سبب ۽ مسبب / علت ۽ معلول جو هڪ طبعي قانون آهي. انهيءَ طبعي قانون هڪ ڊگهي عمل کانپوءِ هن ڪائنات کي وجود ۾ آندو آهي. انهي قانون جي ذريعي ارتقائي مرحلن مان گذري انسان بڻيو آهي ۽ آخرڪار اهوئي اصول آهي، جيڪو سماجي عمل ۾ پنهنجو اثر ڏيکاري ٿو ۽ انساني سماج کي غير ترقي يافته حالتن مان ترقي يافته حالت جي طرف وٺي وڃي ٿو. پر ويهين صديءَ جي اچڻ سان انهن خيالن جا علمي بنياد بلڪل ڊهي پٽ پيا. هن صديءَ جي شروع ۾ پلانڪ، آئن اسٽائن، هيزن برگ، ڊيراڪ ۽ ردرفورڊ جيڪي کوجنائون ڪيون انهن پٽاندڙ علم جي دنيا جو پورو ڍانچو بدلجي ويو، جنهن جي بنياد تي مٿي بيان ڪيل ملحدانه مفروضن کي قائم ڪيو ويو هو. هاڻي سبب جي اصول وارو نظريو بي بنياد ثابت ٿيو، جنهن کي اڻويهين صديءَ ۾ خدا جو علمي متبادل سمجهيو پئي ويو. اهڙي طرح برڪلي جو تصوريت وارو نظريو، سئو سالن جي معزوليءَ کان پوءِ فلسفي ۾ ٻيهر واپس اچي ويو.
اڻويهين صدي علمي دنيا ۾ الحاد جي صدي هئي. هن ئي صديءَ ۾ فطرت جي دنيا ۾ نيون حقيقتون ظاهر ٿيون. اهي حقيقتون ذاتي طور تي جيتوڻيڪ مذهب سان ٽڪرائيندڙ نه هيون، پر ملحدانه ذهن رکندڙ فلسفين پنهنجي سوچ مطابق اهڙي تشريح ڪئي، جو اهي مذهب جي ٽڪراءَ ۾ نظر اچڻ لڳيون. اهڙي طرح هڪ اهڙو فڪري نظام ترتيب ڏنو ويو جنهن جو خلاصو هيءُ هو، ته سائنسي ايجادن مذهب جي صداقت کي رد ڪري ڇڏيو آهي، انڪري هاڻي انسان کي فڪري ۽ عملي لحاظ کان مذهب جي ڪابه ضرورت نه آهي. اهو سڀ ڪجهه جيڪو مذهب جي ذريعي حاصل ٿيندو هو يا جنهن لاءِ مذهب کي ضروري سمجهيو ويندو هو سو هاڻي انسان کي ان کان وڌيڪ بهتر طريقي سان سائنس جي ذريعي حاصل ٿي سگهي ٿو. پر ويهين صديءَ ۾ علمي طور تي انهيءَ دعويٰ جو خاتمو ٿي چڪو آهي. بعد جي کوجنائن ۽ تجربن هڪ هڪ ڪري انهن سمورين ڳالهين کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جن جي اميد سائنس مان ڪئي پئي وئي.
چيو پئي ويو ته دنيا جي وجود ۽ ان جي ڪارڪردگيءَ جي وضاحت لاءِ هاڻي خدا کي مڃڻ جي ضرورت نه آهي، سائنسي کوجنائون ان جي وضاحت ۽ تشريح لاءِ بلڪل ڪافي آهن. پر جديد معلومات ۽ تجربا انسان کي انهيءَ اقرار تي مجبور ڪن ٿا، ته خدا کي مڃڻ کان سواءِ هن دنيا جي تشريح ممڪن ئي نه آهي. ايتريقدر جو جيڪڏهن ٿوري دير لاءِ اهو مڃجي، ته خدا موجود نه آهي، تڏهن به انسان کي پنهنجي مسئلي کي حل لاءِ خدا کي ايجاد ڪرڻو پوندو.
اڳ اهو به چيو ويو ته حقيقت جي اعليٰ درجي تائين پهچڻ لاءِ انساني علم کان وڌيڪ ٻئي ڪنهن الهامي علم جي ضرورت ئي نه آهي ۽ سائنس سمورين حقيقتن کي ڄاڻڻ لاءِ ڪافي آهي. پر اڄ جا سائنسدان انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن، ته سائنس اسان کي حقيقت جو صرف جزوي علم ڏئي ٿي. اهو به چيو ويو ته انسان جي اندر ذميواريءَ جو احساس ۽ حق شناسيءَ جو جذبو پيدا ڪرڻ لاءِ خدا جي خوف ڏيارڻ جي ڪابه ضروت نه آهي ۽ علمي ۽ تعليمي ترقي پاڻمرادو انسان جي اندر اهڙي قسم جو احساس پيدا ڪندي. پر تقريباً سئو سالن جي تجربي مان اهو ظاهر ٿئي ٿو، ته علم ۽ اخلاقي احساس لازمي طور تي هڪٻئي سان ڳنڍيل نه آهن. ائين به چيو ويو ته زندگيءَ جي عيش لاءِ سڀاڻي جي جنت جو انتظار ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. تمدني تعمير جا جديد امڪان جيڪي انسان کي هٿ آيا آهن، سي هن ڌرتيءَ کي اسان لاءِ جنت بڻائي ڇڏيندا. پر انهيءَ تمدني ترقي کان پوءِ ان مان پيدا ٿيندڙ مسئلن انسان کي ايتريقدر ته پريشان ڪري وڌو آهي، جو اڄ جو خوش نصيب انسان، جنهن کي جديد معنيٰ ۾ عيش وعشرت جا سڀ ذريعا حاصل آهن، سوبه حيران ٿي ڪري چوڻ لڳي ٿو، ته مان پنهنجو پاڻ کي جديد معيار مطابق خوشگوار بنائڻ جي ڪوشش ته ڪئي، پر ان جي باوجود به مان اڃا تائين خوش نه آهيان.
ڪائنات جي مادي تشريح جي هر ڪوشش ناڪام ٿي چڪي آهي. زندگيءَ کي مادي ذريعن سان بامقصد بڻائڻ ممڪن نه ٿي سگهيو آهي. انسان خدا کان سواءِ جيئڻ چاهيو پر تجربن ٻڌايو ته خدا کانسواءِ جيئڻ انسان جي مقدر ۾ ئي نه آهي. ان قسم جي واقعن موجوده صديءَ ۾ هڪ نئون فڪري انقلاب برپا ڪيو آهي. علم جا مسافر ٿوري وقت لاءِ ماديت جي راهن ۾ ڀٽڪڻ کان پوءِ ٻيهر مذهبي حقيقت ڏانهن موٽي رهيا آهن، هاڻي اهو ناممڪن ٿي پيو آهي، ته خالص علمي ۽ عقلي لحاظ کان، انسان خدا پرستانه زندگي گذارڻ کانسواءِ ڪنهن ٻئي زندگيءَ تي مطمئن ٿي سگهي! اڄ جو انسان گهٽ ۾ گهٽ امڪاني طور تي خدا جي ايترو ته ويجهو پهچي چڪو آهي، جو ان جي ۽ خدا جي وچ ۾ صرف بي خبريءَ جي هٿرادو پردي کان سواءِ ٻيو ڪوبه پردو حائل نه آهي.