سياست ۾ اچڻ
1976ع گرمين جي موسم ۾جڏهن آءٌ اڃا نائين درجي ۾ پڙهندو هوس ته هڪ ڏکائيندڙ خبر مون سميت سڄي خاندان کي لوڏي وڌو. چانڊيا ۽ رند برداريءَ ۾ معمولي جهيڙي شدت اختيار ڪئي، جنهن ۾ منهنجو بابا قتل ڪيو ويو. حالتن منهنجي زندگيءَ تي گهرو اثر ڇڏيو. 1978ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيم غربت سبب مزدوري به ڪندو هوس، جيڪي ذهن ۾ بابا خواب وڌا هئا سي ته شيشي وانگر ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا.
ان واقعي سبب ۽ معاشي طور تباهي سبب ڪاوڙ، ڏک، تڪليف ۾ واڌارو ٿيو. ذهن ۾ بابا جي پلاند جا خيال ايندا هئا. صبح شام راڄ ۾ ويڙهه جي خواهش هوندي هئي.
هڪ ڏينهن منهنجي سؤٽ اڪبر جيڪو هاڻي اُستاد آهي چيو ته نوابشاهه مان ڪي دوست اچن پيا ڪچهري ڪرڻي آهي. دوڙ شهر جي غريب آباد محلي ۾ چاچي جي ننڍڙي اوطاق ۾ 15 کن نوجوانن جي گڏجاڻي کي سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن (SNSF) شاگرد تنظيم جو اڳواڻ صفت رند، رسول بخش ٻرڙو ۽ ٻيا موجود هئا، تن تقريرون ڪيون ۽ اسان کي ڪجهه سماج جي باري ۾ انقلاب جون ڳالهيون ٿي ٻڌايون. گڏجاڻي ختم ٿي مون پنهنجي سؤٽ جو خوب مذاق اڏايو. يار هي انقلاب اسان جي سمجهه کان ٻاهر آهي، وري هفتي کانپوءِ ساڳي ريت ساڳا ڪامريڊ اچي پهتا ساڳي ڪچهري انقلاب پورهيتن جي خوشحالي، هارين ۽ مزدورن سان ناانصافي، جاگيرداري جو خاتمو. مطلب ته ٻن مهينن ۾ ٽي گڏجاڻيون ٿي چُڪيون ۽ مون فصيلو ڪري ورتو ته هي ماڻهو سُٺا ٿا لڳن. منهنجي اندر جيڪو ڪروڌ هو، ذهني طور ڏاڍ ۽ ظلم جي خلاف جيڪا پيڙا هئي اُن شاگرد تنظيم ۾ شامل ٿيڻ تي مجبور ڪيو، ان کان اڳ مونکي شاگرد تنظيمن متعلق ڪا ڄاڻ نه هئي ۽ پوءِ يونٽ دوڙ ۾ شاگرد سياست ۾ سرگرم ٿي ويس. ڪامريڊ ڪتاب ڏئي ويند اهئا. پمفليٽ ڏيندا هئا جنهن کي لڪي ورهائيندو هوس. منهنجي شعور جي سطح معمولي هئي. ملڪ ۾ ضياءُالحق ڀٽو کي اقتدار تان هٽائي مارشل لا لڳائي هئي. فوجين جو راڄ هو، نوابشاهه شهر ۾ ڪاليجن هجڻ ڪري روزانو شاگرد احتجاج ڪندا هئا، ڀتين تي چاڪنگ مارشل لا مرده باد جا نعرا عام هئا. گهٽ ڄاڻ هئڻ جي باوجود سياست ۾ سرگرم ٿي ويس. اپريل 79-1980ع ۾ ذوالفقار ڀتو کي ڪوڙي قتل ڪيس ۾ ڦاهي چاڙهيو ويو جنهن تي سڄي پاڪستان ۾ شديد ردعمل ٿيو. عوام روڊن تي اچي ويو، ڪيئي ڪارڪن گرفتار ٿي جيلن ۾ ويا. روزانو سياسي ڪارڪنن کي سزائون ملنديون هيون، وڏن شهرن جي چونڪن يا وڏن ميدانن تي مارشل لا مخالفن کي ڦٽڪا لڳندا هئا ته جيئن ڊپ وڌي ضياءَ جي مخالفت گهٽجي پر مخالفت ۾ اضافو ٿيندو رهيو.
1980ع جي پهرين حصي ۾ سيٺارجا جي ڀر ۾ مرڪزي سطح جي هڪ گڏجاڻي ٿي جيڪا انتهائي خفيه هئي. اسين رازداري ۾ اُن جاءِ تي پهچايا وياسين. مونسان گڏ غلام محمد سيال، سينيئر ساٿي هو تنهن چيو ته اڄ نذير عباسي سان ملاقات ڪرائبي. گڏجاڻي شروع ٿي ڪنهن به تعارف نه ڪرايو هڪ ٻن ساٿين کانسواءِ ڪنهن کي نه ٿي سڃاتم ان دوران غلام محمد سيال هڪ چٽ ڏني لڪائي تنهن ۾ (نذير عباسي پاسي واري ڪمري ۾) آهي لکيل هو.
مون دير نه ڪئي پاڻي پيئڻ جي اجازت وٺي نذير عباسي سان ڪمري ۾ ملڻ ويس. مان صرف نذير عباسي سان هٿ ملائي خوش خيريت ڪري ڏڪندو واپس اچي ويٺس. منهنجا پگهر ئي نه پئي بيٺا، منهنجي نذير عباسي سان پهرين ۽ آخري ملاقات هئي.
پوءِ خبر پئي ته گڏجاڻي ۾ ڊاڪٽر جبار خٽڪ، امداد چانڊيو، زلف پيرزادو، شير محمد مڱريو، محمد خان سولنگي هئا. بهرحال ان گڏجاڻي ۾ ڪي فيصلا ٿيا تنظيم کي سگهارو ڪرڻ ۽ ڊي ايس ايف جوڙڻ لاءِ رٿابندي ٿي.
ياد رهي ته 1980ع کان فورن پوءِ ايس اين ايس ايف جيڪا سنڌ سطح جي شاگرد تنظيم هئي تنهن کي ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ڊي ايس ايف ۾ تبديل ڪيو ويو.
آگسٽ 1980ع جي اڀاڳي شام جو بي بي سي تي ٻڌوسين ته ڪراچيءَ جي ماڙيپور ٽارچر سيل ۾ شاگرد اڳواڻ نذير عباسي شهيد ڪيو ويو آهي.
سنڌ ۾ ڪميونسٽ پارٽي آڦ پاڪستان جي اهم ليڊر شپ جمال نقوي، نذير عباسي، سهيل سانگي، شبير شر، ڪمال وارثي گرفتار ٿي چڪا هئا. ڪامريڊ ڄام ساقي جيڪو ان سڄي تحريڪ جو روح روان هو سو به لاهور جي شاهي قلعي ۾ قيد هو. گرفتارين جي خوف کان سڄي ليڊر شپ روپوش هئي. تنظيم ڪمزور، اڳواڻ جيل ۾ يا وري روپوش جنهن سبب نذير عباسي لاءِ گهربل احتجاج نه ٿي سگهيو.
آءٌ ضلعي جو اڳواڻ هئس دوڙ، قاضي احمد ۽ نوابشاهه جي ٽن اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ زبردستي بائيڪاٽ ڪرايوسين ۽ هڪ ڏينهن اسان چئن ساٿين محمد خان سولنگي، مان، انعام رند ۽ سوڍل رند ضياءَ جو پتلو ٺاهي ريگل چوڪ نوابشاهه وٽ ساڙيوسين ۽ زبردست نعري بازي ڪئيسين.
ان کان اڳ ڊي ايس ايف جو مرڪزي اجلاس مهراڻ يونيورسٽي نوابشاهه (هاڻي قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي) ۾ رکيل هو. امداد چانڊيو، ڊاڪٽر بخش علي هاڻي (Suit) ۾ ڊاڪٽر آهي شير محمد مڱريو، نرنجن ڪمار ۽ ٻيا اڳواڻ پهتل هئا. حالتون ڏسي سمجهي وياسين ته جساف جا اڳواڻ ڪجهه ڪرڻ وارا آهن. مان ۽ هڪ ساٿي پير بخش لانگاهه شهر ۾ جاءِ جو بندوبست ڪرڻ وياسين. واپسي تي خبر پئي ته جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ساٿين تي حملو ڪيو جنهن ۾ ڪجهه ساٿي زخمي ٿيا ۽ امداد چانڊيو، بخشل، شير محمد جيڪي رپوش هئا کي پوليس حوالي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ۽ پنهنجي حراست ۾ رکيو. سپاف جي اڳواڻ سيف الله ۽ ٻين مُڙسي ڪري ڳالهين ذريعي امداد وارن کي آجو ڪرايو. هي اُهو دور هو جو تعليمي ادارن ۾ سياسي سهپ نه هئي جنهن به اداري ۾ جيڪو طاقتور گروپ هوندو هو اُهو ٻين کي سياست کان روڪيندو هو. ڏاهپ، عمل خيالن جي آزادي جو تصور به نه هوندو هو. مارشل لا خلاف ڊي ايس ايف ۽ سپاف گڏيل جدوجهد ڪنديون هيون. نوابشاهه ۾ سرڪاري بس ساڙي وئي. گرفتاريون ٿيون مونکي به پهريون ڀيرو دوڙ مان (منهنجو ڳوٺ) گرفتار ڪري نوابشاهه ٿاڻي تي آندو ويو ۽ ڪيئي ڪلاڪ ايس ايڇ او قدوس پٺاڻ تشدد ڪندو رهيو ۽چوندو رهيو ته ٻڌاءِ بَس ڪنهن ساڙي آهي؟ منهنجو جواب هو مان بي خبر آهيان هڪ هفتي کانپوءِ عدالت ۾ آندا وياسين جتي بس جي ڊرائيور سوڍل رند ڊي ايس ايف، مصطفيٰ ڪورائي، ايس پي ايس ايف، کي سڃاتو ۽ هڪ هڪ سال ڪوڙن جي سزا ٻڌائي وئي. مان آجو ٿيس ۽ گهر وڃڻ بجاءِ رات جو ڪاليج جي هاسٽل ۾ ساٿين سان ڪچهري ڪرڻ لاءِ رهي پيس رات جو دير سان پوليس ڪڙڪو اچي ڪيو وري هڪ ساٿي پير مظهر سان گڏ گرفتار ٿيس پر صبح جو مونکي ڇڏيو ويو.
ٻڌائيندو هلان ته منهنجي سياست ۾ سرگرم ٿيڻ پٺيان شاگرد اڳواڻن سميت محمد صالح بلو، سيد رشيد احمد شاهه وڪيل، سائين منظور قريشي، پير شهاب هاري اڳواڻ جيڪي ضلعي ۾ انتهائي سرگرم هئا. اسٽڊي سرڪل ليڪچر ڳوٺاڻين ڪچهرين ذريعي عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ ۽ انقلابي جدوجهد لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ ۾ مُک ڪردار هو. جڏهن به ڪجهه سمجهڻو هجي ۽ مايوسي ٿئي ته مٿين ڪامريڊن کي ڳولي لهبو هو.
ڪيمونسٽ پارٽي جي شاگرد ونگ لاءِ بُري خبر 31 مارچ 1981ع جي شام جو واپڊا آفيس حيدرآباد مان شاگرد اڳواڻ امداد چانڊي، شير محمد مڱريو، محمد خان سولنگي، اسرار لانگاهه ۽ وزير لاکو گرفتار ٿيا سندن وٽان فوجي جنتا خلاف وڏي تعداد ۾ پمفليٽ مليا. کين نامعلوم جاءِ تي رکيو ويو، کين ڪيئي ڏينهن ٽارچر سيلن ۾ رکڻ کانپوءِ اسرار لانگاهه ۽ وزير لاکو آزاد ٿيا باقي ٽن ساٿين کي جيل موڪليو ويو ۽ ملٽري ڪورٽ ۾ ساندهه هڪ سال تائين ڪيس هلائي ٽنهي ڄڻن کي 7-7 سال سزا ۽ ڏهه ڏهه ڪوڙن جي سزا ٻڌائي وئي. هاڻي هڪ طرف پارٽي ۽ شاگرد ونگ جي قيادت کي گرفتار ڪري جيل ڀيڙو ڪيو ويو. ڪيئي روپوش رهيا. ڪي وري ڊپ ۾ خاموش ٿي پاسيرا ٿي ويا. مثالطور جنهن ساٿي صفت رند مونکي شامل ڪيو اهو سياست کان لاتعلق ٿي ويو. ساغر سميجو سنڌ يونيورسٽي جو سرگرم اڳواڻ هو سو به غير سرگرم ٿي ويو. نرنجن ڪمار تي ڪراچي يونيورسٽي ۾ جمعيت جي شاگرد اڳواڻ جي قتل ڪيس ۾ روپوش ٿي آخر افغانستان مان ٿيندو هاڻي فن لينڊ يورپ ۾ رهي ٿو.
ان دور ۾ ڪمال جي ڳالهه هيءَ هئي ته هڪ طرف فوجي جنتا جو ڏاڍ نذير عباسي جي شهادت، پارٽي توڙي شاگرد قيادت جي گرفتاري باوجود سنڌ ۾ خاص ڪري هاري تحريڪ، مزدور تحريڪ ۽ شاگرد تحريڪ ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو رهيو. نئون رت نئين جذبي سان شامل ٿيندو رهيو. ڪامريڊ ڄام ساقي جيڪو 1981ع ڌاري گرفتار ٿي لاهور جي شاهي قلعي ۾ ساڍا چار مهينا اذيتون سهڻ کانپوءِ 1982ع ۾ ڪشمير روڊ ڪراچي ۾ ملٽري ڪورٽ ۾ ڪيس هلڻ شروع ٿيو جيڪو (ڄام ساقي ڪيس) جي حوالي سان مشهور ٿيو. هن ڪيس ۾ ڄام ساقي، پروفيسر جمال نقوي، بدر ابڙو، شبير شر، ڪامل وارثي، امر لعل شامل هئا. هن ڪيس ۾ شاهدي طور شهيد بينظير ڀٽو ۽ غوث بخش بزنجو، ولي خان، طاهره مظهر علي خان، ڄام ساقي طرفان گواهي ڏني. هي ڪيس دلچسپ رهيو ۽ ٻين سياسي ڪارڪنن جيان مان به هن ڪيس کي ٻڌڻ ۽ اڳواڻن کي ڏسڻ جو شوق جو رکندو هوس. هماليه جبل کان اوچا آدرش رکندڙ هي اڳواڻ واقعي مُڙسي سان پنهنجي شعور جي علامت بڻجي فوجي عدالتن کي منهن ڏئي رهيا هئا. هن ڪيس مان ڪنهن کي به سزا نه ملي ۽ اڳتي هلي سمورا اڳواڻ ڪيترائي سال جيل ۾ رهڻ کانپوءِ آزاد ٿيا.
هاڻي سنڌ جي شاگرد سياست ۾ ڊاڪٽر گهنشام پرڪاش سينيئر ساٿي طور موجود هو. جيتوڻيڪ هو به روپوش هو پر سڄي سنڌ ۾ شاگرد تنظيم ۽ پارٽي جي ٻين فرنٽن کي به سگهارو ڪندو رهيو. هو مستقل مزاج، اڻٿڪ جدوجهد ڪندڙ هو. مُتحرڪ ڪردار طور سُڃاتو ويندو هو. هو مون جهـڙن ڪارڪنن کي کڻي گڏجاڻين ۾ ويندو هو. گڏجاڻين ۾ سياست سيکاريندو هو. هڪ سٺي ڪارڪنن جون خوبيون ڪهڙيون هجڻ گهرجن اُن تي زور ڏيندو هو. ڪتاب پڙهائڻ، اسٽڊي سرڪل ذريعي ڪارڪنن جي تربيت ڪندو هو. ڊي ايس ايف جي ترجمان مشعل ڇپرائي ورهائيندو هو. ساڳي وقت علمي، ادبي ۽ سياسي تحريڪ ۾ مکيه ڪردار طور سامهون رهيو.
1981ع ۾ مون سنڌ يونيورسٽي ۾ بين الاقوامي تعلقات ۾ داخلا ورتي. يونيورسٽي پهتس ته هاسٽل جو مسئلو پيدا ٿيو. ڊي ايس ايف جي ڪارڪنن جو انگ گهٽ هو. ڇاڪاڻ جو اڪثر سينيئر ساٿي يا گرفتار ٿي چڪا هئا يا روپوش يا وري تعليم پوري ڪري نوڪرين سان وڃي لڳا.
نذير عباسي شهيد انٽرنيشنل هاسٽل جي ڪمري نمبر 67 ۾ رهندو هو. اهو ڪمرو ڪمرو ڊي ايس ايف وارن کي الاٽ ٿيو، مان به ساٿين سان گڏ رهيس ٻن ڏينهن کانپوءِ منجهند ڌاري جساف جي قيادت روشن ٻرڙو، نذير تنيو، اقال تنيو، مرحوم وفا چانڊيو ۽ ٻيا ڪمري ۾ داخل ٿيا ۽ دهمان ڪري اسان کي ڪمرو خالي ڪرڻ جو چيو اسان ڪجهه به کڻڻ کانسواءِ ڪمري مان ٻاهر نڪتاسين ته ڪمري ۾ نعري سنڌ جيئي سنڌ جا نعرا گونجيا ۽ ٿوري دير ۾ اسان جا سياسي ڪتاب ۽ سياسي مواد باهه جي نظر ٿي ويو، هي منهنجو پهريون تجربو هو ۽ مونکي جيئي سنڌ جي ان ڪلچر تي سخت ڪاوڙ لڳي ته هي مخالف سياسي سوچ کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. ڪمرو خالي ٿيو ڄڻ ته هنن سنڌ فتح ڪري ورتي. بهرحال ابتدائي ڏينهن ۾ ئي پريشان رهيس، جساف ڇاڪاڻ جو سگهاري تنظيم هئي انڪري ڪا به تنطيم هنن آڏو بيهي نه پئي سگهي.
نذير عباسي جي نالي سان منسوب ڪمري تي قبضي خلاف زبردست پروپيگنڊا ٿي پر پوءِ به هي ڪمرو ڇڏڻ لاءِ تيار نه ٿيا. 1982ع جي سڄي سال ۾ يونيورسٽي ۾ پڙهندو رهيس، پريشانين کي منهن ڏنم. دهمان ڪندا هئا ته سياست ڇڏيو پر هڪ ڳالهه جيڪا اهم هئي غنڊا گردي واري ڪلچر باوجود سموريون کاٻي ڌر جون تنظيمون ڊي ايس ايف، ايس ايس ٽي، جساف آرگنائزنگ ڪميٽي، وطن دوست اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ سپاف مسلسل ڄمي ادارن ۾ رهيون ۽ پنهنجي حال آهر ڪڏهن کلي ته وري ڪڏهن لڪي سياسي ڪم ڪنديون رهيون. ان دوران مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو، لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ به اسان سميت کاٻي ڌر ۽ سپاف جو تنظيمي اثر وڌيو ۽ هنن تنظيمن گڏيل جدوجهد کي اهميت ڏيندي پنهنجي جاءِ ٺاهي. اهو ٻڌائيندو هلان ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ اُن وقت جساف يا ڪا ٻي طاقتور تنظيم هوندي هئي ته اُها مخالفن لاءِ ڄڻ ته رياست جو ڪردار ادا ڪندي هئي، اُتي پوليس، ايجنسيون يا فوج کي اچي سياست کان روڪڻ ضروري نه هو.
اسين دهشت ۽ دٻدٻي جي باوجود پنهنجو تنظيمي ۽ سياسي سفر جاري رکيو ۽ دٻدٻو اسان جي نظرياتي سوچ تي اثرانداز نه ٿي سگهيو.
1982ع جي وچ ڌاري ڊي ايس ايف چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ مرڪزي ڪنوينشن سڏايو. مان پڻ ساٿين سميت اُتي شريڪ ٿيس رات دير سان فوجي آپريشن ٿيو. اسين گرفتار ٿياسين هڪ ميدان ۾ آندا وياسين جاچ ڪئي وئي، مون کان پڇيو ويو ته تون چانڊڪا جو شاگرد ناهين ته پوءِ هتي ڇا پيو ڪرين، مون وراڻيو ته مان دوستن سان گڏ موهن جو دڙو گمڻ آيو هوس. پوءِ اسين آزاد ٿياسين ٻئي ڏينهن موهن جو دڙو لڳ ٻلهڙيجي انور پيرزادو جي ڳوٺ جنهن کي ”لٽل ماسڪو“ چيو ويندو هو ۾ پنهنجو ڪنوينشن ڪيوسين.
۽ پوءِ سڄي ڳوٺ جي گهٽين ۾ جلوس ڪڍيوسين نعرا هنياسين. 1982ع جي مئي مهيني ۾ حيدرآباد جي هڪ ڪالوني ۾ لڪي مزدورن جو عالمي ڏينهن ملهايوسين. هن پروگرام ۾ ڪُل 25 ساٿي هئاسون. جذباتي تقريريرون ٿيون ۽ چيوسين ته تورخم جون ٿڌيون هوائون پاڪستان ۾ داخل ٿي ويون آهن، افغان انقلاب کان پوءِ جلد هتي به انقلاب اچڻ وارو آهي ۽ پورهيت راڄ قائم ٿيندو. هلندڙ تقريرن دوران هڪ ڪامريڊ ٻڌايو ته هنن 25 ڄڻن مان چار ڄڻا ايجنسين جا ماڻهو آهن اوهين ڀڄي جان ڇڏايو، پوءِ مون ۽ ڊاڪٽر طالب لاشاري اُتان کسڪي جان بچائي. ياد رهي ته هڪ سال اڳ ڊي ايس ايف اڳواڻ پرويز پٺاڻ انهيءَ جاءِ تان گرفتار ٿي جيل هليو ويو هو.
1982ع جي ڊسمبر ۾ رات جو دير سان يونيورسٽي جو چوڪيدار نوحاڻي مونکي ننڊ مان اُٿاري ٻڌايو ته رات پوليس جو ريڊ پيوٿئي. اوهين نڪرو. اسان کي پنهنجي ڳڻتي گهٽ هئي، ڊاڪٽر گهنشام پرڪاش ٽن ڏينهن کان هن علائقي ۾ دوري تي هو ڪيتريون ئي گڏجاڻي ڪيون هئائين. رپورش به هو.
مان ۽ ڊاڪٽر طالب لاشاري ايل ايم سي جي هاسٽل ۾ جتي هو رهيل هو. ڊاڪٽر گهنشام کي صورتحال کان آگاهه ڪيو، هن چيو ته ٺيڪ اوهين وڃون مان بندوبست ڪيان ٿو. بعد ۾ خبر پئي ته هن همراهه عقل مندي ڪري فجر مهل نڪرڻ جو فيصلو ڪيو. شام جو خبر پئي ته ڊاڪٽر گهنشام ۽ طالب لاشاريءَ جو ڀاءُ جيڪو سرڪاري ملازم هو ۽ شهر ۾ رهندو کيس گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ نيو ويو ۽ پوءِ تشدد کان پوءِ جيل موڪليا ويا ۽ 1989ع ۾ بينظير ڀٽو جي دور ۾ آزاد ٿيا. ايمنسٽي انٽرنيشنل ڊاڪٽر گهنشام کي ضمير جو قيدي قرار ڏنو.
مان ۽ ڊاڪٽر طالب لڪڻ لاءِ يونيورسٽي جي ڪالوني وياسين مئڊم نسيم ٿيٻو جي گهر تي جيڪا ڪامريڊ مير ٿيٻو جي ڀيڻ ۽ رسول بخش پليجو جي گهرواري هئي. (هاڻي گذاري وئي آهي) ته هوءَ مشهور اديب طارق ابڙو سان ويٺي ڪچهري ڪئي. هن اهڙي حالت ۾ اسان کي رهائڻ کان جواب ڏنو ڏاڍي مايوسي ٿي ۽ پوءِ هڪ شاگرد ساٿي جي گهر ۾ وڃي رهياسين.
ڊاڪٽر گهنشام جي گرفتاريءَ کانپوءِ سنڌ جي شاگرد سياست جو بار ڊاڪٽر طالب لاشاري، ڊاڪٽر مرتضيٰ ڪراچي ۾ اظهر عباس هاڻوڪو جيو ٽي وي جو ڊائريڪٽر افشان پروفيسر جمال نقوي جي ڌيءُ ۽ مون مٿان اچي ويو. ڪراچي جي تنطيم هتان جا دوست سنڀاليندا هئا ۽ سنڌ جي ٻهراڙي ۾ اسين ڊوڙندا هئاسين هڪ ڀيرو ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻين کي گڏ ڪيو ويو. 50 جي لڳ ڀڳ شاگرد هئا. آءٌ خاص مهمان هئس جڏهن مون ڳالهايو ته سمورا کلي رهيا هئا يا پاڻ ۾ ڪچهري ٿي ڪيائون سبب هو ته مون سنڌيءَ ۾ تقرير پئي ڪئي جيڪا هنن کي سمجهه ۾ نه آئي ۽ اردو مونکي نه پئي اچي.
جيڪي به ساٿي گرفتار ٿيا انهن لاءِ چاڪنگ ڪرڻ، پمفليٽ ورهائڻ ڪٿي ڪٿي مظاهرا ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيوسين. مارشل لا جي انتها هئي ايجنسيون سياسي ڪارڪنن پٺيان هيون. سياسي ڪارڪن محتاط ٿيڻ لڳا، ڇاڪاڻ جو گرفتارين جو عمل تيز ٿي چُڪو هو. مونکي تنظيم مشعل ڇپرائڻ لاءِ مواد ڏنو جيڪو کڻي ڪراچي اچڻو هوس. نوابشاهه جي لوڪل بس ۾ چڙهي جڏهن سڪرنڊ پهتس ته لهي هڪ هوٽل تي منجهند جي ماني پئي کاڌم ته ٻه ڄڻا اچي مون ڀرسان ويٺا پاڻي پي ۽ مونکان پڇڻ لڳا ڪير آهين، مون چيو اوهان جو ڪو ڪم ته هو خاموش ٿي ويا، مان سمجهي ويس هو مونکي چتائي ڏسي رهيا هئا. ڪجهه پريشان ٿيس مان جيئن ئي ڪراچيءَ جي بس ۾ ويٺس ته انهن مان هڪ همراهه به اچي نڪتو. رش سبب هو اڳيان ۽ مان پٺيان هئس مون هلندي بس مان ٽپو ڏئي ڊڪندي نوابشاهه واري بس ۾ وڃي چڙهيس ۽ اُتان وري ٽرين ذريعي ڪراچي روانو ٿيس. خوف ۾ به هئس. ايجنسي وارو منهنجي پٺيان لڳي آخري حدف تائين وڃڻ چاهيو ٿي. منهنجي لاءِ نئين ڳالهه هئي حراس ۾ هئس پر ذميواري محسوس ڪندي گهر وڃڻ بجاءِ ڪراچي پهچي مشعل ڇپرائي سنڌ جي هر يونٽ ۾ پهچايم. فوجي حڪمراني جي ڪري اظهار جي آزادي تي پابندي هئي.
جڏهن اُن زماني ۾ ڪراچي ايندو هئس ته نرنجن ڪمار مرڪزي اڳواڻ ڊي ايس ايف سان ملندو هئس، منهنجي مٿي تي ٽوپي ۽ ڳچي ۾ اجرڪ ڏسي چوندو هو يار اسين روپوش آهيون تنهن جي اهڙي حالت ۾ جلد نشاني تي اچي وينداسين، هو مونکي اڪثر لياري ۾ ظفر ۽ مسعود بلوچ جي گهر ڇڏي هليو ويندو هو ۽ پوءِ مقامي ساٿي پاڪستاني چونڪ تان مشعل يا ٻيو مواد ڇپرائي ڏيندا هئا. اهو سڀ ڪجهه انتهائي رازداري سان ٿيندو هو. ڇاڪاڻ جو فوجي جنتا جي خلاف پمفليٽ يا ڪتابچي ۾ ڳريون سزائون ملنديون هيون. جيئن امداد چانڊيو ۽ ٻين ساٿين کي هڪ پمفليٽ ۾ 7 سال سزا لڳي وئي. اڄ انهيءَ جذبي، شعور ۽ عمل ۽ قرباني سبب فوجي جنرل، ايجنسين جي خلاف تقرير ۽ تحرير عام آهي. ماضي جي شاندار جدوجهد ذريعي آزادي جو اظهار نصيب ٿيو آهي.
1978ع جي پڇاڙيءَ کان 1982ع تائين نوابشاهه ضلعي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٻين ضلعن ۾ تنظيمي گڏجاڻين يا ڪم ڪار سانگي موڪليو ويندو هوس. ڪميونسٽ پارٽي ۽ اُن جا فرنٽ مسلسل پورهيو ڪري رهيا هئا. ڳوٺن ۾ ڪچهريون، ڪارڪنن جي تربيت، ڪارنر گڏجاڻيون، هي ڄڻ ته ڪامريد حيدر بخش جتوئي واري دور کانپوءِ جو ڪجهه اڳڀرو ۽ شعوري تحريڪ وارو دور هو. اسان کي وقت جو پابند بنائڻ، تنقيد ۽ خود تنقيد بابت ڄاڻ ڏيڻ، شخصيت پيرستي جي مخالفت ڪرڻ، پارٽي ۽ تنظيمي ڊسيپلين کي اهميت ڏين، ڇا به ٿي پوي وقت تي پهچڻ، ڪارڪنن ۽ عوام سان ڪوڙ نه ڳالهائڻ، پارٽي جا وسيلا صرف پارٽيءَ لاءِ واري جستجو، طبقاتي جدوجهد کي چٽو رکڻ، ڪارڪن جي به ايتري عزت جيتري ڪنهن اڳواڻ جي، اڳواڻ به تنقيد کان بالادست نه هوندو هو. ها پارٽي جي تنظيم حڪمت عملي، سياسي فيصلا، جدوجهد يا ڪنهن شخص تي تنقيد صرف ادارن ۾ ٿيندي هئي.
ادارن کان ٻاهر تنقيد يا اختلاف راءِ پارٽي دشمني ليکبي هئي. تمام ٿورڙي انگ ۾ اڳواڻ ۽ ڪارڪن هجڻ باوجود انقلاب ۾ پورو يقين هوندو هو. ڪنهن به ڏوهاري ڪردار سماج ۾ اڻ وڻندڙ شخصيت پوءِ چاهي اُها ڪيتري به سگهاري هجي پارٽي ۾ شامل نه ڪيو ويندو هو، جنهن سبب اُن زماني ۾ سياسي ڪردار شانائتا ٿي اُڀريا.