دنيا هڪ اسٽيج آهي
رات جي پوئين پهر جڏهن ميڙو اچي مَتو هو ۽ سڀئي مڌ پي بي سُڌ ٿي چڪا، تڏهن مون ڇير جي ڇم ڇم سان هوريان هوريان پير کڻڻ شروع ڪيا. ڪجل ٻائي مرحومه، شال بهشت نصيب ٿئيس، هميشه چوندي هئي ته: پهرين تماشائين کي پيالا ڀري ڀري پيار. جڏهن نشي کان چُور ٿي وڃن، پوءِ نچ، پوءِ نچ ته – رڳو نوٽ نه، پر پاڻ کي به گهوري ڇڏين تو تان.
ڇير جي ڇم ڇم سان گڏ سازندن به ساز چورڻ شروع ڪيا ۽ زمين منهنجي پيرن هيٺ گول گول ڦرڻ لڳي. انهيءَ ڦرندڙ منظر ۾ ئي هو ڄڻ کنوڻ جيان منهنجين اکين منجهان لنگهي گُم ٿيو ٿي ويو. مونن ۾ مُنهن ڏيو ويٺل، سڄو جسم ڪاري کٿيءَ ۾ ويڙهيل.مون کي لڳو هُو بي سُڌ ته آهي، پر هُن مڌ پيتي ڪانهي. هو ئي هڪڙو آهي، جيڪو جاڳي پيو. باقي سڀئي کليل ڳاڙهين اکين اندر مئا پيا آهن ۽ انهن جي پٽيل واتن منجهه محض ڪانگ رڙِي رهيا آهن – ته – نچ – نچڻي! نچ – نچ – نچ – نچڻي! نچ – نچ - !!! نوٽ شڪار ٿيل پکين جيان هوا ۾ هڪڙو ڦڙڪو کائي، بولاٽيون کائيندا واپس اچي پٽ تي ڪِريا ٿي ۽ زمين اڃا به تيزيءَ سان ڦري ٿي منهنجن پيرن هيٺ. زمين جي انهيءَ تيز ڦيري ۾ ئي صرف هڪڙو ڀيرو هن کي هوريان هوريان مونن منجهان منهن ڪڍندي ڏٺم ۽ بس هڪڙي نظر مون تي ائين وڌائين، ڄڻ ڪائي بي حيثيت شيءِ هجان آئون!! ۽ جيئن هڪڙي ڦوڪ سان هوا ۾ جيت اُڏاري ڇڏجي، تيئن مُرڪي واپس مونن ۾ مُنهن ڏئي ڇڏيائين.
ڪجل ٻائي مرحومه چوندي هئي ته: اهڙو ڪو تماشائي هجي، جنهن جي نهار ۾ تولاءِ ڪائي حيثيت نه هجي، انهيءَ کي ڦاسائي، انهيءَ کي ئي ڦٿڪائي، اڌ ڪُٺو ڪري اُڇلي ڇڏينس. جيئن جيئن ڦٿڪندو ۽ رڙيون ڪندو، زمانو ان جو تماشو ڏسي پتنگن وانگر تو تي مِڙندو.
هُن جي واپس مونن ۾ منهن هڻڻ کان پوءِ مون پايل جا سُر اڃا به تِکا ڪيا ۽ نچندي نچندي زمين جي ڦيري کي اڃان به سندس ويجهو کڻي آيس. سندس اڳيان ڦيريون پائيندي رهيس، پر نه ڇرڪيو ۽ نه مونن مان منهن ڪڍيائين. نه لهر – نه لوڏو.
رات شمع جيان وئي وگهرندي ۽ تماشائي پتنگن جيان ويا خاڪ ٿيندا. فجر جي اذان کان ڪجهه پهرين، محفل برباد شهر جي منظر ۾ بدلجي وئي، جنهن کي دشمن جو لشڪر گهوڙن جي سُنبن هيٺ لتاڙي لنگهي ويو هجي ۽ هِتي هُتي لاش ئي لاش پيا هجن. ٿانوَ وڇايل دسترخوانن تي ئي ڀڄي ڀُري پيا هجن ۽ هنڌ پٿراڻيون ستل جسمن هيٺان کان ڇڪجي ويون هجن. شهر اُجڙيو – سازندن مال ميڙيو ۽ هلندا ٿيا. بس آئون هيس ۽ هو هيو. وچ ڪمري ۾ ڳاڙهي ايراني غاليچي تي ويهي مون پنهنجي پايل ٿي کولي. بس ٻه وکون سامهون هُو مونن ۾ منهن ڏيو ويٺل هو. منهنجا هٿ پايل ۾ ۽ اکيون مٿس کتل هيون. ٻاهر مسجد ۾ فجر جي اذان شروع ٿي ۽ سڄي رات ۾ هن ٻيو ڀيرو مونن منجهان مُنهن ڪڍيو. اُٿڻ چاهيائين، کنوڻ جيان اُلر ڪري کيس ٻانهن کان وڃي جهليم.
”ترس.“ چيم.
هو ڄڻ نه چاهيندي به ويهي رهيو. چپ، مون کي ڏسندو رهيو.
”منهنجو ناچ نه وڻيو توکي!؟“
بس مُرڪي پيو.
”ڇا تي بانور اٿئي!؟“
”مردانگيءَ تي!!؟“
مون ٽهڪ ڏنو ۽ هو چپن هيٺ سنهڙي ليڪ جيترو مُرڪندو رهيو.
چيم، ”اُهو مرد ئي ڪهڙو، جنهن جي اک عورت کي ڏسي بي وضو نه ٿئي!! پر حيف بدنصيب! تنهنجي مردانگي کي!!“ مون اکين ۾ ڌڪار ڀري ڏانهنس نهاريو. پر نه هُن چُپ ٽوڙي ۽ نه مُرڪ.
چيم، ”تنهائي ۾ منهنجو ناچ ڏسندين!؟ هجوم کان گهٻرائي ٿي تنهنجي شرمسار مردانگي!؟ هل هجوم کان پري ڪنهن اڪيلي ڪُنڊ ۾ هلي ڏس منهنجو جوڀن. تنهنجي شرمسار مردانگي، منهنجي جوڀن جو تابُ جهلي ڪانه سگهندي. مجنون وانگر ڪپڙا ڦاڙي واڪا ڪندو وڃي جهنگ بر وسائيندين. اٿئي ڪو دمُ!؟ خبر به اٿئي، هتي ڪيئي آيا ۽ ڪُسجي ويا. اڄ اچ – تون پاڻ کي آزمائي، آئون پاڻ کي ٿي آزمايان، نه ته اها نچڻي ڪهڙي، جيڪا ملائڪن کي به نه هِرکائي وجهي!! ڪجل ٻائي مرحوم جهڙي تيز نظر پارکو به چوندي هئي ته: پنهنجي ستر ورهين جي ڄمار ۾ هن مون جهڙي نچڻي ڪانه ڏٺي، جنهن جو ڪُٺل نه مرڻ ڀيڙو ٿيو ۽ نه جيئڻ ڀيڙو. بس ڦٿڪندو رهيو ۽ هڪڙي ڍُڪ لاءِ اولائيندو رهيو. چوندي هئي، اُهو ڍُڪ ڪڏهن به نه پيارجئين، جيڪو پيئڻ سان ڪُٺل ۾ ساهه پئجي وڃي. هل – ڏس ته سهي منهنجو ناچ!! جنهن کي ڏسڻ لاءِ بادشاهه به فقير بڻجي ويا. ٿالهه نوٽن جا ڀري کڻي آيا ۽ موٽڻ مهل هو ڪشڪول هٿن ۾ کڻي مون کان ئي بيک مڱيندا ويا. پر آئون بادشاهه کي بيک ڏيندي آهيان، گدا کي نه. پر توکي نوازڻ لاءِ تيار آهيان. اچ – اچ تون پنهنجو امتحان وٺ – آئون پنهنجو امتحان ٿي وٺان.“
سندس کٿيءَ جو پلاند سٽ ڏئي پاڻ ڏانهن ڇڪيم. بنهه هوريان پنهنجو پلاند سوري ورتائين. سندس آواز ۾ ايڏو سڪون هجي، ڄڻ درياءَ جي ڇاتيءَ تي نادَ ترندي ويندي هجي؛ دور تائين – هوريان هوريان بنا ناکئي جي – بي نياز ۽ اڪيلي.
چيائين: ”سڀ بي سود آهي نچڻي! سڀ اجايو آهي. هي سڄو زعم، هي جوڀن، هي ناچ – ڪجهه به تنهنجو ڪونهي. جنهن کي تون ناچ ٿي چوين، اهو ڪنهن سنهي سُئي جي سڳي جو سرجڻ آهي پاکي منجهان، جنهن جو ٻيو سرو ڪنهن ٻئي جي هٿ ۾ آهي ۽ تون محض نچائي پئي وڃين، ان لاءِ نه ته تنهنجي ناچ تي ڪوئي هِرکي پيو آهي. انهيءَ لاءِ ته زماني کي گردش ۾ رکڻو آهي. شاهه کي گدا بنائڻو آهي ۽ گدا کي تخت نشين ڪرڻو آهي. جنهن جي آڱرين تي سڀني جا سڳا ويڙهيل آهن. انهيءَ جي بي نيازي ته ڏس!! صرف پنهنجين آڱرين جي جنبش کي ڏسي ٿو، هيٺ پتلين جو ناچ نه.“
”هيءُ تنهنجن ڦيريون پائيندڙ پيرن هيٺ فن ڦاسي گهاٽ جي تختي جيان وڇايل آهي. پوءِ هيءُ نچڻ به ڪهڙو نچڻ آهي نچڻي!!؟ جتي جتي پير ڌرجي، اُتان اُتان زمين کِسڪندي وڃي! هيءُ جنهن کي تون جوڀن ٿي چوين، خبر به اٿئي انهيءَ جي حقيقت ڇا آهي!!؟ ڪجهه به نه، محض هڏن جي مُٺ تي ماس!! جيسين ڳجهين جو کاڄُ بڻجڻ جهڙو آهي، ماڻهوءَ کي زعم آهي پنهنجي هئڻ جو. جيئن جيئن ماڻهوءَ جي ماس تي ڳجهون مِڙن ٿيون، تيئن تيئن ماڻهو پنهنجي ئي واس جو سُرور ماڻي ٿو. ماس وگهري ويندو – هي ساگر جهڙا نيڻ – هي گلاب جهڙا چپ – هي ڇولين جيان ڇُلندڙ ٻانهون – هي واچوڙي جيان ڦيريون پائيندڙ پير ۽ هي واس ڏيندڙ تن – ڪجهه به ڪونه آهن نچڻي! محض ماس آهن، نه ته ماڻهو هڏن مُٺ آهي، جنهن تي سندس گهايل من جو نشان به نٿو لڀي. هي لُڙڪ، مُرڪ، پيڙائون – ناز ۽ ادائون سڀئي هوا ۾ هڪڙي ڦوڪ آهن. صديون در صديون محض ماڻهوءَ جا گمنام هڏ ۽ خاڪ بنجي ويون. ڪهڙا هڏ شاهه جا ۽ ڪهڙي خاڪ گدا جي؟ اهو ڪير به سلي نه سگهيو سواءِ انهيءَ جي. جنهن جي بي نيازي ته ڏس!! خاڪ مان ماڻهو ٺاهي خاڪ ۾ گڏي ڇڏي ٿو!!
تون ته نچڻي آهين! پنهنجي خاڪي جوڀن تي ٿي مُرڪين، پر پٺيان ڪنڌ ورائي نهار ته سهي!! بلي – بلي – دنيا کي گهوڙن جي سُنبن هيٺان لتاڙي لنگهي ويل لشڪر – خدائي جا دعويدار – محل ماڙيون قلعا – سڀئي ڌوڙ ڦليار ٿي ويا. دنيا ته ڍونڍ جو ڍير آهي نچڻي!! ڪيترن چکي، ٿُڪي ڇڏيو يا ڪيترن دز جيان آڱرين جي بُلن تي کڻي، هڪڙي ئي ڦوڪ سان اُڏاري ڇڏيو ۽ نچڻي! ڪجهه لاءِ ته هيءَ دنيا محض سنهڙو پڙدو آهي عاشق ۽ معشوق جي وچ ۾. عاشقن ته هڪڙي ئي سٽ ۾ ليرون ليرون ڪري ڇڏيو دنيا کي!! تون ٻُڌاءِ نچڻي! جڏهن تون ڦيريون پائين ٿي، تڏهن توکي ڇا لڳي ٿي هيءَ دنيا!!؟ مڌ جو پيالو!!؟ سوچيو اٿئي، جڏهن نشو لهندو ته ڇا هوندو!!؟ مڌ پيئڻ لاءِ ڪانهي هوندي نچڻي! مڌ هاري ڇڏڻ لاءِ هوندي آهي ۽ پوءِ چکي ڏس، مڌ چپن تان لاهي هاري ڇڏڻ جو نشو!! بس ايترو نشو چکي وٺجي، نه ته باقي سڀ بي سود آهي، اجايو آهي – خاڪ آهي – فنا آهي.“
جيتري دير هو ڳالهائيندو رهيو، مون کي ساهه کڻڻ ئي ياد ڪونه رهيو. مون کي لڳو، ماس منهنجن هڏن تان هوريان هوريان وگهري رهيو آهي ۽ هڪڙي عجيب ڍونڍ جهڙي بوءِ منهنجي چؤڏس ڦهلجندي پئي وڃي. زمين منهنجن پيرن هيٺان کان کسڪي رهي هجي ۽ اڃا به ڪو ٽيون آهي، جيڪو هن جي منهنجي وچ ۾ مُرڪي رهيو هجي، هن جي حال تي به ۽ منهنجي حال تي به. منهنجي نڙي کاري ٿيڻ لڳي ۽ اکين ۾ هن کان سواءِ سمورو منظر – ڌنڌلائجي ويو. الاءِ ڇا ٿيو ۽ الاءِ ڇو. مون ڄڻ پنهنجو سڄو وجود ميڙي سهيڙي پنهنجن ٻنهي هٿن ۾ گڏ ڪيو ۽ هن جا هٿ پڪڙي، انهن تي پنهنجا چپ رکي ڇڏيا هئا. عين انهيءَ پل مون کي لڳو ته زمين منهنجي پيرن هيٺان کان مڪمل کسڪي چڪي آهي ۽ آئون فنا جي سمنڊ ۾ هيٺ – اڃا هيٺ ٻُڏندي ٿي وڃان، بولاٽيون کائيندي. هن جو هٿ به ڄڻ ڪک جهڙو سهارو هو انهيءَ سمنڊ ۾، سو به ڇڏائجي ويو. منهنجي حالت انهيءَ شرابي جهڙي هئي، جنهن کي پنهنجو نانءُ به وسري ويو هجي ۽ گهر جو رستو به . ڪيئن ٿِڙندي ٿاٻڙجندي گهر پهچڻ بدران ڪجل ٻائي مرحومه جي قبر تي پهتيس؟ ياد ڪونهي. ياد آهي به ته اهو – ته سج لهي سانجهي ٿي چڪي هئي. هيٺ چؤڏسا ۾ نيڻ نهار تائين قبرستان جو ڦهلاءُ هو ۽ مٿي – گهڻو مٿي، سرڻيون ۽ ڳجهون چڪر ڪاٽي رهيون هيون. منهنجو مٿو ڪجل ٻائي جي سري تي هو ۽ مون زاروقطار ٿي رُنو.
نچڻي چُپ ٿي ته مون روئي ڏنو.
چيم: ”ڪاري کٿي ۾، مونن ۾ منهن ڏيو ويٺل اهو شخص آئون آهيان. سالن کان ڇير ٻڌي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ نچندو آهيان ۽ توکي ڳوليندو آهيان. ڪشڪول هٿن ۾ کڻي،. در در تي صدائون هڻندو آهيان ته من ڪو هٿ، تنهنجي هٿ جهڙو هجي!! جنهن پل کان تو منهنجن هٿن تان پنهنجا چپ کنيا، انهيءَ پل کان آئون در بدر آهيان. توکان پهرين مون حياتيءَ جا ڪيئي سال مرشد جي قدمن ۾ ويهي گذاري ڇڏيا. اُتي ئي سِکيم دنيا کي ترڪ ڪرڻ ۽ نفس جي سرڪش گهوڙي کي سنهڙي سڳي سان ٻڌي قابو ڪرڻ. پر نه – نه – ماڻهوءَ جو نفس سُک چين لاءِ نه، ماڻهوءَ لاءِ پاڳل آهي. دنيا تياڳي به ڇڏجي نچڻي! پر ماڻهو ماڻهوءَ کي ڪيئن تياڳي!! هي ماڻهو جيڪو محض هڏن مُٺ تي چڙهيل ماس آهي، انهيءَ جي ڇهاوَ جي جادوگري ته ڏس!! خاڪ باهه جو مچ بنجيو پوي ۽ باهه جي مچ مان سمنڊ!! باهه جو مچ به اهو، جيڪو سمنڊ به نه ٺري ۽ نه اُجهامي ۽ هن کي به ته ڏس نچڻي! ماڻهوءَ جي وجود جا سڳا ته پنهنجي آڱرين تي ويڙهي ڇڏيا اٿس، پر هن جو من ڇڙواڳ ڇڏي ڏنو اٿس!! ۽ - الامان – الامان!! جڏهن وجود سندس مرضيءَ سان ٿو ڦيريون پائي ۽ من پنهنجي من ماني ٿو ڪري!! اُن پل ماڻهو جهڙو اڌ ڪُٺل پکي!! هاءِ ڪيئن نه ٿو پرڙا هڻي ۽ ڦٿڪي!! پر – بي سود!! اُن ڏينهن جڏهن تون منهنجي هٿ تان پنهنجا چپ کڻي تکي واءُ جيان هتان نڪري وئي هئينءَ، ان ڏينهن پنهنجي سانڀر ۾ پهريون ڀيرو مون کان فجر جي نماز قضا ٿي هئي ۽ آئون اُتان اڌ ڪُٺل پکيءَ جيان سڌو اچي مرشد جي پيرن ۾ ڪِريو هئس.“
چيم: ”مون کي آزاد ڪر – مون کي آزادي کپي.“
مرشد مُرڪي پيو. جيئن ڪنهن ٻار جي ناممڪن خواهش تي مُرڪي پئجي.
چيائين: ”آزادي آهي ڪٿي!!؟ هي سڀ جيڪي تون ڏسين ٿو، اُهي ماڻهوءَ جي قيد جا مختلف درجا آهن، نه ته بس – قيدخاني جي ڪوٺي بدلجي وڃي ٿي – قيد جو طريقو بدلجي وڃي ٿو پر آزادي ته ڪٿي به ڪانهي. اڳي جتي قيد هُئين، اُتي توسان گڏ ٻيا ڪيئي قيدي هئا. انهيءَ ڪري تون چپ، صبر ۽ سڪون سان ويٺو هُئين. پر عشق!! عشق ته قيد تنهائي مثل آهي. بس الله معاف ڪري. قيد تنهائي سمجهين ٿو!!؟ ماڻهو پاڻ ئي تماشو به آهي ۽ پاڻ ئي پنهنجو تماشائي به. مُڏي ڇُريءَ سان پاڻ کي پاڻ ئي ڪُهي ٿو. ڳڀا ڳڀا ڪري ٿو. ڦٿڪي ٿو. وري پاڻ کي ميڙي سهيڙي ڪَٺو ڪري ٿو. وري ڪُهي ٿو، ڦٿڪڻ لاءِ، ڳڀا ڳڀا ٿيڻ لاءِ. سڏ ڪري ٿو. واڪا ڪري ٿو. پر – قيد تنهائي آهي نه!؟ سو ڪير به نٿو ٻُڌي سگهي هن جي آهه وبڪا، سواءِ انهيءَ جي، جنهن هن لاءِ اهو قيد مقرر ڪيو آهي.“
پوءِ مرشد پنهنجا پير سوڙها ڪيا ۽ چيائين: ”وڃ – تنهنجو قيد خانو بدلجي ويو آهي – وڃ.“
بس – اُهو ڏينهن، هي ڏينهن، آئون مرشد جي ڪيل اڳڪٿيءَ جيان قيدِ تنهائيءَ ۾ آهيان. ماڻهن کي پڪڙي پڪڙي پنهنجا گهاءُ ڏيکاريان ٿو. پنهنجا ڳڀا پايل جيان پيرن ۾ ٻڌي خوب نچان ٿو. تنهنجو نانءُ پڪاري پڪاري ڏاڍو هُل ڪريان ٿو، پر بي سود!! ماڻهو منهنجي ڀر مان ائين لنگهي وڃن ٿا ڄڻ ته مون کي نه ڏسي سگهندا هجن، نه ٻُڌي سگهندا هجن، پر تون مون تي ديا ڪر نچڻي! بس هڪڙو ڀيرو منهنجي هٿ تي پنهنجا چپ رکي ڇڏ. بس هڪڙو ڀيرو نچڻي! بس هڪڙو ڀيرو!!“
نچڻي چپ، ڪاري کٿيءَ ۾ ويڙهيل، مونن ۾ منهن ڏيو ويٺي رهي. فجر جي اذان کان بس ڪي پل پهرين هوريان هوريان مونن مان منهن ڪڍيائين. هن جي چپن تي سالن جي سوڪهڙي جا نشان بيهي رهيا هئا. ڄڻ ته هن مڌ پيئندي پيئندي هاري ڇڏي هجي!!
چيائين: ”هيءُ به بي سود آهي – هي به فاني آهي – هي به خاڪ آهي. بس – هڪڙي ماجرا سمجهه ۾ نٿي اچي ته جڏهن سڀ ڪنهن جو رُخ هو پاڻ ڏانهن ٿو موڙڻ چاهي ته پوءِ هي هيڏا حيلا بهانا – وَرُ وڪڙ ڇا جا!!؟ خاڪ ئي ته آهي، بس انهيءَ تي پنهنجا پير ڌري ڇڏي!! پر خبر نه ٿي پوي – کيس پاڻ سان ماڻهوءَ جو عشق ٿو کپي يا پاڻ ماڻهوءَ جي عشق ۾ مبتلا آهي!!“
ٻاهر فجر جي اذان ٿي ملي. نچڻيءَ ٿڌو ساهه ڀريو ۽ ڪنهن شڪست خورده سپاهيءَ جيان اُٿندي چيائين، ”پر، جيڪا – سندس مرضي. فجر نماز قضا نه ٿي وڃي – وصل جي گهڙي بس گهڙيءَ لاءِ اچي ٿي. گُسي ته ڇُٽي. هجر ته ماڻهوءَ کان سَٺو ٿو ٿئي، نه کانئس.“
نچڻي پير کنيا ۽ اسٽيج تان لهي وئي. هن شخص جو ڪردار به پڄاڻيءَ تي پهتو ۽ اسٽيج تان لهي آيو.
۽ پڙدو ڪِري پيو،
نئون منظر شروع ٿيڻ تائين.