مذهب

اسلام جو عقلي مطالعو

ڪائنات جي ابدي حقيقتن کي ڄاڻڻ جي خواهش انساني فطرت ۾ اهڙي طرح سمايل آهي، جو هو ڪنهن به طرح پنهنجو پاڻ کي ان کان الڳ نه ٿو ڪري سگهي. قديم زماني کان وٺي انسان فطرت جي ابدي رازن کي ڄاڻڻ جي جستجوءَ ۾ رڌل رهيو آهي، پر اڃا تائين انهن رازن تائين رسائي حاصل ڪري نه سگهيو آهي. انسان پنهنجي ذاتي ڪوششن سان انهيءَ حقيقت تائين ان ڪري نه پهچي سگهيو آهي،
Title Cover of book اسلام جو عقلي مطالعو

ڳجهي تصوير ڪشي

انگلينڊ جي هڪ رستي جون ٻه تصويرون شايع ٿيون، جنهن جو عنوان هو ”ڪيميرا، ٽريفڪ جي خلاف ورزي ڪندڙ کي پڪڙي ٿي.“ هڪ تصوير ۾ هڪ گاڏي عين انهيءَ نازڪ لمحي ۾ پڪڙي وئي، جنهن وقت اها ڳاڙهي بتي ٻرڻ دوران ٽريفڪ قاعدن جي ڀڃڪڙي ڪندي گذري رهي هئي. اها گاڏي تيزيءَ سان ڊوڙندي هڪ خاص چوراهي تي پهتي. ان جي پهچڻ شرط سگنل جي ڳاڙهي بتي ٻرڻ شروع ٿي. ان تي گاڏيءَ کي رڪجڻ گهرجي ها، پر ان جي باوجود اها رڪجڻ کان سواءِ گذري وئي. ڊرائيور کي اهو پتو نه هو، ته ڳجهي نظام جي ذريعي سندس فوٽو ورتو پيو وڃي. بلڪل انهيءَ لمحي جڏهن هو ڳاڙهي بتيءَ وٽان گذري رهيو هو، ڪيميرا سندس تصوير محفوظ ڪري ورتي. هيءُ واقعو بتي ٻرڻ کان صرف هڪ سيڪنڊ پوءِ پيش آيو.
ٻي تصوير ۾ به ساڳئي رستي کي ڏيکاريو ويو آهي. هتي به هڪ ڊرائيور ڳاڙهي بتي ٻرڻ جي باوجود رڪجڻ کان سواءِ اڳتي وڌي وڃي ٿو، ٻيهر ڪيميرا ۾ ان جي تصوير محفوظ ٿي وڃي ٿي. هي ٻيو واقعو بتيءَ ٻرڻ کان ٻه سيڪنڊ پوءِ ٿيو. پهرين تصوير ۾ هڪ سيڪنڊ جي خلاف ورزي ڪندڙ کي پڪڙيو ويو ۽ ٻي تصوير ۾ ٻن سيڪنڊن کان پوءِ ڀڃڪڙي ڪندڙ جي نشاندهي ڪئي وئي. اهي تصويرون لنڊن جي اخبار ٽائيمس ۾ 28 جولاءِ 1988ع تي شايع ٿيون. خبر ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته ان طرح ڏهن ڄڻن کي انهيءَ ڏوهه ۾ پڪڙيو ويو ۽ مٿن ڏنڊ وڌو ويو ڇاڪاڻ ته انهن، رستي تي ڳاڙهي بتي ٻرڻ جي باوجود پنهنجي گاڏيءَ کي نه روڪيو هو.
گاڏين کي پڪڙڻ جي اها ڪارروائي پري کان ڪنٽرول ڪندڙ ڪيميرائن جي شاهديءَ تي عمل ۾ آئي. اُهي گاڏيون رستي تان قانون جي


خلاف ورزي ڪندي تيزيءَ سان گذري، ڏسندڙن جي اکين کان اوجهل ٿي ويون، پر ڪيميرا سندن تصويرن کي مڪمل طرح محفوظ ڪري ورتو ۽ انهن تصويرن جي ذريعي آسانيءَ سان سندن سڃاڻپ ٿي وئي ۽ کين پڪڙيو ويو.
انهيءَ بندوبست مطابق چوراهي وٽ رستي جي مٿاڇري کان هيٺ خاص قسم جون حساس تارون وڇايون وڃن ٿيون. جڏهن ڪابه گاڏي انهيءَ تار جي مٿان گذري ٿي ته انهيءَ وقت يڪدم ان سان ڳنڍيل ڪيميرا حرڪت ۾ اچيو وڃي ۽ اها سيڪنڊ کان به گهٽ وقت ۾ فوراً انهيءَ گذرندڙ گاڏيءَ جو فوٽو ڪڍي ٿي وٺي.
رستي تي ترتيب ڏنل تارن جو نظام اهڙي طرح بڻايو ويو آهي، جو اهي ڪيميرائون بلڪل انهيءَ وقت حرڪت ۾ اچن ٿيون، جڏهن رستي تي لڳل بتي ڳاڙهي ٿي وڃي ٿي. ان وقت اهي ڪيميرائون هڪ پاڻ مرادي نظام تحت گذرندڙ گاڏين جو فوٽو ڇڪي وٺن ٿيون. ان سان گڏوگڏ اهو فوٽو ان پاسي کان ورتو وڃي ٿو، جو ان گاڏيءَ جو رجسٽريشن نمبر پوري طرح فوٽو ۾ اچي وڃي ٿو، انهن ڪيميرائن جي شاهدي ايتري ته پڪي ۽ واضح هئي، جو ان کي غلط ثابت ڪرڻ ممڪن ئي نه هو، ان بنياد تي جج صاحب پڪڙيل گاڏين جي ڊرائيورن کي ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. اهي عدالتي سزائون ڪمپيوٽرائيزڊ ڪيميرائن تان ورتل تصويرن جي آڌار تي ٻڌايو ويون، جن هڪ سيڪنڊ ۽ ٻن سيڪنڊن جي خلاف ورزي کي نهايت واضح نموني سان محفوظ ڪري ورتو هو.
اهڙي طرح جا واقعا قرآن جي لفظن ۾ آيات الله يعني ”خدا جون نشانيون“ آهن. اهي نشانين جي روپ ۾ حقيقت جو اظهار آهن، اهي واقعا دنياوي تجربي جي ذريعي آخرت جي واقعن جو تعارف ڪرائين ٿا. اهي انساني سطح تي پيش ايندڙ معاملن جي صورت ۾ خدائي سطح تي پيش ايندڙ معاملن جو تمثيلي مشاهدو ڪرائي رهيا آهن. اهي واقعا انسان جي ڳجهي رڪارڊنگ جو مثال آهن. اهڙي ئي قسم جي ڳجهي رڪارڊنگ خدا جي طرفان وڏي پيماني تي ٿي رهي آهي. انسان جي سمورين گذرگاهن تي خدائي تارون لڳل آهن. هر رستي تي خدائي ڪيميرائون نصب ٿيل آهن. انسان جڏهن مقرر ڪيل حدن کي اورانگهي ٿو، ته خدائي تصوير ڪشيءَ وارو نظام فوراً حرڪت ۾ اچي، ان کي محفوظ ڪرڻ شروع ڪري ٿو. آخرت جي عدالت ۾ انهيءَ رڪارڊ جي بنياد تي هر انسان جي ابدي مستقبل جو فيصلو ڪيو ويندو.
انسان جو ايجاد ڪيل نظام هڪ سيڪنڊ جي ٿورڙي وقت واري خلاف ورزي کي محفوظ ڪري وٺي ٿو. جڏهن انساني نظام تحت ايئن ممڪن آهي ته پوءِ خدائي نظام جي پڪڙ ڪيتري نه سخت هوندي! انساني نظام محدود آهي پر خدائي نظام لامحدود آهي. انهيءَ سان ٻنهي نظامن جي فرق کي آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو. انسان جيڪڏهن انهيءَ ٺوس حقيقت تي غور ڪري ته هوند غلط رخ ۾ قدم کڻڻ کان رڪجي وڃي، سندس ڳالهائيندڙ زبان بيهي وڃي، سندس قلم هٿن مان ڇڏائجي ڪري پوي. دنياوي گذرگاهن تان گاڏي هلائيندڙ ان وقت تائين غلط طريقي سان گاڏي هلائيندو رهي ٿو، جيستائين کيس اهو پتو نه ٿو پوي، ته رستي تي ٽريفڪ پوليس سندس غلطيءَ کي پڪڙڻ جو طاقتور انتظام ڪري ڇڏيو آهي. پوليس جي انهيءَ انتظام جي ڄاڻ پوندي ئي، هر انسان چوڪس ٿي وڃي ٿو ۽ هو پنهنجي گاڏي غلط نموني ڊوڙائڻ کان رڪجي وڃي ٿو، اهڙي طرح انسان کي جيڪڏهن انهيءَ ڳالهه جو پورو يقين ٿي وڃي، ته سندس چوگرد خدائي پوليس نگراني ڪري رهي آهي، جيڪا هر ننڍي خواهه وڏي ڪاروائي جو رڪارڊ تيار ڪرڻ ۾ مشغول آهي، ته هوند سندس سموري سرڪشي ختم ٿي وڃي. انهيءَ احساس پيدا ٿيڻ سان ئي انسان هڪ محتاط انسان بڻجي ويندو. هو پنهنجي زندگيءَ جي هر معاملي ۾ ذميداراڻو رويو اختيار ڪرڻ شروع ڪندو. انساني بگاڙ جو اصل ڪارڻ انهيءَ ٺوس حقيقت کان بيخبري آهي. ان جي ڀيٽ ۾ انسان جي ڀلائي ان ۾ آهي ته کيس انهيءَ سنگين حقيقت جو زندهه احساس پيدا ٿي وڃي.