اڻپورو آسمان
اچانڪ ريل جي ڀريل گاڏي ۾ مان تنها رهجي ٿو وڃان. منهنجي ماءُ ملتان ۾ حضرت شيخ السلام بهاؤ الدين ذڪريا جي چائنٺ چُمي، اُن جي روضي مبارڪ جي خاڪ پنهنجي سيني تي ملي ٻئي ٻڪ کنيا. هن جي ڀڻ جهڻ خوشبوءَ جيان منهنجي اندر گهلڻ لڳي (يا حضرت! منهنجو پٽ سنڌ جي شورش زده علائقن ۾ ٿو وڃي. اُن کي هر مصيبت ۽ آفت کان بچائج. ان کي سوڀ عطا ڪج يا حضرت!!) مون ماءُ ڏانهن نهاريو. هن جي پنبڻين تي ٻه لڙڪ اٽڪي پيا هئا.
مائون ٻارڙن جيان معصوم ٿينديون آهن. هر ڳالهه سمجهي نه سگهنديون آهن. هوا ۾ لهر لهر هنن کي ڇرڪائي وجهندي آهي. جڏهن مان هيڏانهن آيس پي، تڏهن هوءَ اندر ئي اندر ٻڏندي ۽ اُڀرندي رهي هئي. پاڻيءَ ۾ ترندڙ پراڻيءَ ناوَ جيان، جنهن جي تري ۾ پائليءَ جيترو سوراخ ٿي ويو هجي. منهنجو وڏو ڀاءُ کلنا ۾ مڪتي باهني جي غنڊن (!!؟) هٿان مارجي ويو هو. تڏهن کان ماءُ جي سهميل من کي چين ئي نٿي آيو. چوڻ لڳي: ”پتر! جڏهن تون سنڌ اندر داخل ٿئين ته لا الھ الا انت سبحانڪ اني ڪنت من الظالمين جو ورد ڪندو رهج.“
مان دريءَ مان ٻاهر نهاريان ٿو. اونداهون پولار – لوهي پٽن تي ريل پري پري تائين گسرجندي وڃي بيهي رهي ٿي. ڪائي ننڍڙي اسٽيشن آهي شايد!! نه پر – ڪجهه به ته ناهي پري پري تائين –
۽ اپار اونداهي انڌڪار آهي. سانت ۾، اُن ۾ تڏ جو توارڻ – جهٽڪو لڳڻ سان منهنجا ساٿي به جاڳي پون ٿا. اسين سڀ پنهنجي پنهنجي سيٽ جي ڀر ۾ لڳل درين مان ڪنڌ ڪڍي ٻاهر نهاريون ٿا. گرم هوا اسانجن چهرن سان ٽڪرائجي موٽي ٿي.
اچانڪ......
ليفٽيننٽ طارق آرائين کان رڙ نڪري ٿي وڃي. ”اوهه – مائي گاڊ – لڪ ايٽ هم –“ موٽ ۾ منهنجي سامهونءَ واري سيٽ تي اسان جيون اکيون ڄمي ٿيون وڃن. هو اندر آيو ڪيئن!؟ - ڪيئن!؟ - ڪيئن!؟ - ڪمپارٽمنٽ جي دروازن جا ته بولٽ چڙهيل آهن. سواليه نشان اسان جين اکين منجهه اُڀري اچن ٿا. پراڻي اجرڪ جي پڳڙي، ڪارن اڇن گاڏڙ وارن واري گهاٽي ڏاڙهي، جنهن جا وار پاڻ ۾ آکيري جي ڪکن جيان اُلجهي ويل. ڏٻرو ڏيل، ميرا ڪپڙا، هڙ جوٽن تي ۽ جتي پيرن بدران انهيءَ هڙ تي رکيل ۽ هون جون اکيون!!؟
هن جون اکيون ڏسندي، بلڪل ان پل مون کي جنگي قيدين جون اکيون ياد اچي وڃن ٿيون. انهن منجهه به اهڙا ئي گڏيل ڀاوَ هوندا آهن. خوف، احتجاج، بغاوت، ڏاڍائي، هيڻائي، ـــــــ سڀڪجهه. هو بلڪل منهنجي سامهونءَ واري سيٽ تي ويٺو آهي پنڊ پهڻ بڻيو. هن جي ۽ منهنجي وچ ۾ ايترو گهٽ فاصلو آهي، جو منهنجا گوڏا سرد پوڻ لڳن ٿا هن جي وجود کي محسوس ڪري. هو اسان منجهان ڪنهن ڏانهن به نه نهاري رهيو آهي يا شايد هر ڪنهن جي اکين ۾ ساڳي وقت نهاري ٿو آر ۽ پار، اندر ۽ شهه رڳ تائين.
اوچتو........
ڪيپٽن رياض ملڪ جو آواز اسان کي ڪنهن هپنائزڊ لهجي کان ٻاهر ڇڪي وٺي ٿو اچي. ”What a fantastic – unbelieveable“ هو ويٺلن مان ڪجهه کي مخاطب ڪري ٿو. ”Look at him هي پوڙهو بلڪل اُن جهڙو آهي – اوهان کي ياد آهي!! ڍاڪا ۾ نواب پور روڊ وارو – پوڙهو بنگالي پپٽ مين ـــــ!؟“ خوف مان ڪيپٽن جو آواز ڄڻ کوهه مان ٿو اچي ۽ اکيون ڦهلجي ڄڻ گرانٺ جيڏيون ٿيو پون. مان پنهنجي ڳلي ۾ رت جو ذائقو ٿو محسوس ڪريان. رستا – گهر – گهٽيون – اسڪول – ڪاليج – يونيورسٽي – اسپتالون لهو لهو ۽ لاش – ڳجهن ۽ ڪتن جا لامارا. ڪجهه ياد ڪري مان پنهنجا هٿ رائفل تي ڦٻائي ٿو ڇڏيان ۽ لانگ بوٽن اندر منهنجا پير پگهر ۾ شم ٿي ٿا وڃن.
”ڊونٽ وري ڪيپٽن! – هيءَ سنڌ آهي – هي ڍاڪا وارو بنگالي پپٽ مين نه پر ويچارو سنڌي ڳوٺاڻو آهي.“
اسان هن کي لاهڻ چاهيون ٿا ڪمپارٽمينٽ مان. ڪمپارٽمينٽ صرف اسان لاءِ بڪ ٿيل آهي. سويليئن ڪيئن ٿو هن ۾ ويهي سگهي!؟ لاهيوس – لاهيوس – پر – دروازن جا بولٽ چڙهيل آهن ۽ ريل ڪنجهندي سهڪندي – سڏڪندي – هلي ٿي پوي.
1970ع
ڍاڪا
نواب پور روڊ
هنگامي حالتن جو اعلان
ڪرفيو
ماڻهو سڀ گهرن ۾ بند. اسان کي سختيءَ سان آرڊر مليل، جيڪو ٻاهر نڪري گولي هڻوس فورن.
ديوارون سناٽو اوڳاڇيندڙ
ڄڻ موت اگهاڙن پيرن سڙڪن تي هلندو هجي – اچانڪ هڪ پوڙهو نڄاڻ ڪٿان کان نڪري ٿو. سانورو، بندرو، ڏٻرو، مٿي تي ڪکن واري ٽوپي، ٻچي ڏاڙهي، چيڪ واري لنگي ۽ ڦاٽل گنجي. هن جي ساڄي هٿ جي آڱرين ۾ ٻڌل ڏورين ۾ لٽڪندڙ پُتلي. پُتلي ڄڻ رت ۾ ٻڏل ڪو لاش آهي، جنهن جا ٻئي هٿ مٿي کنيل آهن آسمان ڏانهن ۽ ڪنڌ ڇاتيءَ تي لڙڪندڙ. اسان منجهان ڪو هڪ جواڻ هن کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ رڙ ڪري ٿو، هو آڱرين سان پتلي نچائيندو، رڙيون ڪندو انڌن جيان سڌو وڌندو ٿو اچي – ڪرانتي – ڪرانتي – ڪرانتي – سوراج – سوراج – سوراج –
فائر......
ٺا
ٺا
ٺا – ا – ا – ا –
هن جا پير ڌرتيءَ تان اُکڙن ٿا ۽ هو لهرائجي، ٻانهون ڦهلائي ڌرتيءَ تي ڪِري ٿو. ڪ – ر – ا – ن – ت – ي – ي – ي –
دروازا کلي پون ٿا ۽ ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پوي ٿو – ڪرانتي – ڪرانتي – سوراج – سوراج –
فائر.......
آنسو گيس
لاٺي چارج
پٿرن جو وسڪارو ماڻهن طرفان ۽ موٽ ۾ رائفلن جا منهن هجوم ڏانهن کڄي ويل.
ٺا
ٺا – ا – ا – ا –
۽
رابندرناٿ ٽيگور
نذر السلام
زين العابدين
مڌو سودن داس
شهيد الله قيصر
شيخ مجيب
ڀاشاني
هڪ
هڪ
ٿي
سڀئي
مري
ٺري
ويل
روڊ سنسان ٿي وڃي ٿو. لهوءَ ۾ لت پت ست لاش وچ روڊ تي پيل ۽ اٺون لاش اُن پپٽ مين جو. ان رات اسان شهر جي آڊيوٽوريئم ۾ ڀارت ناٽيم ڏسون ٿا. سانوري سنجها جهڙيون بنگالياڻيون ۽ انهن جا پشم جهڙا پير.
ريل ڊوڙي رهي آهي
ها ڪيپٽن سچ چوي ٿو – هي پوڙهو سچ پچ ته اُن پپٽ مين جهڙو ئي آهي. جيڪڏهن ان جي ڏاڙهي ۽ لباس بدلائي ڇڏجي ته – نه – پر – اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي!؟ اهو اسان جي اندر ۾ رهجي ويل ڪو احساس آهي شايد!! خوف جو!؟ يا – شايد guilt!؟
”هي هن شاعر جو روح آهي – ڇا نالو آهي هن جو!؟ هو سنڌي شاعر–“ ميجر خالد بٽ کي نالو ياد نٿو پوي، پر هو مذاق ڪري وايو منڊل تي ڇانيل سانت ۽ هراس کي ٽوڙڻ ٿو چاهي. ”ها – عبداللطيف – شاهه – ڀٽائي!! Am I right?“ هو پاڻ ئي ٽهڪ ڏئي کلي ٿو – ها – ها – ها ٻين جا به گهٻرايل – اُلجهيل ٽهڪ هن جي ٽهڪن ۾ رل مل ٿي وڃن ٿا. مان به ٽهڪ ڏيڻ چاهيان ٿو پر مون کي ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ هن پوڙهي سنڌيءَ جون اکيون خنجر جيان منهنجي سيني ۾ لهنديون ٿيون اچن ۽ مان ٺوٺ چپن تي ڄڀ ڦيرائي چُپ رهجيو ٿو وڃان.
ٽهڪ ڏيڻ کان پوءِ هو سڀ رليڪس ٿي وڃن ٿا ۽ نارمل نوع ۾ ڳالهائڻ لڳن ٿا.
”يار! هيءَ زندگي به ڪائي زندگي آهي!! موت جو ڪاروبار آهي ڄڻ.“ طارق آرائينءَ جي اکين منجهه دريءَ مان اُڏامي ايندڙ مٽيءَ سان گڏ مايوسيءَ جي رک ٿي اڏامي.
”پر اها ئي ته زندگي آهي ينگ مين! اسان پنهنجي فرض لاءِ جيئون مرون ٿا! سرحدن جي حفاظت لاءِ – ملڪ جي بقا لاءِ.“ سڀني جا آواز بحث ۾ اُلجهي ويل.
”ها – سرحدن جي حفاظت لاءِ – ملڪ جي بقا لاءِ!؟ ملڪ جي ئي ماڻهن کي ماري، چيڀاٽي ملڪ جي بقا جو نانءُ ڏيڻ – نو – دس از – ناٽ فيئر ڇا اها آهي زندگي!!؟ مائي فٽ – آئي هيٽ دس لائيف – “ ميجر نواز چوڌريءَ جي لهجي ۾ ڀرجي آيل زهر.
”جيڪي ماڻهو ماريان وڃن ٿا – اُهي غدار آهن، ملڪ ۽ قوم جا.“
”پر غدار جي ڊيفينيشن ڇا آهي!؟“
موٽ ۾ ميجر خالد بٽ سوچ ۾ پئجيو وڃي ٿو: ”اون – غدار!! غدار Means غدار جي I think – definition.“ اچانڪ هو ڪنڌ ورائي پوڙهي ڏانهن نهاري ٿو. اکين ۾ ڪجهه جرڪي پويس ٿو، ”غدار like this man.“ هن جي مذاق تي سڄو ڪمپارٽمينٽ ٽهڪن مان گونجڻ لڳي ٿو. پوڙهي جي نرڙ جون ريکائون تهائين گهريون پئجيو ٿيون وڃن. هن جون اکيون!! بلڪل اُهو ئي بنگالي پپٽ مين – مون کي محسوس ٿئي ٿو ته هو ڳلو ڦاڙي رڙيون ڪرڻ ٿو چاهي – ڪرانتي – ڪرانتي – سوراج – سراج – مان رائفل تي پنهنجو هٿ اڃا به ڏاڍيان ڦٻائي ٿو ڇڏيان. ناليءَ جو رخ هن ڏانهن ڪريان ٿو. هو وات پٽي ٿو ڪجهه چوڻ لا!؟ رڙيون ڪرڻ لاءِ!؟ ۽ - ۽ ٻي پل منهنجا هٿ ڍرا پئجي وڃن ٿا ۽ لانگ بوٽن اندر منهنجن پٿرائجي ويل پيرن منجهه ڄڻ ٻيهر ساهه پئجي ٿو وڃي. کليل وات اندر هن جي ڄڀ ڪپيل آهي – اڌواڌ – بلڪل وچ تان – ان ويساهه کان پوءِ ته هو ڳالهائي نه سگهندو، مان رليڪس ٿي ٿو وڃان. منهنجي جسم اندر تاڻجي ويل رڳون ڍريون پئجيو ٿيون وڃن.
ڪڏهن ڪڏهن منهنجو من چاهيندو آهي ته هيءَ رائفل – هي لوهي ٽوپ – هيءَ وردي – سڀ ڪجهه راويءَ جي درياهه ۾ ڦٽي ڪري ڇڏيان ۽ فريال جو هٿ پڪڙي ٽيڪسلا جي کنڊرن ڏانهن نڪري وڃان يا مرگلا جي پهاڙين تي بيهي زندگيءَ کي پڪاريان – زندگي! – اي زندگي! – زندگيءَ جو ٻيو نالو مس فريال جهانگير آهي.
هيڏانهن اچڻ کان ڪجهه ڏينهن پهرين، اسلام آباد جي ڪشادين سڙڪن تي واڪ ڪندي هن پهريون ڀيرو منهنجو هٿ پڪڙي ورتو هو ۽ منهنجي اندر ۾ ڄڻ طوفاني هوائون ڦيريون پائڻ لڳيون هيون. آسمان جهڙالو ٿي چڪو هو ۽ مند جي پهرين برسات جون سنهڙيون بوندون اسان جا چهرا ڀڄائي رهيون هيون. دنيا پنهنجن هنگامن سميت اُن پل به روان دوان هئي پر مون کي لڳو اسان دنيا کان ڪٽجي ويا آهيون. سامهون ريسٽورينٽ جي شيشي جي ديوار جي هن پار ويٺل خوبصورت چهرن وارا ماڻهو ڌنڌ ۾ وڃائجي ويا آهن – سواءِ منهنجي – سواءِ هن جي – سڀ ڪجهه بي معنيٰ آهي ۽ جيڪڏهن ڪائي معنيٰ آهي ته هن جي هٿ جي ڇهاءَ کي – گلاب جهڙو ڇهاءُ جيڪو سڄي رات ماڪ ۾ ڀڄندو رهيو هجي. اُن پل کان ٽي ڏينهن پوءِ مون کي وردي پائي سنڌ ڏانهن وڃڻ جو آرڊر هو. هنگامي حالتن تي قابو پائڻ لاءِ، شرپسندن جي سرڪوبيءَ لاءِ.
ساڻ ساڻ هلندي هن چيو؛ ”ڪاش تون فوجي نه هجين ها – ان کان سواءِ ڪجهه به هجين ها –“
”مثلاً!؟“
”مثلاً“ کن لاءِ هوءَ سوچ ۾ پئجي وئي. هن ڪنڌ مٿي کڻي آسمان ڏانهن نهاريو. هن جي برائون اکين جي پنبڻين تي برسات جون بوندون اٽڪي پيون. (يا خدا! زندگيءَ کي بقا ڇو ڪانهي – انسانن کي بقا ڇو ڪانهي!) کن پل لاءِ مون سوچيو هو.
ڪجهه لمحن کان پوءِ هن ڳالهايو، ”تون – ڪنهن باغ جو مالهي هجين ها – گل پوکين ها – گل جي هر ڪليءَ تي تنهنجين آڱرين جو لمس هجي ها – پر – ڪڏهن ڪڏهن مون کي تومان بارود جي بوءِ ايندي آهي – ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ تنهنجي منهنجي وچ ۾ دونهون ئي دونهون آهي، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن مون کي پنهنجي ساهه جي نالين ۾ به ڀربو محسوس ٿيندو آهي........“
هن هسٽريءَ ۾ ماسٽرز ڪئي آهي ۽ دنيا ڀر جو لٽريچر پڙهيو اٿس ۽ ان ۾ شاهه جي رسالي جو انگريزي ترجمو به شامل آهي. چيونگم چٻاڙيندي، هيل واري سينڊل سان ٽڪ ٽڪ هلندي هوءَ ڪبير ۽ امير خسرو کان ٽئگور تائين ۽ ڀٽائيءَ کان بلها شاهه ۽ سلطان باهو تائين ڳالهائيندي اوچتو منهن تي اڏامي آيل وارن کي ڪنڌ جي جهٽڪي سان جڏهن پوئتي ڪندي آهي، تڏهن منهنجي سيني اندر پيل دل جو آواز به منهنجن ڪنن منجهه ٻُرڻ لڳندو آهي. هن جي پيءُ ميان جهانگير اشرف جون سکر بئراج وٽ وسيع ايڪڙن ۾ ڦهليل زمينون آهن، جن جو ذڪر هو ڪنهن فاتح جيان وڏي فخر سان ڪندو آهي.
۽ فريال جهانگير پاڻ، ٽيڪسلا جي کنڊرن ۾ مون سان هلندي، گوتم جي مورتين کي ڪومل آڱرين جي ڇهاءَ سان ڇهندي، هسٽريءَ جا انيڪ صفحا هڪ ئي ڇلانگ ۾ لتاڙي ساڌ ٻيلي جي مندرن، لبِ مهراڻ، سکر بئراج ۽ بکر جي قلعي جي کنڊرن ۾ وڃي نڪرندي آهي. تڏهن هوءَ مون کي بيحد پراسرار ۽ اجنبي محسوس ٿيندي آهي.
”اوهه گوش!!ــــ ڪيڏو پراسرار ۽ عجيب آهي اُهو سڀڪجهه – يو نو!!ــــ ساڌ ٻيلي جي مندرن جي ڊگهن ورانڊن ۾ مان اگهاڙن پيرن هلي هئس. موسم خزان جا هيڊا ڇڻيل پن هوا جي گهيرٽ ۾، ورانڊن ۾، ڪمري ۾، درين ۽ دروازن منجهان بي چين آتمائن جيان ٿي ڦريا. سچ ــــ بليو مي ـــــ اُتان جا ماڻهو به ڏاڍا عجيب ۽ پراسرار آهن. ڄڻ ڪائي پاڳل ڪامنا انهن کي اندر ئي اندر ولوڙيندي هجي. اُها پاڳل ڪامنا ڪهڙي ٿي سگهي ٿي!؟ تون سوچيندو هوندين مان ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪيان پر ڪڏهن ڪڏهن مان پاڻ به پاڻ کان ڪٽجي وڃائجي ويندي آهيان. دنيا ته ڇا، ننڍي کنڊ ۾ سنڌ جي ئي هسٽري پڙهندي منهنجين رڳن ۾ رت برف جيان فريز ٿي ويندو آهي. – اوهه – مائي گاڊ!! حيرت آهي ته هو وقت جي ڪيترن اٿاهه لشڪرن سان وڙهندي، اُنهن هٿان ڪسجندي به، ڪيترن حاڪمن هٿان پيڙهجڻ ۽ ڦورن هٿان ڦرجڻ جي باوجود به پنهنجي پراسرار ڪلچر ۽ ٻوليءَ سميت زندهه آهن. ڪن ڏئي ٻڌ ته زمين مان رڙين، دانهن ۽ گهوڙن جي سنبن جي ٽاپ ٽاپ جا آواز پيا ٻُرندا آهن – اُف سنڌياڻين جي ڊريس!! – how beautiful ــــ گج جي آرسيءَ آرسيءَ ۾ پيو سج تجلا ڏيندو آهي – تون جڏهن اُتان موٽين ته مون لاءِ گج ضرور آڻجانءِ...... جنهن جي آرسيءَ آرسيءَ ۾ تون سامهون اچي بيهين ته تنهنجو عڪس جرڪي.....“ موٽ ۾ مان ٽهڪ ڏئي کلي پيو هئس. گج کان سواءِ اُن جون سموريون ڳالهيون هن جون پاڳل سوچون محسوس ٿيون هيون.
ريل لاڳيتو ڪنجهندي سهڪندي لوهي پٽن مٿان ڊوڙي رهي آهي. هنن سڀني جا ڪنڌ ڇاتين تي لڙڪي آيا آهن ۽ هيڪر وري هو سڀئي ننڊ جي گهيرٽ ۾ گهيرجي ويا آهن.
۽ پوءِ سموري وجود سان مان ڇرڪي ٿو پوان. منهنجي سامهون واري سيٽ خالي آهي. الاءِ ڪهڙي پل هو اُتان اٿي ويو آهي. بند دروازن ۽ مسلسل ۽ مسلسل ڊوڙندڙ ريل مان نڪري چڪو آهي. اونهاري جي ان رات جي پوئين پهر سياري جي ڪائي سرد لهر منهنجي لونءَ لونءَ ڪانڊاري ٿي ڇڏي.
فريال جهانگير سچ چيو هو. هتان جا ماڻهو سچ پچ ته ڏاڍا عجيب ۽ پراسرار آهن، ڄڻ ڪائي پاڳل ڪامنا آهي، جيڪا هنن کي اندر ئي اندر ولوڙيندي هجي. ڪنهن به ڀيانڪ انت جي ڄاڻ هوندي به اها ڪهڙي پيڙا آهي، جيڪا هنن کي آڳ جي درياءَ ۾ ٽپو ڏيڻ لاءِ مجبور ڪري ٿي!؟ سمورو سک چين تياڳي آخر هي ڇو ٿا ذهني ۽ جسماني ايذاءَ جي بن ۾ ڀٽڪن؟ بظاهر ڪيڏا اٻوجهه، ڪيڏا هيڻا، ڪيڏا ٿڪل ۽ ٽٽل – پر هنن جون اکيون!! بلڪل اهڙيون، جهڙا ڪنهن ڪُٺل ڳڀروءَ جي ڪنڌ تي هاريل رت جا ڦڙا. ٽارچر ڪيمپ ۾ باغي ۽ سرڪش شاگردن کي ٽارچر ڪندي ڪندي مان ان احساس کان پوءِ ٿڪجي پيو هئس ته هنن جي انهيءَ ويڙهه جي ڪائي پڄاڻي ڪانهي ۽ ويڙهه به هنن جي عجيب نوع جي آهي. نه هٿيار کڻي وڙهن ٿا، نه ئي هنن جي احتجاج جي ڪائي گجگوڙ آهي. تڏهن به هنن جي ويڙهه اڳلي کي ٿڪائي ٿي وجهي. هنن کي شڪست در شڪست ڏيندي ڪيترو به پوئتي ڌڪي وڃو، غلاميءَ جا زنجير پارائي درٻار ۾ وقت جي حاڪم جي سامهون وٺي اچو، هنن جي رڳ رڳ ۾ ٽارچر ڪريو، پر هارائيندي به هار نه مڃيندا. هنن جي اکين ۾ پر هڻندڙ جيت جو ويساهه نٿو مري – بس اها ئي ڳالهه ٿڪائيندڙ آهي. فاتح کي سرخرو ٿيڻ نٿا ڏين ـــــ واپسيءَ کان ڪجهه ڏينهن پهرين، اهو به هر لنگهندڙ ڏينهن جهڙو گرم ڏينهن هو. ڌرتي ڄڻ ٽامو – اُن کان گذريل ڏينهن تي ريلوي ڦاٽڪ وٽ ڪجهه سرڪش ۽ باغي شاگرد اسان جي هٿان مارجي ويا هئا ۽ اهو ڪوبه ڇرڪائيندڙ ۽ پريشان ڪندڙ واقعو به ته نه هو. ائين ئي ته ٿيندو رهندو آهي ۽ ائين ئي ته ٿيندو رهيو آهي. تڏهن به مان ٿڪل ٿڪل وکون کڻندو، ريلوي لائن جي وچ ۾ وک وک هلندو اُنهيءَ ڦاٽڪ تائين اچان ٿو. هوا ۾ رت جي بوءِ آهي. ڦاٽڪ وٽ ريلوي لائين جي ٻن پٽن جي وچ ۾ هاريل رت جيتوڻيڪ خشڪ ٿي ويو آهي، تڏهن به هن جو ڳاڙهو رنگ ائين ڦهليو پيو آهي، ڄڻ ڪنهن سانوري نار جو کهنبو ريلوي لائن جي پٽن ۾ اُلجهي اٽڪي ليڙون ليڙون ٿي ويو هجي. دور دور تائين ڪير ڪونهي، هوا جا زوزاٽ آهن ۽ اُن جي ڪن ۾ گهيرجي ڦيريون پائيندڙ هيڊا پن، ريتي ۽ مٽي آهي.
اچانڪ مان ڇرڪي پوان ٿو. ساهه منهنجن پيرن جي آڱرين ۾ فريز ٿي وڃي ٿو. اهو ئي پوڙهو منهنجي سامهون بيٺل آهي. هن جي اکين جون وحشتون منهنجي مٿان ڄڻ اُلرون ڪن ٿيون. هو ٻئي ٻانهون ڦهلائي، پوريءَ سگهه سان رڙيون ڪري ٿو. اڌواڌ ڪپيل ڄڀ هن جي کليل وات ۾ ڪرڙيءَ جيان ڦٿڪي رهي آهي. هو رت مان ڀنل مٽي ٻُڪن ۾ ڀري ڪڏهن منهن تي مَلي ٿو ۽ ڪڏهن سينه ڪوبي ڪري ٿو ڪنهن سوڳوار ماتميءَ جيان – بلڪل اُهو – بنگالي پپٽ مين – نه – بلڪل اهو – ڪمپارٽمينٽ ۾ چڙهيل سنڌي پوڙهو!! guilt – guilt – guilt – مان اکين تي هٿ رکي ٿو ڇڏيان.
ڄڻ سال جي بنواس کان پوءِ مان موٽان ٿو پنهنجي ماءُ ڏانهن، جيڪا هر ڪنهن جمعرات حضرت شيخ السلام بهاؤ الدين ذڪريا جي چائنٺ چمي مون لاءِ ٻاڏائيندي هوندي. فريال جهانگير ڏانهن، جيڪا ملندي ئي مون کان يڪ ساهيءَ پڇندي: ”تو – ساڌ ٻيلي جا مندر ڏٺا!؟ لبِ مهراڻ ڏٺو؟ رني ڪوٽ جي قلعي جي باري ۾ ٻڌاءِ!؟ بکر جي قلعي ۾ مان توکي ياد آيس!؟ مڪليءَ جي قبرستان ۾ هلندي تو محسوس ڪيو ته زندگيءَ جي هيءَ سڄي وٺ پڪڙ ڪيڏي لاحاصل آهي. دنيا بس فنا جو ناٽڪ ئي ته آهي – تون ڀٽ شاهه ويو هئين!؟ تو پڪ اُتي محسوس ڪيو هوندو ته....... He is a great poet.“ ۽ جڏهن هوءَ اهي سمورا سوال پڇندي اوچتو ٿڪجي چپ ٿي ويندي ۽ هن جون برائون اکيون سواليه نوع ۾ هڪ ٽڪ مون کي ڏسنديون ئي رهنديون ــــــ تڏهن ــــ !؟ تڏهن !؟ ـــ !!؟؟ــــ
مان پنهنجن هٿن ۾ جهليل گج جي آرسيءَ آرسيءَ ۾ نهاريان ٿو. هر آرسيءَ ۾ فريال جو چهرو ٿو پَسجي.
ريل ساڳي نوع ۾ ڊوڙي ٿي واپسيءَ جي سفر تي ــــ اُهو ئي ساڳيو ڪمپارٽمينٽ آهي ۽ اسان – اهي ئي ساڳيون ورديون ۽ ساڳيا لوهي ٽوپ ۽ نيزن جيان اُڀيون رائفلون – اسان منجهان ڪجهه ننڊ ۾ ٻڏل ۽ ڪجهه جاڳندڙ. گذريل سال جڏهن اسان وياسون پي، تڏهن رات هئي. قبر جهڙي اُونداهي رات. اڄ واپسيءَ ۾ صبح ٿي رهيو آهي هوريان هوريان. آسمان جي آخري ڪنارن تان پرهه ٿي ڦٽي. ٿڪائيندڙ سانت. مان کن لاءِ اکيون ٻوٽي ٿو ڇڏيان. ريل جهٽڪي سان بيهي ٿي. مان ڇرڪي اکيون پٽي ڳڙکيءَ منجهان ٻاهر نهاريان ٿو – ڪائي ننڍڙي سٽيشن آهي – نيڻ نهار تائين پاڻي نه ملڻ ڪري سڪي هيڊا ٿيل کيت آهن – مان سوچيان ٿو، اسان جا کيت هيل جوڀن تي هوندا. فصل پچي راس ٿيا هوندا!! ڪنهن به قوم کي زير ڪرڻ لاءِ اُنهيءَ کي ڏڪار جي کوهه ۾ ڌڪو ڏيو. پيٽ جو دوزخ ماڻهوءَ جا سڀئي آدرش ساڙي رک ڪري ٿو – هنن کي زير ڪرڻ لاءِ به اهو ئي حل ڳوليو ويو – پاڻي بند – ٻنيون ٻارا سڪي ٺوٺ ٿي ويل – نيڻ نهار تائين سوڪهڙو ٿو ڄڻ سُڏڪا ڀري. چهرن تي شڪست ۽ بک جو عذاب.
ريل ٻيهر رڙهي ٿي. مان ڳڙکيءَ کان ٻاهر پَسجندڙ منظرن تان ڌيان هٽائي اندر نهاريان ٿو. دل ڌڙڪندي ڌڙڪندي نڙيءَ ۾ ڄڻ اٽڪي بيهي ٿي رهي. منهنجي سامهونءَ واري سيٽ تي ويٺل اُهو ئي پوڙهو. بند ڪمپارٽمينٽ ۾ هو اندر آيو ڪيئن!؟ اسان سڀني کي خوف جا ڀاوَ ويڙهجي ٿا وڃن ۽ پوڙهي ڏانهن هڪ ٽڪ نهاريندي اسان سڀني جون اکيون ڄڻ پٿرائجي وڃن ٿيون.
سناٽو
هن جي اکين ۾ ڄڻ شڪار ٿيل پکي ٿو پَر هڻي. ڦٿڪندو ۽ رتو ڇاڻ. بلڪل اوچتو هو ڪپيل ڄڀ سان رڙيون ڪري، جهپو ڏئي مون کان رائفل ڦرڻ ٿو چاهي.
۽
ٻئي پل
منهنجي ئي رائفل مان فائر ٿئي ٿو
هو ڦٿڪي
پَر هڻي
لهرائجي هيٺ ڪِري ٿو
(ڪ – ر – ا –ن– ت – ي –ڪ – ر – ا – ن – ت – )
هن جي سيني مان ڦٽي نڪتل رت جا ڇنڊا اسان جي وردين تي ڪِرن ٿا ۽ فريال جهانگير لاءِ ورتل گج!!
جنهن جي آرسيءَ آرسيءَ منجهه ٿو فريال جو چهرو پَسجي، جنهن جي آرسيءَ آرسيءَ منجهه، مان هن جي سامهون بيهان ته منهنجو عڪس جرڪي، اُهو ئي گج منهنجن هٿن مان ڇڏائجي رت ۾ رڱجي وڃي ٿو. مان نمي گج کڻڻ چاهيان ٿو. گج جي آرسي آرسي رت ۾ رڱيل آهي، جنهن ۾ فريال جو گلاب مک نٿو پسجي سگهجي – نه ئي منهنجو عڪس.
اُهي آرسيون ته ڄڻ هِتان جي ماڻهن جون اکيون آهن!! بلڪل اهڙيون، جهڙا ڪنهن ڪٺل ڳڀروءَ جي ڪنڌ تي هاريل رت ڦڙا.