نورالھديٰ شاھ ۽ ڪھاڻي: نصير مرزا
1980ع ڌاري، ھن جي ڪھاڻين جو پھريون مجموعو شايع ٿيو: ”جلاوطن“. ان ڪتاب جي پاپولرٽي جو اندازو، ان ڳالھ منجهان بہ لڳايو، تہ اڄ تائين .... نہ سنڌ جو نئون نسل ان ”ڪھاڻي ڪتاب“ کي پڙھندي ٿڪو آھي ۽، نہ پبلشر انھيءَ کي ڇپرائيندي!
اصل ۾، ”جلاوطن“ ۾ سھيڙيل افسانہ، رڳو افسانا ئي ڪٿي ھئا! نيزي مٿان، نوڪ ۾ ٽانڪيل نوان سج، جبر خلاف ”اناالحق“ جا نعرا ۽ جھڙا کنوڻ جا تجلا ھئا. ٻئي ڪھاڻي مجموعي ”ڪربلا“ ۽ ٽئين ڪتاب ”رڻ ۽ رڃ جو اتھاس“ کان پوءِ، خاص ڪري حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيل، لساني فسادن جي پسمنظر ۾، نورالھديٰ، جيڪو افسانو لکيو: ”ڪيڏارو“! انھيءَ افساني کي، سنڌيءَ ۾ لکيل افسانن ۾، شاھڪار افساني جي حيثيت ڏيئي سگهجي ٿي.
ڪڏھن، نورالھديٰ شاھ چيو ھئو: منھنجي سِرَ تي، جنابِ زينب جي، چادر طتھير جو سايو آھي، اھو ھن درست ئي چيو ھئو. سندس افسانن جي Narration ۾، جيڪا رقت ۽ مزاحمت سمايل آھي، اھا واقعي يزيد جي درٻار ۾ جنابِ ”زينب“ خاتون جي ڏنل خطبن جھڙو ئي تاثير رکي ٿي.
نورالھديٰ شاھ، حاضر دور ۾ ... سڄي ننڍي کنڊ ۾، بحيثيت Play Write ڪماليت جي درجي تي پھتل ليکڪا آھي. عظيم ناول نگار قرت العين حيدر کان وٺي، ھند – سنڌ جي اھم قلمڪارن ۽ ڪلاڪارن کان، ھوءَ، ان ڏس ۾، وڏي Appreciation بہ حاصل ڪري چڪي آھي.
ھي ”ڪھاڻي – ڪليات”، نورالھديٰ شاھ جي ٽيھہ سالا ادبي سفر جو ثمر آھي. سندس، ”ڪُل ڪھاڻين“ جو ھي مجموعو، پڪ اٿم، ھزارين ھمعصر افسانہ نگارن جي فھرست ۾، ھن جي نالي کي، سدائين ”سرخرو“ ۽ سرِفھرست رکندو.
- نصير مرزا