من درپن
ساروڻين ۾ جڳن تائين اها ساڳي پيڙا ڇو ٿي رهي نرمل! ـ ساروڻا، جيڪي اسان سارڻ نه چاهيون، پوءِ ڇو ٿا ڀلا اندر منجهاران ريههءَ ڪري اُڀرن (ساروڻين کي ڪيڏو نه پڙلاءُ آهي). نرمل! ساروڻا هٿ تريءَ جون ريکائون ته ناهن جو ڊاهي نه سگهجن. پوءِ ڀلا تون ڇو نٿي وسرين بلڪل ائين جيئن تو کي ۽ مون کي، پنهنجي پنهنجي، جنم پل جا ساروڻا ڪينهن.
۽ اڪيلائپ جو گهيرو ڪيڏو نه تنگ آهي (ڄڻ ڪُن ۾ گهريا پيا هجون جُڳن کان) ڪو دوست، ڪو سنگي ـ ڪو ساٿي، سڀ ڪيڏو دُور رهجي ويا، وشال نيري اُڀ جي هن پار. تون به نرمل! ـ ۽ آئون بلڪل اڪيلو سرءُ جي اگهاڙي وڻ سمان.
نرمل ـ او ـ و ـ نر ـ مل.
تون منهنجو ڳالهيون سَلين ڇو نٿي، جڏهن ته هر ڳالهه کي هزارين معنائون آهن. جيئن تنهنجي چانڊوڪي رات جهڙِي بدن کي انيڪ روپ آهن. منهنجو روح گفائن ۾ گم ٿي چڪو آهي. هي منهنجي آخري جنم ـ پل آهي، پوءِ آئون ڪڏهن به هن ڀونءِ تي موٽي ڪونه ايندوسانءِ. تون ـ مون کي پڪارين ڇو نٿي نرمل (پيڙا جي پڙلاءُ سمان) آئون ـ جو گم ٿيندو ٿو وڃان هوري ـ هوري ڀُرندو ٿو وڃان. آئون ته موهن جي دڙي جو کنڊر آهيان نرمل!ـ
وسڪيءَ جي ڀريل گلاس ۾ ليئو پائي ـ هن نرمل کي ٿي پڪاريو.
سگريٽ جي دونهين جي هن پار ـ هن نرمل جا سرخ چپ چمي ورتا هئا ۽ لپ اسٽڪ جو رنگ هن جي چپن تي رهجي ويو هو. (رنگ، جيڪي جڳن تائين رهجيو وڃن). هن نرمل کي انهيءَ ئي گلاس ۾ ڀري پيئڻ چاهيو هو ۽ هوءَ چپ چاپ هلي وئي هئي. اُڃ کان نڙي خشڪ ٿي پئي هئي.
ـ ۽ هو بلڪل اڪيلو ـ اڪيلائپ جي گهيرٽ ۾ گهريل
من ـ درپن ٽٽڻ جو آواز لاڳيتو ٿو اندر منجهاران اُڀريس، نر ـ مل ـ او ـ و ـ وـ نرمل ـ او ـ و ـ وـ
هن ڀونءِ کي ڀلا ڪو سک آهي؟ـ ۽ دک جي انهي سلسلي ۾ اسان سڀ گهيرجي ويا آهيون. دک جا گول دائرا ـ ۽ اندر ۾ انيڪ صليب ٽنگيا پيا آهن.،وک ـ وک تي ـ
دور ـ بيروت ۾ باهه ٿي دکي ـ
ڀارت ۾ هندو مسلم فسادـ
باهه ۾ ٻرندڙ ايران جي ڌرتي ڌٻي هئي ـ ۽ سڀ موت ڳڙڪائي ويوـ
۽ ـ تون نرمل ! ڪير ڄاڻي بيروت جي باهه ۾ سڙي وئين يا ايران ۾ تنهنجو سَجيل سجايل گهروندو کن ـ پل ۾ ناس ٿي ويو ـ ۽ تون ڪنهن ڊٺل ديوار هيٺ رهجي وئين. او ـ و ـ نرمل! تون ڀلا وسرين ڇو نٿي !!؟؟
سگريٽ جي بوءِ ۾ اُجهامندو ٿو وڃي ـ ڀُرندو ٿو وڃي.
آئون ـ هن ڀونءِ تي سڀ کا دُکي انسان آهيان. بلڪل اڪيلو ـ جڏهن تنهنجو جهاز ڌرتيءَ تان اُڏاڻو هو ۽ نيڻ نهار کان اڳتي وڃي گم ٿي ويو هو ـ تڏهن آءٌ ڪلاڪن تائين بيٺو رهيو هئس. اُڀ تي بادل ڦهلجي ويا هئا ۽ آئون پولارن ۾ توکي ڳوليندو رهيو هئس.
هن لمحي تون ڪٿي آهين نرمل ـ سڄي ڀونءِ تي باهه ٿي دُکي.
هي چنڊ وري ڪڏهن نه اُڀرندو
هن رات کي اچ ته وسڪيءَ جي ڍُڪ سمان
ڳيت ڏئي پي ڇڏيون
سمنڊ ڪناري ـ واريءَ تي
هڪ ٻي جان ناءَ لکندا رهون.
Oh! My friend come Back, come back.
وشال نيري آڪاش تي ـ ٽيڙو ٿو ٽمڪي، جيئن تنهنجي نيڻن ۾ ٽيڙو ٽمڪندو آهي.
تو کي ياد آهي سکر جي اها بيحد اُداس رات ـ نرمل! ـ تو چيو هو ـ ”تون منهنجن سپنن جي سُندرتا آهين.“ انهيءَ پل آسمان تي انيڪ تارا ٿي جرڪيا ۽ جڏهن هڪ تارو اُجهاڻو هو. تڏهن تو چيو هو، ”اهو اجهاڻل تارو ـ آئون هيس. “
”نه آئون هئس ـ“ مون چيو هو.
هن پل ـ جڏهن انيڪ تارا منهنجي اندر ۾ اُجهامندا ٿا وڃن ـ تڏهن آئون سوچيان ٿو ته اهو اُجهامندڙ تارو به آئون هوندس.
گذري ائين ٿي رات وئي ـ تَن مان نه تنهنجي تات وئي.
منجا پرين ـ اوبانورا ـ او سانورا، جهونگاريندي ـ جهونگاريندي انيڪ ساروڻا ورائي ويا اٿس ـ
اڃا رات ڪيڏي ڊگهي آهي ـ منهنجي ٻانهن ۾ هلي آ ـ نرمل!
زندگي نانءُ آهي انهي پل جو، جيڪو گذري ٿو تنهنجين هٿ ريکائن ۾
۽ ـ اهو پل ڪڏهن به ته نه آيو هو ـ هن جي ڪنهن به جيون ۾ ـ پل ۾ ـ صديون ـ يُگ ـ جنم اڳ
اھجهامندڙ نماشام جو پهريون پل.
نرمل کي، سريل جي وڻ هيٺ، ميل جي سفيد پٿرن سمان، بلڪل تنها ڏٺو هئائين.
ـ عابد! ـ هوءَ تنهنجي ڪنوار ـ سريل جي وڻ هيٺ (من ـ ڀنڀرجي پيو هئس). ٻرانگهون ڀريندو ـ سَريل جي وڻ هيٺ، هن جي بيحد ويجهو اچي بيٺو هو ـ ايترو ويجهو جو نرمل کي هن جو ساهه پنهنجي مک تي سُرندو محسوس ٿيو هو. هوءَ لپ اسٽڪ جي رنگ وانگر سرخ پئجي وئي هئي. سَريل جي انهيءَ وڻ هيٺ هن نرمل جا چپ چمي ورتا هئا ۽ ڪيترا رنگ سندس چپن تي رهجي ويا هئا.
”مون سان اُڀ جي هن پار ـ هلي هل نرمل!“
” ڇا آهي ـ اُڀ جي هن پار؟“ هن جي ٻانهن ۾ گلاب جي سرخ پنکڙين وانگر هڪ ـ هڪ ڪري وکرندي ٿي وئي.
”هڪ ننڍڙو سکيو ستابو گهروندو ؛ هلندئين نه نرمل!“
اُڀ تي تارا ٿي جرڪيا ـ روح ۾ ڦهليل بليو روشنيءَ ۾ هن نرمل کي ٿي ڏٺو، جنهن ڇلڪڻ ٿي گهريو ۽ ڪيترا رنگ هن جي سرخ لپ اسٽڪ لڳل چپن تي چهٽيا پيا هئا. ۽ هو اُهي سمورا رنگ، هڪ هڪ ڪري، پنهنجن بي رنگ چپن تي سجائيندو رهيو هو.
”چور!“ هوءَ ائين کلي ـ ڄڻ دُور ـ ڪٿي ڪو ساز وڄندو هجي. الله ـ هو ـ هو ـ ، الله هوـ هو ـ هوـ
برسات جون انيڪ بوندو مٿانس اچي ڪريون هيون، ٽپ ٽپ، ٽپ.
بليو روشنيءَ ۾ جرڪندڙ، نرمل جي سُندر پاڇولي تان سٽ ڏئي ـ ڪاري ، اُماس رات جهڙي ساڙهي ڇڪي ورتي هئائين. دُور ـ اُڀ جي هن پار ڪو سڏڪو اُڀريو هوـ ’ڪنهن جو هو اهو سڏڪو!‘ (هو جڳن تائين سوچيندو رهيو هو) اڄ به وسڪي جي ڀريل گلاس منجهاران اهڙا انيڪ سڏڪا اڀرندا آهن ـ ۽
۽ ـ هو پگهريل ميڻ بتيءَ وانگر اُجهامي ويندو آهي
نرمل ـ هن جي زندگيءَ جي الاءِ ڪائين عورت هئي.
هر عورت جو بدن هڪجهڙو ٿيندو آهي.
ساڳي خوشبو
پر ـ نرمل ـ جنهن ۾ هڪ ئي وقت ڪائنات جا سڀئي رنگ ۽ روپ هيا.
نرمل ـ جيڪا سندس حواسن تي ڇانئجي وئي هئي.
ن ـ ر ـ م ـ ل ـ او ـ و ـ و ـ وـ
انيڪ ڏينهن کان پوءِ.
انهيءَ ئي سَريل جي وڻ هيٺ ويٺل ڏٺي هيائين (جڳن جي بيمار ٿي لڳي) هوـ چپ چاپ سندس پويان اچي بيٺو هو.
هن، اُڀ جي هن پار ٿي ڏٺو (ڇا آهي اُڀ جي هن پار؟. هڪ ننڍڙو سجايل ـ سنواريل ـ سکيو ـ ستابو گهرندو )
۽ هو چپ چاپ هليو آيو هو ۽ نرمل کي ڪل ئي ڪانه پئي هئي.
هو ـ اُماس راتين ۾ سوچيندو هو ته ڀلا ڇا ٿي ڏٺو هن، ائين اُڀ جي هن پار ـ
پوءِ گڏيءَ جي برٿ ڊي تي.
ڀاڀيءَ جي بيڊ روم ۾ ؛ کيس اڇي رئي ۾ ويڙهيل سيڙهيل نماز پڙهندي ڏٺو هيائين ـ ايڏي شوق سان ـ ڄڻ خدا کي ڏسندي هجي ۽ هو ـ ڀر ۾ ـ پٽ تي ويهي رهيو هئس ۽ ـ جڏهن سلام واري هن کي ڏٺو هيائين ـ تڏهن، ڏسندي ئي رهي هئي. انيڪ پل ’مون لاءِ به دعا گهر نرمل!‘ ـ زندگيءَ ۾ پهريو ڀيرو ـ ڪيڏي سچائيءَ سان هن روئڻ چاهيو هو، نرمل جي بوٽ تي سر ڌري.
۽ ـ هو ٻنهي هٿن ۾ مُک لڪائي روئي پئي هئي ـ ” تون ـ تون ـ هليو وڃ هتان ـ هليو وڃ“ چري ٿي پئي هئي ڇا! (هن اڪيلائپ ۾ سوچيو هو) ۽ نرمل جي انهن انيڪ سڏڪن جي موٽ ۾ هو وکري پيو هو.
”نر ـ مل! ـ سچي، آئون ڏاڍو برو آهيان. ڏس توکي هٿ ٿو ٻڌان (هن هٿ جوڙيا هئا) آئون انهيءَ رات توکي ڏسي ـ الاءِ ڇو وس ۾ ڪونه رهيو هئس ـ تون ـ مون لاءِ ڪائنات جي سڀ کان مقدس عورت آهين ـ نرمل! مون کي معاف ڪندينءَ ـ آئون تنهنجو گنهگار آهيان نه “
”منهنجي ڪنوار نه ٿيندينءَ نرمل!“ هو سچ پچ هن جي اڇي رئي جي پلاند ۾ مُک لڪائي روئي پيو هو هي ڇوڪريون ايڏو جلد ڇو ڀُرڻ لڳنديون آهن.
ـ نرمل کان پوءِ ـ هن کي سڀ عورتون ڪوڙ ۽ ڌوڙ ڀاسنديون هيون.
پوءِ ـ هوءَ هن کي روئندي ڇڏي ـ روم کان ٻاهر نڪري وئي هئي ـ هو ڀنل اکين سان فرش تي وڇايل مُسلو ڏسندو رهيو هو، جنهن تي هوءَ پنهنجي عبادت جا نشان ڇڏي وئي هئي. ڪيڏو چاهيو هيائين ته انهيءَ مُسلي تي ويهي ـ اهو هڪ گناهه بخشرائي ـ اهو گناهه جيڪو ، هڪ بيحد اُداس رات، نرمل جي بدن جي سُندرتا، پنهنجي هٿ ـ ريکائن ۾ سجائڻ جي عيوض مليو هئس.
ـ الا ـ ايڏو ـ ڪلاپ
هن لائٽ آف ڪري ڇڏي هئي ۽ ڪلاڪن تائين دريءَ وٽ سگريٽ پيئندو رهيو هو ( ۽ پل پل ڪري دُکندو رهيو هو) ٻاهر لان ۾. برٿ ڊي مهل سڀني ٿي سندس پڇا ڪئي، هن پنهنجو نانءُ ڪيترا ڀيرا ٻڌو هوـ پر ـ ڪوبه سڏ ڪونه ڏنو هئائين.
لان ۾، ٿوهر جي ٻوٽن وٽ ـ هو سڀني کان الڳ ٿلڳ بيٺي رهي ـ هو چپ چاپ بند دريءَ جي شيشي مان هن کي ڏسندو رهيوـ ڪيترا پل ـ ڪيترا پهر
ـ ۽ پوءِ ـ
نشي ۾ الوٽ
روم ۾ ڦهليل چوڌاري ـسگريٽن جا اڌڙ
ماچس جون تيليون ـ ڪيترو چاهيو هئائين ته ڪنهن هڪ تيليءَ سان پاڻ ساڙي ناس ڪري ـ زندگي ـ موت
اهو به ته موت هيو ـ زندگي ته اها آهي جيڪا نرمل جي ڇانوَ ۾ گذري.
ڀلا انهيءَ ۾ ڇا هيو جو هن نرمل جي ڪنواري بدن کي (نرمل جي نه چاهيندي به) انيڪ روپ ڏنا هئا. (هي عورتون ـ بدن جي پوترتا لاءِ ايڏيون ڇتيون ڇو آهن ـ پر ـ نرمل ته اڄ به مون لاءِ ـ ساري لوڪ لاءِ پوتر آهي)ـ ويهاڻي پُسي پيو هئس.
ڀاڻس جي گهر وڃڻ ڇڏي ڏنو هئائين (جتي نرمل جو واسو هو) اُتي متان ڪنهن پل ـ سَريل هيٺ ـ اُمالڪ هوءَ لڀي پوي
۽ ـ پوءِ هڪ رات فون جي ريهه ـ سانت جو سينو چيريندي ـ سندس ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳي هئي ـ مُک تاڻجي ويو هئس ـ سَٽ ڏئي ڪريڊل تان رسيور کنيو هئائين.
هُن پار ـ ڀاڀي هيس
”عابد! ـ پليز ـ هينئر ـ هن لمحي ـ هليو آ ـ“ فون جي هُن پار ڀاڀيءَ جو سُڏڪو اُڀريو هو ۽ هو من ئي من ۾ سڄو سَراپجي ويو هو ـ نرمل کي نه ڪجهه ٿيو هجي. هن بن ته هو مري پوندو. ناس ٿي ويندو ـ ”ڇا ٿيو ڀاڀي؟“ جيئن تيئن ڪري اُهي ٽي لفظ اُڪليا هئس.
”نرمل ـ ننڊ جون گوريون کاڌيون آهن“ هوءَ فون تي روئي پئي هئي.
فليٽ جو در کليل ئي ڇڏي ـ لفٽ بدران ـ اٺين ماڙ تان ـ ڏاڪڻين مٿان ڊوڙندو لٿو هو. ڪيتريون ٽيڪسيون ڀرسان لنگهي ويون هئس ۽ هو چؤواٽي تي ـ ڪنهن ميڙي ۾ وڃائجي ويل ٻار وانگر روئي پيو هو.
هاسپيٽل ۾ ـ نرمل جي سيرانديءَ بيهي ـ جڏهن هن ڏانهس نهاريو هو تڏهن ـ دُور ـ ڄڻ ڪنهن مندر ۾ گهنڊ ٿي وڳا.
”ڪيئن آهين ـ نر ـ مل“. هن الاءِ ڪائون سگريٽ دکايو هو ۽ ـ نرمل اکيون پوري ڇڏيون هيون ـ شايد هن جو مُک ڪونه پسڻ چاهيو هئائين.
”آئون هن ڀونءِ تي سڀ کان بدصورت شيءِ آهيان نه ـ نرمل“ هو ٻارن وانگر اُداس ٿي پيو هو ـ نرمل جو مُک تاڻجي ويو هو ـ پيلي پئجي وئي هئي، سرءُ جي پيلي پن وانگرـ ”ڇو آيو آهين تون ـ نفرت آهي مون کي تو کان ـ آئي ـ آئي هيٽ يوـ“.
ڪيترا لڙڪ ـ ڪيترا دُک ۽ پيڙائون نرمل جي نيڻن ۾ ڦهلجي ويون هيون.
هن کي ڀلا ڪهڙي ڪَل ته ڪيترا هاڃا هئا نرمل جي بند اکين ۾
”ڪڏهن به مون سان پيار نه هُيئي ـ نرمل آئي ـ آئي ـ لو ـ يو ـ ن ـ ر ـ م ـ ل ـ“ ٻرندر سگريٽ هن جون آڱريون ساڙڻ لڳو هو.
”نه ـ“ نرمل جي اها هڪڙي نه (جنهن ڪڻس پاتال تائين لوڏي ڇڏيو هو)
ٻُڌي ـ موٽي آيو هو ـ ۽ ـ نرمل پڪاريو به نه هئس
۽ هن جي جيئڻ جا سڀئي ڪارڻ اڻپورا رهجي ويا هئا
ڀلا ڪهڙو ڪارڻ هو هن وٽ جيئڻ جو ـ هينئر هن لمحي ـ هن پل
زندگي تو بن ـ سنڌ جون ڀٽون ۽ بر آهي
زندگي تو بن ـ اُماس رات آهي نرمل!
تن ڏينهن جڏهن هو هاسپيٽل مان موٽيو هو ۽ نرمل کيس پڪاريو به نه هو
هو نشي ۾ الوٽ پيو هوندو هو
سڄو ڏينهن پنهنجي پاڻ سان پيو وڦلندو هو
وشال نيري آڪاش تي ـ جي ڪو تارو اجهامندو هو ته ـ اهو اجهاڻل تارو پنهنجو پاڻ ڀاسندو هئس ـ تن ڏينهن هن جي پلنگ وٽ پيل Dust bin سگريٽ جي اڌڙن ۽ ماچيس جي تيلين ۽ ڦاٽل ڪاغذن (جن تي هن نرمل لاءِ خط لکي ۽ ڦاڙي ڇڏيا هئا) سان ڀرجي ويو هو ـ تن ڏينهن ـ روز رات جو ـ ڪا نه ڪا عورت بيڊ روم ۾ سجائيندو هو ـ ڪٿي به سڪون ڪونهي ـ نر ـ مل!
هوءَ ـ جيڪا اهو سوچي آئي هئي ته هو هن جو انگ انگ ڦلوريندو ـ سا ڪيڏو هار سينگار ڪري آئي هئي ـ پر هو ـ هن جي اگهاڙي بدن تي ڪنڌ لاڙي روئندو رهيو هو ـ لڙڪ ـ جيڪي عورت جي بدن ۾ جذب ٿيندا ٿي ويا ـ هر لڙڪ جي ڪا ته معنيٰ هوندي آهي ـ ڪو ته نانءُ هوندو آهي.
”ڇو ٿو روئين؟“ هن جي روئڻ تي ـ عورت ڪيڏي ناگواريت محسوس ڪئي هئي.
اگهاڙي بدن تي لڙڪ ته ڪونه لاڙبا آهن ـ اتان ته رنگ چورائبا آهن
پر ـ هو روئندو رهيو ـ
”ڇو ٿو روئين؟“
”مون کي نرمل ٿي ـ ياد اچي ـ“ هو نشي ۾ وڦلڻ لڳو ـ ”هن کي مون سان نفرت آهي نه ـ ان ڪاڻ روئان ٿو ـ نه روئان ڇا؟ ٻڌ! اوهين عورتون ڪپڙن ۾ اندران هڪ جهڙيون آهيو ـ پر ـ اوهان جي آتما ۾ هڪ جهڙو حسن ڇو ڪونهي ـ اوهين سڀ بڪواس آهيو ـ آئي هيٽ ـ يو ـ“ عورت جو مُک تاڻجي ويو هو ـ ”تون به جڏهن هتان ويندينءَ ته مون کان نفرت ڪندينءَ نه ـ“ هو سڏڪيو.
هو روئندو رهيو ـ ۽ جڏهن صبح ٿيو هو، تڏهن هوءَ هلي ويئي هئي ـ
ٻيءَ رات ـ هن هڪ ٻي عورت بيڊ روم ۾ سجائي هئي
ڪابه ته نرمل ڪانه نڪتي
سڀ محض عورتون هيون ـ شوپيس ـ سجيل سنواريل
پر نرمل ڪابه ڪانه هئي ـ پر ـ نرمل به ته عورت هئي نه ـ
ڪيترين جون ساڙهيون هن سَٽ ڏئي لاٿيون هيون ـ پر ڪنهن به ته اهو سُڏڪو نه ڀريو هو ـ جيڪو سڄيءَ ڀونءِ تي (هن ڀر کان هُن ڀر تائين) پيڙا جو پڙلاءُ بڻجي گونجيو هو ـ ڪنهن به ته هن کان نفرت جو اظهار نه ڪيو هو.
ـ هو دکندو رهيو.
دکي ـ سڙي ـ رک ٿي ويندو ـ ناس ٿي ويندو
يا ـ هڪ اداس رات ـ گورين لپ ڦڪي مري ويندو
دُور ـ اُڀ مٿي چنڊ ٿو جرڪي
آئون توکي گلاب چپن سان چمڻ ٿو چاهيان
آئون ـ رڻ ۾ جُڳن کان ٿو رلان
پر چنڊ ڪڏهن به ڌرتي تي لهي نه سگهندو
اچ ته ـ هن لوڪ کان دُور
هڪ ننڍڙو گهروندو جوڙيون
جتي ڪوبه پاڻ کي لڀي نه سگهي
اچ ته هڪ ٻي ۾ گم ٿي وڃون
Oh! My friend come back, come back.
ڀاڻس کي ڪيڏو دُک هو سندس نه اچڻ جو
گڏي انيڪ ڏينهن بيمار هئي پر هو ڪونه ويو
نرمل آپگهات ڪيو ـ انيڪ ڏينهن هاسپٽل ۾ رهي ـ پر هو صرف هڪ وار ويو (هاڻ هو ڇا چوي ها ته اهو هڪ وار هن لاءِ ڪائنات جو سڀ کان وڏو هاڃو بڻجي پيو هو) ٻيو نه ته ڀاڀيءَ جو ئي خيال ڪري ها، جنهن جي هوءَ ڀيڻ آهي.
اسان ـ لوڪ ڪاڻ ٿا جيئون
لوڪ ڪاڻ ٿا مرون
لوڪ سان گڏ نه هلون ته ڪيڏا ڏوراپا گڏ ٿيو پون
هڪ گرم ٻنپهرن جو هو ڀاڻس جو گيٽ اورانگهي اندر گهڙيو هو
ورانڊي ۾ لڳل مني پلانٽ جا پن پيلا پئجي ويا هئا ـ ڪير به نه هو ـ بس ڀت تي ـ هڪ ڪارو ڪانگ ڪنڌ نوايو ويٺو هو ـ موٽي وڃڻ چاهيو هئائين.
ڪاش ـ ڪنهن روم مان ـ ڪنهن وڻ جي پويان کان ـ ڪنهن ڪنڊ پاسي کان هوءَ نڪري اچي (نه چاهيندي به اها خواهش من ۾ واسو ڪرڻ لڳي هئس ) ۽ ـ جڏهن هو واپس موٽڻ لڳو هو تڏهن ڀاڻس جي ڪار اندر گهڙي هئي ـ
هن کي هروڀرو ـ نه اچڻ جي معافي وٺڻي پئي ـ ڀاڻس کان. پوءِ ـ
پوءِ ـ هو سڀني جي وچ ۾ ويٺو هو ـ پر هوءَ ڪانه هئي
نه ئي هن جو ڪو آواز ـ ڪو پاڇولو به نه هئس ـ ٻاهر رات ڦهلجي وئي هئي ـ ڪيڏانهن وئي هلي هوءَ؟ ـ (هو پل ـ پل ـ سوچيندو رهيو) ڪوچ کي ٽيڪ ڏئي اکيون پوري ڇڏيون هيائين ـ ڀاڀي شڪايتون ڪندي رهي سندس هاڻوڪي ورتاءَ جون (هن کي ڀلا ڪهڙي ڪَل ته هڪ رات ـ بيوس ٿي مون سندس ڀيڻ جي چانڊوڪي رات جهڙي سُندر بدن تان ڪاري اُماس رات جهڙي ساڙهي سَٽ ڏئي لاهي ورتي هئي)
۽ هوءَ هٿن ۾ مُک لڪائي روئندي رهي هئي
مون هن جي بدن جا سمورا رنگ چونڊي ورتا هئاـ
۽ هاڻ آءٌ هن لاءِ پل ـ پل ٿو دُکان ـ سگريٽ وانگر ـ ڀاڀيءَ جو آواز دُور ٿيندو ٿي ويو ۽ هو ڀريل ڊرائينگ روم ۾ بلڪل اڪيلو رهجي ويو هو ـ هن جي ٻن آڱرين جي وچ ۾ اٽڪيل سگريٽ ـ هوريان ـ هوريان دکندو رهيو هو
ن ـ ر ـ م ـ ل ـ ا ـ و ـ و ـ و
اندر منجهاران مسلسل سڏ ٿي اڀرياس ۽ انهيءَ پل بتيون اُجهامي ويون هيون ـ روم ۾ ڪيترا آواز بتيون اُجهامڻ تي تبصرو ڪرڻ لڳا ـ ڀاڀي ـ ڀاءُ ـ گڏي ـ منو
۽ ـ انيڪ آوازن ۾ اُمالڪ هن جو به آواز اڀريو هو ـ هن بند اکيون پٽي ڇڏيون هيون. ڪيترا پل هوءَ هن کي نظر نه آئي هئي (۽ ڪيترا پل نرمل کي به هو نظر نه آيو هو ـ نه ته جيڪر روم مان هلي نه وڃي ها ـ جن کان نفرت هجي ـ انهن آڏو هڪ پل به جبل جيڏو ٿيو پوي ـ جن سان اٿاهه پريم هجي ـ انهن آڏو پل به ڪيترا ننڍڙا ٿيو پون)
پوءِ هن ڏٺو هو ـ
هن ٽيبل تي ميڻ بتيون ٿي ٻاريون ـ ميڻ بتين تي نميل هن جو مُک ڪيڏو اُداس ۽ بيمار ٿي لڳو ـ سرءُ جي پيلي پن سمان ـ
هن تي پن ـ ڇڻ جي رُت جو گمان ٿيو هئس
هوءَ شايد ڪنهن شاديءَ تان موٽي هئي ـ ميڪس لڳل ڪاري ساڙهيءَ ۾ ـ هوءَ ـ
۽ هن کي اها ئي اُماس رات جهڙي ڪاري ساڙهي ياد اچي وئي هئي ـ جيڪا ـ
سگريٽ فلٽر تائين دکي دکي هاڻ هن جون آڱريون ساڙڻ لڳو هو ـ ۽ ـ جڏهن هوءَ اُتي آئي ـ ميڻ بتيءَ وٽ ـ هيٺ غاليچي تي ويهي رهي هئي ـ تڏهن اهو سوچي هن جو ساهه منجهڻ لڳو هو ته ـ جيڪر هوءَ ڪڻس ڏسي وٺندي ته ـ اٿي هلي ويندي ۽ هو انيڪ ماڻهن جي وچ ۾ بلڪل اڪيلو رهجي ويندو.
انسان جي اندر جي اڪيلائپ ڪڏهن به ناهي ڀربي
ن ـ ر ـ م ـ ل ـ آئون اندر ئي اندر ڪيڏو اڪيلو آهيان ـ جُڳن کان
ـ تون ته مون لاءِ ڪالي داس جي شڪنتلا آهين نرمل راڻي! تَن جي بُک کان اڳتي آتما جي اُڃ به ته ڪجهه آهي ـ توکي ڀلا ڪهڙي ڄاڻ ته انهيءَ رات تنهنجي اندر ـ تهائين اندر ـ مون پنهنجيءَ آتما کي ڇُهي ورتو هو ـ اُڃ ۽ تؤنس کان آئون نِستو ٿي پيو هئس (هو من اندر بيحد اُداس ٿي سوچڻ لڳو)
نر ـ مل ـ را ـ ڻي!
هوءَ هن کي ٽِڪ ٻڌي ڏسندي رهي ۽ پگهر جون ڪيتريون بوندون هن جي نرڙ تي جرڪيون ـ ٻاهر برسات ٿي پئي ـ تارا سڀئي اُجهامي ويا آهن ـ اونداهيون اسان جي اندر ۾ به ته وک وک تي ڦهليل آهن ـ پوءِ اسان ٻآهر جون اُونداهيون پَسي ايڏا اُداس ڇو ٿي ويندا آهيون؟ ڪيڏو شور آهي ڊرائينگ روم ۾ ـ ۽ ـ هوءَ ميڻ بتيءَ جي پيلي ڇانوَ ۾ ويٺي آهي ـ
۽ ـ جڏهن ڀاڀي ۽ ڀاءُ ڪنهن ڪم سانگي ٻاهر هليا ويا هئا ـ گڏي ديوان تي سمهي رهي هئي ـ منو الاءِ ڪهڙيءَ ڪنڊ پاسي ۾ هو ـ
ـ ۽ مون هڪ نئون سگريٽ دُکايو هو ـ تيلي ٻرندي رهي هئي ـ ڪي کن ـ پوءِ اڻپورين خواهشن وانگر ـ پاڻ ئي اُجهامي وئي هئي.
دريءَ کان ٻاهر ڪي کن ترسي ـ وڄ جي بليو روشني ٿي ڦهلجي وئي ـ اها بليو روشني ـ جنهن ۾ اسان پل اپل لاءِ هڪ ٻي کي ڪيڏو چٽو ٿي ڏٺو.
ـ تڏهن نرمل! ـ آئون ڄڻ ڀُرندو ـ وکرندو تو آڏو اچي ويٺو هئس
”نر ـ م ـ ل!“
ـ تون چپ چاپ اُڀ جي هن پار ڏسندي رهي هئين ـ
”ڇا ٿي ڏسين ـ نر ـ مل!“
”هڪ سکيو ستابو گهروندو ـ“ ڪيترا تارا ـ ڪيترا لڙڪ ٿي تنهنجن نيڻن ۾ جرڪيا ـ ”تنهنجن نيڻن ۾ ٽيڙو ٿو ٽمڪي ـ تون مون لاءِ ڪالي داس جي شڪنتلا آهيان ـ ڏس نرمل ـ آئون تو آڏو ـ هن ميڻ بتيءَ وانگر پگهرندو ٿو وڃان ـ اُجهامندو ٿو وڃان ـ ڏس آءٌ جُڳن کان تو آڏو روئڻ ٿو چاهيان ـ پر ـ روئي نٿو سگهان ـ آئون ـ آئون انيڪ عورتن جي بدنن ۾ ـ شراب جي انيڪ گلاسن ۾ ـ سگريٽن جي اَٿاهه دونهي ۾ ورهائجندو ٿو وڃان ـ پر ـ ڪٿي به تنهنجي خوشبو ناهي ـ آئون تنهنجيءَ ڇانوَ ۾ جيئڻ چاهيان ٿو ـ ن ـ ر ـ م ـ ل ـ ا ـ و ـ و ـ ن ـ ر ـ م ـ ل“
”تون هليو وڃ هتان ـ پليز ـ عابد!“ ايڏي پيڙا ڇو هئي تنهنجي آواز ۾؟ ”توکان اڳتي ڪوبه ته گس ڪونهي ـ آئون ته ـ نرمل ـ انهيءَ هڪڙي دڳ تي جُڳن تائين بيهي ليڪا پائڻ ٿو چاهيان ـ جيڪو ـ تو تائين وڃيو پڄاڻي ڪري ـ نرمل! تون ٻڌي رهي آهين نه ـ تو پنهنجن ڪنن ۾ آڱريون ڇو وجهي ڇڏيون آهن؟ مون کي ٻڌين ڇو نٿي؟ آئون ڪيڏو به برو سهي ـ پر ـ منهنجي اندر ـ ڪنهن ڪنڊ ۾ ـ هڪ خوبصورت انسان به ته آهي ـ نرمل ـ راڻي ـ“
”تو ڪڏهن آڪاش تي اُجهامي ويل تارا ڏٺا آهن ـ عابد!“ هوءَ دريءَ وٽ اچي بيٺي هئي ـ ۽ دري کولي ڇڏي هيائين ـ ”آئون به انهن تارن سمان آهيان ـ جيڪي آڪاش تي هوندي به ـ اُجهامي ويندا آهن ـ پر ـ پر ـ مون ته ـ اُجهامڻ نه چاهيو هو عابد!“
کليل دريءَ مان ـ برسات جون بوندون اندر اچي هن جو ميڪ اپ ڪيل مُک پسائڻ لڳيون هيون ـ ”هاڻ ته مون ۾ آرسي ڏسڻ جي سگهه به ڪانهي.“ شايد هوءَ رُني ٿي من اندر ۾ انهيءَ پل ـ عابد ـ آخري سگريٽ پاڪيٽ مان ڪڍي دکايو هو.
دريءَ جي هن پار ـ لان ۾ بيٺل ـ انيڪ اوچا ـ اوچا وڻ ـ برسات جي انهيءَ اُنداهي رات ۾ ڪيڏا ڀوائتا ٿي لڳا ـ ڄڻ ـ انيڪ بدروح هوريان هوريان جهومندا هجن ـ
هو چپ چاپ ـ دريءَ جي هن پار ڏسندو رهيو هو
”عابد! تون به مون لاءِ انهن ڀوائتن وڻن سمان آهين ـ جن کي برسات جي اونداهي رات ۾ ڏسي، من اندر ئي اندر سراپجي وڃي ـ ۽ ـ دل ـ بي اختيار دري بند ڪرڻ تي چوي.“
ـ انهيءَ رات هن بي انداز پيتي هئي
گلاس ۾ وسڪي ۽ لڙڪ گڏيندو رهيو هو
انهيءَ رات هن سندس ڊرائينگ روم ۾ سجايل سڀئي خوبصورت مورتيون ڀڃي ڀورا ڪيون هيون ۽ ـ پوءِ هيٺ غاليچي تي اونڌو ڪنڌ ڪري ڪِري پيو هو
فجر مهل جڏهن مسجدن ۾ ٻانگون ٿي آيون ـ تڏهن هو نشي ۾ الوٽ ـ گيلريءَ ۾ اچي بيٺو هو ۽ خدا سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو هو.
اُماس جهڙي رات ـ ڪاري ساڙهي ـ اچ ته پنهنجي مٿان تاڻي سمهي پئون.
ٻڌ ـ دُور ـ قيامت جي اچڻ جو آواز ـ سڀ ڪجهه ناس ٿي ويندو ايندڙ لمحن ۾ ـ
عورت جي بدن تان ڪاري ساڙهي ڇڪي هن مُک تي تاڻي ڇڏي هئي ـ جيئن ننڍي هوندي رات جو ـ جنن ڀوتن جي خيال کان سراپجي پنهنجي مٿان رلي تاڻي ڇڏيندو هو.
”رشي! تون نرمل ته ناهين، پر ـ اڄ رات مون لاءِ نرمل بڻجي پؤ ـ آئون توکي پوري ـ پوري قيمت ڏيندس.“ ۽ هو ٽيبل تان وسڪيءَ جو ڀريل گلاس کڻي پيئڻ لڳو ـ
آئون ـ تنهنجي نانءُ اڄ پنهنجو پاڻ فنا ٿو ڪريان
جبلن جي هن پار
جڏهن سج ٻڏڻ لڳندو
تڏهن ـ تنهنجي روم جي ديوارن تي منهنجا پاڇولا ڊگها ٿيندا ويندا
پوءِ تون ـ کن ـ پل لاءِ ئي سهي
ڇو نٿي مون کي چاهين؟
Oh! My friend come back, come back.
هوءَ جا هڪ رات لاءِ سندس بستري تائين آئي هئي ـ تنهن سندس چپ چُمي ورتا هئا ـ
”آئون ـ نرمل آهيان ـ آئون توکي جُڳن کان چاهيندي ٿي اچان ـ آئون ـ رات جي اڪيلائپ ۾ تنهنجا سپنا ڏسندي آهيان (عورت ـ هن جا دک ونڊڻ لاءِ ـ کن ـ پل ۾ انيڪ ڪوڙ ڳالهايا هئا) تون ـ منهنجن سپنن جي سُندرتا آهين!“ گهڻو گهڻو اڳ نرمل به ساڻس اهي ڳالهيون ڪيون هيون ـ ڪوڙ ـ سچ ـ انهن جي ڪٿ هو ڪڏهن نه ڪري سگهيو ـ هن جو اندر سگريءَ جي اڱارن سان دکڻ لڳو ـ ”بڪواس ـ بند ـ ڪر ـ بڪواس بند ڪر ـ بند ڪر ـ بند ـ ڪر ـ ڪر ـ ڪر ـ“ وسڪيءَ جو خالي گلاس ـ عورت جو جرڪندڙ بدن اُڪري ڀت سان وڃي لڳو هو ۽ ڀور ڀور ٿي غاليچي تي ڦهلجي ويو هو
من ـ درپن ڀڄي ڀورا ٿيو هو
ٽڪر ـ چار سُو ڦهلجي ويا هئا
هو ـ عورت جي ڪاري ساڙهيءَ ۾ مُک لڪائي رُئندو رهيو ـ عورت کي پهريون ڀيرو ساڻس همدردي محسوس ٿي رهي هئي. هوءَ مٿانس ائين نمي وئي هئي، ڄڻ سندس جيون ساٿياڻي هجي (نرمل ته پوءِ به هوءَ بڻجي نه سگهي هئي ـ)
”تون ـ ڇو ٿو روئين؟“ هن جي وکريل وارن کي آڱرين سان سنواريندي عورت پڇيو هو ـ
”اوهان عورتون ڪپڙن اندران بلڪل هڪ جهڙيون آهيو ـ پر ـ پر ـ اوهان جي آتما ۾ ڇو هڪ جهڙي خوشبو ناهي؟“
”سڃاڻپ آتما سان نه پر تن سان ٿيندي آهي ـ ڀلا توکي ڪهڙي ڪَل ته ڪيڏي ڊگهي پلصراط تي ٿي منهنجي آتما هلي ۽ ڪيڏي بي نانءُ (انيڪ نانوَ هوندي به) آهي منهنجي آتما ـ تون ـ تون پنهنجيءَ آتما کي سڃاڻين ٿو ـ ڪهڙو نانءُ آهي تنهنجي آتما جو؟ ـ“
هوريان هوريان عورت جون اکيون آليون ٿينديون ٿي ويون
الاءِ ڪهڙو دک ٿي هن جي من ۾ سگريءَ جي اڱارن وانگر دُکيو،
هن ساريءَ ڀونءِ تي ڪيترا دک
Oh! God (خداوندا!) ڪيترا دک آهن تو وٽ ـ جيڪي تو اسان سڀني جي اندر ۾ ڀري ڇڏيا آهن ـ ته به ـ نٿا کٽن ـ وڌندا ٿا وڃن ـ
عورت جي بدن تي سندس ڪنڌ لاڙيو پيو آهي ـ هوءَ آڱرين سان سندس وارن کي پئي سنواري ـ اسان جنم ـ پل کان پيار جي ڪنهن هڪ پل لاءِ ٿا واجهايون.
جنم ـ جنم جا ناتا کن ـ پل ۾ ڪوڙا ٿي پوندا آهن ـ ۽ ـ پل اپل جا ناتا ڇو جيئڻ جو ڪارڻ پيا ڀاسندا آهن ـ (نرمل ساڻ به ته منهنجا جنم جنم جا ناتا هئا ـ)
زندگي ـ ۽ زندگيءَ کان پوءِ آهي موت جو اکٽ سلسلو ـ
ڇا هيءَ هڪ رات جي عورت موت جي سلسلي تائين منهنجا لڙڪ اگهندي رهندي ـ پر هن کي ٻين جا به ته لڙڪ اگهڻا هوندا ـ پر ـ آئون ته نرمل جي ڪلهي تي ڪنڌ لاڙي روئڻ ٿو چاهيان ـ
نرمل جي تن جا رنگ چونڊي مون ته آتما کي ڇهڻ چاهيو هو ـ تن ۽ آتما ۾ ڪيڏي وڇوٽي آهي ـ
صبح جو جڏهن هن اک پٽي هئي ـ ۽ سوچ جا ڪرڻا مٿانئس اچي ڦهليا هئا
رڌڻي مان ٿانون جو ٿي آواز آيو ـ هن اکيون پوري ڇڏيون هيون ـ
نرمل ـ اچي وئي آهي منهنجو گهر آباد ڪرڻ لاءِ ـ نرمل توکي نيٺ به اچڻو هو
رڌڻي ۾ ڪو ـ ڪوپ يا شايد ڪو گلاس ـ يا ـ ڪا پليٽ (يا من ـ درپن) ڀڄي پيو هو.
مون ـ تو بن ـ جيئڻ جا سڀئي ڪارڻ وڃائي ڇڏيا هئا ـ نرمل!
هو رڌڻي ۾ هليو آيو ـ
مون جنم ـ پل کان انهيءَ لمحي جو سپنو ڏٺو آهي ـ نر ـ مل!
هاڻ آئون ڪنهن ٻيءَ عورت جي بدن جا رنگ نه چونڊيندس ـ وسڪيءَ جون ڀريل بوتلون باٿ روم ۾ هاري ڇڏيندس ـ آئون ـ تنهنجيءَ ڇانوَ ۾ ٿو جيئڻ چاهيان ـ
تون آهين ته ـ آءٌ اندران ڪيڏو ڀرجي ويو آهيان ـ
هو رڌڻي جي در تي اچي بيٺو
ڪاريءَ ساڙهيءَ ۾ هوءَ در ڏانهن پٺ ڪيو بيٺي هئي (هن کي ڪَل ئي ڪانه پئي ته ڪو رڌڻي جي در تي هو بيٺو آهي ـ ڄڻ ـ ڪنهن عبادتگاهه جي چائنٺ تي بيٺو هجي) چلهه تي ٽهڪندڙ چانهه جي پاڻيءَ مان هوريان هوريان ـ ٻاڦ ٿي نڪتي ـ
هن ٻئي هٿ ـ پويان کان ـ هن جي اکين تي ڌريا هئا ۽ هوءَ گلاب جي پنکڙين جيان هڪ هڪ ڪري سندس ٻانهن ۾ وکري وئي هئي ـ
اڙي Oh! No... هوءَ نرمل ته ڪانه هئي ـ هوءَ ته راتوڪي عورت هئي ـ رشي ـ جنهن جي بدن تي ڪنڌ لاڙي هو ساري رات روئندو رهيو هو ـ اُهي لڙڪ جيڪي هو جڳن جي خواهش کان پوءِ به نرمل آڏو لاڙي نه سگهيو هو
هانوَ تي راتوڪي رات جا ساروڻا هُري آيا هئس ـ ٽِڪ ٻڌي هن کي ڏسندو رهيو هو ـ انيڪ پل.
ڪاش ـ هيءَ عورت تون هجين ها نرمل! آءٌ هن پل مُڪتي پائي وٺان ها ـ هو دُکي ٿي پيو هو ۽ ـ انيڪ پيڙائون سندس من پاتال تائين ڦهلجي ويون هيون.
اسان جيڪي ڪجهه چاهيندا آهيون، اهو سڀ ڪجهه ناهي ٿيندو ـ آخر ڇو نرمل؟؟ ـ آخر ڇو؟
انيڪ وار وکرندا رهون ـ انيڪ وار پنهنجي هٿان ـ ٻين جي هٿان جُڙندا رهون، پر اهڙا ڇو نه جُڙي سگهندا آهيون ـ جهڙا جنم پل کان جُڙيل هوندا آهيون ـ جن سان دک ونڊڻ چاهيندا آهيون ـ سي ڪڏهن به هٿ نه ايندا آهن ـ جن کان دک پيا لڪائيندا آهيون، سي ائين دک ونڊي ويندا آهن جو ڪَل ئي ڪانه پوندي آهي ـ ها نه ـ نرمل!
چانهه جو پاڻي ٽهڪڻ لڳو هو ـ هوءَ هن جي ٻانهن کان ڌار ٿي ڪم ۾ لڳي وئي هئي ـ ڪينهن بيحد سگهڙ ۽ چاهڻ واريءَ زال سمان.
”تون هل ـ آئون ـ اجهو ٿي نيرن کنيو اچان ـ“ ڪٽليءَ ۾ چانهه وجهندي هن مرڪي ڏانهس نهاريو هو ـ ”ڏينهن کان ٿانوَ خراب ڪري ڇڏيا اٿئي ـ هاڻ ڏس مون رڌڻو صاف ڪري ڇڏيو آهي ـ وري خراب نه ڪجئين.“
”ايڏا سگريٽ ڇو پيئندو آهين؟ ـ مون تنهنجي بيڊ روم مان اڄ سوَن جي حساب سان سگريٽن جا اڌڙ ميڙيا آهن ـ“
”ٻڌ ـ هڪ ڳالهه چوانءِ ـ ايڏو نه پيئندو ڪر ـ مر ـ ي پوندين.“
”آئون به ته مرڻ چاهيان ٿو ـ پر مري نٿو سگهان ـ الاءِ ڇو ـ مرڻ جيئڻ اسان جي وس ۾ ڪونهي ـ“
”ن ـ ر ـ م ـ ل ـ او ـ ن ـ ر ـ م ـ ل ـ“ هن من ئي من ۾ ٿي واڪا ڪيا.
هن جو سڄو فليٽ هڪ عورت جي خوشبوءِ سان واسجي ويو هو ـ سڄي گهر جو روپ ئي مٽجي ويو هو ـ
نرمل ـ آئون توکي ڇُهڻ ٿو چاهيان ـ منهنجا سمورا گس گم ٿيندا ٿا وڃن ـ آئون تنهنجن جوڙيل گول دائرن ۾ پيو ٿو ڊوڙان ـ هيءَ عورت ڇو ٿي انهن دائرن کي ڊاهڻ چاهي؟
هيءَ عورت منهنجي ڇا ٿئي؟ ـ جيڪا ساڙهيءَ جو پلاند چيلهه سان ٻڌيو ـ برش سان غاليچو پئي صاف ڪري ـ جنهن جا وکريل وار ـ غاليچي مان اٿندڙ دز ۾ لٽجي ويا آهن
اسان سڀ مٽيءَ ۾ لٽيا پيا آهيون ـ مٽي ـ جيڪا وقت مٺيون ڀريو ٿو اڇلائي ـ
هن سڄيءَ ڀونءِ تي ڪهڙو گهر آهي هن عورت جو؟ ـ ڪهڙو ناتو اٿس مون ساڻ ـ
پل اپل جو ساٿ ـ پوءِ هيءُ مُٺ ۾ پئسا ڀيڙي هلي ويندي ـ پر ـ هيءَ اڃا وڃي ڇو نٿي ـ ڇا ٿي چاهي ـ آئون ته صرف تنهنجو آهيان ـ نرمل ـ او ـ نرمل!
گهر صاف ڪري هوءَ ڪيڏي پرسڪون ٿي پئي هئي
۽ هو پاڻ ڪيڏو بي سڪون ٿي پيو هو
”تون ـ گهر نه ويندينءَ ـ ڏنل ٽائيم کان ته وڌيڪ مون وٽ ويٺي آهين ـ“ هن کيسي مان انهيءَ ٽائم جا پئسا ڪڍي وڌايا هئا ـ جيڪو هن ڏنل ٽائم کان وڌيڪ ساڻس گهاريو هو ـ ۽ ـ سرخ نوٽن جي پاڇولي ۾ عورت جو مُک تاڻجي ويو هو ـ سگريٽ سمان دونهاٽجي ويو هو ۽ ڏندن هيٺ چپ ڏئي ڇڏيو هيائين ـ ڄڻ ـ اهو سندس آخري جنم ـ پل هجي.
”وٺ نه ـ“ چيو ته هيائين ـ پر ڀوَ جا ڀاوَ هانوَ تي هُري آيا هئس ته جي هيءَ وئي هلي ته اڪيلائپ جي ڏائڻ مون کي ڳڙڪائي ويندي ـ Oh! God دنيا ۾ ايترا سارا ماڻهو آهن پوءِ به ڇو آهي ايڏي اڪيلائپ؟؟؟
”تنهنجي قميص جو بٽڻ ٽٽو پيو آهي ـ ڏي ته ٽانڪي ڏيانءِ ـ“
”تنهنجو منهنجو ڪهڙو ناتو آهي ـ تون آخر وڃين ڇو نٿي ـ“ ڪيترا گهنج هن جي نرڙ تي پئجي ويا هئا.
هوءَ هن جي بيحد ويجهو بٽڻ ٽاڪيندي رهي هئي ـ هن جي نيڻن ۾ الاءِ ڇا ٿي جرڪيو ـ
نرمل! ـ هن لمحي تون ڇا سوچيندي هوندينءَ ـ ڪهڙي ڄاڻ
زندگي ـ محض هڪ ڏيکاءُ آهي
اسان سڀ بظاهر جيئون ٿا
ڀلا ـ جي اسان سچ پچ جيئون ٿا ته پوءِ ڇو هر پل موت جا ڀاوَ ٿا هانوَ تي هُرن
نرمل! ـ اسان زندگيءَ ۾ ئي مريو وڃون ـ پر ڪوبه ته اچي پير ناهي ڀريندو ـ ڪو دوست ـ ڪو سنگي ـ ڪو ساٿي
ڇا ضروري آهي ته اسان ڪفن ۾ ويڙهجي سيڙهجي ـ ڌرتيءَ جي سيني ۾ ـ مڻين مٽيءَ هيٺ دفن ٿي وڃون
زندگي ته اها ئي آهي ـ جيڪا تنهنجي تن جي ڇانوَ ۾ ٿي گذري
آئون جو تو بن مرندو ٿو وڃان ـ ن ـ ر ـ م ـ ل ـ ا ـ و ـ و ـ ن ـ ر ـ م ـ ل ـ
”ٻڌ! ـ پيسن تي ورتل بدن ۾ به ته آتما هوندي آهي نه ـ بدن جي ڳانڍاپي ۾ ـ ڪٿي نه ڪٿي آتما کي به ته اسان جون آڱريون ڇُهي وٺنديون آهن ـ هن سڄيءَ ڀونءِ تي ڪوبه ته گهر منهنجو ڪونهي ـ جنهن کي آئون سجايان ـ سنواريان ـ پر پوءِ به هن گهر جهڙا منهنجا انيڪ گهر آهن ـ تون ـ ٻڌين ٿو نه عابد! جيئن تون اڪيلائپ جي گهيرٽ ۾ گهيريل آهين ـ تيئن آئون به بلڪل اڪيلي آهيان ـ ڇا سڀ ماڻهو اندران اڪيلا هوندا آهن ـ سڀ اندران قبرستانن وانگر سنسان هوندا آهن ڇا؟ ـ اسان هڪ ٻي جون اڪيلايون ورهائي ڇو نٿا وٺون عابد ـ آئون به تو وانگر جيئڻ ٿي چاهيان پر ـ اندر ئي اندر مئي پئي آهيان ـ هاڻ ـ هاڻ منجهي سگهه به ختم ٿي وئي آهي ۽ ـ ائين ٿو لڳي ڄڻ آئون ٻاويهن سالن جي عمر ۾ اسي ورهين جي پوڙهي ٿي وئي آهيان ـ“
رشي ـ (اها ئي هڪ رات لاءِ خريد ڪيل عورت) گرم ڪافي سِپ ڪندي ـ هوريان هوريان ڳالهائيندي رهي ۽ هو چپ چاپ ڪوپ مان اٿندڙ ٻاڦ ۾ الاءِ ڇا ڏسندو رهيو.
نرمل ـ او ـ و ـ ن ـ ر ـ م ـ ل ـ او ـ و ـ و ـ
ٻاهر مسجدن ۾ ٻانگ ٿي ـ ڪيترا پيلا پن ـ هڪ هڪ ڪري ڇڻي پيا آهن.
”تون ـ عابد علي! ـ مون سان شادي ڪندين؟“
هن جي نيڻن ۾ لڙڪ جهلمل ڪرڻ لڳا ۽ هڪ لڙڪ ڪوپ ۾ پيل ڪافي منجهه گم ٿي ويو هو ـ جيڪو هن ڪافيءَ سان گڏ ڳيت ڏئي پي ڇڏيو هو ـ
”آئون ـ گفائن ۾ گم ٿي چڪي آهيان ـ آئون ـ ڌرتيءَ تي ڪنهن به مڙد جي (پوءِ هو ڪيڏو به برو ڇو نه هجي) زندگيءَ ۾ اچڻ ٿي چاهيان ـ ڪنهن جي جيئڻ جو ڪارڻ بنجڻ ٿي چاهيان ـ عابد! هن ڌرتيءَ جي هر عورت وانگر آئون به هڪ ننڍڙو سکيو ستابو خوبصورت گهر ٿي آباد ڪرڻ چاهيان ـ گهر ـ جنهن ۾ آءٌ ڪنهن جو پل ـ اپل اوسيئڙو ڪيان ـ“
”مون سان شادي ڪندين ـ عابد علي!“ ڪوپ ٽيبل تي رکي هوءَ هٿن ۾ مُک لڪائي روئي پئي هئي.
اهو سڀ ڪجهه تو ڇو نه چيو نرمل!
هن جي وشال من تي دور دور تائين ٿي دک جا تارا جرڪيا
نرمل! اڄ آئون پاڻ کي تنهنجي ساروڻن جي قبرستان ۾ ٿو دفن ڪيان
هي ـ اڄوڪو ڏينهن به سمنڊ ۾ ٻڏي ويو آهي ـ ائين زندگيءَ جا سمورا پل ٻڏندا ويندا سمنڊ ۾ ـ درياهن ۾ ـ جبلن جي هن پار ـ رڻن ۾ ـ بلڊنگن جي پويان ـ سرءُ جي پيلن پنن ۾ ـ ڪوبه پل نه رهندو ـ نرمل راڻي!
پوءِ ـ هڪ وار ـ صرف هڪ وار ـ آئون توکي گلاس ۾ ڀري پيئڻ ٿو چاهيان ـ
هيءَ عورت ـ جيڪا سامهون ڪوچ تي ويٺي آهي، مون سان اڪيلائين جو سودو ڪرڻ ٿي چاهي ـ پر مون ۾ ايڏو ساهس ئي ڪٿي آهي جو هن جي اڪيلائين ۾ رنگ ڀري سگهان ـ اڪيلو ته آئون به آهيان (جنم پل کان اسان سڀ اڪيلا آهيون) ـ پر ـ منهنجين اڪيلائين ۾ ته تنهنجو رنگ آهي ـ
اچ ته هڪ وار وري وڇڙڻ لاءِ پيار ڪريون ـ انهيءَ پيار ۾ آئون توکي ڇُهڻ جي خواهش ڪڏهن به ڪونه ڪندس ـ ڇُهڻ سان واريءَ جا گهر ڊهي پوندا آهن نه نرمل! ـ
تون هن پل ڇا سوچيندي هوندينءَ نرمل!
- - اسان بي معنيٰ ليڪا آهيون ـ ڪير ٿو ڀلا اسان کي سَلي سگهي ـ
۽ ـ انهيءَ رات هن وسڪي به ڪانه پيتي هئي ـ هو نشي ۾ الوٽ ته نه هو ـ هن آخري ڀيرو نرمل کي فون تي چيو هو:
”مون سان شادي ڪندينءَ ـ نرمل؟“ هن ڄڻ بيک گهري هئي ـ
”آئون ـ مرڻ ٿي چاهيان ـ عابد!“
”پوءِ مون سان شادي ڇو نٿي ڪرين ـ اهو به ته موت آهي نه جو تون ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ سان شادي ڪرين (نه چاهيندي به) جنهن کان توکي نفرت هجي.“
”آئون ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ سان شادي ڪندس عابد! جنهن جي آڱرين ڪڏهن به مون کي ڇهي نه ڏٺو هجي.“
رسيور جي اندر ڪيڏو شور آهي
لاڳيتو ڪجهه ٽٽندو ٿو وڃي
ـ نرمل ـ تنهنجو آواز ڪيڏو دُور آهي ـ ڀانءِ اُڀ جي هن پار کان ايندو هجي ـ
منهنجي سامهون اها عورت ويٺي آهي ـ جيڪا منهنجين اڪيلائين ۾ ڀريل تنهنجو رنگ پنهنجي مُک تي سجائي نرمل بڻجڻ ٿي چاهي ـ ڪيڏيون پيڙائون آهن هن جي مُک تي ـ آئون توسان فون تي پيو ڳالهايان ـ پر تنهنجو آواز ڪيڏو دُور ٿيندو ٿو وڃي
Hello! – Hello!! - ، نرمل ـ ا ـ و ـ ن ـ ر ـ م ـ ل ـ ا ـ و ـ و ـ
”پر ـ آئون توسان شادي ڪرڻ بدران ـ گورين لپ ڦڪي آسانيءَ سان مري سگهان ٿي ـ مون کي نفرت آهي توکان ـ تو ته مون کي پاتال تائين دفن ڪري ڇڏيو آهي ـ هاڻ ته مون ۾ اهو جيئڻ جو ساهسُ ئي ناهي رهيو ـ“ هوءَ سڏڪي پئي هئي ـ يا اهو هن جو گمان هو.
اهڙا انيڪ سڏڪا ـ جيڪي ڪڻس رات جو اڪيلائپ ۾ ٻڌڻ ۾ ايندا آهن
”تون ـ عابد علي ـ ڇو ٿو مون کي پورڻ چاهين ـ آئون ـ ڪي پل جيئڻ ٿي چاهيان ـ بيحد سڪون سان ـ تنهنجي وجود کان ڌار ٿي ـ زهر جو پيالو پي ـ سدائين لاءِ اکيون پورڻ ٿي چاهيان ـ عابد علي ـ آئون ـ آئون ـ“
”مون کان ڌار ٿي ـ جي سگهندينءَ ـ نرمل!“
تون ـ دريءَ کان ٻاهر ـ ڏسين ٿي نرمل ـ وشال نيري آڪاس تي ٽيڙو ٿو ٽمڪي ـ ڪيڏي روشني آهي سڄي شهر ۾ ـ پر ڪيڏي اونداهي آهي ـ ڇا اسان جيئري ئي قبرن ۾ دفن آهيون ـ اسان هاڻ ڪڏهن به ٻيو جنم نه وٺي سگهنداسون ـ
ن ـ ر ـ م ـ ل ـ او ـ نرمل
۽ نرمل ڪيڏي زور سان (شايد ـ نفرت جو اظهار ڪرڻ لاءِ) رسيور ـ ڪريڊل تي رکي ڇڏيو هو ـ هو انيڪ پل رسيور هٿن ۾ جهليو بيٺو رهيو.
اڄ آئون پيئندس ـ تنهنجي درد جي نانءِ ـ نرمل!
اڄ آئون پاڻ ۾ مرڻ جو ساهسُ پيدا ڪندس
ن ـ ر ـ م ـ ل ـ او ـ نرمل ـ ر ـ ا ـ ڻي ـ
اڄ آئون پنهنجا سڀ درد توکي ٿو ارپيان
موهن جي دڙي جي کنڊرن ۾ ـ ٽيڪسلا ۾ ـ رني ڪوٽ جي قلعي ۾ ـ ها ـ سنڌوءَ جي ڪپ تي ـ مهاڻن جي ٻيڙين ۾ ـ
مڪليءَ ۽ ڀنڀور ۾
سنڌ جي ڀٽن ۽ برن ۾
ٽکڙ جي پيلن جبلن تي اُڀريل ٿوهر جي ٻوٽن جي ڇانوَ ۾
سنڌ جي جهونن اوليائن جي مقبرن تي
ڀٽ شاهه کان ـ سچوءَ تائين ـ نرمل ـ ڪٿي به سڪون ناهي ـ پيڙا آهي ـ جا هن سڄيءَ ڀونءِ تي ٿي رقص ڪري ـ کنڊرن ۾ ـ درياهن ۾ ـ مقبرن ۾ ۽ ـ ڪتابن ۾ ـ
ماڻهن جي دلين ۾ ـ
جي ڪو تنهنجي درد ۾ پاڳل ٿي نڪري ـ ته به ڪيڏانهن وڃي ـ نرمل راڻي ـ
نرمل جي درد ۾ ـ دنيا تياڳي ـ سنڌ جي ڀٽن برن ۾ وڃي نڪتو هو
پيرين پيادو ـ سنڌ جي سڄي ڌرتي هن کي روئندي محسوس ٿي هئي ـ اوم ـ شانتي ـ شانتي ـ هو هلندو رهيو ـ مٽيءَ ۾ ڀڀوت ـ نشي ۾ الوٽ
ڪٿي به مڪتي ناهي نرمل ـ هڪڙيءَ تيليءَ سان ـ سڄي ڪائنات ٿي دُکي ـ
هن پن جي ٻيڙي ڪڍي دکائي ـ ۽ ٽنگون ڊگهيڙي ـ اکيون پوري ڇڏيون هئائين
سج ـ لهي سانجهي ـ ٿي ـ پکين کوڙيا ـ پک ـ ڪن ميڙيا ماڻڪ موتي ـ ڪن ميڙيا ڪک
پن جي ٻيڙي ـ هن جي آڱرين ۾ دکندي رهي
ڀٽ جي فقيرن جا آواز اوچا ٿيندا ٿي ويا ـ آڪاس ڏانهن ـ اُڀ جي هن پار ـ ڌرتيءَ جي رڳ رڳ ۾ ـ الله ـ هو ـ الله هو ـ هو ـ هو ـ
هن جي پيرن تي سنڌ جي ڀٽن ـ برن جي مٽيءَ جا تهه هيا ـ هو ڀنگ جي نشي ۾ جهومڻ لڳو ـ اوم ـ شانتي
نرمل ـ تنهنجو پاڇولو ـ ڪيڏو دُور ٿيندو ٿو وڃي ـ ڪيڏو دُور
ڪن ميڙيا ماڻڪ موتي ـ ڪن ميڙيا ڪک
ڪن ميڙيا ماڻڪ ـ ڪن ميڙيا ڪک
هن پتلون جي کيسي مان الاءِ ڪائين ٻيڙي ڪڍي دکائي ۽ ـ انهيءَ پل اجهامندڙ اکيون وڃي سامهون اٽڪيون هئس ـ
پولارن ۾ ـ جتي هوءَ بيٺي هئي ـ جنهن ساڻس اڪيلائين جو سودو ڪرڻ چاهيو هو.
ڪٿي به مڪتي ناهي ـ هو ـ انهيءَ هڪ رات لاءِ خريد ڪيل عورت جي ٻانهن ۾ گهيرجي ويو ـ جيڪي ڪجهه آهي انهيءَ پيڙا ۾ آهي ـ
”ڪوهه ٿو پنهنجو پاڻ جلائي ناس ڪرين ـ پاڇولن جي پويان ـ
هل ته موٽي هلون ـ عابد! هٿ هٿ ۾ ڏئي ـ دُور ـ جبلن مان سج ٿو اُڀري ـ ڪنهن هڪڙي دڳ تي ويهي ليڪا پائڻ ۾ ته مُڪتي ناهي ـ اچ ته سج جا سمورا ڪِرڻا پنهنجي پاند ۾ ميڙي ـ سيڙي وٺون ـ جيڪي ڪجهه آهي ـ هن پل ۾ آهي ـ جيڪو مُٺ ۾ بند آهي ـ آسمانن جا ستارا اُجهامي وڃن ته ڇا آهي ـ اکڙيون ٻاٽ ۾ ٻرنديون رهنديون ـ اچ ته دائرن ۾ ڦرندي رهڻ بدران ـ دائرن جا ليڪا ڊاهي اڳتي نڪري وڃون ـ دک جا ٻنڌڻ ٽوڙي آزاد ٿي وڃون ـ انيڪ دُک ڦهليا پيا آهن، ڪهڙي ڄاڻ انهن ۾ مُڪتي هجي ـ ڌرتي جيڪا باهه جو ٻرندڙ گولو آهي ـ پگهر جي بوندن سان اها باهه اُجهائي ـ امرتا ماڻيون ـ شانتي آهي نياءُ ۾ ـ سچ ۾ ـ سچ ـ جيڪو تو وانگر دنيا تياڳي گم ٿي چڪو آهي ـ اچ ته انهيءَ جا پيرا کڻي هلون ـ ڪٿي نه ڪٿي ته سج لڀي پوندو نه ـ عابد!“
هر لڙڪ کي هزارين معنائون آهن ـ هر روپ جا انيڪ رنگ آهن ـ هن ڀونءِ تي جيڪي ڪجهه آهي سو سپنو آهي ـ سپنن جي ساڀيان ماڻڻ جو ڪنهن ۾ آهي ساهسُ! ـ سمنڊ ڪناري ـ سنڌوءَ جي ڪپ تي هلندا رهون ـ پنهنجا پيرا ـ جيڪي پويان رهجي ويندا سي آهن باک ڦٽيءَ جو پهريون پل ـ عابد! ـ دوست! ان کان اڳ جو ڪائنات سڄي ڀسم ٿي وڃي ـ ڪنهن نيوٽران بم جي ڪرڻ سان ـ ان کان اڳ جو مهاڀاري جنگ جي آڳ ۾ سڀ ڪجهه سڙي رک ٿي وڃي ـ ان کان اڳ جو ڪجهه به نه رهي ـ اچ اهو دڳ وٺي هلون ـ جتان کان سُج ٿو اُڀري ـ
هوءَ عورت ـ جنهن سندس سنسان زندگيءَ ۾ رنگ ڀرڻ چاهيا ها ـ سا سندس اُجهاڻل اُجهاڻل مُک تي نمي وئي هئي ـ
پنهنجي سرخ چپن سان سندس بي رنگ چپ چمي ورتا هيائين
سندس هٿن کي پنهنجن سرد هٿن ۾ جڪڙي ڇڏيو هيائين ـ هن کي ٻانهن ۾ ڀري ـ وٺي آئي هئي ـ سنڌ جي بيرانن مان ـ
”آئون تنهنجي ڪجهه به نٿي لڳان ـ پوءِ به منهنجا توساڻ هڪ رات جا جوڙيل انيڪ ناتا آهن.
اسان جيڪي هڪ ٻئي جي جسمن جا رازدار آهيون ـ اڪيلائپ جي گهيرٽ ۾ گهيريل آهيون جُڳن کان ـ ڇا آهي جو هڪ ٻئي لاءِ پناهه گاهه بڻجي پئون ـ“
هو چپ چاپ ـ اکيون بند ڪيو ـ ٻڌندو رهيو
هوريان هوريان ـ تن پاتال تائين ـ سرد آڱرين سان پنهنجي آتما کي ڇُهندو رهيو هو ـ
ڪيڏا ميرانجهڙا پئجي ويا ها نرمل جا پاڇولا ـ دائرا ـ هڪ هڪ ڪري ٽٽندا ٿي ويا ـ دُور جبلن مان سج ٿي اُڀريو ـ
ڪلاڪن کان ـ دريءَ تي ٺونٺ رکيو بيٺو رهيو ـ ٻاهر سڄي ڪائنات ڦهليل هئي ـ سندس پويان ـ ڪيڏيون اونداهيون رهجي ويون هيون ـ
وشال نيري آڪاش جي ڇانوَ ۾ ـ بادلن جو سينو چيريندو جيڪو جهاز وڃي پيو ـ انهيءَ ۾ ـ نرمل راڻي ـ تو سان منهنجا اڻپورا سپنا به اُڏاڻا آهن ـ
آئون ـ ريڊيو ـ ٽي وي ـ اخبار ۾ ڀوائتيون خبرون پڙهي ـ ٻڌي ـ اکيون پوري ڇڏيندو آهيان ـ ڪهڙي ڄاڻ تون ڪٿي هجين ـ هن پل ـ جڏهن ڌرتي سڄي ـ هڪڙيءَ تيليءَ سان ٿي دکي ـ ڀؤ جا اهي ڪهڙا ڀاوَ آهن ـ نرمل!
اُداس راتين ۾ جڏهن رشي ـ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي وائلن وڄائيندي آهي ـ تڏهن آئون گيلري ۾ رکيل ٿوهر جي ٻوٽن وٽ اچي ويهي رهندو آهيان ـ ڪيترا تارا آسمان تي اُجهامندا ويندا آهن ـ مون کي تون ياد ايندي آهين ـ
مون ـ مني پلانٽ جي هر پن تي تنهنجو نانءُ لکي ڇڏيو آهي
۽ ڪيترا پيلا پن ڇڻي ـ منهنجي اڱڻ ۾ وکريا پيا آهن
جڏهن ڪائنات سڄي اُداس رات جو واسو هوندو آهي
تڏهن تنهنجا ساروڻا، دل نگر جي گهٽيءَ ـ گهٽيءَ ۾ رقص ڪندا آهن ـ
Oh! My friend come back, come back.