1990ع کان 1994ع جو حال احوال:
1990ع ۾ جستاف جون مرڪزي چونڊون مهراڻ يونيورسٽي ۾ ٿيون ظاهري طور هڪ تنظيم جي چونڊ هئي پر عملي طرح سان ٻن گروپن وچ ۾ مقابلو هو. حيدر شاهاڻي چيئرمين ۽ مان جنرل سيڪريٽري جو اميدوار هئس جڏهن ته مقابلي ۾ شفيع برفت منهنجي مقابلي ۾ هو، منهنجي هن سياست ۾ نئين انٽري هئڻ ڪري اڪثريت نوجوانن جي مونکي حمايت نه ملي نتيجي ۾ مان هارائي ويس شاهاڻي صدر، مير عالم مري نائب صدر، ۽ شفيع برفت جنرل سيڪريٽري ٿيو. سياسي حڪمت عملين ۾ اختلاف هئڻ سبب هي چونڊ گهڻو وقت نه هلي سگهي، ڇاڪاڻ جو مير عالم وارا دوست ڊاڪٽر قادر مگسي سان کوڙ معاملن تي اختلاف رکندا هئا. مثال طور شخصيت پرستي 30 سيپٽمبر جو واقعو ڪجهه عرصي ۾ ئي اسان واري گروپ اهڙيون حالتون پئدا ڪيون جو هو الڳ ٿي ويا. ۽ مان جنرل سيڪريٽري بڻجي ويس. هاڻي واضح طور تي ايس ٽي پي جو نقطي نظر ٿي هليو. جيل مان آيل خطن جي روشني ۾ بحث ٿيندا هئا ۽ انهن تي ئي عمل ٿيندو هو. هڪ سال گذرڻ کانپوءِ ٻيهر چونڊ ٿيڻي هئي. سن ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ خط جي روشني ۾ طئي ٿيو ته مان صدر ٿيندس ۽ پوءِ ٻيا ساٿي چونڊيا ويندا. ان اجلاس ۾ حيدر شاهاڻي، ٿيٻو صاحب، نواب لغاري ۽ ٻيا هئا، پر جڏهن زرعي يونيورسٽي ۾ چونڊون ٿيون حيدر شاهاڻي جي صدارت ۾ ته ٽي پئنل بيهي رهيا. هڪ ۾آءٌ ۽ ٻيو نواب لغاري ۽ نثار ابڙو ۽ ٽيون ياسين چاچڙ نتيجي ۾ نواب لغاري کٽي ويو. پارٽي ڊسپلين ٽوڙيائين جيل مان ڀڳل هو. پاپولر هو، حيدر شاهاڻي جو اثر نه هلي سگهيو ۽ پوءِ اهڙي طريقي سان ڪجهه مهينن ۾ نواب لغاري جي باڊي ڊاڪٽر قادر مگسي ٽوڙي ڇڏي.
دراصل 30 سيپٽمبر جي واقعي کانپوءِ تعليمي ادارن جا نوجوان ڊاڪٽر قادر مگسي کي هيرو پئي سمجهيو ۽ شامل ٿيندا رهيا. شخصيت پرستي جو سحرسڀني تي طاري هو. مان ته ڇا پر نظرياتي بنيادن تي جُڙيل کوڙ سارين تنظيمن جا وجود ختم ڪري ايس ٽي پي ۾ شامل ٿيا. شاگرد تنظيم کي نظرياتي بنيادن تي منظم نه ڪرڻ شوباز، ڇڙواڳ عمليت پسند نه هئڻ ڪري جستاف ۽ پوءِ ستاف تعليمي ادارن مان ڌم ٽوڙي وئي ۽ خاص ڪري اُن واقعي کانپوءِ جڏهن اسد شاهه مرحوم جي اڳواڻيءَ ۾ مرڪزي آرگنائزنگ ڪميٽي هئي. معمولي ڳالهه تان شهيد ڀهٽو جي ٻن ڪارڪنن کي ننڊ پيل ڪارڪنن تي فائرنگ ڪري ماري وڌو، جنهن تي سنڌ ۾ وڏي نندا ٿي، پر ايس ٽي پي جي مزاحمت ۽ سنڌين کي تحفظ واري نعري سبب سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن ٽياڪڙي ڪئي. ايس ٽي پي وارن معافي ورتي ۽ ڪيس ختم ٿيو، وري ڪجهه عرصي کانپوءِ ايل ايم سي ۾ شاگردن جي جهيڙي ۾ شهيد ڀٽو جو اڳواڻ مارجي ويو، اُن ۾ به ستاف ملوث ٿي. بدنامي پٺيان بدنامي ڪارڻ اڄ ستاف سنڌ جي تعليمي ادارن مان گم ٿي وئي آهي جيڪا نرسري هوندي هئي جيڪي نوجوان سنڌ جي قومي تحريڪ جي رهنمائي ڪندا آهن. پڙهيل نوجوان قومي تحريڪ جي اڳواڻي ڪري منزل ڏانهن ۽ شعوري جنگ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهن، اُتان ايس ٽي پي کي پڙهيل ورڪر ملڻ بند ٿي ويا ۽ ستاف تعليمي ادارن ۾ ۽ قومي تحريڪ ۾ پنهنجو گهربل ڪردار ادا نه ڪري سگهي.
اُن باوجود ڊاڪٽر دودو مهيري جي اڳواڻيءَ ۾ ايس ٽي پي سنڌ ۾ وڏي تنظيم ٿي اُڀري. مون اڳ به لکيو آهي ته ترقي پسند قومي ڪارڪن ۽ روشن خيالن اديب، دانشورن ۽ صحافين جو لاڙو ٿيو. سنڌ ۾ دودي مهيري جي سرگرمي ڳوٺ ڳوٺ ۾ عوام جي شرڪت سبب وڏو اتساهه ملي رهيو هو. ليڊر شپ ۽ ڪارڪنن ۾ تمام گهڻو جذبو هو. مونکي ياد آهي قاضي احمد، نوابشاهه، شهدادپور، دادو ۾ وڏا جلسا ٿيا. قادر مگسي جي جيل وڃڻ سبب سڄو بار عوامي سجاڳي ۽ تنظيم ڪاري جو ڊاڪٽر دودي مهيري تي هو.
اهو ٻڌائيندو هلان ته سنڌي پناهگيرن جي جهيڙي دوران سنڌ جي قومي تحريڪ تعليمي ادارن تائين محدود هئي. ايس ٽي پي ٺهڻ کانپوءِ ٻاهر رهيل قيادت اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ قومي تحريڪ کي تعليمي ادارن مان ڪڍي عوام تائين پهچايو ۽ عوام جي طعنن کان بچياسين ته اوهين جيئي سنڌ وارا صرف تعليمي ادارن ۾ آهيو. ان دوران ايس ٽي پي ٻه وڏا عوامي جلسا ڪيا جنهن سماج تي سٺا اثر وڌا.
1990ع جي سيپٽمبر مهيني ۾ ڀٽ شاهه تي تاريخي جلسو ٿيو. وڏي انگ ۾ عوام جي شرڪت رهي ۽ پوءِ 1992ع جي آڪٽوبر مهيني ۾ نشترپارڪ ڪراچيءَ ۾ پڻ تاريخي جلسو ٿيو، جنهن ۾ پي ٽي وي جي ڪريم بلوچ مرحوم ۽ ٻين اديبن دانشورن پڻ شرڪت ڪئي. ڄڻ ته سمنڊ اُٿلي پيوهو. اڪيلي سر نشتر پارڪ ڀرڻ معمولي ڳالهه نه هئي پر جڏهن پونم قومپرستن جو اتحاد ٺهيو هو اُن نشترپارڪ ۾ جلسو ڪيو غالباً 2005ع ۾ ايس ٽي پي جي شرڪت سون ۾ هئي. مينگل، اچڪزئي، جلال شاهه ۽ ڊاڪٽر قادر مگسي نشتر پارڪ نه ڀري سگهيا. سبب هي هو ته ويڙهه دوران سنڌ جي عوام ۾ غصوهو. ذهني طرح سان هو ڊاڪٽر قادر مگسي جي سياست بيهي رهيا، پر جڏهن نارمل حالتون ٿيون عوام جي غصي کي تنظيم ۾ شامل نه ڪيو ويو، شخصيت پرستي ۽ غلط رجحانن جنم ورتو عوام جي خواهشن جي ابتڙ مزاج سامهون آيو ته عوام منهن ڦيري ڇڏيو. ٽن ڏينهن جي تاريخي هڙتال، عوام جي محبتن کي ۽ معروضي حالتن کي سمجهڻ بجاءِ وڏيرڪو انداز، پيجرو ڪلچر سامهون اچڻ ڪري ماڻهن ۾ بيزاري آئي.
نومبر 1992ع ۾ ڊاڪٽر دودو مهيري نجي جيلن مان آزاد ٿيل هارين جي ڪئمپ جيڪا ٽنڊوالهيار ۾ هئي اُتان ايجنسين هٿان گرفتار ٿي ويو.
ايس ٽي پي جو هي وڏو ڪارنامو هو جو صدين کان سنڌ جي جاگيردارن وٽ پنهنجا قيد خانا هئا، اُهي هارين ۽ هارياڻين کي قيد رکندا هئا. کين جبري پورهيو ورتو ويندو هو. جابر وڏيرن جا جيل ٽوڙيا ويا مسڪين پورهيتن کي آزاد ڪرايو ويو ۽ پوءِ انساني حقن جي تنظيمن پڻ مُک ڪردار ادا ڪيو ۽ اهڙي ريت غلام بنايل هاري آهستي اهستي آزاد ٿيڻ لڳا. ايس ٽي پي قاسم آباد ڀرسان درياهه جي بند جي پاسي ۾ قادر ننگر ڳوٺ جوڙيو جتي صرف نجي جيلن مان آزاد ٿي آيل هاري رهي سگهيا ٿي، پر افسوس وقت گذرڻ کانپوءِ سياسي ۽ نظرياتي فڪر ۾ تبديلي اچڻ ڪري تبديلي اچي وئي زمين جي قيمت ۾ اضافو ٿيو. ڪو به باشعور سنڌي قادر ننگر وڃي پنهنجي اکين سان مشاهدو ڪري کين خبر پئجي ويندي ت هاڻي انهن پٽن تي غلامي مان آجا ٿيل هاري گهڻا آهن يا ٻيا؟
1992ع ۾ مونکي پارٽي پاران نياپو مليو ته اوهان ڪراچي وڃي رهو ۽ ڊاڪٽر قادر مگسي جي ڪيسن کي ڏسو، منهنجي ڪُل وقتي سرگرمي به شروع ٿي. فيملي کي دوڙ ڇڏي ڪراچي آيس ڊاڪٽر قادر مگسي سان لانڍي جيل ۾ ملاقات ٿي جنهن چيو ته اوهين الهه بچايو سومرو وڪيل جي نالي سان مونسان ملو ۽ تاريخين تي اچو مون مارڪيٽ ۾ وڪيلن وارا ڪپڙا خريد ڪيا، جيل وڃڻ لڳس هڪ ڀيرو اچانڪ جيل سپرينڊنٽ قمر شاهه چيو ته ڇا حال آهن، مون وراڻيو ٺيڪ آهيان منهنجو چهرو زرد ٿي ويو. هن چيو تعرف ڪرايو مان الهه بچايو سومرو آهيان هو کليو، اسان ٻنهي هڪ ٻئي کي سُڃاڻي ورتو هو. ڇاڪاڻ جو مان ايم آر ڊي تحريڪ ۾ قيدي هئس ۽ هي جيلر هو. بهرحال شايد جيلر خيرخواهه هو تنهن چيو ته اوهين گهٽ اچو. اهڙي ريت ملاقاتون، ڪيس بابت ڄاڻ، خط پهچائڻ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جهڙا معاملا هلندا رهيا.
مان ڪراچي ۾ دوستن اقبال چنا، حاجن ڏيرو وارن وٽ رهندو هوس ته اچانڪ ڊاڪٽر گهنشام پرڪاش به ڪراچي رهڻ لڳو ۽ گڏجي ملير ۾ رهياسين، تمام ٿورو عرصو گڏ رهياسين پوءِ هڪ ڏينهن ڊاڪٽر گهنشام پنهنجو سامان کڻي روانو ٿيو.
مونکي حيراني ته ڇا ٿي ويو ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڊاڪٽر گهنشام سينٽرل جيل ڪراچي ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي جي ملاقات تي آيو ۽ واپسي ۾ جيل گيٽ تان کڄي ويو، کيس ايجنسيون ڇهن مهينن تائين قيد رکيو. مان پارٽي پاران پٽيشنز ٿيس ڪيس هليو هڪ ڀيري هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي کانپوءِ ايجنسين مونکي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي پر مجيب پيرزادو وڪيل جي مداخلت ۽ مدد ڪري آءٌ بچي ويس. انهيءَ دور ۾ ۾ قومپرست اڳواڻ عبدالواحد آريسر، شهيد ڀٽو اڳواڻ مصطفيٰ ڪوارئي سميت کوڙ سارا قومي ڪارڪن گم ڪيا ويا هئا ۽ پوءِ آهستي آهستي کين آزاد ڪيو ويو. ڊاڪٽر گهنشام آزاد ٿيڻ کانپوءِ ترقي پسند هائوس حيدراباد آيو جتي پريس ڪانفرنس ۾ پارٽي جي بنيادي ميمبر شپ تان استعيفا ڏنائين.
کيس جو چوڻ هو ته هن کي ڳجهن ادارن خبردار ڪيو آهي ته سياست ڀلي ڪر، ساڳي ڪر، آزادي جا نعرا به هڻ پر ڪم اسان لاءِ ڪندين نه ته پوءِ ملڪ ڇڏي وڃ اڃا به ضد تي رهندين ته پوءِ هميشه لاءِ جيل ۾ رهندين، يا ماريو ويندين. ڊاڪٽر چيو ته دلالي ڪرڻ کان بهتر آهي ته ملڪ ڇڏي وڃان ۽ پوءِ هو هندستان هليو ويو.
ڪراچي ۾ پارٽي جي تنظيم نه هئڻ برابر هئي مونکي چيو ويو ته هاڻي تون ڪراچيءَ ۾ سياست ڪر پهريون گڏجاڻي ۾ صرف 7 ڪارڪن شريڪ ٿيا. ڊپ به هو، اميد به ختم ٿي چڪي هئي. حادثاتي پاپولرٽي جو دور به پڄاڻي تي پهتو هو. 1993ع ۾ شانگي ننگر ۾ ترقي پسند هائوس کوليوسين ۽ قاسم چانڊيو ان جو انچارج هو. سرگرمي شروع ڪئيسين وسيلا نه هئڻ ڪري پيرين پنڌ ۽ بسن ۾ چڙهي لياري کان منگهوپير ۽ ملير تائين دوستن تنظيم سازي ڪئي. ان وقت ماما رحيم نوڪري ۾ هليو ويو. ڪجهه ٻيا ساٿي نوڪري ۾ ۽ ڪجهه ڪناراڪشي ڪرڻ لڳا. جيڪي به ساٿي ڪم ۾ هئاسين انتهائي ڪمٽمنٽ سان رهياسين ڏينهن رات سرگرم هئاسين.
1993ع ۾ جيل جي معاملن تان 30 سيپٽمبر جي اسيرن بشمول ڊاڪٽر قادر مگسي جي بک هڙتال ڪئي. ڊاڪٽر رحيم ۽ مان مجيب وڪيل سان ملياسين پٽيشن وڌيسين قيدين تي رٽائرڊ آرمي آفيسر سختي ڪئي هئي. ٻڌڻ ۾ آيو ته اُن آفيسر ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ ساٿين کي بک هڙتال ختم ڪرڻ جو چيو انهن جواب ڏنو ۽ هن کولي کان ٻاهر پيل پاڻي جو مٽ به ڀڃي ڇڏيو ۽ چيائين ته مان توکي مارڻ آيو آهيان، ٻڌڻ ۾ آيو ته ڊاڪٽر وارن حڪمت عملي تحت پوءِ 24 ڪلاڪن اندر بک هڙتال ختم ڪئي، ٻئي ڏينهن اسين مجيب وڪيل جي آفيس ۾ انتظار پئي ڪيو ته هُن اچڻ سان چيو اوهان هليا وڃو آءٌ جيل کان پيو اچان. سپرينڊنٽ بم ڌماڪي ۾ مارجي ويو آهي. سياسي اسير بند وارڊ مان ٻاهر نڪتا، بک هڙتال ختم ٿي. تاريخ ۾ اهو واقعو اڃا تائين ظاهر نه ٿيو ته اُن پٺيان ڪير هو، ايڏي وڏي ٽيڪنالاجي ڪنهن وٽ هئي، ڪهڙي سبب جيل سپرينٽنڊنٽ ڊائري ۾ رکيل بم ذريعي ماريو ويو، ڪنهن به ذميواري قبول نه ڪئي.
1993ع ۽ 94 جا سال سياسي طرح سان ڪافي سست رهيا. ڪراچي ۾ پهرين آڪٽوبر جي شهيدن جي ورسي ملهائيسين سڄي ڪراچي مان 100 ڪارڪن گڏ ٿي سگهيا. اُن سال ورلڊ سنڌي ڪانگريس جو صدر هاليپوٽو صاحب آيو جنهن کي شانتي نگر ۾ آجياڻو ڏنوسين.
قيادت جي گرفتاري ۽ روپوشي سبب ڪم ۾ خلل هو. پر ڊاڪٽر رحيم سولنگي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. پنهل ساريو، ٿيٻو به پاڻ ملهايو. اُن زماني ۾ سرگرم ڪردار اڄ ايس ٽي پي ۾ ناهن، خاص ڪري ڊاڪٽر قادر جي آزادي کانپوءِ اهو عمل تيز ٿي ويو.
رياستي ڏاڍ، ايجنسين جي چرپُر ڪيڊر کانسواءِ قومي ڪارڪنن کي منجهائي ڇڏيو هو. ڇاڪاڻ جو ايس ٽي پي جو سياسي ۽ نظرياتي ڪلچر مزاحمتي هو.
ڊاڪٽر گهنشام جي ٻاهر وڃڻ، دودي جي گرفتاري، شاهاڻي جي روپوشي ۽ منور لغاري جو پڻ روپوش رهڻ پڻ ڪارڪنن ۾ مايوسي پيدا ڪئي.
1994ع جي پڇاڙيءَ ۾ ڊاڪٽر قادر جي ضمانت ٿي اسان ٻه ٽي سئو ماڻهو وٺي کيس سينٽرل جيل مان وٺڻ وياسين پر کيس اُن ڏينهن آزاد نه ڪيو ويو پر ٻن ڏينهن کانپوءِ رات جو کيس آزاد ڪري ٺٽي پهچايو ويو. ٻئي ڏينهن اسان باخبر ٿياسين. ڪجهه عرصي کانپوءِ مسلم سوسائٽي حيدرآباد واري بنگلي تي هڪ مُشاورتي اجلاس گهرايو ويو، جنهن ۾ سينيئر ساٿي به هئا. ڊاڪٽر چيو ته صلاح ڏيو ڇا ڪريون؟
ساٿين مختلف رايا ڏنا. مان اُن وقت حيران ٿي ويس جڏهن ڊاڪٽر صاحب فرمايو ته مون گهڻو ئي سوچيو آهي ته هاڻي ريفارمرز ذريعي انقلاب به آڻبو. مون اُٿي چيو ته ڊاڪٽر صاحب اهو فلسفو صرف سرمائيداري فڪر جو آهي. انقلابي ته سماج کي تبديل ڪندا آهن. سڙيل، سرمائيداراڻو، جاگيرداراڻو ۽ رياستي جبر ۾ قومن جي غلامي کي اوهان ڪيئن تبديل ڪندا؟ پر ڊاڪٽر شايد جيل کانپوءِ بنهه پنهنجي نظرياتي لائين کان هٽي چُڪو هو. اڏوهي کاڌل غلامي وارا سماج صرف انقلاب عوام جي مزاحمت کانسواءِ ممڪن ناهن هوندا. جيڪڏهن اوهين پارلياماني طريقا اپنايو تڏهن به مسڪين ۽ پورهيت عوام جو جبر خلاف ڦريندڙ طبقن خلاف منظم ٿي بيهڻ هوندو آهي ۽ پوءِ انقلابي فڪر ۽ آزادي پسند قومي مزاحمتي تحريڪ جو انگ تبديل ٿي ويو، پجيرو ڪلچر ۽ گارڊ ڪلچر سامهون آيو. آزاديءَ کان پوءِ پهرين ڪانگريس جيڪا ڀٽ شاهه تي ٿي اُن ۾ پارٽي جو نالي ۾ جيئي ڪڍڻ ۽ جهنڊو تبديل ڪرڻ جي تجويز آئي. نالي جي تبديلي تي زبردست مزاحمت ٿي ۽ نالو تبديل نه ٿي سگهيو، جهنڊو تبديل ٿيو. اُن ڪانگريس ۾ ليڊر شپ جي جمهوري روئي جو اندازو به ٿي ويو.
نثار ابڙو، آفتاب شاهه ۽ بيا دوست ان غيرجمهوري رويي جي ڪري ڪانگريس مان هليا ويا ۽ ٽوڙ ڦوڙ جو عمل شروع ٿيو، اسان مان ڪنهن به ساٿي انهن کي سمجهائڻ جي ڪوشش نه ڪئي. ٻي ڪانگريس ۾ نالو به تبديل ٿي ويو. اُن کان اڳ پارٽي جا بهادر سلجهيل 6 ساٿي ڪراچيءَ ۾ پوليس جي ڪوڙي مقابلي ۾ ماريا ويا، جنهن ۾ صاحب خان چانڊيو، رياض رند، سرهندي ۽ ٻيا ٽي ساٿي هئا. ان دوران ابراهيم سوهو پنهنجي زمين جو قبضو ڇڏائڻ لاءِ ڪامريڊن کي وٺي بٺوري ويو ۽ هڪ بهادر ساٿي رشيد سومرو مارائي آيو. ڊاڪٽر عظيم ڪونڌر کي پڻ فوجين رات جي انڌيري ۾ سندس ڳوٺان گرفتار ڪيو سخت تشدد کانپوءِ جيل واڙيو ويو ۽ ايئن آهستي آهستي مزاحمتي ڪردار مرندا ويا، گرفتار ٿندا رهيا. پارٽي جو مزاحمتي انگ تبديل ٿيندو رهيو.
1995ع ۾ يوم مادر وطن ملهائڻ جو فيصلو ٿيو. مادر وطن ملهائڻ جي تجويز ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻو ڏني هئي. ان جو مکيه ڪارڻ ته ايس ٽي پي وٽ ڪو خاص ڏينهن ملهائڻ لاءِ هجي. جي ايم سيد جي سالگرهه جو ڏينهن سياسي ڪارڪنن ۽ عوام جو مرڪز بڻجي ويو هو. مادر وطن تي وچن ورجائڻ وارو ٿيم ۽ اسڪرپٽ به ڪامريڊ ٿيٻو جو هو. هو اسان سمورن اڳواڻن ۽ ساٿين مان ذهني طور اڳتي هو، پڙهيل ڏاهو، بس سندس خامي معمولي ڳالهه تي به جذباتي ٿي وڃڻ هو. بهرحال مادر وطن جي تخليق ايس ٽي پي کي فائدو ڏنو ۽ هڪ ڏينهن سڄي سنڌ جا قومي ڪارڪن، اديب دانشور گڏ ٿي ٿيا. تقريرون، مادرن وطن ايوارڊ جي رسم پڻ شاندار ٿي. سنڌ جي اهم اديبن، دانشورن جيڪي سرڪار کان ايوارڊ وٺڻ کي مُناسب نه سمجهندا هئا انهن اُن زماني ۾ مادر وطن ايوارڊ وٺڻ مناسب سٺو ٿي سمجهيو. ڇاڪاڻ جو ڪافي عرصي تائين ايس ٽي پي سماج ۾ اڃا متنازع نه ٿي هئي.
1995ع واري مادر وطن جي تيارين دوران ڪجهه ساٿين چندو وٺڻ واري عمل ۾ ڀتاخوري ڪئي. ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم خلاف آپريشن هلي رهيو هو. پ پ جي سرڪار هئي. عبدالله شاهه وڏو وزير هو. هڪ ڏينهن شام جو 5 وڳي جيئن ئي مان، ڪريم لغاري ۽ گلزار سومرو هائوس شانتي ننگر پهتاسين ته گلزار گاڏي مان نه لٿو چيائين مان ٿوري دير ۾ اچان ٿو. اسين ساٿين سان ملياسين حال احوال پئي ڪياسين ته ڏهن منٽن اندر رينجرز ۽ پوليس گهيرو ڪري ورتو، آفيس ۾ گهڙي آيا سمورن ساٿين جون اکيون ٻڌي گاڏين ۾ ويهاريو. مونکي مئجسٽريٽ سامهون بيهاري تلاشي ورتي وئي. سول ڪپڙن ۾ شايد فوجي آفيسر هو تنهن پڇيو هٿيار ڪٿي آهن؟ مون وراڻيو اسان جو ڪم هٿيار رکڻ ناهي پرامن سياسي ڪارڪن آهيون. پوءِمنهنجي خميس لهرائي اکين تي پٽي ٻڌي مختلف رستن کان گهمائيندا اچي هڪ جاءِ تي واڙيائون. سڀ کان پهريان مونکي گهرائي ڪمري ۾ ڪنهن آفيسر آڏو پيش ڪيو ويو، جنهن خميس پارائي اکين تي پٽي ٻڌي ۽ چيائين ته توسان حساب ڪتاب آرام سان ٿيندو، تون اڳواڻ آهين ٻڌاءِ ته ٻيا ڪير آهن. مون چيو ته نالا کڻو ڪير کڻي آيا آهيو ته ٻڌايانوَ. مون سمورن ساٿين کي پاڙي جو رهواسي گهر جو مالڪ، هوٽل جو بيرو چئي آزاد ڪرايو. صرف چار ڄڻا جن ۾ ٻه مرڪزي اڳواڻ ۽ ٻه ڪراچي جا اڳواڻ حبيب سهاڳ ۽ عاشق ٿهيم گرفتار ٿياسين ٻيا آزاد ڪيا ويا. ٻن ڏينهن کانپوءِ ٻه ساٿي به آزاد ٿيا، باقي مان ۽ ڪريم سُڪ ٿياسين. ڏهن ڏينهن تائين مختلف ايجنسيون پڇنديون رهيون. اسان جي ذاتي ڪردار ۽ ڏوهاري نه هئڻ ڪري گهڻو فائدو رسيو باقي ڊاڪٽر قادر مگسي جي ڪردار متعلق ڪافي مشڪري ڪندا رهيا ۽ کوڙ ساري انفارميشن منهنجي لاءِ نئين هئي. هڪ ڀيري هڪ آفيسر چيو ته نبيلا شاهه کي سُڃاڻين مون چيو نه چيائين اُها قادر مگسي وٽ آهي ۽ هڪ شريف ماڻهو مختيار ملڪ جي زال آهي. حقيقت ۾ مان بي خبر هئس آزاد ٿيڻ کانپوءِ خبر پئي ته ڊاڪٽر قادر مگسي شادي ڪئي آهي. اُن کي مون پهريون ڀيرو پريس ڪلب آڏو بک هڙتال دوران ڏٺو هو. بعد ۾ غالباً 98ع ۾ لانگ مارچ دوران نبيلا شاهه قتل ڪيس ظاهر ٿيو، ان کي بعد ۾ لکبو. هڪ ڀيري آفيسر پڇيو ته اوهين ڇا ٿا چاهيو مون چيو ته جمهوريت، قومي حق هن وراڻيو: ‘‘یہ سالے باہر آزادی کے نعرے لگاتے ہیں اور یہاں آکر جمہوریت پسند ہو جاتے ہیں’’۔ ٽارچر ڪندا رهيا. ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهاري ڇڏيندا هئا. ڪا خبر نٿي پئي ته ڪيڏانهن ٿڦڙ پئي لڳي ڪا لت ٺونشو، ڏهن ڏينهن کانپوءِ اسان کي ٻئي مرڪز نيپئر ٿاڻي موڪليو ويو جتي پڻ ساڳي آڏي پڇا اکين تي پٽي، مار، ذلتون سامهون هنيون. روز آڏي پڇا، آخرڪار 22 ڏينهن کانپوءِ عزيز ڀٽي ٿاڻي تي آندا وياسين، مئجسٽريٽ وٽ ضمانت ٿي وئي پر آزادي جو ليٽر ڏيڻ کان جواب ڏنائين جيل هليا وياسين جتي تمام گهڻا سياسي اڳواڻ 30 سيپٽمبر جا اسير موجود هئا. اسان کي پهرين ڏينهن حسن چانڊيو ۽ جانو آرائين واري کولي ۾ رکيو ويو، مزو نه پئي آيو ٻئي ڏينهن نواب لغاري واري کولي ۾ ويس ۽ ڪريم لغاري نور جان مگسي ڏانهن نيٺ مان ڊاڪٽر دودو مهيري وٽ رهيس.
سپرينڊنٽ جو چوڻ هو ته جلدي آزاد نه ٿجو ڇاڪاڻ جو ٻيهر گرفتار ٿيندؤ ۽ ايئن ئي ٿيو آزادي واري ڏينهن دوستن کان موڪلائي پاڙي ۾ آياسين جتي هاشم کوسو جيئي سنڌ محاذ اڳواڻ ساٿين سميت موجود هو، جيڪي هاءِ ڪورٽ آڏو احتجاجي مظاهري ۾ گرفتار ٿيا هئا اسان کي آزاد ڪرڻ بجاءِ دير سان بند وارڊ موڪليو ويو، جتي صبح جو سوير ٺٽو جو ڊاڪٽر خشڪ ساٿين سميت بند وارڊ ۾ هو چيائين ڪافي وقت کان ٽارچر ۾ آهيون پارٽي سنڀال نه پئي ڪري هندستان جو ايجنٽ ڪري ابراهيم حيدري مان گرفتار ڪيا ويا آهيون. ايم ڪيو ايم جي ورڪرن جو به وڏو انگ گرفتار هو، قومي تحريڪ به جيل ۾ واڙيل هئي.
اسان کي ماڙي تي آندو ويو. جيل آفيسر چيو ته مون اوهان کي جهليو هو ته آزاد نه ٿجو. ٻاهر نڪتاسين ته پوليس بيٺي هئي، هٿڪڙيون هينيو ٽائون ٿاڻي آندا وياسين سٽي ڪورٽ مان رمانڊ ورتو ويو ته هي همراهه ڏوهه جي نيت سان روڊ تي بيٺا هئا. مونکي ڪا به حيراني نه ٿي ڇاڪاڻ جو پ پ پنهنجي هر دور ۾ سياسي مخالفن کي سائيڪل جي چوري کان وٺي ٻين ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪندي رهي آهي. جمهويت جي دعويدار مخالفت برداشت نه ڪندي آهي. بدقسمتي سان جنهن پاڪستان جي سياست ۾ اهو رواج وڌو اهو پاڻ ذوالفقار ڀٽو ڪوڙي قتل ڪيس ۾ ڦاهي کائي ويو. عبدالله شاهه بضد هو ته هي همراهه آزاد نه ٿين.
دودو مهيري، ستار موريو ۽ ٻيا قومي ڪارڪن جيلن ۾ سڙي رهيا هئا عدالتون سندن ضمانتون نه پئي کنيون. مارشل لائن ۾ ته ڳالهه سمجهه ۾ ايندي آهي پر جمهوريت ۾ ايئن ٿئي انصاف جا دروازا بند، معمولي ڪيسن۾ ماڻهو سالن جا سال قيد. سبب هو ته ملڪ ۾ جاگيرداري جي ڪلچر هئڻ ڪري اسٽيبلشمينٽ جي سگهاري هئڻ سبب جمهوري ڪلچر نه هئڻ برابر هو. نيٺ اسين آزاد ٿياسين. ٻاهر نڪتاسين ته اسان جا همراهه پريشان هئا، ڇاڪاڻ جو روزانو ٽي وي تي ڪنهن نه ڪنهن سياسي ڪارڪن جي 163 پئي ٻڌائون. شڪر آهي سياسي ڪارڪن هئڻ ڏوهاري دنيا کان پري رهڻ، سبب سرخرو ٿي نڪتاسين.