انتساب
ڪتابن ۾
ڪاغذن تي
اسڪرين تي
اڄ بہ
سڀاڻي بہ
انجم جي نالي
جنھن پنھنجو رت ست ولوڙي
منھنجي شخصيت جي نئين سر تخليق ڪئي
۽ مون کي آڱر کان جهلي پنھنجي پيرن تي ھلڻ سيکاريو،
جيئڻ سيکاريو
۽ مون کي ھٿ کان جهلي، نہ رڳو پھريون ڀيرو دنيا ڏيکاريائين
پر منھنجي روح جي تربيت بہ ڪيائين
۽ انھيءَ رب سان منھنجي ويجهڙائپ ڪرايائين
جيڪو رحيم بہ آھي تہ ڪريم بہ،
۽ مون کي پرينءَ جي پيرانديءَ بيھڻ سيکاريائين
۽ اھا بہ انجم ئي آھي،
جنھن منھجن لفظن کي ٿوھر جي ڪنڊن مان ڪڍي
انساني احساسن جي سمنڊ ۾ لھڻ سيکاريو
۽ جھڙوڪر !
نئين سر لکڻ بہ سيکاريو.
- نور الھديٰ شاھ