ڪجهه ڳالهيون
مون کي اها ڳالهه ڪالهه جي ٿي لڳي جو ايس ٽي پي مان عليحدگيءَ کانپوءِ گهڻي حد تائين مايوس ۽ پريشان رهندو هو. هن سموري حياتي صرف سياست کي ئي پنهنجو محور سمجهيو. سياست هن جي زندگيءَ جو اهم حصو رهي. هن جي پريشاني ڏسي هڪ ڏينهن چيومانس ته توهان پنهنجي آتم ڪٿا لکو جنهن ۾ پنهنجي سموري زندگيءَ جون حاصلات، پريشانيون ۽ غلطيون لکو. ان وقت اسان جي وڏي پٽ علي رضا جنهن ڪڏهن به سياست ۾ دلچسپي نه ورتي هئي چيو ته بابا منهنجي خيال ۾ توهان پنهنجو سياسي سفر لکو، ۽ ان ۾ پنهنجي سموري حاصلات ۽ غلطيون لکو. هن جي ڳالهه علي حسن ايئن قبول ڪئي جيئن هر پيءُ پنهنجي اولاد جي خواهش پوري ڪندو آهي. علي حسن جو سياسي سفر روزاني عوامي آواز جي هر آچر واري مئگزين ۾ ڇپجندو رهيو ۽ اسان هر آچر تي صبح جي وقت ان کي پڙهندا هئاسين. هڪ ڏينهن علي حسن چيو ته سياسي سفر پورو ٿئي ته ان کي ڪتابي شڪل ۾ ڇپرائيندس....تنهن تي مان کلي چيومانس ته علي حسن سياسي سفر جي مڪمل ٿيڻ تائين علي رضا جي نوڪري به ٿي ويندي ۽ علي رضا هي ڪتاب توکي گفٽ ڪندو، مون کي خبر ڪانه هئي ته مالڪ سائين ٻڌو پئي.....اسان زندگي جا 26 سال گڏ گذاريا. جڏهن سياسي سفر جي شروعات ٿي ته ايئن لڳندو هو ڄڻ اسان جو سفر وري شروع ٿيوآهي. اسان جڏهن به گڏجي ويهي لکندا هئاسين ته لڳندو هو ته ڄڻ پراڻو وقت وري واپس آيو آهي. پاڻ جڏهن بيماريءَ ۾ 17 هين قسط لکي پيو ته تمام تيز بخار ٿي پيس ڪمزوري سبب لکي نه پئي سگهيو آهستي آهستي ڪري لکيائين ۽ باقي نوٽس مون کان لکرايائين شايد هن کي خبر پئجي وئي هئي ته سفر هاڻي پنهنجي پڄاڻي تي پهچڻ وارو آهي. منهنجي خيال ۾ علي حسن پنهنجي غلطين جا اعتراف ڪري، پنهنجي سياسي فڪر ۽ بردباريءَ جو مظاهرو ڪيو آهي. ڪاش هن جو سفر جاري رهي ها ۽ اڄ هو پاڻ پنهنجو ڪتاب دوستن ۾ ورهائي ها.
نازنين علي حسن چانڊيو