مذهب

اسلام جو عقلي مطالعو

ڪائنات جي ابدي حقيقتن کي ڄاڻڻ جي خواهش انساني فطرت ۾ اهڙي طرح سمايل آهي، جو هو ڪنهن به طرح پنهنجو پاڻ کي ان کان الڳ نه ٿو ڪري سگهي. قديم زماني کان وٺي انسان فطرت جي ابدي رازن کي ڄاڻڻ جي جستجوءَ ۾ رڌل رهيو آهي، پر اڃا تائين انهن رازن تائين رسائي حاصل ڪري نه سگهيو آهي. انسان پنهنجي ذاتي ڪوششن سان انهيءَ حقيقت تائين ان ڪري نه پهچي سگهيو آهي،
Title Cover of book اسلام جو عقلي مطالعو

قرآن جو فلسفو

غالباََ 1970 جي ڳالهه آهي ته منهنجي ملاقات هڪ صاحب سان ٿي جيڪو ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ فلسفي جو پروفيسر هو. اسلام جي فلسفيانه فڪر تي گفتگو ڪندي، هن چيو ته اسلام ۾ عقليت کي ثانوي حيثيت آهي. اسلام ۾ ابتدائي عقليت (Primaryrationconalism) ڪونهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته اسلامي فڪر جو آغاز وحي جي ذريعي ٿئي ٿو. انسان اڳواٽ ئي وحي کي ڪامل صداقت مڃي سوچڻ شروع ڪري ٿو. جڏهن ته عام انساني فلسفي ۾ ڪا به شئي اڳواٽ مڃي نه ٿي وڃي، بلڪه تحقيق ۽ جستجو کانپوءِ جيڪا ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ان کي تسليم ڪيو ويندو آهي. ان تي مون کيس چيو ته واقعي جي لحاظ کان توهان جي ڳالهه درست آهي، پر مان اهو اضافو ڪندس ته هن دنيا ۾ انسان لاءِ ثانوي عقليت ئي ممڪن آهي. ابتدائي عقليت هن دنيا ۾ انسان لاءِ عمل جوڳي ۽ حصول جوڳي ڪونهي. ڪائنات جون حقيقتون لامحدود آهن. ان جي مقابلي ۾ انسان جو عقل انتهائي محدود آهي. تنهنڪري ابتدا ئي عقليت جو اصول هڪ دلپسند اصول ته ٿي سگهي ٿو پر اهو عملي طور ممڪن نه ٿو بڻجي سگهي.
خالص فني لحاظ کان اسلام جي عقليت جيتوڻيڪ ثانوي عقليت آهي پر عام معنيٰ ۾ اهو سخت ڪٽرپڻيءَ واري ڪاشيءِ نه آهي. اسلام جو طريقو هيءَ آهي ته اهو ڪنهن حقيقت جي باري ۾ ان جو بيان ڪري ٿو. ان کانپوءِ انسان کان مطالبو ڪري ٿو ته هو ان جي اصلي حقيقتن کي معلوم واقعن جي ذريعي پرکي ڏسي. جيڪڏهن اهي زباني بيان معلوم واقعن سان مطابقت رکن، ته ان کي تسليم ڪرڻ گهرجي ۽ اها ئي سچائي ۽ صداقت آهي.
علم ڇا آهي ۽ انسان ان علم تائين ڪيئن پهچي سگهي ٿو يا پهتو آهي، ان سلسلي ۾ جديد سائنس اهو اصول مقرر ڪيو آهي ته انهيءَ علم تائين پهچڻ جا ٽي مرحلا آهن:
1- مشاهدو 2- مفروضو 3-تصديق.
ان جو مطلب اهو ٿيو ته ابتدا ۾ ماڻهوءَ جي سامهون ڪجهه واقعا اچن ٿا. انهن واقعن جي وضاحت لاءِ سندس ذهن ۾ هڪ فرضي خيال قائم ٿيندو آهي. ان کانپوءِ هو ان جو وڌيڪ مطالعو شروع ڪندو آهي. جيڪڏهن وڌيڪ ۽ وسيع مطالعي جي آڌار تي اهو فرضي تصور صحيح ۽ درست ثابت ٿئي ٿو، ته ان کي مڃيو ويندو آهي ته اها حقيقت آهي. ان آخري مرحلي تي پهچي ابتدائي فرضي تصور ثابت ٿيل حقيقت بنجي ويندو آهي. ان جو هڪ سادو مثال هيءَ آهي ته زمين تي قديم انسان ڏٺو، ته هتي خشڪي جا حصا به آهن ۽ سمنڊ جا به. ان ڪري ابتدائي طور تي هن اهو فرضي تصور قائم ڪيو ته زمين جو اڌ حصو خشڪي ۽ اڌ حصو پاڻي آهي. اهو فرضي تصور يوناني فلاسفرن جي زماني کان وٺي ابن خلدون تائين قائم رهيو.
ان کانپوءِ خشڪي ۽ سمنڊ جي سفر ڪرڻ سان انسان اهو سمجهڻ شروع ڪيو ته خشڪي جي مقابلي ۾ زمين تي پاڻي وڌيڪ آهي. هاڻي ٻيو مفروضو قائم ڪيو ويو ته زمين تي پاڻيءَ جو حصو 3/2 ۽ خشڪي جو حصو 3/1 آهي.
ان کانپوءِ انسان کي ٻيا وڌيڪ ذريعا حاصل ٿيندا ويا ۽ هيءُ ممڪن ٿيو ته خشڪيءَ جي حصي ۽ پاڻيءَ واري حصي جي باقاعدي پيمائش ڪري سگهجي. اهڙي طرح باقاعده پيمائش سان معلوم ٿيو ته زمين جي سطح تي پاڻي جو حصو 73 سيڪڙو ۽ خشڪيءَ جو حصو 27 سيڪڙو آهي. بعد واري انهيءَ مشاهدي انهيءَ فرضي تصور جي تصديق ڪئي ۽ پوءِ ان کي تسليم ڪيل حقيقت جي طور تي مڃيو ويو.
قرآن پاڪ جو فلسفو به لڳ ڀڳ اهو ئي آهي. البت مقدمن جي ترتيب جي لحاظ کان ٻنهي ۾ معمولي فرق آهي. قرآن جو فلسفو يا قرآن جي تفڪر جو طريقه ڪار معمولي فرق سان هيءُ آهي ته ان ۾ سڀ کان پهريائين ”مفروضو“ قائم ٿيندو آهي، ان کانپوءِ مشاهدي جي روشنيءَ ۾ ان تي غور ۽ فڪر ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ آخر ۾ ”تصديق“ جو درجو اچي ويندو آهي. يعني قرآن جي دعويٰ (مفروضو) قائم ڪرڻ ۽ پوءِ ان تي غور ڪرڻ آهي. ان کانپوءِ غور ۽ فڪر جي سطح تي انهي مفروضي جي حقيقت جي ثابت ٿيڻ کانپوءِ ان کي تسليم ٿيل صداقت جي طور تي مڃڻ. انهيءَ آخري درجي تي حاصل ٿيندڙ معرفت کي قرآن جي اصطلاح ۾ ايمان جو نالو ڏنو وڃي ٿو.
ان لحاظ کان سائنس جي علم جي ترتيب هيءَ آهي: مشاهدو، فرضي تصور ۽ تصديق. جڏهن ته قرآن جي علم جي طريقي جي ترتيب فرضي تصور، مشاهدو ۽ تصديق آهي. ٻين لفظن ۾ اسان اهو چئي سگهون ٿا ته عام انساني فلسفي ۾ فڪر جي شروعات تلاش سان ٿئي ٿي، ان جي ابتڙ قرآني فلسفي ۾ فڪر جي شروعات دريافت سان ٿئي ٿي. قرآن ابتدا ۾ ئي هيءَ دعويٰ يا علمي زبان ۾ فرضي تصور پيش ڪري ٿو ته هن ڪائنات جو هڪ خالق آهي ۽ هن ڪائنات جو هڪ انجام آهي، ان کانپوءِ قرآن تخليقي دنيا جون مختلف نشانيون انسان جي سامهون پيش ڪري آڻي ٿو ۽ انسان کي چوي ٿو ته انهن نشانين تي غور ۽ فڪر ڪر ۽ ڏس ته اهي ثابتيون قرآن پاڪ جي بيان جي تصديق ڪري رهيون آهن. هينئر تائين جا تجربا ٻڌائن ٿا ته ڪائنات جون سڀ معلوم حقيقتون قرآني بيان جي تصديق ڪري رهيون آهن. ڪا به معلوم ٿيل حقيقت اهڙي نه آهي، جيڪا قرآن جي دعويٰ جي ٽڪراءَ ۾ ايندي هجي يا ان ۾ شڪ ثابت ڪندي هجي.
ان جو هڪ مثال وٺو. حضورﷺجڏهن مڪي ۾ هيءَ اعلان ڪيو ته مون ڏانهن خدا پنهنجي فرشتي ذريعي وحي موڪلي آهي. ان تي مڪي جي رهواسين چيو ته اسان توهان جي ڳالهه کي ان وقت مڃينداسين جڏهن پنهنجي اکين سان ڏسنداسين ته فرشتو خدا جي وحي کڻي آسمان تان توهان وٽ اچي رهيو آهي. ان جي جواب ۾ قرآن پاڪ ۾ چيو ويو ته ماڻهو توهان کان وحيءَ جي باري ۾ پڇن ٿا. توهان کين چئو ته وحي خدا جي حڪم سان آهي ۽ توهان کي صرف ٿورو علم ڏنو ويو آهي. (بني اسرائيل – 85)
ٻين لفظن ۾ انهيءَ جو مطلب هيءُ هو ته مڪي جا ماڻهو پيغمبر ﷺ جي رسالت جي دعويٰ تي سنئون سڌو دليل گهري رهيا هئا. پر قرآن هي جواب ڏنو ته توهان هن معاملي کي اڻ سڌي دليل يا استنباطي دليل (معلومات مان حاصل ڪيل نتيجي جي ذريعي ئي) سمجهي سگهو ٿا. ڇاڪاڻ ته توهان پنهنجي محدود سوچ جي ڪري هن معاملي ۾ سنئين سڌي دليل کي سمجهڻ کان قاصر آهيو. اهو معاملو اهڙي طرح تاريخ ۾ تڪراري شڪل ۾ هلندو رهيو، ايستائين جو اڻويهين صدي جي سائنسي ذريعن جي دريافت کان پوءِ جديد مفڪرن اهو اعلان ڪري ڇڏيو ته اسان کي ڪنهن به معاملي ۾ اڻ سڌي يا استنباطي استدلال تي قناعت ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. اسان جديد ذريعن سان سڀني معاملن جي باري ۾ سنئون سڌو دليل قائم ڪري سگهون ٿا.
پر ويهين صديءَ جي تحقيقات آخري طور تي اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته اسان جي ذهني محدوديت يقيني طور تي ان راهه ۾ رڪاوٽ آهي ته اها ڪنهن به حقيقت تي سنئون سڌو ڪا راءِ قائم ڪري سگهي. ان ڪري ويهين صديءَ جي آخري اڌ ۾ متفقه طور تي مڃيو ويو ته اڻ سڌو يا استنباطي استدلال بلڪل معقول دليل آهي، جيڪڏهن اهو ثابت ڪيل مشاهدي جي بنياد تي هجي ۽ ان سان سمورن لاڳاپيل مشاهدن جي سهڻي نموني توجيهه ڪري سگهجي.
مثال طور ارتقا جي نظرئي کي انهيءَ ڪري ئي سائنسدانن ۾ عمومي مقبوليت جو درجو حاصل ٿي ويو، جو ڪجهه ماڻهن ان کي ثابت ٿيل حقيقت چوڻ شروع ڪيو هو. حالانڪه ارتقا جو نظريو ايڏي ڊگهي ماضيءَ سان تعلق رکي ٿو جو اهو ممڪن ئي نه آهي ته ان جو سنئون سڌو مشاهدو ڪري سگهجي يا ان تي سنئون سڌو دليل قائم ڪيو وڃي. ارتقا جو نظريو مڪمل طور تي استنباطي نظريو آهي نه ڪي سنئون سڌو مشاهدي ۾ اچڻ وارو نظريو.
ارتقا جو نظريو ڇا آهي؟ چند لفظن ۾ ان جو فارمولا هيءَ آهي: ٻيهر پيدائش، فرق ۽ فرق جو باقي رهڻ.
ان جو مطلب هي آهي ته حيوانن کي لڳ جي عمل ذريعي ٻچا پيدا ٿيا. اهي پاڻ ۾ هڪ ٻئي کان مختلف ۽ الڳ هئا . مثال طور ڪو ننڍو، ڪو وڏو، وڏا ٻچا ولادت ۽ واڌ ويجهه جي عمل سان ٻيهر ٿورو وڏا ٿيندا ويا. ايتري قدر جو ٻڪريءَ جو ٻچو ڊگهي مدت تائين فرق گڏ ٿيڻ جي نتيجي ۾ زرافه بڻجي ويو.
ان ڳالهه کان هٽي ڪري ته هيءُ نظريو صحيح آهي يا غلط، منطقي لحاظ کان هيءَ دليل سراسر استنباطي دليل آهي. اهڙي طرح جي استنباطي دليلن تي هن سموري نظرئي جو بنياد قائم آهي، جن کي موجوده زماني ۾ سائنسي نظريا چيو وڃي ٿو. سائنس جي دائري ۾ جيترا به نظريا قائم ڪيا ويا آهن، سي سڀ اهڙي طرح اڻ سڌي استدلال تي مشتمل آهن. اهي نظريا ان وقت تائين قائم رهن ٿا، جيستائين ڪو نئون مشاهدو اڳوڻي وضاحت کي مشڪوڪ ثابت نه ٿو ڪري.
اسلامي عقيدن تي منطقي دليلن جي نوعيت به بلڪل اها ئي آهي. جيڪڏهن ڪائناتي مشاهدا اسلامي عقيدن جي تائيد ڪندا هجن ۽ انهن مشاهدن مان جائز طور تي اهي نتيجا اخذ ٿي رهيا هجن ته اهي بلڪل جديد سائنسي منطق جي مطابق درست ۽ مڃڻ جوڳا قرار ڏنا ويندا. صرف انهيءَ بنياد تي انهن کي رد نه ٿو ڪري سگهجي ته اهي استنباطي دليلن تي مشتمل آهن. ائين ڪرڻ کان پوءِ رڳو اسلامي عقيدا ئي رد نه ٿيندا بلڪه سائنس جي سڄي عمارت به ڊهي اچي پٽ پوندي.
قرآن ۾ 1400 سال پهريائين اهو چيو ويو هو ته انسان کي صرف ٿورو علم ڏنو ويو آهي (بني اسرائيل -85) موجوده زماني ۾ خالص سائنسي تحقيق مان اهو ثابت ٿيو آهي ته انساني ذهن جون ڪجهه اڻٽر حد بنديون آهن ۽ انهن حدن جي ڪري اسان لاءِ صرف محدود علم تائين پهچڻ ئي ممڪن آهي. ان لحاظ کان سائنسي منطق جو هيءَ چوڻ آهي ته اسان پنهنجي موجود صلاحيتن سان نشانين ۽ علامتن (Probability) تائين پهچي سگهون ٿا، نشانين کان اڳتي اسان جي علم جي رسائي ممڪن نه ٿي ٿي سگهي.
جديد سائنس جو هيءُ موقف اسلام جي انهيءَ عقليت کي برحق ثابت ڪري ٿو، جنهن کي ثانوي عقليت چيو وڃي ٿو. انهيءَ جاءِ تي پهچي سائنس جو موقف ۽ اسلام جو موقف ٻئي هڪ ٿي وڃن ٿا. سائنس جو موقف جديد تحقيق جي روشنيءَ ۾ هيءُ آهي، ته اسان هڪ خيالي تصور قائم ڪريون ۽ پوءِ ممڪن تجربن ۽ مشاهدن جي آڌار تي ان کي پرکيون، جيڪڏهن اسان جا تجربا ۽ مشاهدا انهيءَ تصور جي تصديق ڪن ته اسان کي سمجهڻ گهرجي ته اسان جو تصور درست آهي. بلڪل اهو ئي موقف اسلامي فلسفي جو به آهي. اسلام وحيءَ جي شڪل ۾ هڪ تصور اسان جي سامهون رکي ٿو ۽ چوي ٿو ته مشاهدن ۽ تجربن جا جيڪي به مقرر ماڻ آهن، تن تي ان کي پرکي ڏسو. پوءِ جيڪڏهن مقرر مشاهدا ۽ تجربا ان سان ٽڪراءُ ۾ نه اچن ۽ ان جي تصديق ڪن ته اهو ان ڳالهه جو مناسب نتيجو هوندو ته وحيءَ جي شڪل ۾ جيڪو تصور قائم ڪيو ويو هو سو بلڪل درست آهي.
نيوٽن جڏهن ڏٺو ته صوف وڻ مان ٽُٽي زمين تي ڪري پيو ته ان اهو نظريو يا تصور قائم ڪيو ته زمين ۾ ڪشش جي طاقت آهي. انهيءَ واقعي ۾ صوف جو ڪرڻ هڪ مشهور واقعو آهي پر زمين جي قوت ڪشش هڪ غيبي واقعو آهي. انهيءَ واقعي ۾ سائنسدان هڪ غيبي واقعي کي صرف ان ڪري مڃي ورتو جو هڪ ظاهري واقعو سندن موجودگي جي ثابتي پيش ڪري رهيو هو. اصولي طور تي بلڪل انهيءَ دليل جي طريقه ڪار کي قرآن ۾ به اختيار ڪيو ويو آهي. قرآن به مشاهدي ۾ ايندڙ حقيقت سان غيبي حقيقتن تي دليل قائم ڪري ٿو.
انهيءَ دليل جي طريقي جو هڪ مثال قرآن ۾ هيءُ آهي ” اَفَعَیِیۡنَا بِالْخَلْقِ الْاَوَّلِ ؕ بَلْ ہُمْ فِیۡ لَبْسٍ مِّنْ خَلْقٍ جَدِیۡدٍ ﴿٪۱۵﴾ “ ڇا اسان پهريون دفعو پيدا ڪرڻ کان عاجز ٿياسين؟ جو هي ماڻهو ٻيهر پيدا ڪرڻ ۾ شڪ ڪن ٿا (ق – 50/51) سورت ق جي هن آيت ۾ پهرين تخليق مان ٻئي تخليق لاءِ دليل ورتو ويو آهي. انهيءَ دليل جو منطق هيءُ آهي ته پهريائين ”موت کان پوءِ زندگي“ جي دعويٰ پيش ڪئي وئي آهي. ان کانپوءِ ”موت کان اڳ واري زندگي“ جو مشاهدو سامهون آندو ويو ۽ پوءِ چيو ويو ته جڏهن پهريون دفعو بنا زندگيءَ مان زندگيءَ جو وجود ۾ اچڻ ممڪن هو ته ٻيهر بغير زندگي مان زندگيءَ جو وجود ۾ اچڻ ڪيئن ناممڪن ٿيندو.
انسان خود پنهنجي وجود جي صورت ۾ ۽ ٻين بي شمار انسانن جي موجودگيءَ جي صورت ۾ پهرين تخليق جو تجربو ڪري رهيو آهي. هو ڏسي رهيو آهي ته انسان هڪ مڪمل وجود جي طور تي پهريائين دنيا ۾ اچي ٿو ان کانپوءِ هو مري ٻيهر پنهنجي پيدائش کان اڳ واري حالت جي طرف واپس هليو وڃي ٿو. ڄڻ ته انسان موت واري حالت مان زندگيءَ واري حالت ۾ آيو آهي ۽ ان کانپوءِ ٻيهر موت واري حالت ۾ هليو ويندو. هاڻي جيڪڏهن هڪ دفعو موت واري حالت مان زندگيءَ واري حالت ۾ اچڻ ممڪن هو ته پوءِ ٻيو دفعو موت واري حالت مان زندگي واري حالت ۾ اچڻ ڇو ناممڪن ٿيندو! حقيقت هي آهي ته پهرئين دفعي زندگي جو ثابت ٿيڻ ٻيهر زندگيءَ کي پنهنجو پاڻ ثابت ڪري ٿو.
اصولي لحاظ کان قرآن جي استدلال ۽ سائنس جي استدلال ۾ ڪو به فرق نه آهي. سمورن سائنسي نظرين ۾ معلوم مان نامعلوم تي دليل قائم ڪيو ويندو آهي. اهڙي طرح قرآن ۾ به معلوم کان نامعلوم يا حاضر کان غائب تي دليل قائم ڪيو ويو آهي. قرآن جي دليل جو طريقي ڪار به ايترو ئي سائنٽيفڪ آهي، جيترو مادي علمن جو استدلال.
اسلامي فلسفو پنهنجي نوعيت جي لحاظ کان خالص سائنٽيفڪ فلسفو آهي. جيڪي ماڻهو سائنسي فلسفي کي مڃين ٿا، تن لاءِ ان کانسواءِ ڪو به چارو ڪونهي ته اهي اسلامي فلسفي جي معقوليت کي پوري طرح تسليم ڪن. خالص علمي لحاظ کان انهيءَ موقف کانسواءِ ٻيو موقف انسان لاءِ درست ناهي.