ڪھاڻيون

ڪيڏارو (ڪھاڻي ڪليات)

نورالھدا شاھہ حاضر دور ۾ ننڍي کنڊ ۾ بحيثيت ڪھاڻيڪار ڪماليت جي درجي تي پھتل ليکڪا آھي. ڪيڏارو سنڌ خاص ڪري حيدرآباد ۾ ٿيل لساني فسادن جي پسمنظر ۾ لکيل افسانو آھي جنھن کي شاھڪار افساني جي حيثيت حاصل آھي. ھي ڪھاڻي ڪليات نورالھدا شاھہ جي ٽيھہ سالا ادبي سفر جو ثمر آھي. سندس ڪُل ڪھاڻين جي ھن مجموعي ۾ سندس ڪھاڻي ڪتابن ”جلاوطن، ڪربلا، رڻ ۽ رڃ جو اتھاس ۽ ڪيڏارو“ ۾ شامل 43 ڪھاڻيون شامل آھن. 

Title Cover of book ڪيڏارو (ڪھاڻي ڪليات)

مُڪتي

وشال سمونڊ جي ڪناري ڄڻ جڳن ڪنان بيٺو آهيان. منهنجن پيرن هيٺان ڄڻ صدين تي ڦهليل اتهاس آهي – مان سوچيان پيو، ڇا ماڻهوءَ جو سمورو سفر دائري جو سفر آهي ۽ ماڻهوءَ جا سمورا سپنا – احساس – آدرش هڪ ڊگهو چڪر ڪاٽي، فنا جي آخري نقطي تي اچي بيهي رهن ٿا! – ڇا اهو ڪائنات جو آخري نقطو آهي ۽ ڇا فنا جي ان آخري نقطي کان اڳتي به ڪجهه ٿي سگهي ٿو!! ۽ پوءِ دائري جي ان سفر جو ڪهڙو حاصل آهي ڀلا!! مان محسوس ڪندو آهيان ته مون کان اڳ به انسانن جو هجوم هو، جيڪو اهو سڀڪجهه سوچيندي نيٺ به مري کپي ويو هوندو. مان مرڻ به نٿو چاهيان. ستي سپني ۾ ڪائنات جي گولي کي ڀاڪر ۾ ڀرڻ لاءِ ڊوڙ پائيندو آهيان پر گولو تيزيءَ سان اڇليل بال وانگر مون کان به تکو ڊوڙندو، اونداهين پولار ۾ الوپ ٿي ويندو آهي – ته ڇا انسان هيل تائين ڪائنات تي سوڀ به ماڻي نه سگهيو آهي!! تڏهن چنڊ جي سفر کان وٺي نيوٽران بم جي تخليق تائين سڀ ڪجهه فراڊ آهي ڇا!! ۽ ڇا اخبارن ۾ ڇپجندڙ، ريڊيو ۽ ٽي وي تي رڙندڙ بک، بدحالي، انساني تباهي ۽ ڀيانڪ جنگين جون سموريون خبرون به فراڊ ٿي سگهن ٿيون!! مان اهو به سلي نه سگهيو آهيان ته ماڻهوءَ جي سوڀ ڇا ۾ آهي!! جنگ ۾ - امن ۾ - مذهب ۾ يا سڀڪجهه تياڳي بن واس وٺڻ ۾، مون کي به گمان ٿيندو ته ان سموري مانڊاڻ جي پويان موت جو اوسيئڙو آهي. نه ته بظاهر ماڻهو جيئڻ جا هزارين ڪارڻ گهڙي وٺندو آهي ــــ ڇا ان آخري نقطي تي اچي سموري ڪائنات تباهه ٿي ويندي!
جڏهن مان اهڙيون ڳالهيون سوچيندو آهيان، تڏهن منهنجن پيرن هيٺان صدين تي ڦهليل اتهاس ڄڻ کسڪڻ لڳندو آهي. مون ٻڌو آهي ته جڏهن ماڻهوءَ جي اندر آتما ۽ وجود جي وچ ۾ آزاديءَ جي جنگ شروع ٿيندي آهي، تڌهن ماڻهوءَ جي اندر احساسن جي تباهه ڪاريءَ جا اهڙا ئي آثار جنم وٺندا آهن. ان سموري احساساتي تباهه ڪاريءَ جي نتيجي ۾ آتما ۽ وجود مان ڪا هڪ شيءِ آزادي ماڻي وٺندي آهي. نتيجي ۾ ماڻهو نارمل نه رهندو آهي – تڏهن ڇا مان پنهنجا حواس وڃائي رهيو آهيان!!؟ هئن منهنجو ان ۾ ويساهه آهي ته ماڻهوءَ جي آتما ۽ وجود هڪ ٻئي کان ڌار رهي بلڪل بيڪار آهن – پر مون کي پنهنجي اندر جي ان سموري ڪيفيت تي ڪوبه اختيار ڪونهي – بي اختياريءَ جي اها ڪيفيت مون کي زوريءَ سمونڊ ڏانهن وٺي ايندي آهي –
ـــــ نيڻن تي ڌريل ٻئي هٿ هٽائي، ڪي کن ٽڪ ٻڌي پولار ۾ گهوريندو ٿو رهي ــــ ۽ اوچتو سمونڊ جي نيري – کاري پاڻيءَ منجهه باهه ڀڙڪو ڏئي ٻري ٿي پوي ۽ اُلا آڪاس کي ڇهڻ ٿا لڳن. سندس مک تي واسو ڪري ويل پيڙا – موت – ٿڪ ۽ ڪاوڙ جا ڀاوَ - ۽ ڪائنات سموريءَ کي اوچتو، ڏسندي ئي ڏسندي، سندس ئي نيڻ نهار آڏو، باهه جي سمونڊ ۾ ڦٽي ڪيو ٿو وڃي ۽ کانئس هانءُ ڏاريندڙ رڙ نڪري ٿي وڃي – نه ـــ نه ـــ ن ـــ ن ـــ نا ــــ ا ــــ ا ــــ ا ــــ ا – هو سڀڪجهه ڏسي پيو سگهي. (جيڪو سمونڊ ڪناري هلندڙ سُندر، اَسندر چهرن وارا ماڻهو نه پيا ڏسي سگهن ۽ ڏسڻ – نه ڏسڻ جي وچ ۾ سمجهه جي ڏاڍي سنهڙي ليڪ هوندي آهي) هو ڏسي ٿو، جيڪو ڪجهه باهه جي سمونڊ ۾ سڙي ڀسم ٿي رهيو آهي، سو سڀ ڪجهه سُندر آهي ۽ اَسندر ته بس اُها باهه آهي، جيڪا سڀڪجهه ساڙي رک ڪندي ٿي وڃي. کيس باهه جي رقص ڪندڙ اُلن ۾ عجيب وحشي پڻو محسوس ٿئي ٿو ــــ (سڏڪو/اَلا سڀڪجهه سڙي رک ٿي ويو، ڪنهن کي به سڌ نه پئي – لوڪ – انڌو لوڪ ستو ئي رهيو) ــــ
اکيون ٻوٽي، هٿ تريون ڪنن تي ڌري رڙيون ڪندو ٿو رهي ــــ نه – نه – ڀڄو – باهه – با – هه – هه هه –
سمونڊ جي ڪناري هلندڙ ماڻهو سندس چؤڌاري بيهي اچرج مان کيس ڏسندا ٿا رهن –
”ڪٿي آهي باهه؟؟“ هجوم مان ايندڙ ڪجهه آواز.
هو پيڙا ۽ خوف وچان سمونڊ ڏي نهاري ٿو، جت باهه وڌندي پئي وڃي ۽ سموري سندرتا سڙي رک ٿي رهي آهي –
”ڪٿي آهي باهه؟؟“ ماڻهو کيس ڪلهن کان پڪڙي ڌونڌاڙين ٿا –
”چريو آهي ويچارو – ڇڏي ڏيوس.“
۽ کيس ياد اچي وڃي ٿو ته ماڻهو انڌا آهن – ماڻهن جا سڀئي حواس مري چڪا آهن – ماڻهو باهه ۾ هلندي به – سڙندي به – مرندي به، خوش آهن – پنهنجا سپنا – احساس – آدرش هڪ هڪ ڪري باهه جي مچ ۾ ساڙي رهيا آهن – بنا ڪا ورندي ڏيڻ جي.
هو ڪنن تي هٿ تريون ڌري باهه – ڀڄو – هه – جو شور مچائيندو، سمنڊ کان دور ڊوڙندو ماڻهن جي نيڻ نهار کان الوپ ٿي وڃي ٿو ۽ ماڻهو کلندا – ٽهڪ ڏيندا، ٽڙي پکڙي وڃن ٿا.