مان ۽ منھنجي ڪھاڻي: نورالھديٰ شاھ
انھن ٻنھين ليکن جي منھنجي لاءِ، منھنجي ذاتي توڙي ادبي زندگيءَ ۾ اڳتي ھلي ڪابہ اھميت نہ رھي، پر انھن ليکن منھنجي ادبي سفر ۾ پري پري تائين منھنجو پيڇو ڪيو ۽ منھنجي اميج جي بُتَ جي پيڙھ انھيءَ تي ٻڌي وئي. پَر مون ڪڏھن اُنھن کي کولي وري پڙھيو ئي ڪونہ. مون وساري بہ ڇڏيو تہ مون انھن ۾ ڇا لکيو ھو. ڪجهہ سال پھرين جڏھن پنھنجين گذريل ڪھاڻين ۽ لکڻين کي ڊس اون ڪيم، تہ سڀني کي حيرت ٿي ھئي. سڀني کي منھنجي اھا اسٽيٽمينٽ ٻاراڻي لڳي ھئي. آئون صرف مُرڪي پئي ھيس. آخر شاھ سائينءَ پنھنجي شاعري ائين ئي تہ ڪانہ ڪراڙ منجهہ لوڙھي ڇڏي ھوندي. ائين ڪونھي تہ پوءِ اچڻ وارن تي اُھو ويساھ نٿو رھي تہ اُھي اسان کي سمجهي بہ سگهندا يا الاءِ نہ. پر جڏھن بہ ڪوبہ ليکڪ پنھنجي وجود کي پنھنجين لکڻين کان گهڻو وڌيڪ تجربو ڪري ٿو، تڏھن ھُن لاءِ انھن جي اھميت گهٽجي وڃي ٿي. اُھي لکڻيون ھُن جي تجربي ۽ مشاھدي اڳيان بنھين ننڍڙيون ٿيو پون ۽ انھن کان ھڪڙو لاتعلقيءَ وارو احساس پاڻ ئي پاڻ، ھُن منجهہ سرجڻ شروع ٿئي ٿو. مون تہ ائين بہ چاھيو تہ مان لکڻ ئي ڇڏي ڏيان، مون ان لاءِ ڪوشش بہ ڪئي. شايد انھيءَ لاتعلقيءَ جي ڪري ئي مون وٽ جيترا بہ ايوارڊز آھن، ڪنھن خاني ۾ بيڪار شين جيان پيا آھن. سواءِ ھڪ پي.ٽي.وي ايوارڊ جي، جيڪو مونکي ”جنگل“ تي مليو ھو. مون وٽ جيتريون بہ اخباري ڪٽنگس پيون ھيون، منھنجي باري ۾، منھنجين تعريفن سان ڀريل. جن مونکي بيباڪ انقلابي، باغي ۽ مھان جھڙا لقب ڏنا ويا ھئا. جيترا بہ فائل مون انھن جا ٺاھيا ھئا سڀئي ڦاڙي ڇڏيم، سواءِ ڪنھن مئگزين ۾ ڇپيل ان تصوير جي جنھن ۾ مان بانو قدسيہ سان بيٺي آھيان. ڊائريون مون جيتريون بہ لکيون سڀئي ڦاڙي ڇڏيم، سواءِ اُن ھڪڙيءَ ڊائريءَ جي جيڪا مون مئٽرڪ ۾ پڙھڻ واري زماني ۾ اردو نما سنڌيءَ ۾ لکي ھئي. جنھن جو ڪاغذ ھاڻ ھيڊو ۽ ڪمزور پئجي چڪو آھي. مونکي ڪونھي ياد تہ گذريل ڪيئي سالن ۾ مون ڪڏھن پنھنجي باري ۾، ٻئي ڪنھن جو ڪُجهہ لکيل ۽ ڪُجهہ بہ پڙھڻ جي خواھش ۾ ڪائي ڪوشش ڪئي ھجي. اتفاق سان ڪنھن ڪجهہ ڏيکاري ڇڏيو ھوندو تہ ھڪ اُڇاتري نھارَ وجهي ڇڏي ھوندم. ڪھاڻين جي ٽن مجموعن کان پوءِ جيڪڏھن ڪجهہ ڇپيو بہ آھي يا لکيو بہ اٿم تہ سنڀالي ڪونہ رکيو اٿم. ڪجهہ خانن ۾ پيو بہ ھوندو ۽ گهڻو ڪجهہ ضايع بہ ٿي ويو ھوندو. ادبي ماحول کان بہ تہ ڪٽجي وئي ھيس ۽ شايد اڃا تائين ڪٽيل آھيان. گهڻن جو خيال آھي تہ شايد ادبي بورڊ واري تجربي جي تلخين کان پوءِ، پر اِئين ڪونھي. بس پنھنجو پاڻ، اسٽيج تي ويٺل دل کي وڻيو ئي ڪونہ. ماڻھن جي ميڙاڪن ۾ ڪر کڻي ھلڻ ۽ وڏيون وڏيون تقريرون ڪرڻ ۽ داد وصول ڪرڻ ۽ تاڙين جي گونجَ. ڪنھن بہ ڳالھ لاءِ دل اڄ بہ نٿي راضي ٿئي. گمنام ٿي وڃڻ جي خواھش شدت سان منھنجي من ۾ اڄ بہ ڪَرَ موڙيندي ٿي رھي. شھرت منھنجي لاءِ اُن رولاڪ ڪُتي جيان بڻجي وئي ھئي، جيڪو مسلسل منھنجي پُٺيان پُٺيان پُڇ لوڏيندو ھلندو رھيو آھي ۽ مان مُڙي مُڙي ان کي پٿر ھڻندي رھي آھيان، پر ھُن کي بہ پيڇو نہ ڇڏڻو ھو سو نہ ڇڏيائين. انھن ڪيفيتن ۾ ڪيئي اڻپورا ڪم اڻپورا ئي رھجي ويا. پبلشرَ، جنھن منھنجي ڪَمَ ۾ ھٿ وڌو سي الڳ منھنجي درَ جا چڪرَ ھڻي ھڻي موٽي ويا. ٻي پاسي ھڪدم سان جو ڏور ڇني ڇڏڻ جيان وِچَ وارا ڪجهہ سال ڊراما بہ لکڻ ڇڏي ڏنم تہ ڪيترن جا ڪمَ منھنجي ڪري اڌَ ۾ ئي رُلي ويا، جن تي ھُنن جو پئسو پڻ لڳل ھو.
پر اِھا مري وڃڻ واري يا جمود طاري ٿي وڃڻ واري ڪيفيت ڪانھي. جمود تہ آھي ئي ڪونہ. جن ڏينھن مون ھڪ لفظ بہ ڪونہ پي لکيو، تن ڏينھن ڪائنات پنھنجي پوري ڦھلاءَ سان منھنجي نيڻ نھارَ ۾ اچي وئي ھئي ۽ مان ان جي ڦھلاءَ ۾ مسلسل حرڪت ۾ ھئس. جڏھن ماڻهوءَ جي نيڻ نھارَ ۾ سمورو منظر سمائجي وڃي ٿو ۽ جڏھن ھن جو من ان منظرَ جي ڦھلاءِ ۾ اُڏامڻ جي قابل ٿئي ٿو، تہ پھرين پھرين اُن تي اھو انڪشاف ٿئي ٿو تہ خواھشن ۽ خوابن جا جيڪي پھاڙَ ھُنَ ٽپي پار ڪرڻ ٿي چاھيا، سي تہ بنھين جيتامڙا آھن ۽ ھُن جو پنھنجو بُت جنھن جي پوڄا ڪئي ٿي وڃي، وڏا وڏا لقب دان ڪيا ٿا وڃن، اُھو تہ ڌرتيءَ تي جيتري بہ مٽي آھي، اُن ۾ محض مٽيءَ جي ذرڙي جيان آھي. ھيل تائين تہ ھُن جيڪي ڪُجهہ ماڻيو پي ۽ جنھن جي خوشفھميءَ ۾ مبتلا ٿي، ھُن ڇمڪا ڪندڙ ڇير ٻڌي ڦيريون پي پاتيون، اُھو سڀ ڪُجهہ تہ رڻ منجهہ رُڃَ جيان آھي ۽ محض چند گهڙين جي تماشبيني آھي. جنھن جي پُٺيان سھڪي سھڪي ڊوڙجي پيو، اھو تہ بند مُٺ ۾ ھوا جي وھڪري جيان آھي ۽ اُھو تہ ڪو ٻيو فھم آھي جنھن سان پرينءَ کي پسي سگهجي ٿو. ان فھم جي ڳولھا منھنجي لاءِ منھنجن لفظن ۾ ڪم کي ئي بي معنيٰ ڪري ڇڏيو.
پر شاھ سائينءَ ائين ئي ڪونہ چيو آھي تہ :
ڳولھيان ڳولھيان مَ لَھان، شالَ مَ ملان ھوت،
مَن اندر جا لوچ، مَڇَڻ ملڻ سين ماٺي ٿئي.
مان ان ڳالهہ کي في الحال اتي ئي اڻپورو ڇڏيان ٿي.
مون جڏھن سنڌيءَ ۾ سنجيدگيءَ سان ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيون ھيون، تڏھن اھو منھنجو حيرتن جو زمانو ھو. سنڌي سماج منھنجي لاءِ ھڪ حيران ڪندڙ انڪشاف ھو. ھڪ ڏينھن خوابَ مان کلي پيل اک جيان، پاڻ کي ھڪ اڻ برابريءَ واري ۽ ريتن ۽ رواجن ۾ ڦاٿل سماجَ ۾ ڏِسي، منھنجي اندر ڪائي چڻنگَ دُکڻ کان پھرين ئي مچ ٻري پيو ھو. مان بي اختيار انھيءَ مچَ ۾ سڄي جي سڄي ٽپي پيس. سڙي رک ٿيڻ کان گهڻو پوءِ خبر پئي تہ ليکڪ عام طرح سان انھيءَ مچَ کي اک سان ڏسي ۽ ان جي تپش کي سامھون کان پرکي ويھي لکندو آھي، ان ۾ ٽپي پوڻ جو تجربو ڪونھي ڪندو. ليکڪ بڻجڻ لاءِ مشاھدو کپي ٿو، تجربو بہ، پر تيستائين دير ٿي چڪي ھئي ۽ مونکي مَچَ ۾ سڙڻ ۽ رک ٿيڻ ۽ اُن رک مان ھر ھر اُٿي کڙو ٿيڻ جي ۽ ٻيھر مچَ ۾ ٽپڻ ۽ ٻيھر رک ٿيڻ جي عادت پئجي چڪي ھئي. منھنجي اندر مان ان سماج جي خلاف احتجاج، ڄڻ اُلن جيان ٿي اُلرون ڪيون. منھنجو وس نٿي پڳو تہ مان رات وچَ ۾ ان سماج کي بدلائي ڇڏيان. سڀئي تخت لوڏي ڇڏيان. سڀئي تاج مٽيءَ منجهہ رولي ڇڏيان. محمود ۽ اياز کي ھڪ ئي صف ۾ آڻي بيھاريان ۽ انقلاب جو ڳاڙھو جهنڊو سنڌي سماج جي ڇاتيءَ تي کوڙي، ھڪ نئين صبح جو اعلان ڪريان تہ، اڄ کان سڀ برابر آھن. سيد ۽ اُمتي، عربي ۽ عجمي، ڪنھن کي ڪنھن تي فوقيت ڪانھي ۽ اڄ کان ڌيئرن کي جيئرو دفن ڪونہ ڪيو ويندو. منھنجو وس نٿي پڳو تہ مان ڪيئن انھن ڪوٽن منجهہ جيئري دفن ٿيل سنڌي ڇوڪرين جا جيئرا لاشَ پنھنجن ڪُلھن تي کڻي، سڄيءَ سنڌ جي حويلين ۽ اوطاقن جا درَ کڙڪائي، انھن لاءِ زندگي ۽ آزاديءَ جي بيکَ مڱان. اھي جيئرا لاشَ مون بنھين ويجهي کان ڏٺا ۽ انھن جي اندر جي پيڙا کي ڄڻ ڇُھي بہ ڏٺو ۽ موٽ ۾ منھنجي اندر جو احتجاج ڄڻ واچوڙي جيان مونکي وڪوڙي ويو.
پر منھنجو وس نٿي پڳو.
۽ مون اُھي سموريون ڪھاڻيون لکيون جيڪي ”جلاوطن“ ۾ ڇپيون.
ھڪ ڪھاڻي ھڪڙيءَ ئي ويھَڪ ۾ سڄي رات جو اوجاڳو ڪاٽي لکي، جيڪا پوري ٿيڻ کان پوءِ اُن ٻرندڙ مچَ تي ڄڻ پاڻيءَ جو ھڪ ڇنڊو ھوندي ھئي.
جن ڏينھن منھنجي چؤڌاري منھنجا ھم عمر ٻار ڪوھ قاف جبل تي پرين ۽ بادشاھن جون ڪھاڻيون پڙھنداھئا، تن ڏينھن مون ترقي پسند اردو ادب پڙھڻ شروع ڪيو. مونکي ياد ڪونھي پر بابا ٻڌائيندو آھي تہ، يارھن سالن کن جي عمر ۾ ڪتابن جي ھڪ دڪان تي مان منٽو جي ”ڪالي شلوار“ لاءِ ضد ڪري بيھي رھيس، پر دڪان وارو ڏيڻ لاءِ تيار ئي ڪونہ ھو تہ اڃا تنھنجي عمر اھو ڪتاب پڙھڻ جي ڪونھي.
منھنجو ذھن جنھن جي ارتقا جي شروعات ترقي پسند اردو ادب سان ٿي ھئي، پنھنجي اظھار جي شروعات ۾ انھيءَ جي اثر کان بچي ڪونہ سگهيو. گهڻو اڳتي ھلي، مان انھيءَ نتيجي تي پھتيس تہ ھر ٻولي ۽ ان سان لاڳاپيل ڌرتي ۽ سماج جو پنھنجو جيڪو الڳ مزاج ٿئي ٿو، اظھار لاءِ اُن جون پنھنجيون گهرجون ٿين ٿيون. اُھي گهرجون پوريون ڪرڻ اُن ٻوليءَ جي ليکڪ جو فرض آھي. ليکڪ متاثر ڀلي ڪنھن بہ ٻوليءَ جي ادب کان ٿئي پر تخليق ۽ اظھار لاءِ اُن کي، اُن ٻوليءَ جي مٽيءَ منجهہ تخليق لاءِ پنھنجو ۽ نج پج پنھنجو ٻج ڇٽڻو پوندو، جنھن ٻوليءَ کي ھو اظھار جو ذريعو بڻائي پيو. اھو ليکڪ جي فني صلاحيتن تي آھي تہ ھو پنھنجي تخليق جو ڪلھو ٻين ٻولين جي ادب سان ڪيترو ملائي سگهي ٿو، باقي inspiration ٻج نہ پر پاڻِي آھي.
جيتوڻيڪ ”جلاوطن“ ۾ ڇپيل ڪھاڻين جو کٽيو کائڻ حرام ڪونہ ھو مون تي، انقلابي ۽ باغيءَ جا لقب برقرار رکڻ لاءِ بہ ائين ڪرڻ فطري ھو، پر منھنجو ذھن ائين ڪرڻ کان بنھين انڪار ڪري بيھي رھيو. اڃا ڪجهہ ٻيو بہ ھو جيڪو مونکي پنھنجي ذھني ارتقا لاءِ گهربل ھو. انھيءَ کان قطع نظر، تہ سماج کي بدلائڻ وارو منھنجو جنون سنڌي ادب ۽ سنڌي سماج کي ڇا ڏئي سگهيو.
مون ”ڪربلا“ جون ڪيئي ڪھاڻيون گرڀ جي حالت ۾ بيڊ ريسٽ ھئڻ دوران ليٽي لکيون (82-1981ع). مون ڊراما لکڻ جي شروعات بہ انھن ئي ڏينھن ۾ ڪئي، پر ھاڻي مان جيڪر انھن مان ڪيئي ڪھاڻين کي ٻيھر لکي سگهان يا ايڊٽ ڪري سگهان. ليکڪ جڏھن پنھنجي سوچ، مزاج ۽ ڪيفيتن ۾ ايندڙ بدلاءِ مان لنگهندو ھجي تہ اُن کي اُھو عرصو خاموش رھڻ کپي. ڇو تہ انسان جو داخلي بدلاءُ گليشئر پگهرڻ کان پوءِ پھاڙن تي پاڻيءَ جي وھڪري جيان آھي. جڏھن ڪو وڃي پھاڙن، پٿرن ۽ لاھين چاڙھين سان ٽڪرائبو، سمنڊ ۾ ڪري وڃي سمنڊ بڻجي، تيسين ليکڪ کي سمنڊ بڻجڻ جو انتظار ڪرڻ گهرجي، پر اھو انتظار ڪٿي ممڪن آھي. اُھو بہ اُن عمر ۾ جڏھن ڪُجهہ ڪرڻ ۽ ڪجهہ ڪري ڏيکارڻ ۽ پنھنجي ھر احساس کي اظھار ڏيڻ جو جنون سوار ھجي. مان پاڻ کي روڪي ئي ڪين سگهيس لکڻ کان.
مونکي لڳندو ھو تہ مون وٽ لفظن ۽ خيالن جا مَٽ ڀريا پيا آھن ۽ منھنجو وس نٿي پڳو تہ مان اھي مَٽ، سنڌ جي ڌرتيءَ تي ھاري، ھڪ ئي ڍُڪَ ۾ اُن جي اُڃ اُجهائي ڇڏيان. اھو اُھو دؤر ھو، جڏھن منھنجو من سنڌ جي ڌرتيءَ سان رومينس ڪري رھيو ھو. ان رومينس جو بيڪ گرائونڊ بہ عجيب ھو. مون سنڌ کان، سنڌي ماحول کان ۽ سنڌي ٻوليءَ کان پري اک کولي. ڪو تعلق ئي ڪونہ ھو انھن سان پنھنجائپ وارو. لفظ ”سنڌ“ ئي تہ اوپرو ھو منھنجي لاءِ. سنڌيءَ ۾ نہ ڳالهائڻ ايندو ھو، نہ سوچڻ. مان جڏھن سنڌ پھتيس تہ منھنجو ننڍڙو ذھن ڪُجهہ بہ قبول ڪرڻ لاءِ تيار ئي ڪونہ ھو. سنڌي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ڳالھ ڪرڻ وارا مونکي غدار لڳندا ھئا. منھنجي ذھني اوسر 1965ع جي پاڪ ڀارت ويڙھ واري لاھور ۾ ٿي ھئي ۽ ان ماحول جو سحر طاري ھو. ايوب خان ۽ پاڪ فوج منھنجا ھيروز ھئا ۽ اندر ئي اندر سنڌي ھئڻ جو ھڪڙو inferiority complex بہ پلجي رھيو ھو، جيڪو ڪراچي پھچڻ کان پوءِ اڃا بہ وڌي ويو، جتي ڏاڍي شرمندگي مان پنھنجي سنڌي ھئڻ جي explanation ڏيڻي پوندي ھئي.
ان کان پوءِ وقت بدليو.
عين انھن ڏينھن ۾ ھلال پاڪستان اخبار ڪراچيءَ مان نڪرڻ شروع ٿي ۽ سراج ان جو ايڊيٽر ٿيو ۽ ھڪڙي ڏينھن بابا، جنھن ننڍپڻ کان مونکي اخبار پڙھڻ جو عادي بڻايو ھو (مشرق ۽ امروز ۽ ڪراچي پھچڻ کان پوءِ جنگ) منھنجي اڳيان ھلال پاڪستان آڻي رکي، اھو چئي تہ ڪڏھن ڪڏھن ھن کي بہ پڙھڻ جي ڪوشش ڪر ۽ مون بس ھڪڙي اُڇاتري نھار اخبار تي وجهي، ان کي اُتي ئي پيل ڇڏي ڏنو ھو. پر اخبار روزانو اچڻ شروع ٿي وئي ھئي. انھن ئي ڏينھن ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٻوليءَ واري بل پٺيان وڏن شھرن ۾ سنڌي ٻوليءَ خلاف جيڪو نفرت ڀريو ماحول تيار ٿيڻ شروع ٿيو، اُن ڄڻ منھنجو رت دانگيءَ تي اُٿلائي وڌو ۽ مون آخرڪار ھلال پاڪستان ۾ پناھ ورتي ۽ پنھنجي ٻاٻاڻي ٻولي ھِجي ڪري ڪري پڙھڻ شروع ڪيم.
فھميدہ حسين ان ۾ سگهڙين سٿ جي نالي سان عورتن جو صفحو سنڀاليندي ھئي. مان جا اڳئي سنڌي سماج ۾ اُن جي ريتن رسمن تي احتجاج بڻيل ھئس، اھو صفحو ان جي اظھار جو ذريعو بڻجي ويو، پر منھنجي رنڍا روڙڻ جھڙي سنڌي؟؟ جيڪا لکڻ کان پوءِ پاڻ ئي ڪانہ سمجهي سگهندي ھيس؟؟ اُن کي ڪيئن فھميدہ re-write ڪري ڇپجڻ قابل بڻايو، اُھو تہ پنھنجي جاءِ تي، پر جي ھوءَ مون تي اھا محنت نہ ڪري ھا تہ پڪَ اڄ مان سنڌي ڪھاڻيڪارہ نہ ھجان ھا، جنھن کي اڄ بہ ’الف ب‘ پنھنجي صحيح ترتيب سان نٿي اچي.
۽ ائين مان عين سورھن سالن جي عمر ۾ پنھنجي پھرئين عشق ۾ مبتلا ٿيس ۽ ائين منھنجي اندر رومينٽسزم (romanticism) جي شروعات ڪنھن فردَ کان نہ، پر سنڌ جي ڌرتيءَ کان ٿي.
ذاتي طرح سان مان بنھين اَن رومينٽڪ (un-romentic) ڇوڪري ھوندي ھئس. صفا ڪامريڊ، ترقي پسند اردو ادب کان پوءِ مان روسي ادب کان متاثر ھيس. منھنجو من سنڌ ۾ بہ اھڙي ئي سرخ انقلاب جا خواب ڏسڻ لڳو. منھنجا خواب ۽ آدرش، سڀئي ان ڌرتيءَ سان ڳنڍجي ويا ھئا. رنگين خوابَ ڏسڻ واري عمر ۾ منھنجي دل سنڌ ۾ معاشي اڻ برابريءَ خلاف احتجاج بڻجي چڪي ھئي. منھنجو پنھنجو تعلق بہ سنڌ جي فيوڊل ڪلاس سان ھو/آھي. مٿان سيد ذات، مون سنڌ پھچڻ کان پوءِ پاڻ جھڙن انسانن کي پنھنجي سامھون پٽ تي ويٺل ڏٺو ۽ اُنھن کي جهُڪي اسان جا پير ڇھندي ڏٺم ۽ اھڙي سماج ۾ جيڪي ڪجهہ بہ ٿي سگهي ٿو، اھو جڏھن منھنجي ذاتي تجربي ۾ آيو، تہ ان سان گڏ ئي ان ماحول ۾ misfit ھئڻ جي پيڙا، دل جي رڳن ۾ ڊوڙندڙ رت ۾ ھميشہ لاءِ شامل ٿي وئي. انھيءَ پيڙا سنڌ، سان منھنجي رومينس ۾ اڃا بہ گھرائي آندي ۽ ان پيڙا ئي مون کان ’جلاوطن‘ کان پوءِ ’ڪربلا‘ جون ڪھاڻيون لکرايون.
ڀُٽي صاحب مُلڪ سڄي ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ ’اٽي، لٽي ۽ اجهي‘ جا نعرا لڳرائي مون جھڙن ڪامريڊن جي اکين ۾ جيڪي خواب ڀريا ھئا تہ اجهو ڪي اجهو اھو وقت اچڻ وارو آھي، جڏھن اسين ۽ اسان جا ھاري ھڪ ئي پليٽ ۾ ويھي کائينداسين (جڏھن اسان جو ھاري اسان سان گڏ ويھي ھڪ ئي پليٽ ۾ کائي ھا، تڏھن سماج ڪٿي بيٺل ھُجي ھا!؟؟؟) پر اھي خواب تيزيءَ سان مايوسيءَ جي دز ۾ لٽجي، مٽي بڻجي رھيا ھئا ۽ خوابن جي ’اجايو‘ ھئڻ جو احساس ڏياري رھيا ھئا ۽ ائين سگهاري احتجاج جي پيڙا ۽ مايوسيءَ جو روپ ڌارڻ پنھنجي جاءِ تي ھڪ نئون تجربو بڻجي ويو.
عام طرح سان ماڻھو چڻنگ مان مچ بڻجڻ جو تجربو ماڻي ٿو ۽ مچ ۾ سڙي رکَ ٿيڻ جي پيڙا کي پنھنجي وجود جي داخلي تجربن ۽ مشاھدن جي انت طور قبول ڪري ٿو، پر مان ڇا جڳَ کان نرالي ھيس؟؟ مان جا اک پٽيندي ئي مچ ۾ ٽپي پئي ھيس اوترو ئي تيزيءَ سان رک ٿي ويس. جڏھن ’ڪربلا‘ جون ڪھاڻيون لکي رھي ھيس تيسين اھو مچ ڪيئي ۽ اڻکُٽ چڻنگن جو روپ ڌاري چڪو ھو ۽ اھا ھڪڙي چڻنگَ منھنجي رک جي ڍير ۾ دُکي رھي ھئي. مون ’ڪربلا‘ واريون ڪھاڻيون بہ ’ڪربلا‘ ڇپجڻ کان پوءِ، وري ڪڏھن ڪونہ پڙھيون. ھڪ ٻن کان سواءِ مون کي انھن جا عنوان بہ ياد ڪونہ آھن. نہ ئي اھو ياد اٿم تہ اُنھن ڪھاڻين منجهہ ڪھڙيون ڪھاڻيون سمايل ھيون. ھا سواءِ ھڪ ٻن جي، تڏھن بہ سمجهان ٿي تہ اُنھن منجهہ جنھن شدت سان منھنجي اندر جون چڻنگون دُکي رھيون آھن، اُنھن جي فني ڪَٽ سَٽ ٿيڻ گهرجي. جيڪڏھن منھنجا پڙھندڙ اجازت ڏين، نقاد مونکي ان جي مھلت ڏين؟؟ پر جي انھن ڪھاڻين جي اھميت صرف منھنجي نالي سان منسوب ھئڻ آھي، تہ پوءِ انھن کي جيئن جو تيئن ڇڏي سگهجي ٿو. ھونئن بہ لکڻ جو شروعاتي زمانو پھرين عشق جيان ئي آھي ۽ ڄڻ تہ ھڪڙي چؤمکي لڙائي بہ آھي، جنھن ۾ سڀ ڪُجهہ جائز ھوندو آھي.
مان ھتي پنھنجي ڊراما لکڻ واري حصي جو ذڪر نہ ڪندس، جو ھڪ تہ اُنھن جو تعلق سنڌي ادب سان ڪونھي، ٻيو مان ھن وقت صرف پنھنجي ڪھاڻيءَ لکڻ واري تجربي کي اوھان سان شيئر ڪري رھي آھيان. سواءِ ٻين ڊرامن جي، ھڪ ’جنگل‘ ۽ ٻيو ’عجائب خانہ‘. جنگل سيريل منھنجي اُن احتجاج جو peack point ھيو جنھن جو مان مٿي ذڪري ڪري آئي آھيان. جيئن چؤمُکي لڙائيءَ ۾ سپاھي پنھنجي پوري سگهہ سان مُٺ ڀيڪوڙيل تلوار چئني پاسي کنوڻ جيان ڦيرائيندو ويندو آھي، ائين مون جنگل جا 20 episode لکيا ۽ انھن مان ڪيئي episodes اھڙا ھئا، جيڪي ھڪ episode ھڪ رات ۾ لکي پورو ڪيم. جنگ ۾ استعمال ڪيل ٻولي جيتوڻيڪ اردو ھئي، پر مونکي راتين جي انھن اوجاڳن ۾ ائين محسوس ٿيندو ھو ڄڻ مان انقلاب جو ڳاڙھو جهنڊو کڻي سڄي سنڌ ۾ ڪاھي پئي آھيان. ھڪ طرح سان جنگل، ’جلاوطن‘ ۾ ڇپيل ڪھاڻين جي dramatization پڻ ھئي.
پر منھنجي دل منھنجي ذھني ارتقا لاءِ، اڃا بہ ڪجهہ ٻيو ڳولھي رھي ھئي. جنگل جي موٽ ۾ مليل ڇتي شھرت بہ منھنجي دل کي مطمئن نہ ڪري سگهي ۽ نہ ئي منھنجي اُھا اُڃ اُجهائي سگهي، جيڪا مون کي ڄڻ رڻ منجهہ رُڃ پٺيان لاڳيتو ڊوڙائي رھي ھئي. مون ان شھرت جي لذت ڪڏھن بہ چکي ڪانہ ڏٺي، پر ايترو ڪجهہ ٿي گذرڻ کان پوءِ بہ سڀ ڪجهہ جيئن جو تيئن ھو. سنڌ جي سينڌ ۾ اڃا تائين واري اُڏامي رھي ھئي ۽ سنڌي سماج اڃا تائين ڦاسي گهاٽَ جو منظر پيش ڪري رھيو ھو.
’رڻ ۽ رُڃ جو اتھاس‘ ۾ ڏنل ڪھاڻيون مون پنھنجي لاشعور تي شعور جي سوڀ جي ڪوشش ۾ لکيون، ھڪ ساھيءَ ھڪ ٻي جي پٺيان. انڪري ’رڻ ۽ رُڃ جو اتھاس‘ ۾ ڇپيل ڪھاڻيون منھنجي شعوري ڪوشش ھيون. منھنجو خيال ھو تہ مونکي فني perfection يا purity جي ضرورت آھي. مان ڪھاڻيءَ جي فن کي پنھنجيءَ گرفت ۾ آڻڻ چاھيان ٿي، پر ھن ڀيري بہ اھو ئي ٿيو. مون وري ڪڏھن انھن ڪھاڻين ڏانھن اک کڻي نھاريو بہ ڪونہ. دل ۽ دماغ چيو تہ نہ اڃا بہ ڪجهہ ٻيو. اڃا بہ ڪجهہ ٻيو. اڄ مون کي ’رڻ ۽ رُڃ جو اتھاس‘ ۾ ڇپيل ڪھاڻين جا بہ، نہ عنوانَ ياد آھن، نہ اھو تہ انھن ڪھاڻين منجهہ ڪھڙيون ڪھاڻيون ھيون. انھن ڪھاڻين جا ٻين ٻولين ۾ ڪيل ترجما، ڪڏھن منھنجي سامھون آيا بہ، تہ مون حيرت مان انھن کي پڙھندي سوچيو تہ ڇا واقعي ھي مون لکيو آھي؟؟ ’رڻ ۽ رڃ جو اتھاس‘ جون ڪھاڻيون milestone جيان ثابت ٿيون، جن تي منھنجي ڪھاڻيءَ جو سفر بظاھر ڄڻ پنھنجي پُڄاڻيءَ تي پھتو. اھو ھو نتيجو شعوري ڪوشش سان ھٿ چراند جو. جيتوڻيڪ اڄ مان انھيءَ نتيجي تي پھتل آھيان تہ منھنجيون سموريون تخليقي صلاحيتون، در اصل منھنجي لاشعور مان نسرجن ٿيون. مونکي پنھنجي شعور تي ڪڏھن بہ سوڀ حاصل نہ رھي آھي ۽ مان سچ پچ تہ اڪثر پنھنجي لاشعور جي وھڪري تي حيران بہ ٿي ويندي آھيان. منھنجي شعوري observation کان منھنجي لاشعوري imagination ڪيڏي نہ strong رھي آھي، جو مان پاڻ ئي انھيءَ جي گھرائين ۽ وسعتن کان گهٻرائجي ويندي آھيان.
پر لا شعور ڇو جو ماڻھو جي بنھين داخلي ڪيفيت آھي انڪري مون انھيءَ ڪيفيت کان لاڳيتو پاڻ ڇڏرائڻ جي ڪوشش پي ڪئي. مون پنھنجو لاشعور پنھنجي پڙھندڙ سان share نٿي ڪرڻ چاھيو. منھنجو خيال ھو تہ اھا ماڻھوءَ جي/منھنجي ذاتي ملڪيت آھي. ھونءَ بہ نفسياتي طرح سان لاشعور ماڻھوءَ جي اندر پاتالَ جيان آھي، جنھن ۾ ھو مسلسل ھيٺاھينءَ ڏانھن لھندو وڃي ٿو. پيڙا ۽ اضطراب ھيٺاھينءَ جون ڪيفيتون آھن ۽ فطري طرح سان ماڻھو پنھنجي ھيٺاھينءَ ڏانھن ويندڙ سفر کي لڪائي رکڻ ٿو چاھي. ٻين کان بہ ۽ پاڻ کان بہ. ان جي ابتڙ مٿاھينءَ ڏانھن پنھنجي شعور جي اُڏام کي ئي foreground ۾ رکي ٿو. اُنھيءَ تي ئي قناعت ڪندي انھيءَ کي ئي پنھنجي ڪل حاصلات بڻائي ٿو. شايد اسان جنھن سماج جا فرد آھيون انھيءَ جي تنگ نظري بہ ان جو ڪارڻ ھجي. پر مان، جا پنھنجي اظھار لاءِ ’ڪجهہ ٻي‘ جي ڳولھا ۾ ائين ڀٽڪيس پي، انھيءَ کي ھڪ طويل عرصو اھا خبر ڪانہ پئجي سگهي تہ ماڻھو/ليکڪ جو وجود محض روح جو قيدخانو ڪونھي. ڪائنات جو جيڪو ڦھلاءُ، اسين زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ ڳولهيون ٿا، اُھو ڦھلاءُ دراصل آھي ئي وجود جي اندر. ڌرتي بہ وجود جو اندر آھي. ماڻھو بہ وجود جي اندر آھي. سماج بہ وجود جي اندر آھي. لاشعور انھن کي observe نٿو ڪري، absorb ٿو ڪري. مان اڄ بہ اصولي طور مڃان ٿي تہ لاشعوري طرح سان تخليق منجهہ ڪيڏي بہ گھرائي ڇونہ لٿل ھجي، پر انکي سگهاري فني گهاڙيٽي جي شعوري ضرورت ھوندي آھي. ان کان سواءِ تخليق پنھنجي لاءِ ڪابہ جاءِ والاري نٿي سگهي.
’رڻ ۽ رڃ جو اتھاس‘ کان پوءِ ڪھاڻي انھيءَ ڪشمڪش ۾ مون کان آخرڪار بظاھر ڇڏائجي وئي، جيتوڻيڪ خاموشيءَ واري انھيءَ عرتصي ۾ ڪجهہ ڪھاڻيون لکيم بہ ۽ انھن مان ڪجهہ ڇپيون بہ. ’ڪيڏارو‘ انھن مان ھڪ ھئي. ’ڪيڏارو‘ پڻ ھڪ تجربو ھو. شھر جي ٻرندڙ حالتن جي ڪري ھر ھر شھر کان ڳوٺ ڏانھن ڀڄڻ ۽ گهر مٽائڻ ۽ راڪاس گهُمي ويل راتين ۾ ٻن معصوم مائٽن جي مارجي وڃڻ ۽ اھڙين حالتن ۾ منھنجي اندر پلجندڙ خوف، مان جا ٽن ٻارن جي ماءُ بڻجي چڪي ھئس، ھڪ ليکڪا کان بہ وڌيڪ ھڪ ماءُ جي حيثيت ۾ مون ان خوف کي observe ڪيو ۽ absorb بہ ۽ انھيءَ خوف کي مون ناول جو روپ بہ ڏيڻ چاھيو، پر افسوس اھو ناول بہ اڻپورو ئي پيو آھي.
۽ ائين ڪھاڻي ئي مون کان رڳو ڪانہ ڇڏائجي وئي ھئي، مون ٽي وي ڊرامو بہ نہ لکڻ برابر پي لکيو. لکيم بہ تہ ڪنھن نہ ڪنھن دوست پروڊيوسر جي مجبور ڪرڻ تي. بحيثيت ليکڪا جي پنھنجي ’ھئڻ‘ جو احساس ڏيڻ لاءِ مون پنھنجي اُن شاعريءَ کي بہ مجموعي جي صورت ۾ ڇپرايو، جيڪا مون ڪڏھن ڪڏھن اُن صورت ۾ پي ڪئي، جڏھن پنھنجي ڪنھن احساس کي ڪھاڻيءَ جو روپ نہ ڏئي سگهندي ھئس. منھنجي شاعري منھنجي لاشعور مان اٿندڙ احساسن جو اظھار ھئي. انڪري ئي شايد مون ان کي گهڻو عرصو ڊائرين ۾ سنڀالي رکيو ھو ۽ اڄ بہ ائين ئي آھي.
پاڻ تي پنھنجين لاشعوري ڪيفيتن جا دروازا بہ مون ايڏو آسانيءَ سان ڪونہ کوليا ھئا. مون لکڻ ڇڏيو ئي اھو سوچي تہ ان لکڻ مان ڇا حاصل ٿيڻو آھي ۽ مان جيڪي ڪجهہ ھاڻي محسوس ڪري رھي آھيان يا رک ٿيڻ کان پوءِ اُنھيءَ رکَ مان ٻيھر اُٿي جنھن مچَ تي ھاڻ مان پنھنجا ھٿَ سيڪيان پئي، انھيءَ جي تپش جي جيئن منھنجي اندر لفظن جو روپ ڌاري پئي ڇا انھيءَ کي مان لکي سگهان ٿي؟ جنھن لاءِ مونکي پڪ ڪانھي تہ جي مون لکيو بہ تہ منھنجن پڙھندڙن ۽ نقادن کي اھو منھنجي نالي سان قبول ھوندو بہ يا نہ. مان جا انقلابي، باغي، قومپرست ۽ مھان جي پھاڙ جيڏھن لقبن ھيٺ ’دفن‘ ڪئي وئي آھيان. انھيءَ جي لکيل داخلي ڪيفيتن کي ڪائي مڃتا ملندي بہ يا نہ. ان سان گڏ ئي ھوريان ھوريان مڃتا ماڻڻ جي خواھش پاڻ ئي پاڻ ختم ٿيڻ لڳي.
اھي 1995ع ۽ اُن کان پوءِ وارا سالَ ھئا. اھا خواھش ختم ٿيڻ کان پوءِ ئي خبر پئي تہ سڄي خرابي مڃتا ماڻڻ جي انھيءَ خواھش ۾ رکيل آھي، جيڪا اُھو تخليق ٿيڻ نٿي ڏي، جيڪو تخليق ٿيڻ لاءِ ڪنھن بہ تخليقڪار جي اندر رکيو ويو آھي ۽ انھيءَ ۾ ھُن جي مرضيءَ جو ڪوبہ دخل ڪونھي. جيئن ھُن پنھنجي چھري جا نقش پنھنجي لاءِ پاڻ نہ چونڊيا آھن، بلڪل ائين ھُن کي پنھنجي inner self جي ڊزائيننگ تي بہ ڪو اختيار ڪونھي.
ان کان پوءِ سڀ کان پھرين مون جيڪا شيءَ لکي اُھا منھنجي اردوءَ ۾ لکيل اٺن episodes جي ڊراما سيريل ’عجائب خانہ‘ ھئي. عجائب خانہ جو منھنجي سنڌي ڪھاڻيڪار ھئڻ سان ڪوبہ تعلق ڪونھي. پر مان ھتي اُن جو ذڪر ڪندي ھلان. عجائب خانہ لکندي مون تي لکڻ جي ڪيئي ڪيفيتن جو انڪشاف ٿيو، جيڪي منھنجي لاءِ نيون ۽ حيران ڪندڙ ھيون. مون ڊرامي جي مخصوص ٽيڪنيڪ کي ھڪ پاسي رکي پنھنجي لاشعور جي وھڪري کي آزاد ڇڏي ڏنو. مان پنھنجين داخلي ڪيفيتن جي شدتن ھيٺ جنھن طرح سان دٻجي رھي ھيس انھيءَ ۾ مون کي ائين ڪرڻو ئي پئجي ويو، نہ تہ شايد تن ڏينھين ئي قرة العين حيدر جو ’گردشِ رنگ چمن‘ پڙھي مونکي اھو بہ خيال آيو ھو تہ ليکڪ کي پنھنجي داخلي ڪيفيتن جي اظھار لاءِ ايڏي تڪڙ نہ ڪرڻ کپي. سمنڊ بڻجڻ جو انتظار ڪرڻ گهرجي. ’عجائب خانہ‘ جو اسڪرپٽ لکندي مونکي پھريون ڀيرو خبر پئي تہ ليکڪ جي دل اُن جي لفظ لکندڙ آڱرين ۾ بہ ڌڙڪندي آھي ۽ اُنھن لفظن کي ڏسندڙ اکين ۾ بہ ۽ پنھنجن ئي لفظن تي ليکڪ جا پير بہ پگهرجي ويندا آھن. ليکڪ جي اندر جي ڪيفيتن جو سمنڊ ڪيئن ڇُلي ۽ ڇوليون ھڻي ٿو ۽ اھي ڪيفيتون ڪيئن پاڻ ئي پاڻ، بنا ليکڪ جي ڪنھن شعوري ڪوشش جي ان کان پنھنجي اظھار لاءِ لفظ ماڻين ٿيون. پيڙا ڪيئن قلم ۾ مس جو روپ ڌاري ٿي ۽ خيال ڪيئن نازل ٿئي ٿو. ڪيئن قلم پٺيان رھجي ٿو وڃي ۽ ڪيفيتون ۽ لفظ ان کان پاڻ ڇڏائي لاشعور کان شعور ڏانھن اُٿل کائين ٿا. ڪيئن ليکڪ سڀ ڪجهہ لکي لاھڻ کان پوءِ بہ اڻ ڄاڻ ۽ حيران رھجي ٿو وڃي تہ ھُن کان ڇا لکجي ويو آھي ۽ انڪشاف ٿئي ٿو تہ ھُن جي اندر لکڻ وارو ڪو ٻيو آھي، جيئن ماڻھوءَ جي اندر ڪنھن ٻي روح جي سمائجي وڃڻ جو ڪانسيپٽ آھي ۽ الاءِ ڇا ڇا.
ڊرامي جي فيلڊ اڳتي ھلي منھنجو پروفيشن بڻجي ويندي ائين مون ڪڏھن سوچيو بہ ڪونہ ھو ۽ انھيءَ ۾ ڪو شڪ بہ ڪونھي تہ ان سان منھنجو ڪھاڻيڪارہ جي حيثيت ۾ ڏاڍو نقصان بہ ٿيو آھي. پر ڇا واقعي ڪھاڻي لکڻ ڇڏي مون سنڌي ڪھاڻيءَ سان بہ زيادتي ڪئي آھي؟؟ الاءِ! پر مان ھاڻي نئين سري کان لکڻ چاھيان ٿي. نئين سري کان ۽ پنھنجي مرضيءَ سان پنھنجي پاڻ کي اظھار ڏيڻ لاءِ. داد ۽ لقبن کان پاسيري ٿي، ھنگامي سان نہ. خاموشيءَ سان. اسٽيج تي ويھي نہ. ھال جي سڀ کان پٺين قطار ۾ پيل خالي ڪرسين مان ڪنھن ھڪ تي ويھي.
بھرحال.... ....
ھي ڪتاب نصير مرزا جي پيار ۽ پنھنجائپ جو نتيجو آھي، نہ تہ شايد ممڪن ئي نہ ھو. شايد ٻن سالن کان تہ نصير وٽ منھنجن ٻن لفظن جي انتظار ۾ پيو رھيو ۽ شايد ان کان بہ ٻيا ٽي سال پھرين کان منھنجي لاتعلقيءَ جي ڪري پبلشر وٽ پيو رھيو.
ھي ڪُجهہ لفظ انھيءَ اميد سان ختم ڪريان ٿي تہ شايد مان ۽ ڪھاڻي پاڻ ۾ وري ھڪ ٿي سگهون، ڇو تہ پنھنجي فطرت ۾ مان آھيان ئي ڪھاڻيڪار. پنھنجن خيالن ۾ بہ. پنھنجن خوابن ۾ بہ. پنھنجي مزاجَ ۾ بہ. منھنجي اندر ھڪ طويل ۽ اڻکُٽ ڪھاڻي پاڻمرادو پئي اُڻبي آھي ۽ مان پنھنجي اندر ۾ انھيءَ ڪھاڻيءَ جي چؤڌاري ڌرتيءَ جيان پئي چڪر ڪاٽيندي آھيان.
۽ ھاڻي مان انھيءَ ڪھاڻيءَ کي لکڻ چاھيان ٿي.
نُورالھديٰ شاھ
15 نومبر، 2005ع، حيدرآباد