آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

منهنجو سياسي سفر

ھن ڪتاب ۾ علي حسن پنھنجي 30 سالا سياسي سفر جون يادگيريون لکيون آهن، جيڪي کاٻي ڌر جي سياست کان وٺي قومپرست سياست تائين جون آهن. علي حسن سنڌ جي سياست جي باريڪ بينين کي گھِرائي سان پيش ڪيو آهي ۽ ڪيترائي اڻ جوابيل سوال پڻ ڇڏيا آھن جن جا جواب اسان سڀني کي ڳولھڻا آهن. علي حسن چانڊيو سنڌ جو اهو نھٺو، بردبار ۽ پاڻ ارپيندڙ قومي ڪارڪن هو، جنھن پنھنجي جوانيءَ جا خوبصورت ڏينھن جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ گهاريا، سدائين سفر ۽ جدوجھد ۾ رهيو، نہ ڪڏهن ٿَڪو ۽ نہ ڪڏهن مايوس ۽ نہ ئي ڪنھن کي ڏوراپو ڏنائين. 

Title Cover of book منهنجو سياسي سفر

معطلي ۽ سبب ڄاڻايو نوٽيس جو جواب

معطلي ۽ سبب ڄاڻايو نوٽيس جو جواب

محترم ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ
سيڪريٽري جنرل
سنڌ ترقي پسند پارٽي
۽ سينٽرل ڪميٽي
تاريخ: 31 مئي 2011ع

عنوان: معطلي ۽ سبب ڄاڻايو نوٽيس جو جواب

26 مئي 2011ع تي ايس ٽي پي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل جي صحيح سان جاري ٿيل معطلي ۽ سبب ڄاڻايو نوٽيس مليو، جنهن جو جواب ڪجهه هن ريت ڏجي ٿو.
نوٽيس جي ابتدا م چيو ويو آهي ته پارٽي قيادت گذريل چند مهينن کان اهو محسوس ڪندي رهي آهي ته اوهان بحيثيت ميمبر سينٽرل ڪاميٽي ۽ وائيس چيئرمين، پارٽي جي نظرياتي لائين ۽ تنظيمي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪندا رهيا آهيو ۽ پوءِ پارٽي ادارن ۽ گڏجاڻين ۾ زباني معذرت ڪندا رهيا آهيو.
سڀ کان پهرين ڳالهه ته آءٌ بحيثيت وائيس چيئرمين قيادت جو حصو رهيو آهيان ۽ ان سڄي عرصي دوران ڪهڙي پارٽي قيادت ۽ ڪهڙي مرحلي تي منهنجي پاران ڪيل نظرياتي لائين ۽ تنظيمي اصولن جي ڀڃڪڙين جي نشاندهي ڪئي وئي ۽ مون ڪهڙي اداري ۾ ڪهڙي غلطي جي معافي ورتي آهي؟ ان لاءِ آءٌ ايترو چوندس ته مٿيون الزام مڪمل طور تي مفروضن تي ٻڌل آهي ۽ هي تعصب پرستي ۽ ڪنهن مخصوص ماڻهو جي راءِ کانسواءِ ڪجهه به نه آهي. جيڪڏهن ايئن ناهي ته پوءِ ادارن جي ميٽنگس جو منٽس بڪ موجود آهي ۽ ان کي آڏو رکي ٻڌايو وڃي ته مون ڪهڙي اداري اندر ڪهڙين غلطين جي معذرت ڪئي آهي. ٻي صورت ۾ آءٌ مٿيون الزام بي بنياد تصور ڪرڻ جو حق رکان ٿو.
1) مون تي الزام آهي ته اپريل 2011ع ۾ ڪراچي، پارٽي تنظيم جي انتشار جي بابت سيڪريٽري جنرل ٽي دفعا مون سان رابطو ڪيو پر مون پنهنجو ڪردار ادا نه ڪيو، جيڪو پڻ بي بنياد الزام ۽ سيڪريٽري جنرل پاران پنهنجي ذميوارين کان انحراف کانسواءِ ڪجهه نه آهي. سڀ کان پهرين سيڪريٽري جنرل صاحب کي پارٽي جو آئين پڙهڻ گهرجي، جنهن ۾ اهو واضح ڪيل آهي ته سيڪريٽري جنرل جي ذميواري ۾ شامل آهي ته ڪنهن به علائقي ۾ تنطيمي بحران پيدا ٿئي ٿو ته هو لاڳاپيل تنظيم جي اڳواڻ سان سڌو رابطو ڪري ۽ معاملن کي بهتر ڪري پر ان جي ابتڙ سيڪريٽري جنرل صاحب کي ڇهن مهينن دوران هڪ ڀيرو به اها زحمت نه ڪرڻي پئي ته هو ڪراچي جي تنظيمي بحران کي حل ڪري. سيڪريٽري جنرل صاحب تنظيمي انتشار بابت مونکي چوڻ بجاءِ ڊي سي او (جيڪو تنظيمي معاملن جو ذميوار آهي) سان سڌو رابطو ڇو نه ڪيو؟ ان جي وضاحت سيڪريٽري جنرل صاحب کي پاڻ ڪرڻ گهرجي ته هن مون کي ڪهڙي آئين تحت چيو يا سيڪريٽري جنرل پنهنجي ذميوارين کان جان آجي ڪرائڻ پئي گهري؟ ان سڀني ڳالهين جي باوجود پارٽي جي بهتري/مفادن کي نظر ۾ رکندي مون مٿي ڄاڻايل مسئلي بابت ڊي سي او ڪراچي ڪامريڊ حسن سمون سان ڳالهايو هو ۽ مزڪوره بحران/انتشار بابت سينٽرل ڪاميٽي جي اجلاس ۾ پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. تنهن ڪري نه ته مون ڪن لاٽار ڪئي ۽ نه ئي وري مٿين سبب جي ڪري آدمشماري مانيٽرنگ ۽ پارٽي سرگرميون متاثر يا بند رهيون. مون کي سيڪريٽري جنرل صاحب جي ڄاڻ تي رحم اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته ايس ٽي پي ڪراچي ۾ گهر شماري مانيٽرنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جنهن جو ثبوت مختلف ٽي وي چينلز جي فوٽيجز يا اخباري خبرن/رپورٽس مان ملي سگهي ٿو. باقي جيڪي فرد پنهنجي سوچ ۽ عمل ۾ سياسي ڪارڪن ئي ناهن ته اهي ڪهڙي سرگرمي ڪندا؟ اهڙن فردن پاران سرگرم نه ٿيڻ جو ذميوار آءٌ نه پر وري به سيڪريٽري جنرل ئي ٿئي ٿو، ڇو ته آئيني طور هو ئي تنظيمي معاملن جو انچارج آهي. سيڪريٽري جنرل کي گهرجي ته هو کانئن پڇاڻو ڪري ۽ قصورار جي خلاف تنظيمي ڪارروائي ڪري. جيستائين پارٽي سرگرميون اڃا تائين بند هجڻ جو سوال آهي ته اهو ڊي سي او ڪراچي ڪامريڊ حسن سمون کان پڇيو وڃي ته ڪراچي اندر پارٽي سرگرميون جاري آهن يا نه. ان سلسلي ۾ مون تي الزام هڻڻ بي بنياد ٿيندو.
(ب) نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته آءٌ ڄاتل سڃاتل پارٽي مخالفن سان انتهائي ويجها لاڳاپا رکندو آيو آهيان ۽ ان حوالي سان پارٽي ساک کي پهچندڙ نقصان بابت مونکي نشاندهي به ڪئي وئي.
جيتوڻيڪ نوٽيس ۾ اهو ناهي ڄاڻايو ويو ته آءٌ ڪهڙين پارٽي مخالف ڌرين سان ويجها لاڳاپا رکندو آيو آهيان، پر تنهن هوندي به ان ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ته مون ڪنهن به پارٽي مخالف ڌر سان ويجها لاڳاپا ناهن رکيا ۽ نه ئي ان متعلق ڪڏهن مون کي اهڙي ڪا نشاندهي ڪئي وئي آهي.
تنهن ڪري اهو هڪ بي بنياد الزام کانسواءِ ڪجهه ناهي جي ان ۾ ڪا سچائي هجي ها ته سبب ڄاڻايو نوٽيس ۾ واضح ڪري انهن پارٽي مخالف ڌرين جي نالا ڄاڻايا وڃن ها، جن سان مان لاڳاپا رکندو آيو آهيان. ان الزام جي بي بنياد هجڻ جي اها به هڪ وڏي ثابتي آهي جو هتي الزام ته لڳايو ويو آهي پر هڪڙي به پارٽي مخالف ڌر جو نالو ناهي ڄاڻايو ويو. تنهن ڪري آءٌ اهو چوڻ ۾ عار محسوس نٿو ڪريان ته اهي هٿ ٺوڪيا الزام هڻي سبب ڄاڻايو نوٽيس جو پيٽ ڀريو ويو آهي.
(ت) نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي (AMC) طرفان 30 اپريل جي ڦيٿاروڪ هڙتال جي سلسلي ۾ مان پارٽي چيئرمين سان مشوري کانسواءِ پيرپاڳاري، عرفان الله مروت ۽ اي اين پي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون، جڏهن ته ان سلسلي ۾ مون کي ڪا به رسمي ذميواري سونپيل نه هئي.
مٿي بيان ڪيل صورتحال کي واضح ڪرڻ لاءِ آءٌ اهو چوندس ته مان پارٽي چيئرمين جي هدايتن ۽ سيڪريٽري جنرل (جيڪو آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي جو سيڪريٽري پڻ هو) جي ڪيترائي ڀيرا چوڻ تي ڪراچيءَ ۾ گهر شماري جي معاملي تي انتهائي سرگرم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهيان. پير پاڳاري ۽ عرفان مروت سان ملاقاتن کان اڳ ۾ به ڪيترين ئي گڏجاڻين ۾ پارٽي جي نمائندگي ڪندو رهيس، جيڪڏهن مون کي رسمي ذميواري سونپيل نه هئي ته پوءِ ان وقت پارٽي کي خيال ڇو ڪو نه آيو ته مون کي انهن گڏجاڻين ۾ شريڪ نه ٿيڻ گهرجي؟ انهيءَ سڄي سرگرمي تي اعتراض ڇو نه ڪيو ويو؟
منهنجي ڄاڻ موجب پارٽي گهر/آدمشماري کي سنڌي عوام جي زندگي ۽ موت جو مسئلو سمجهي ٿي، تنهن ڪري ان سلسلي ۾ مٿي ذڪر ڪيل ڌرين سان ملڻ ۽ انهن جي گهرشماري معاملي تي قومپرستن جي موقف جي حمايت ڪرڻ سان سنڌ ۽ سنڌي قوم جو نقصان ٻڌايو وڃي؟ باقي سائين جن جي معلومات لاءِ آءٌ واضح ڪندو هلان ته اي اين پي سان آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي جي ملاقات ۾ مان شامل نه هيس.
سبب ڄاڻايو نوٽيس ۾ 17 مئي 2011ع تي نوازشريف کي ترقي پسند هائوس تي پارٽي چيئرمين طرفان ڏنل مانجهاندي بابت تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري مان ان جو جواب/وضاحت پڻ تفصيل سان ڪرڻ چاهيان ٿو.
17 مئي 2011ع تي نوازشريف ڊاڪٽر صاحب جي دعوت تي ترقي پسند هائوس تي آيو، ان سلسلي ۾ پارٽي قيادت/سينٽرل ڪاميٽي کي اڳواٽ اعتماد ۾ نه ورتو ويو. هي دعوت عام قسم جو مانجهندو نه پر نظرياتي، سياسي طرح سان حڪمت عملي جو بنياد وجهندڙ دعوت هئي، جنهن جو اقرار خود ڊاڪٽر صاحب پنهنجي مختلف بيانن ۾ نوازشريف سان ٿيل ملاقات کي سنڌ ۾ نئين سياسي صف بندي قرار ڏئي ڪيو آهي. ان ڪري مان سمجهان ٿو ته اهڙي قسم جي گڏجاڻين/ملاقاتن/صف بندين کان پهريان پارٽي ادارن اندر تفصيلي بحث ڪري سموري قيادت کي اعتماد ۾ وٺي پوءِ ڪا پيش رفت ڪرڻ گهرجي.

نواز شريف معاملي تي پارٽي اندر پيدا ٿيل صورتحال جو پس منظر ڪجهه هن طرح آهي:
16 مئي 2011ع تي رات جو ساڍي نائين وڳي مقدمو اخبار جي عيوضي مون سان رابطو ڪيو ۽ نواز شريف جي سنڌ جي دوري بابت منهنجي راءِ معلوم ڪئي، مون کيس ٻڌايو ته نوازشريف وٽ سنڌ کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي، هن پاران قومپرستن سان ملڻ ۾ ڪو فرق نه پوندو پر عقلمند قومپرست قيادت نئين صف بندي ۾ نواز شريف سان گڏ نه بيهندي. اهو هڪ تجزياتي بحث هو جيڪو بعد ۾ هن ڪجهه ٽوڙي مروڙي منهنجو بيان ڪري هلائي ڇڏيو. ان جي مون کي خبر تڏهن پئي جڏهن ڊاڪٽر حميد ميمڻ مون کي فون ڪري چيو ته ڇا نواز شريف معاملي تي تو بيان ڏنو آهي؟ مون جواب ۾ نه چيو پر هن ٻڌايو ته منهنجي نالي سان اهڙو بيان قدمو اخبار ۾ شايع ٿيل آهي ان کانپوءِ مون مقدمو اخبار گهرائي ڏٺي ته ان ۾ مذڪوره بيان ڇپيل هو. ان سڄي صورتحال 17 مئي 2011ع واري نواز شريف سان گڏجاڻي واري پروگرام کي سبوتاز ڪرڻ جو منهنجو ڪو به ارادو ڪو نه هو جيڪڏهن منهنجو ڪو اهڙو مقصد/منصوبو هجي ها ته آءٌ پريس ڪانفرنس يا گهڻي پڙهيون ويندڙ اخبارن يا ٽي وي چينل وارن کي پريس رليز جاري ڪيان ها، پر جيئن مان مٿي چئي چڪو آهيان ته منهنجو اهڙو ڪو به مقصد نه هو، اهو صرف ۽ صرف هڪ تجزياتي بحث هو. جيئن ته ٻئي ڏينهن 18 مئي 2011ع تي پارٽي جي مرڪزي ڪابينا جو اجلاس رکيل هو ۽ مون سوچيو ته سڀاڻي واري اجلاس ۾ ان معاملي تي ڳالهائينداسين ۽ جي ضرورت پئي ته ان بيان جي وضاحت ڪئي ويندي، پر ان کان اڳ روايتي طرح سان ڊاڪٽر صاحب ڪاوڙ ۾ اچي مون کي وائيس چيئرمين جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو جنهن جو اطلاع مون کي جوائنٽ سيڪريٽري طرفان فون ذريعي ڏنو ويو، جنهن چيو ته هاڻي اوهان وائيس چيئرمين ناهيو رهيا، مون کيس چيو ته 24 ڪلاڪ انتظار نٿا ڪريو، سڀاڻي ان معاملي تي تفصيلي ڳالهائينداسين، جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته ڊاڪٽر صاحب جو حڪم آهي ۽ پوءِ موٽ ۾ کيس چيو ته جي ڊاڪٽر صاحب جو حڪم آهي ته اکين تي قبول آهي.
ڇاڪاڻ جو اڳ ۾ به ڊاڪٽر سومار متعلق اهڙو ئي هڪ طرفو فيصلو ٿي چڪو هو، تنهن ڪري هڪ ڪارڪن اهڙا سربراهي فصيلا قبول ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڇا ٿو ڪري سگهي. ادارن جي ته اهميت پاڻ وٽ رهي ڪانهي.
1) جڏهن نوازشريف لنڊن ۾ ڪانفرنس ڪوٺائي هئي ته اهو دور مشرف جي آمريت وارو دور هو ۽ ان وقت پاڪستان جون سموريون پارٽيون (ايم ڪيو ايم ۽ مشرف پاران جوڙيل ق ليگ کي ڇڏي) ان ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيون ۽ ان وقت ايس ٽي پي پاران پڻ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ايس ٽي پي جو وفد لنڊن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو جنهن جي نتيجي ۾ آءٌ چيئرمين صاحب ۽ ٻين ساٿين سان گڏ ان ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو هيس. مان هتي اهو ضرور چوڻ چاهيندس ته سياسي صف بنديون رڳو ان بنياد تي ناهن ڪيون وينديون ته ماضي ۾ به اسان فلاڻي ڌر سان ملندا رهيا آهيون ته پوءِ هاڻي ڇو نه بلڪه معروضي حالتن مطابق فيصلا ڪيا ويندا آهن ۽ ظاهر آهي ته جڏهن لنڊن ڪانفرنس سڏائي وئي هئي ۽ اي پي ڊي ايم جو وجود عمل ۾ آيو ته ملڪ جي سياسي صورتحال ڪجهه ٻي هئي، ان دور ۾ اسان پيپلز پارٽي سان به اينٽي گريٽر ٿل ڪئنال ۽ ڪالاباغ ڊيم ايڪشن ڪاميٽي ۾ گڏ هئاسين ته پوءِ ڇا هاڻي ان جو مطلب اهو ورتو وڃي ته اسان کي هاڻي به پيپلز پارٽي جي غلط ڪارين ۾ ساڻن گڏ هئڻ گهرجي؟ نه هرگز نه اسان پيپلز پارٽي سان جمهوريت جي بحالي واري جدوجهد، گريٽر ٿل ڪئنال، ڪالاباغ ڊيم، حيدرآباد ضلعي کي پراڻي حيثيت ۾ بحال ڪرڻ وارن مسئلن تي گڏ هئاسين ۽ اميد ڪئي سين ته پيپلز پيپلز پارٽي اقتدار ۾ اچي سنڌ جا مسئلا حل ڪندي پر پيپلز پارٽي به اسان سان ايئن ئي دوکو ڪيو جيئن نواز ليگ اي پي ڊي ٺاهڻ کانپوءِ ڪيو.
2) ڪراچي ۾ مسلم ليگ (ن) جي ذوالفقار کوسه ۽ ظفر اقبال جهڳڙا سان منهنجي ملاقات شاهه محمد شاهه سپنا اڳواڻ پاران ڏنل مانجهاندي جي موقعي تي ٿي هئي. شاهه محمد شاهه جي ان دعوت جو اطلاع مون چيئرمين صاحب کي ڏنو هو ۽ کائنس پڇيو هو ته دعوت ۾ وڃڻ گهرجي يا نه، جنهن جي جواب ۾ چيئرمين صاحب چيو هو ته وڃڻ ۾ ڪو هرج ناهي توهان وڃو. ان کانپوءِ ان دعوت ۾ شريڪ ٿيو هيس. توهان جي ڄاڻ لاءِ وضاحت ڪندو هلان ته مان صرف مانجهاندي ۾ شرڪت ڪئي هئي ۽ انهن جي گڏجاڻي توڙي پريس ڪانفرنس ۾ شامل نه ٿيو هيس.
3) مان پارٽي پاران پارلياماني سياست جو مورچو خالي نه رکڻ واري موقف سان هميشه سهمت رهيو آهيان ۽ اهو به صحيح آهي ته پارلياماني سياست لاءِ پارٽي جي عملي ڪوشش جو حصو رهيو آهيان ۽ هن وقت به پارلياماني محاذ کي خالي ڇڏڻ جي حق ۾ ناهيان. پارٽي هميشه رٿابندي ۽ ادارن ۾ سياسي حڪمت عملي تي تفصيلي بحث مباحثن جي نتيجي ۾ اتحادي طئي ڪيا آهن. نوازشريف سان نئين صف بندي ڪرڻ ڪهڙي اجلاس ۾ طئي ٿيو؟
سنڌ جي موجوده سياسي صورتحال ۾ ايس ٽي پي پاران طئي ڪيو ويو هو ته سنڌ اندر سياسي صف بندي طور سنڌ جون ٻيون قومپرست ڌريون ئي ايس ٽي پي جون اتحادي آهن، جنهن کي نظر ۾ رکندي پارٽي ٻين قومپرست ڌرين سان پهريان ورڪنگ رليشن شپ قائم ڪئي ۽ بعد ۾ سپنا نالي اتحاد جوڙيو ويو. مونکي ٻڌايو وڃي ته نواز شريف يا نواز ليگ وٽ سنڌ کي ڏيڻ لاءِ ڇا آهي؟ منهنجي نظر ۾ نوازشريف جو سنڌ ۾ ڪو جامع وووٽ بئنڪ ئي نه آهي، ان ڪري ان سان اليڪشني اتحاد ڪرڻ سان ڪو به فائدو نه ٿيندو. ٻيو ته نواز ليگ اي پي ڊي ايم ۾ پنهنجي اتحادي سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو جو هاڻي ان مان چڱي اميد رکجي؟ اي پي ڊي ايم جي هڪ اجلاس ۾ چوڌري نثار ٻين پارٽين جي نمائندن کي پڪ ڏياري هئي ته جيڪڏهن نوازشريف به اليڪشن ۾ حصو ورتو ته چوڌري نثار اليڪشن ۾ نه ويندو ۽ هو توهان ڀائرن اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪندڙ پارٽين) سان گڏ هوندو ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته چوڌري نثار اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو يا اليڪشن وڙهي پهريان وزير ۽ پوءِ مخالف ڌر جو اڳواڻ ٿيو.
لنڊن ڪانفرنس ۾ ٻين ڌرين سان گڏ نواز ليگ به ان ڳالهه تي سهمت هئي ته ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙ ڪا به سياسي ڌر ايم ڪيو ايم سان اتحاد نه ڪندي؟ لنڊن ڪانفرنس جي ميزبان جي حيثيت ۾ سڀ کان وڌيڪ اخلاقي ذميواري نواز ليگ جي هئي ته هو ايم ڪيو ايم سان اتحاد نه ڪري پر توهان سڀني ڏٺو ته نواز ليگ جو اسحاق ڊار ۽ ٻيا اڳواڻ 90 تي حاضري ڀرڻ لاءِ آيا هئا پر جيئن ته ايم ڪيو ايم اڳ ۾ ئي پ پ جي حڪومت ۾ ڀاڱي ڀائيوار هئي ان ڪري حڪومت مخالف نواز ليگ سان ڳالهيون اڳتي نه وڌي سگهيون. پاڪستان جي موجوده اليڪشني نظام ۾ ايم ڪيو ايم جون ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ صوبائي توڙي قومي اسيمبلي جون سيٽون وري به ايم ڪيو ايم جي سيٽن جي ضرورت پوندي؟ پوءِ ڇا نواز ليگ ايم ڪيو ايم جي مدد سان حڪومت ٺاهڻ کي ترجيح نه ڏيندي ۽ وري مخالف ڌر ۾ ويهندي؟ تنهن ڪري ان ڳالهه جي ڪهڙي پڪ آهي ته ايندڙ اليڪشن کانپوءِ نواز ايم ڪيو ايم سان ٺاهه نه ڪندو؟ ان کانسواءِ نواز ليگ سنڌ ۾ پ پ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مستقبل ۾ فنڪشنل ليگ سان اتحاد نه ڪندي يا وري ق ليگ ۾ شامل وڏيرن جهڙوڪ شيرازي گروپ، مهر ڀائر ۽ ٻين کي پاڻ سان گڏ کڻي نه هلندي؟ ان جي به ڪا خاطري نه آهي ته پوءِ اسان پنهنجي نظرياتي ساک کي نقصان ڇو پهچايون؟
ايس ٽي پي جو نظرياتي پروگرام آهي ته پنجاب، ايم ڪيو ايم ۽ مفادپرست جاگيردار سنڌ جا وڏا دشمن آهن ۽ ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته نوازشريف پنجاب جي فوج ۽ اسٽيبلشمينٽ جو نمائندو آهي، هو پاڪستان ۾ هڪ قوم جو تصور ڏئي ٿو، هو 73ع جي آئين ۾ ڪا به تبديلي آڻڻ نٿو چاهي، هو ملڪ ۾ وڌيڪ انتظامي صوبا ٺاهڻ جي حق ۾ آهي، انهن سڀني ڳالهين جو اظهار نوازشريف 17 مئي 2011ع تي ڊاڪٽر صاحب سان گڏ ڪيل پريس ڪانفرنس دوران پڻ ڪيو. هاڻي ان سڄي صورتحال کانپوءِ مونکي نواز ليگ ۽ سنڌ جي قومي جمهوري تحريڪ جو ميلاپ ٻڌايو وڃي.
نواز ليگ کي پرکڻ لاءِ سندس پاران ماضي توڙي هاڻوڪي دور ۾ ڪيل سنڌ دشمن وارن عملن تي نظر ڦيرائڻ ضروري آهي ۽ نواز ليگ جي اهڙي سنڌ دشمني جا ڪجهه مثال هيٺ بيان ڪجن ٿا.
28 مئي 1998ع تي نوازشريف ائٽمي ڌماڪن ڪرڻ کانپوءِ اهو اعلان ڪيو هو ته هاڻي هو وڏو ڌماڪو ڪالاباغ ڊيم ٺاهي ڪندو بلڪل ان ئي انداز ۾ جيئين ان کانپوءِ پرويز مشرف مڪو ڏيکاريندي 5 ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو. مون کي جيستائين ياد پوي ٿو ته نوازشريف اهڙو اعلان 15 جون 1998ع تي ڪيو هو ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي 17 جون 1998ع تي ڪالاباغ ڊيم جي خلاف هڙتال جو اعلان ڪيو هو ۽ اها سنڌ جي تاريخ ۾ وڏي ۽ ڪامياب هڙتال ليکي وڃي ٿي. گهڻو پري وڃڻ جي ضرورت ناهي پر ڪالاباغ ڊيم تي نواز ليگ جو موقف هن مان واضح ٿئي ٿو ته تازو نواز ليگ جي اڳواڻ عابد شير علي جو اهو بيان به رڪارڊ ته آهي ته جيڪو ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪري ٿو اهو را جو ايجنٽ آهي، منهنجي موجب ايس ٽِ پي سميت سنڌ جو هر غيرتمند ماڻهو ڪالاباغ ڊيم جو مخالف آهي پوءِ ڇا ايس ٽي پي سميت هر سنڌي را جو ايجنٽ آهي؟
نواز شريف کان پوءِ نواز ليگ جو اڳواڻ شهباز شريف ئي سمجهيو ويندو آهي، جنهن ڪراچي کي ڌار صوبو ٺاهڻ جي ڳالهه ڪري سنڌ جي وجود تي وار ڪيو ۽ پوءِ جڏهن سنڌي ماڻهن شديد ردعمل ڪيو ته وري ان جي ترديد ڪندي چيائين ته منهنجي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي. اڄ جي ميڊيا اخباري دور واري ناهي پر هاڻي هر خبر جون فوٽيجز موجود آهن ۽ شهباز شريف جي ڪراچيءَ کي ڌار صوبو ٺاهڻ واري بيان جون فوٽيجز به موجود آهن جن مان واضح ٿي ويندو ته هن سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي يا نه. ان کانسواءِ نواز ليگ جو اهم اڳواڻ جاويد هاشمي ته وڏي واڪي 16 صوبا ٺاهڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. مونکي ٻڌايو وڃي ته ڇا اهي 16 صوبا پنجاب ۾ ٺهندا ان سان سنڌ جي سالميت تي فرق نه پوندو؟
آءٌ نواز ليگ کي موقع پرست، سنڌ جو دشمن ۽ پنجابي فوج جو نمائندو سمجهان ٿو. ان کان وڌيڪ ڪجهه به نه ۽ هو اسان جو نه اڄ نه وري سڀاڻي پارلياماني اتحادي آهي. ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته جيڪڏهن ايجنسين مستقبل ۾ نواز ليگ کي اقتدار جي ڪليئرنس ڏني ته نوازشريف جا اتحادي ساڳيا ئي هوندا جن سان اڄ پيپلز پارٽي جو اتحاد آهي. پوءِ اسان جو ڇا ٿيندو؟
4) نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايس ٽي پي طرفان نواز شريف جي مان ۾ 17 مئي 2011ع تي مانجهاندي جي دعوت رکيل هئي، جيئن ته اڃا ڪنهن به قسم جي پاليسي ڊائلاگ جي نوبت نه آئي هئي تنهن ڪري ان کان اڳ توهان (يعني منهنجو) مخالفانه بيان ڇڙواڳي جو مظهر آهي بلڪه پارٽي ساک لاءِ نقصان ڪار پڻ آهي.
جيئن ته مان پنهنجي بيان متعلق مٿي وضاحت ڪري چڪوآهيان، ان ڪري هتي ان جو ورجاءُ مناسب نه ٿو سمجهان. مونکي ٻڌايو وڃي ته هڪ پارٽي جي سربراهه جو ترقي پسند هائوس تي اچڻ ۽ ان کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ذريعي ملڪي سياست جو ڇيد ڪرڻ ڇا غير رسمي ملاقات آهي؟ مان سمجهان ٿو ته هڪ پارٽي سربراهه جو ترقي پسند هائوس تي اچڻ سان ئي يقينن سماج ۾ هڪ message وڃڻو هو ان ڪري پارٽي کي اڳ ۾ طئي ڪرڻ گهرجي ها. ان گڏجاڻي کانپوءِ اڄ سنڌ ۾ ايس ٽي پي جي ڪردار تي آڱريون کنيون پيون وڃن، ڇو ته هڪ انقلابي پارٽي جو نواز ليگ جهڙي پارٽي سان ويهڻ، سوچڻ ۽ راءِ قائم ڪرڻ مايوسي کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو ۽ خاص ڪري جڏهن هيتري ساري ميڊيا جي سامهون نواز شريف ان انقلابي پارٽي جي سربراهه سان گڏ ويهي اهو اعلان ڪري ته ايس ٽي پي ۽ نواز ليگ جي پروگرام ۾ ڪو فرق ناهي. منهنجي ۽ ڊاڪٽر صاحب جي طبيعت ملي ٿي. هاڻي مونکي ٻڌايو ته نوازشريف جي اهڙي بيان کانپوءِ سماج ۾ اسان متعلق ڪهڙو message ويندو؟ ڇا هڪ انقلابي جي سوچ اسٽيبلشمينٽ پاران پيدا ڪيل اڳواڻ جي سوچ جهڙي ٿي سگهي ٿي؟ ڇا هڪ پنجاب جي نمائندي سرمائيدار سياستدان جيطبيعت هڪ غريب ۽ پورهيت طبقي جي خوشحالي جي ڳالهه ڪندڙ، انقلاب ۽ آزادي جا خواب سجائيندڙ اڳواڻ جي طبيعت ۾ مشابهت ممڪن آهي؟ انهن سوالن جو جواب اوهان وٽ جي ناڪاري آهي ته پوءِ نوازشريف سان ويجهڙائي جا ڪهڙا سبب آهن ۽ جي انهن ئي سوالن جا جواب اوهان وٽ هائوڪار ۾ آهن ته پوءِ مان اهو سمجهڻ ۾ حق بجانب هوندس ته ايس ٽي پي هاڻي پنهنجي جوهر ۾ انقلابي پارٽي ناهي رهي. 90ع واري ايس ٽي پي ۽ اڄ جي ايس ٽي پي جو تنقيدي جائزو وٺڻ کانپوءِ اهو اندازو ٿي ويندو ته اڄ اسان ڪٿي بيٺا آهيون. يقينن هڪ مخلص سياسي ورڪر، انقلاب ۽ آزادي جي اوسيئڙي ۾ لڳاتار جدوجهد ڪندڙ کي شرمندگي ئي محسوس ٿيندي.
5) نوٽيس ۾ ڄاڻايل آهي ته منهنجي ان بيان بعد چيئرمين صاحب پنهنجا خصوصي اختيار استعمال ڪندي مون کي اول زباني طرح پارٽي وائيس چيئرمين جي عهدي تان معطل ڪيو، جنهن جو اطلاع مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري طرفان فون تي مون کي ڏنو ويو ۽ اهو پڻ چيو ويو ته آءٌ 18 مئي 2011ع تي ٿيندڙ مرڪزي باڊي جي اجلاس ۾ پنهنجي پوزيشن واضح ڪريان.
جڏهن مون کي جوائنٽ سيڪريٽري اهڙو اطلاع فون ذريعي ڏنو ته مون کيس چيو ته 24 ڪلاڪ انتظار نٿا ڪريو، سڀاڻي ان معاملي تي تفصيلي ڳالهائينداسين، جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته ڊاڪٽر صاحب جو حڪم آهي ۽ پوءِ موٽ ۾ کيس چيو ته جي ڊاڪٽر صاحب جو حڪم آهي ته اکين تي قبول آهي. جيئن مان اڳ ۾ چئي چڪو آهيان ته منهنجي ذهن ۾ هو ته 18 مئي 2011ع تي ٿيندڙ مرڪزي باڊي جي اجلاس ۾ ان معاملي تي ڳالهايو ويندو ۽ جيڪڏهن صرورت پئي ته ان بيان جي وضاحت به ڪئي ويندي، پر ٻئي ڏينهن يعني 18 مئي تي طبيعت خراب هئڻ ڪري آءٌ سفر نه پئي ڪري سگهيس جنهن سبب آءٌ اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهيس ۽ دوستن کي اطلاع ڏنو ته مان سڀاڻي ايندس، پر 18 مئي تي رات جو ميڊيا تي خبرون اچڻ شروع ٿي ويون ته علي حسن چانڊيو کي عهدي تان برطرف ڪيو يوو آهي، شايد دوستن مونکي عهدي تان مستقل هٽائڻ جو فصيلو ڪري ڇڏيو هو اهو سوچي مان ٻئي ڏينهن پنهنجي پوزيشن جي وضاحت ڪرڻ ضروري نه سمجهيو، ڇو ته جيڪڏهن وضاحتن کان اڳ فصيلا ڪيا وڃن ته پوءِ وضاحتون پنهنجي معنيٰ وڃائي ويهنديون آهن ۽ اهي وضاحتون معافي نامه ليکيون وينديون آهن ۽ مون اهڙو ڪو به گناهه نه ڪيو آهي جنهن جي معافي وٺان.
جمهوري پارٽين اندر اختلاف راءِ رکڻ جو هر ڪارڪن کي حق حاصل هوندو آهي ۽ پوءِ ايس ٽي پي پنهنجي ڪارڪنن قيادت جي فيصلن سان اختلاف راءِ رکڻ جو حق نٿي ڏئي ته پوءِ هي دنيا جي هڪ انوکي قومي جمهوري ۽ انقلابي پارٽي هوندي، جتي اختلاف راءِ رکڻ سنگين ڏوهه تصور ڪيو ويندو هجي.
6) نوٽيس ذريعي اهو انڪشاف پڻ ڪيو ويو آهي ته مون مرڪزي باڊي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ سيڪريٽري جنرل طرفان گذارش ڪرڻ جي باوجود مان پنهنجي مذڪوره بيان جي ترديد جاري نه ڪئي آهي.
هتي سراسر غلط بياني ڪئي وئي آهي، مون اڳ اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهڻ جو سبب بيان ڪيو آهي ۽ اهو دوستن کي به اطلاع ڪيو هو. ٻيو ته ڊاڪٽر رجب سيڪريٽري جنرل مون سان بيان جي ترديد جاري ڪرڻ بابت اڄ تائين ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ڪئي.
جيئن ته مان اڳ چئي چڪو آهيان ته مان ڄاڻي واڻي ڪو بيان جاري نه ڪيو هو ۽ اهو هڪ تجزياتي بحث هو جيڪو بعد۾ ان صحافي بيان ڪري هلائي ڇڏيو، نه ئي منهنجو مقصد پارٽي کي نقصان ڏيڻ هو. هڪ جمهوري پارٽي اندر ايئن ناهي ٿيندو، جيئن اسان وٽ سينيئر ساٿين سان ٿي رهيو آهي. منهنجي خلاف ڪو به فيصلو ڪرڻ کان اڳ مون کان پڇيو وڃي ها ته منهنجي ان بيان جي نوعيت ڇا آهي؟ پر چيئرمين صاحب اهو ضروري نه سمجهيو.
پارٽي کي سمجهڻ گهرجي ته اختلاف زندگي جو حصو هجن ٿا، انهن کي برداشت ڪرڻ ۽ اختلاف سان اڳتي وڌڻ جمهوري فڪر جو حصو آهي. دنيا جي سمورين انقلاب ۽ آزادي پسند تحريڪن ۾ شديد اختلافن سان پارٽيون وڌيون ۽ سگهاريون ٿيون، پر جتي سهپ ۽ برداشت ختم ٿي وڃي ته اتي پاڻ کي سوچڻ گهرجي ته ڪٿي غلطي ته نه پيا ڪريون. آءٌ هن مرحلي تي ڪو به اهڙو مثال ڏيڻ نٿو چاهيان جنهن سان وڌيڪ بدمزدگي پئدا ٿئي پر ايترو ضرور چوندس ته ڪيئي ڀيرا پارٽي فيصلن جي ڀڃڪڙي ٻين به ڪئي آهي، پوءِ انهن کي ڪجهه به نه ٿيو؟
گهٽ ۾ گهٽ هي روش ڪنهن جمهوري پارٽي جي نٿي ٿي سگهي، مونسان هن مرحلي تي زيادتي ٿي آهي.
مون آئيني طور تي سبب ڄاڻايو نوٽيس جو جواب ڏنو آهي، منهنجي خواهش آهي ته سينٽرل ڪاميٽي منهنجي موقف کي ٻڌي، سنجيدگيءَ سان بحث ڪري جنهن به نتيجي تي پهچندي ته مون کي قبول هوندو. گهٽ ۾ گهٽ اهو احساس ٿيندو ته جيڪو به فيصلو ٿيو آهي سو جمهوري طريقي سان ٿيو آهي.
جيسين اسين پارٽي اندر جمهوري روايتن کي مضبوط نه ڪنداسين ته منزل تي پهچڻ ممڪن ناهي.
- علي حسن چانڊيو