ڪتاب جِي فھرست

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ ڊرامانگار  نورالھدا شاھہ جي ڪھاڻين جي چئني مجموعن جي گڏيل ڪھاڻي ڪُليات  ”ڪيڏارو“ اوھان اڳيان پيش آھي.
نورالھدا شاھہ حاضر دور ۾ ننڍي کنڊ ۾ بحيثيت ڪھاڻيڪار ڪماليت جي درجي تي پھتل ليکڪا آھي. ڪيڏارو سنڌ خاص ڪري حيدرآباد ۾ ٿيل لساني فسادن جي پسمنظر ۾ لکيل افسانو آھي جنھن کي شاھڪار افساني جي حيثيت حاصل آھي. ھي ڪھاڻي ڪليات نورالھدا شاھہ جي ٽيھہ سالا ادبي سفر جو ثمر آھي. سندس ڪُل ڪھاڻين جي ھن مجموعي ۾ سندس ڪھاڻي ڪتابن ”جلاوطن، ڪربلا، رڻ ۽ رڃ جو اتھاس ۽ ڪيڏارو“ ۾ شامل 43 ڪھاڻيون شامل آھن. 
ھي ڪتاب 2006ع  ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي صاحب خان سورھہ ميراڻيءَ  جي سھڪار سان اوهان سان شيئر ڪجي ٿي.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ