ڪھاڻيون

ڪيڏارو (ڪھاڻي ڪليات)

نورالھدا شاھہ حاضر دور ۾ ننڍي کنڊ ۾ بحيثيت ڪھاڻيڪار ڪماليت جي درجي تي پھتل ليکڪا آھي. ڪيڏارو سنڌ خاص ڪري حيدرآباد ۾ ٿيل لساني فسادن جي پسمنظر ۾ لکيل افسانو آھي جنھن کي شاھڪار افساني جي حيثيت حاصل آھي. ھي ڪھاڻي ڪليات نورالھدا شاھہ جي ٽيھہ سالا ادبي سفر جو ثمر آھي. سندس ڪُل ڪھاڻين جي ھن مجموعي ۾ سندس ڪھاڻي ڪتابن ”جلاوطن، ڪربلا، رڻ ۽ رڃ جو اتھاس ۽ ڪيڏارو“ ۾ شامل 43 ڪھاڻيون شامل آھن. 

Title Cover of book ڪيڏارو (ڪھاڻي ڪليات)

ديوارون

سمورو پاڙو شريفن جو. اوچيون ديوارون هڪ ٻئي سان گڏ ٿيل، وچ ۾ گهٽي هئي جنهن جي ٻنهي پاسي گندي پاڻيءَ جون ڪِنيون ناليون وهنديون هيون. آڌيءَ رات جو انهن نالين جي ڌپ ويتر وڌي ويئدي هئي، جا هوريان هوريان برداشت کان ٻاهر ٿي ويندي هئي. اهڙين ئي راتين جو آڌيءَ ويل جڏهن نسيمه موٽندي هئي، تڏهن انهن اوچين ديوارين ۾ لڳل درين سِيرن مان ڪيتريون ئي ديوارين جي اندر ٻوساٽيل حيران حيران اکيون ليئا پائينديون هيون. انهن سيرن جي پويان جهاتيون پائيندڙ اکين کي نسيمه چڱيءَ ريت ڏسي سگهندي هئي. سندس ڳاڙهن چپن تي حقارت ٽهڪ بڻجي گونجندي هئي. ڄاڻي واڻي پنهنجي گراهڪن ڏانهن نهاري کلي ڏيندي هئي. هن جي ٽهڪ جي گونج ٻڌي درين جون سِيرون بند ٿي وينديون هيون ۽ انهن سان گڏ ئي هن جو ٽهڪ به ٻڏي ويندو هو. گراهڪن کان موڪلائي هوءَ اندر هلي ويندي هئي.
سمورو پاڙو شريفن جو هو، جڏهن هوءَ اتي ويٺي تڏهن ڪيترا ڏينهن ڌنڌو ڪري نه سگهي. شريفن جي پاڙي ۾ گناهه ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي. نيٺ ڌنڌو شروع ڪري ڏنائين. شريفن جي پاڙي جون ته ديوارون ئي لڏي ويون؛ پر هن جي اڳيان ڪنهن جي نه هلي. شهر جي هر وڏي ماڻهوءَ وٽ اونداهيءَ رات ۾ هن جو نالو وٺبو هو. ها ايترو ضرور ٿيو جو هن جي گهر ڏانهن کلندڙ دريون بند ٿي ويون، پر جڏهن آڌيءَ رات جو گراهڪ سان ٽهڪ ڏيندي هئي ته انهن درين ۾ سِيرون کلي وينديون هيون ۽ هوءَ ٽهڪ روڪي نه سگهندي هئي.
شريفن جي انهيءَ پاڙي ۾ هن جي گهر جي ديوار سڀن کان ننڍي هئي. هر گهر جي دريءَ مان هن جي گهر جو اڱڻ صاف ڏسبو هو.
سج لٿي جڏهن هو ساڙهي پائي، ميڪ اپ ڪري، ڪلهن تي وار کولي، خوشبو هڻي ٻاهر نڪرندي هئي تڏهن به درين ۾ سيرون پَئجي وينديون هيون. کن پل لاءِ ترسي هوءَ چوڌاري نهار ڪندي هئي، اهي ئي حيران حيران هن کي گهوريندڙ ٻوساٽيل نظرون ۽ پوءِ مرڪي هوءَ گرهاڪ جي موٽر ۾ ويهي رهندي هئي.
ڪڏهن ڪڏهن نسيمه جي دل چوندي هئي ته هو انهن ديوارن ۾ ٻوساٽيل نظرن وارين ڇوڪرين وٽ وڃي ۽ انهن آڏو بيهي ايڏا آزاد ٽهڪ ڏئي جو هنن جي گهرن جون ديوارون ڀُري پون.
ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو هو جو سندس اڱڻ ۾ هوءَ پنهنجي گراهڪ کي پئي وندرائيندي هئي، تڏهن اڱڻ جي بلڪل سامهون کلندڙ دريءَ جي سير مان به نظرون مسلسل پيون گهورينديون هيون، جئين ڪو پڃري ۾ قيد پکي حسرت سان آزاد پکين کي گهوريندو آهي. نسيمه جون ادائون ويتر وڌي وينديون هيون.
تنهن رات ننڊ مان هوءَ سجاڳ ٿي، اُڃَ ڪنڊا بڻجي سندس نڙيءَ ۾ چڀڻ لڳي. هوءَ اڱڻ ۾ پاڻي پيئڻ آئي، پاڻي پيئندي اوچتو سندس اکيون سامهونءَ واريءَ دريءَ تي وڃي کتيون. دريءَ جا ٻئي تاڪ کليل هئا. انهن حيران نظرن ۾ اڄ ڊپ هو. هوءَ دريءَ مان ٻاهر گهٽيءَ ۾ ڄڻ ڪجهه ڳولي رهي هئي ۽ زهر ڀري مرڪ نسيمه جي چپن تي تري آئي هئي.
ڀر سِرڪندو ڪو ڀوائتو پاڇو دريءَ ڏانهن وڌي رهيو هو. نسيمه کي آڌي رات جو اوچن وَڻن جا ڀوائتا پاڇا ياد اچي ويا. انهيءَ ڀوائتي پاڇي جيان هي پاڇو دريءَ ڏانهن وڌي رهيو هو. دريءَ ۾ بيٺل هيسيل ڇوڪري هر هر ڊپ وچان ڪڏهن اندر ڪڏهن ٻاهر ڏسي رهي هئي. پاڇو هن جي اوريان هليو آهيو، دريءَ مان ايندڙ ميرانجهڙي روشنيءَ ۾ اُن پاڇي کي ڏسي نسميه ڇرڪي پئي…. اهو عالم هو جيڪو اڃا ڪلهه رات نسيمه وٽان ٿي ويو هو. عالم اڪثر نوٽن جون دستيون کڻي نسيمه وٽ هڪ رات جو سودو ڪرڻ ايندو هو. نفرت جون چڻنگون نسيمه جي اکين ۾ ٻرڻ لڳيون. حقارت سان هوءَ ڀڻڪي، ”شريفن جو پاڙو.“
ٻئي ڏينهن عالم سدائين جيان نوٽن جي دستي کڻي آيو. نسيمه جي بدن ۾ باهه ٻرڻ لڳي. عالم ڏانهن گهور ڪري چيائين، ”رات گهڻي قيمت ڏنئي؟“
”ڪنهن کي؟“ عالم ڇرڪي پيو.
”جنهن ڏانهن ويو هئين.“
عالم ڦڪي کل کلڻ لڳو. ڪجهه سوچي پوءِ چيائين، ”تو ڏسي ورتو!“
”رنڊيءَ جون نظرون تيز هونديون آهن، عالم.“
”هوءَ تمام شريف ڇوڪري آهي، نسميه!“
”قيمت گهڻي ڏنئي؟“ نسيمه حقارت سان چيو.
”چيم نه ته هوءَ تمام شريف ڇوڪري آهي.“
”آئون رنڊي آهيان، انهيءَ ڪري منهنجو مُلهه آهي. هوءَ شريف ڇوڪري آهي، انهيءَ ڪري املهه آهي!“
”اهو زماني جو دستور آهي.“ عالم نوٽن جي دستي ڪرسيءَ تي ڦٽي ڪندي چيو.
نسميه وڦلي پئي. الائي سندس ڪهڙي ڀرم کي ڌڪ رسيو هو. نفرت سان نوٽن کي گهوريندي چيائين، ”پر رات جو لڪي انهيءَ وٽ به ائين ئي ويو هئين جيئن هت آيو آهين.“
”هوءَ شريف ڇوڪري آهي، نسيمه.“
”تڏهن توسان رات جو ملي ٿي.“
”انهيءَ لاءِ جو هوءَ شريف ڇوڪري آهي.“ عالم چڙي پيو.
”هوءَ به رنڊي آهي.“ نسميه جو آواز اوچو ٿي ويو.
”هوءَ رنڊي ڪانهي. هوءِ شريفن جي پاڙي جي لڄ آهي.“
”پوءِ آءٌ به شريف زادي آهيان. شريفن جي پاڙي جي لڄ.“ هن جي دماغ جون نسون ڄڻ ڦاٽڻ لڳيون. ڪرسيءَ تان نوٽن جي دستي کڻي زور سان عالم ڏي اڇليائين، جيڪا عالم جي پيرن ۾ اچي ڪري، هوءَ وڦريل نانگڻ جيان سهڪڻ لڳي. عالم به مڇرجي اٿي بيهي رهيو. نوٽ کڻي نسيمه ڏانهن نفرت سان گهوريندو هليو ويو. عالم جي وڃڻ کان پوءِ هوءَ ڪيتري دير وحشت جو روپ بڻيو بيٺي رهي. ساري رات پنهنجي کٽ تان سامهون بند ٿيل دريءَ ڏي گهوريندي رهي. هن جي دماغ ۾ هڪ ئي لفظ چڪر کائيندو رهيو، ”آءٌ رنڊي نه آهيان، آءٌ رنڊي نه آهيان.“ ”…جيڪي اونچي ديوارين جي پويان رهندڙ ڇوڪريون ائين غير مرد جا (آڌيءَ رات جو دريءَ مان جهاتي پائي) چپ چمي سگهن ٿيون ته پوءِ آءٌ ڇو ائين ڪرڻ سان رنڊي آهيان. آءٌ به لڄ آهيان. آءٌ به لڄ آهيان.“ ساري رات هن جو دل ۽ دماغ جنگ ڪندو رهيو. ٻئي ڏينهن سيٺ هاشم ڀائيءَ جو ڊرائيور چارچڪر هڻي موٽي ويو، پر هوءَ سڄو ڏينهن در بند ڪيو ويٺي، رهي انهيءَ رات جو سيٺ هاشم پاڻ هلي آيو. رات جو اڱڻ ۾ سيٺ هاشم جي اڇن وارن ۾ آڱريون ڦيريندي انهيءَ دريءَ ڏانهن گهوريندي رهي. آڌيءَ ويل اها دري کلي، ڇوڪريءَ سيس ٻاهر ڪڍيو. اڄ انهيءَ رات کان به وڌيڪ ميرانجهڙي روشني هئي جنهن ۾ ڇوڪريءَ جو پاڇو ڀوائتو ٿي ويو هو، ساڳي ريت ٻاهر ڏسي رهي هئي، نسيمه هوريان ڀڻڪي، ”شريفن جو پاڙو.“
”ڇا چيئي مٺڙي؟“ سيٺ کيس ڳراٽي پائيندي چيو،. هوءَ ڄڻ ڇرڪي پئي.
”ڪهه به نه سيٺ صاحب! ڪجهه به نه.“
”تون چئو ته مٺڙي! بندو حڪم جو غلام آهي.“
”سيٺ سچ چئو ته آءٌ رنڊي آهيان يا لڄ؟“
”تون اسان جي لڄ آهين مٺڙي.“ سيٺ سندس چپ چمندي چيو. اهو چوندي سيٺ جي پوڙهن چپن تي عيار مرڪ تري آئي. نسيمه جي دل ڪيو ته هوءَ سيٺ جي انهن عيار مُرڪ وارن چپن تي ٿُڪي ۽ چئي، ”رنڊي جي نظر ڏاڍي تکي هوندي آهي …. سيٺ.“ پر هوءَ چپ رهي. سندس نظرون ”کليل دريءَ“ تي کتل رهيون. هن شريف زاديءَ جو پاڇو ويتر ڀوائتو ٿي ويو. ”شريف زادين جا پاڇا ڀوائتا ٿيندا آهن.“ هوءَ من ئي من ۾ ڀڻڪي.
پريان ڀت سان لڳل پاڇو هوريان کليل دريءَ ڏانهن وڌي رهيو هو. نسيمه جي اکين ۾ رت مڙي آيو. نالين جي ڌپ ويتر وڌي وئي هئي. ساهه منجهائيندڙ ڌپ. هن جو در کليل ئي رهيو، جنهن مان هن جون تيز نظرون پاڇن کي گهوري رهيون هيون. اهو عالم ئي هو جنهن کي ڏسي ڇوڪريءَ کن کان پوءِ دريءَ مان بيگ اڇلائي جنهن کي عالم جهٽي ورتو. اها بيگ نسيمه جي مٿان ڄڻ ڇپ بڻجي ڪري. هن ڄاتو ٿي ته هاڻ ڇا ٿيندو، اهوئي جيڪو شريفن جي پاڙي ۾ به ٿيندو آهي. پر هڪڙو چڪلو ٿو سڏرائجي، ٻيو شريفن جو پاڙو، ٻي پل ڇوڪريءَ به دريءَ مان ٽپ ڏنو، پر ڪابه ديوار نه لڏي. عالم شريف زاديءَ جا چپ چمي ورتا. انهن ئي چپن سان هن نسيمه جا به چپ چميا هئا. پر پوءِ به نسيمه رنڊي هئي ۽ هوءَ شريف زادي. نسيمه جي اکين آڏو سڀ ڪجهه ميرانجهڙو ٿي ويو. ”چڪلو شريفن جي ئي گهٽي مان جنم وٺندو آهي.“ هن چاهيو ته اهي اکر رڙ ڪري چوي، پر سڀ ڪجهه گُهٽجي ويو. سيٺ هن جي اگهاڙي بدن سان کيڏندو رهيو ۽ هوءَ …..!!
هوءَ ٻاهر گهوريندي رهي. شريف زاديءَ عالم جي ٻانهن جهلي چوڌاري نهاري اهڙو ئي ٽهڪ ڏنو جيڪو نسيمه گراهڪ جي ٻانهن جهلي درين جي سيرن مان ليئو پائيندڙ نظرن ڏي نهاري ڏيندي هئي. ان ٽهڪ جو پڙاڏو صرف نسيمه ٻڌي سگهي. ٻنهي جا پاڇا گڏجي ويتر ڀوائتا ٿي ويا هئا. هو ٻئي گهٽيءَ ۾ پکڙيل اونداهيءَ ۾ غائب ٿي ويا… دري کليل ئي رهي.
ٻئي ڏينهن انهيءَ ڇوڪريءَ جي گهر ۾ ڏاڍو گوڙ هو. نسيمه چاهيو ٿي ته وچ گهٽيءَ ۾ بيهي اوچا اوچا حقارت ڀريا ٽهڪ ڏئي، پر هوءَ چپ رهي، پر دٻيل آواز ۾ ڀڻڪي رهي هئي، ”آئون شريف زادي آهيان، آءٌ لڄ آهيان. ”سج لٿي هن جي گهر ڏانهن کلندڙ درين کي سرون رکي بند ڪيو ويو ۽ ديوران کي ويتر اوچو ڪيو ويو.
صبح جو رئيس خان محمد کان موڪلائيندي نسيمه ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان کيس چيو، رئيس هڪ فرمائش ڪيانءِ.“
”چؤ جاني سر به حاضر آهي.“ رئيس کيس ڀاڪر پائيندي چيو.