قرآن ۽ سائنس
علم جنينيات جي هڪ عالم جنهن جو تعلق ڪئناڊا جي ٽورنٽو يونيورسٽيءَ سان آهي، ان سعودي عرب جا به ڪيترائي سفر ڪيا آهن، ته جيئن قرآن پاڪ جي ڪجهه آيتن جي تشريح ۾ کانئن ڪجهه مدد حاصل ڪري، انهن آيتن جو تعلق ماءُ جي رحم ۾ ٻار جي ارتقا سان آهي.
اهو ڊاڪٽر ڪيٿ مور آهي. سندس تحقيقن مان، جيڪي ٽيسٽ ٽيوب بي بي جي باني ڊاڪٽر رابرٽ ايڊورڊس سان مطابقت رکن ٿيون، چٽي طرح ثابت ٿئي ٿو، ته قرآن جي آيتن ۾ آيل ماءُ جي رحم ۾ ٻار جي درجي بدرجي نشونما جو ذڪر بلڪل صحيح ۽ درست آهي. هيءَ اها ڳالهه آهي جنهن جو اعتراف مغربي ماهرن 1940ع ۾ ڪيو هو. انهي ڏس ۾ حاصل ٿيندڙ اڪثر معلومات گذريل پندرنهن سالن ۾ علمي طور تي ثابت ٿي چڪي آهي. ڊاڪٽر مور لکيو آهي، ته تيرنهن سؤ ساله قديم قرآن ۾ انسان جي ابتدائي ارتقا بابت ايتريقدر واضح طور تي حقيقتون موجود آهن جو مسلمان عقلي طور تي انهيءَ دعويٰ ۾ حق بجانب آهن، ته واقعي قرآن پاڪ خدا جي طرفان نازل ڪيل ڪتاب آهي.
ٻه سال اڳ جي ڳالهه آهي ته ٽورانٽو يونيورسٽيءَ جو هڪ جينيات جو ماهر هڪ غير معمولي مشن تي سعودي عرب ويو. کائنس ڪجهه قرآني آيتن جي تشريح لاءِ مدد ورتي وئي هئي. هي ڊاڪٽر ڪيٿ مور هو. هن کان پهرين ٽيسٽ ٽيوب ٻار جي پيدائش تي تحقيق ڪندڙ ڊاڪٽر ايڊ ورڊ انهن وضاحتن جي تصديق ڪري چڪو هو. انهن ٻنهي سائنسدانن قرآن جي آيتن بابت پنهنجي دريافت سان مسلمان عالمن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو ته قرآن پاڪ ۾، جنهن کي مسلمان تيرنهن سئو سالن کان تلاوت ڪندا پيا اچن، انساني ارتقا جو جيڪو مرحلي وار نظريو پيش ڪيو ويو آهي، سو هڪ ناقابل ترديد صداقت بنجي آڏو آيو آهي ۽ مغربي محققن تي انهيءَ حقيقت جو انڪشاف 1940ع ۾ ٿيو. انهيءَ سان لاڳاپيل گهڻي معلومات ته رڳو گذريل پندرنهن سالن ۾ سامهون آئي آهي. ڊاڪٽر مور پنهنجو مقالو پيش ڪندي چيو، ته:
”مون کي انهيءَ ڳالهه حيرت ۾ وجهي ڇڏيو جڏهن مون کي اهو معلوم ٿيو، ته قرآن ستين صدي عيسويءَ ۾ جيڪي حقيقتون پيش ڪيون، سي ڪيتريقدر درست ۽ سائنسي صداقتن جي عين مطابق آهن.“
مسلمانن جو اهو عقيدو آهي، ته قرآن پاڪ ستين صدي عيسويءَ ۾ خدا جي طرفان سندس پيغمبر حضرت محمد ﷺ تي نازل ٿيو. اهڙي طرح پاڻ سڳورن دنيا جي سامهون اسلام کي پيش ڪيو. اڄ اسلام عيسائيت کان پوءِ ٻئي نمبر تي دنيا جو وڏو مذهب آهي. ياد رهي ته ڊاڪٽر مور يونائيٽيڊ چرچ جو ميمبر ۽ هڪ وڏي پادريءَ جو پٽ آهي. هو پنهنجي عقيدي تي مطمئن آهي، هو هڪ ملاقات ۾ ٻڌائي چڪو آهي ته سندس اسلام قبول ڪرڻ جو ڪوبه ارادو نه آهي. سندس اهو به چوڻ آهي، ته هن بائيبل جي قديم ۽ جديد عهد نامي جو تجزيو پڻ ڪيو آهي، پر قرآني آيتن سان انهن جي ڪا به هڪجهڙائي نظر نه آئي. علم جنينيات تي سندس ٻه تصنيفون درسي ڪتابن جي حيثيت رکن ٿيون ۽ دنيا جي ٻين زبانن ۾ انهن جا ترجما ٿيا آهن. ڊاڪٽر مور جو چوڻ آهي، ته ٻار جي ارتقا جي ابتدائي 28 ڏينهن ۾ ٻار جي وڌڻ ويجهڻ بابت قرآني آيتن ۾ جيڪي حقيقتون بيان ڪيون ويون آهن سي ايتريون ته واضح ۽ درست آهن، جو انساني عقل حيران ٿي وڃي ٿو. ڊاڪٽر مور کي يقين آهي ته: ”قرآن پاڪ جي آيتن ۽ پيغمبر اسلام ﷺ جي ڪجهه فرمانن جي مدد سان مذهب ۽ سائنس جي وچ ۾ مُدتن کان پيل رڪاوٽن کي پري ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.“
جڏهن کائنس پڇيو ويو ته ڪٿي ائين ته نه آهي، جو اها معلومات خام چير ڦاڙ جي نتيجي ۾ سامهون آئي هجي؟ ان تي سندس چوڻ هو، ته ان مرحلي تي جنين يعني رت جي دڳ جي جسامت هڪ ملي ليٽرجي ڏهين پتيءَ کان وڌيڪ نه هوندي آهي. هيءُ انساني اک کي هڪ باريڪ نقطي جي شڪل ۾ نظر ايندو آهي. ان جي سڃاڻپ هڪ طاقتور خوردبين کان سواءِ ممڪن ئي نه آهي ۽ اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي تسليم ٿيل آهي، ته خوردبين سترهين صدي عيسوي کان اڳ ۾ ايجاد ئي نه ٿي هئي.
ٻه سال اڳ ۾ ڊاڪٽر ڪيٿ مور کي شاه عبدالعزيز يونيورسٽي جده طرفان دعوت ڏني وئي. ان کان سواءِ ڊاڪٽر رابرٽ ايڊورڊ راز کي به سڏايو ويو. ڊاڪٽر رابرٽ اهو ماهر آهي، جنهن جي ڪيمبرج يونيورسٽي ۾ ڪيل تجربن جي آڌار تي پهرين ٽيسٽ ٽيوب بي بي جي پيدائش عمل ۾ آئي. ان سان گڏوگڏ ڊاڪٽر ٽي _وي_اين پرشاد ۽ ڊاڪٽر مارشل جانسن کي به مدعو ڪيو ويو هو. ڊاڪٽر مور جو چوڻ آهي، ته انهيءَ ڪانفرنس ۾ مسلمان عالمن اسان چئني سائنسدانن کي قرآن پاڪ جي چند آيتن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو پيش ڪيو ۽ ان بابت پنهنجي راءِ ڏيڻ جي گذارش ڪئي، ته ڇا انهن آيتن جي ڪا سائنسي تعبير ٿي سگهي ٿي. انهن مان هڪ آيت هيءَ هئي:
”اهو توهان جي مائرن جي پيٽن ۾ ٽن اونداهن پردن جي اندر هڪ کان پوءِ ٻي شڪل ڏيندو وڃي ٿو. (الزمر6)
ڊاڪٽر مور چوي ٿو، ته انهن ٽنهي اونداهين بابت اهو واضح طور تي چئي سگهجي ٿو، ته ان مان مراد پيٽ جي ديوار، ماءُ جي رحم (ٻچي داني) جو پردو ۽ ٻچي داني جي اندروني جَهلي آهن. هڪ ٻي آيت ۾ ٻڌايو ويو آهي، ته الله تعاليٰ انسان کي ڄميل رت جي دڳ (علق) مان پيدا ڪيو آهي. (علق٢). عربي زبان ۾ علق جو لفظ ڄؤنر (رت چوسندڙ جيوڙو) لاءِ ڪتب اچي ٿو. ڊاڪٽر مور ۽ ٻين ماهرن جي خيال ۾ عرب ۾ ملندڙ ڄؤنر ۽ 24 ڏينهن جي جنين جي شڪل ۾ حيرت انگيز طور تي مشابهت نظر اچي ٿي. وڌيڪ اهو ته انهيءَ مرحلي تي رت جي دڳ جي شڪل ۾ گوشت جو لوٿڙو ماءُ جي رحم جي ديوار سان ڄَؤنر وانگر چنبڙيل هوندو آهي. اڳتي هڪ ٻي آيت ۾ چيو ويو آهي، ته ”هيءُ ڄَؤنر جهڙو مادو بعد ۾ هڪ چٻاڙيل شيءِ جي شڪل اختيار ڪري وٺي ٿو،“ انهيءَ مرحلي تي جنين جي شڪل جي وضاحت ڪندي ڊاڪٽر مور پلاسٽڪ جي هڪ ننڍڙي شيءَ تيار ڪئي ۽ پوءِ ان کي پنهنجي ڏندن سان چٻاڙيو پوءِ ٻڌايو ته 28 ڏينهن جي جنين جي شڪل هوبهو ائين ئي ٿئي ٿي. ۽ ان تي جيڪي نشان ظاهر ٿين ٿا، سي به ڏندن جي چٻاڙيل نشانن وانگر ٿيندا آهن. انهيءَ آيت مان اهو به معلوم ٿئي ٿو، ته انهيءَ مرحلي تي جسم جي رڳو ڪجهه عضون جي نشاندهي ٿي سگهي ٿي. حقيقت به اها آهي، ته صرف دل ۽ اکين جي حد تائين سڃاڻپ ممڪن ٿي سگهي ٿي.
ڊاڪٽر مور جو چوڻ آهي ته قرآني آيتن مان واضح ٿئي ٿو، ته تيزي سان نڪرندڙ نطفي جي هڪ انتهائي مختصر حصي ۾ وڌڻ ۽ ويجهڻ جي صلاحيت وارو عنصر موجود هوندو آهي. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي مقالي ۾ ٻڌايو ته جنهن حقيقت جي نشاندهي ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ سپلين زيني پنهنجي تجرباتي طريقي سان ثابت ڪئي، ته جيستائين نر ۽ مادي جي باهمي ميلاپ سان پيدا ڪندڙ جزا پاڻ ۾ نٿا ملن، تيستائين حياتياتي واڌ ويجهه نه ٿي ٿي سگهي. قرآن پاڪ ان کان يارهن صديون پهريائين ئي انهيءَ گڏيل قطري (نطفه مشاج) جي نشاندهي ڪئي ۽ ٻڌايو ته مرد ۽ عورت جي نطفن جي ميلاپ سان انساني تخليق ٿئي ٿي. اهڙي طرح (ماء مهين) ۾ انهي طرف اشارو موجود آهي، ته ڪهڙي طرح ابتدائي حقير ڦڙي ۾ انسان جو جامع نقشو موجود هوندو آهي. ان ڦڙي مستقبل جي ڪردارن ۽ خصوصيتن کي پنهنجي اندر سمائي رکيو هوندو آهي.
هڪ مثال
يوري گگارن (1968_1934ع) هڪ روسي خلاباز هو .هيءُ پهريون انسان هو، جنهن خلا ۾ سفر ڪيو، هن اهو سفر روس طرفان موڪيل پهرئين خلائي جهاز (Vostok_I) جي ذريعي ڪيو. 12 اپريل 1961ع تي هيءَ خلائي جهاز زمين کان 187 ميلن جي بلندي تائين ويو. خلا ۾ ان جي رفتار 18 هزار ميل في ڪلاڪ هئي. هن ڏيڍ ڪلاڪ ۾ زمين جو هڪ چڪر لڳايو هو. يوري گگارن جڏهن پنهنجي تقريباً چار ٽن وزني خلائي جهاز ۾ ڪامياب خلائي سفر ڪري، ٻيهر زمين تي لٿو، ته هو اوچتو هڪ عالمي شهرت جو مالڪ بنجي چڪو هو.
يوري گگارن ننڍي عمر ۾ وفات ويو. ان هوندي به سندس ڪيتريون ئي يادگيريون اڄ به ڇپيل موجود آهن ۽ مطالعي ڪندڙن لاءِ دلچسپيءَ جو سامان مهيا ڪن ٿيون. انهن مان هڪ ڳالهه هيءَ به هئي، ته مان خلا ۾ جڏهن زمين تي نهاريو، ته مون کي نظر آيو ته زمين جي مٿان اونداهي ۽ روشني جو هڪ تيز سلسلو (Rapid succession) جاري آهي. يعني زمين جي سطح تي انڌيرو ۽ روشني اهڙي طرح هڪ ٻئي جي پٺيان هلي رهيا آهن، جيئن هو هڪٻئي جي پٺيان ڊوڙندا هجن.
عجيب ڳالهه آهي، ته زمين تي رات ۽ ڏينهن جي باري ۾ ساڳئي تعبير خود قرآن پاڪ ۾ موجود آهي، جيڪو انسان جي انهيءَ خلائي سفر کان چوڏهن سؤ سال پهريائين نازل ٿيو هو. قرآن پاڪ جا لفظ هيءُ آهن: ”یُغْشِی الَّیۡلَ النَّہَارَ یَطْلُبُہٗ حَثِیۡثًا ۙ“ (اعراف 54) يعني الله ڍڪي ٿو رات سان ڏينهن کي ۽ اهو ان جي پٺيان ڊوڙندو اچي ٿو.
زمين هڪ گولي وانگر آهي ۽ خلا ۾ آهي. اُها پنهنجي محور تي هڪ هزار ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان سج جي چوڌاري گهمي رهي آهي. اها ئي صورتحال آهي، جنهن جي ڪري زمين جي سطح تي اهو منظر پيدا ٿئي ٿو، جنهن کي گگارن پنهنجي خلائي مشاهدي ۾ هنن لفظن ۾ بيان ڪيو، ته مان زمين جي مٿان روشني ۽ انڌيري کي تيزيءَ سان هڪ ٻئي جي پٺيان ڊوڙندي ڏٺو. حقيقت جي لحاظ کان گگارن جو بيان سؤ سيڪڙو درست آهي. پر زمين تي ڪوبه شخص اهڙو بيان نه ٿو ڏئي سگهي. زميني مشاهدي جي آڌار تي ڪوبه انسان اهڙي قسم جو منظر نه ٿو ڏسي سگهي انهيءَ ڪري زمين تي رهندڙ ڪوبه شخص اهڙي ڳالهه نه ٿو چئي سگهي. اهڙو منظر ڪنهن انسان کي انهيءَ وقت نظر اچي سگهي ٿو، جڏهن هو زمين جي سطح کان 20 هزار ميل مٿي وڃي ۽ خلا ۾ پهچي دوربين جي ذريعي زمين جو مشاهدو ڪري. اهي لفظ زمين کي خلا کان ڏسڻ واري شخص جا آهن، نه ڪي زمين کي زمين تان ڏسڻ واري جا.
گگارن کان پهريائين ڪوبه شخص خلا ۾ نه ويو هو ۽ نه ئي اسلام جي پيغمبرﷺ جي زماني ۾ خلائي سواريون موجود هيون ته جيئن پاڻ سڳورا ان جي ذريعي خلا ۾ وڃي، اهڙي قسم جو بيان ڏئي سگهن، ته پوءِ قرآن پاڪ ۾ انهيءَ سلسلي ۾ ايڏو واضح ۽ مڪمل بيان ڪيئن موجود آهي. ان جي ڪابه وضاحت انهيءَ مڃڻ کان سواءِ ممڪن نه آهي، ته قرآن پاڪ کي نازل ڪرڻ وارو هڪ اهڙو اعليٰ ۽ برتر وجود آهي، جيڪو انهيءَ وقت به زمين کي زمين جي مٿان ڏسي رهيو هو، جڏهن گگارين وجود ۾ ئي نه آيو هو. هيءُ ۽ اهڙي طرح جون ٻيون آيتون انهيءَ ڳالهه جو واضح ۽ يقيني ثبوت آهن، ته قرآن پاڪ خدا جي طرفان نازل ٿيل آهي، جيڪو پنهنجي عقل ۾ ڪامل ۽ مڪمل آهي ۽ اهو ڪنهن انسان جو جوڙيل ڪتاب نه آهي.