آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

منهنجو سياسي سفر

ھن ڪتاب ۾ علي حسن پنھنجي 30 سالا سياسي سفر جون يادگيريون لکيون آهن، جيڪي کاٻي ڌر جي سياست کان وٺي قومپرست سياست تائين جون آهن. علي حسن سنڌ جي سياست جي باريڪ بينين کي گھِرائي سان پيش ڪيو آهي ۽ ڪيترائي اڻ جوابيل سوال پڻ ڇڏيا آھن جن جا جواب اسان سڀني کي ڳولھڻا آهن. علي حسن چانڊيو سنڌ جو اهو نھٺو، بردبار ۽ پاڻ ارپيندڙ قومي ڪارڪن هو، جنھن پنھنجي جوانيءَ جا خوبصورت ڏينھن جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ گهاريا، سدائين سفر ۽ جدوجھد ۾ رهيو، نہ ڪڏهن ٿَڪو ۽ نہ ڪڏهن مايوس ۽ نہ ئي ڪنھن کي ڏوراپو ڏنائين. 

Title Cover of book منهنجو سياسي سفر

مهاڳ

مهاڳ


علي حسن جو سفر

سنڌ جي سياست، جنهن کان سنڌين کي سوين شڪايتون رهيون آهن، ”چوَڻ“ کان وڌيڪ ”سمجَهڻ“جي سطح تائين رهيون آهن، علي حسن ان ئي سياست جو سرگرم ڪردار هوندي به، پاڻ کي ايئن سنڀالڻ ۾ ڪامياب رهيو جو، اڄ هو هتان هليو وڃڻ بعد به، اوهان تائين پنهنجي ”شڪايت“ پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. شڪايت: ”پنهنجي پاڻ کان به!“. شڪايت: ”پنهنجي سفر کان به!“. شڪايت : ”پنهنجن ساٿين کان به!“. شڪايت : ”پنهنجن اڳواڻن کان به!“. اهڙيون ڪيتريون ئي شڪايتون جيڪي اسان ڪري نه سگهياسين، ڪرڻ جي همت ساري نه سگهياسين، پر خواهش هئي ته ڪو اهڙو هجي، جيڪو ”جيئن جو تيئن“ چئي ڇڏي، حقيقتن کي قومي رڪارڊ تي آڻڻ جي همت ڪري ڏيکاري ۽ اهڙن سمورن سياسي ڪارڪنن جي زبان بڻجي وڃي، جيڪي پنهنجي سفر جي انجام تي، پنهنجين کُڙين جي کلَ بڻجي ويل ڌوڙ کان سواءِ، پاڻ وٽ ٻيو ڪجهه به نٿا ڏسن!. علي حسن جي تڙ-تڪڙ ۾ لکيل هيءَ سياسي ڊائري، اهڙن ڪارڪنن سان ٿيل ويساههَ گهاتين جي سدا بڻجي سنڌ ۾ گونجندي، پڙاڏو بڻجي گونجندي.
مهاڳ لکڻ لاءِ ضروري سمجهيو ويندو آهي ته، مهاڳُ ليکڪ جي تخليق سان گڏ، سندس زندگي بابت به پڙهندڙن تائين ڪجهه پهچائيندڙ هجي، پر مان هن وقت ٻِٽي دماغ سان ان مونجهاري مان گذري رهيو آهيان ته، پهرين علي حسن جي ذات بابت اوهان تائين ڪجهه پهچائڻ جي ڪوشش ڪجي يا سندس سياسي سفر بابت راءِ ڏجي..!!. منهنجي خيال ۾ بهتر ايئن ئي رهندو ته، پهرين علي حسن بابت ڪجهه ڳالهين کي اوهان تائين پهچائجي، شايد ان سان اوهان کي، عليءَ جي هن ڊائريءَ کي سمجهڻ ۾ ڪجهه سولائي ٿي سگهي، جنهن تائين اوهان، ڪجهه پَنا اٿلائڻ بعد، پهچڻ وارا آهيو.
عليءَ سان ويجهڙائي ڪيئن ٿي؟، ڇو ٿي؟، بابت مان هڪ ڪونجَ جي قافلي کان الڳ ٿيڻ وقت، لکيل ليک ۾، تفصيل ڏئي چڪو آهيان. ان ڪري هاڻ اهو ذڪر ٿيڻ گهرجي ته : ”عليءَ سان ويجهڙائي ڪهڙن سببن ڪري قائم رهي ۽ ڪيئن ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿيندي رهي“.
عليءَ سان ملڻ کان اڳ توڙي پوءِ، سندس تعريفون به پهتل هيون ته، مٿس ٿيل تنقيدون به. اهڙيون تنقيدون جن ڏانهن عليءَ پنهنجي ڊائري ۾ هڪ هنڌ ڪجهه هن ريت اشارو ڪيو آهي: ”1995ع واري مادرِ وطن (جلسي) جي تيارين دوران ڪجهه ساٿين، چندو وٺڻ واري عمل ۾ ڀتا خوري ڪئي“. ۽ ٻئي هنڌ هو اڃا ڪجهه وڌيڪ تفصيل سان اسان کي ٻڌائي ٿو: ”ان دوران ڪراچيءَ مان بي پناهه وسيلا گڏ ڪياسين، سرڪاري زمينن مان مليل رقم جو پهرين 20 ۽ پوءِ 60 سيڪڙو پارٽيءَ ڏانهن موڪليندا رهياسين. انهن وسيلن مان ڪراچيءَ جي تنظيم تي خرچ ڪرڻ سبب بهتري آئي. منهنجي اندازي موجب: 2004ع کان 2010ع تائين ڊاڪٽر قادر مگسيءَ کي پارٽي فنڊ ۾ پنجن ڪروڙن کان مٿي مليا، پر افسوس جو اهي فقط 10 سيڪڙو پارٽيءَ تي ۽ باقي سندس ذات تي خرچ ٿيا“. سو عليءَ سان ميل جول وڌڻ سان گڏ مون کي اهو احساس به هو ته، اهڙي قسم جا اڳ ئي پهتل اطلاع، اهڙن اطلاعن مطابق سندس طبيعت اڄ به جيئن جو تيئن ئي آهي ته پوءِ، مون کي سندس ويجهو ٿيڻ به کپي يا نه!؟ ٿيڻ جو ڪو فائدو به آهي يا نه!؟، ڪٿي هي فقط هڪ ڏکوئيندڙ مشق نه بڻجي وڃي...!!. پر مون کي اهو ڏسي خوشگوار حيرت ٿي ته :” نه رڳو علي حسن کي پاڻ کان ڪرايل اهڙين سرگرمين جو چڱيءَ ريت احساس هو، پر هو انهن کي قبول ڪندڙ، بيزاري رکندڙ ۽ پاڻ کي نئين سر سهيڙڻ جو عزم رکندڙ هو. سياسي سفر جي اڪيچار حادثن باوجود به، هو سياست کي فقط اهڙي ”سياست“ سمجهڻ لاءِ تيار نه هو، جنهن جو اسان ۽ توهان ڪجهه هن ريت اظهار ڪندا آهيون :” ڏس! هو ڪيئن نه اسان سان سياست پيو ڪري!“.
مون کي جيڪڏهن عليءَ جي سڀ کان بهترين خوبي بيان ڪرڻ لاءِ چيو وڃي ته، مان ايئن ئي چئي سگهندس:” عليءَ پنهنجو سياسي ايمان وڃايو نه هو“. تمام ڊگهي سياسي سفر دوران، تمام گهڻن حادثن کي ڏسڻ ۽ حادثن جو حصو هئڻ باوجود به، علي سياست کي فقط ڪوڙَ، منافقيءَ ۽ ٺڳيءَ جي مفهوم ۾ وٺڻ لاءِ تيار نه هو. هو پُر اعتماد هو، انتهائي مختصر ٽيم هوندي به، انتهائي گهٽ وسيلا هوندي به، دشمنيءَ جو روپ وٺي ويل اڳوڻي سياسي سٿَ جون مخالفتون هوندي به، هو مايوس نه هو، هار مڃڻ لاءِ تيار نه هو، ڪجهه ڪرڻ جي خواهش کي پنهنجي اندر مان ختم ڪري ڇڏيندڙ نه هو، ڪجهه به ڪرڻ لاءِ، ڪجهه به ڪري سگهڻ لاءِ هر وقت تيار هو، هر قيمت تي تيار هو. هو زوردار انڪار هو، غلط روايتن کي مڃڻ کان، غلط شيءِ قبول ڪرڻ کان. طبيعت ۾، پنهنجي انداز ۾، پنهنجي جوهر ۾، هڪ سرگرم سياسي ڪارڪن جيان هر وقت پرجوش رهندڙ علي حسن هڪ سياسي اڳواڻُ بڻجي چڪو هو، باقي سموري سنڌ ان کي چڱيءَ ريت محسوس ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو، پر هن پاڻ محسوس نه پئي ڪرڻ چاهيو، هڪ ڏنگي ٻار جيان، ڏکين ڪمن ۾ هٿ وجهڻ ٿي چاهيو، ڪجهه ڪري ڏيکارڻ ٿي چاهيو، پنهنجين سمورين سياسي ناڪامين جو اثر وٺڻ کان انڪار ڪندي، ڊهندڙ سياسي تصورن کي، ڊهڻ ئي ڏيڻ کان انڪار ڪندي. لاشعوري طور، هو سياست ۾ هڪ وڏو ”انڪار“ بڻجي اڀري رهيو هو، اهڙو انڪار، جنهن جو هئڻ ئي سياسي ڪارڪن کي، سياستدان بڻجڻ جي منزل تي پهچائيندو آهي.
ان ڪري، علي حسن هڪ ئي وقت مون کي سرگرم سياسي ڪارڪن به نظر آيو ته، سرگرم سياسي اڳواڻ به. هر وقت، هر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار، هر وقت ڪا به ڳالهه ٻُڌڻ لاءِ تيار، هر وقت هر ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار، پاڻ کي تبديل ڪرڻ لاءِ به تيار ته سماج کي تبديل ڪرڻ لاءِ به تيار. ڪنهن به معاملي تي پنهنجي مضبوط راءِ رکڻ باوجود، بنا اهڙو اظهار ڪئي، هر ماڻهوءَ کان سندس راءِ وٺڻ لاءِ تيار. هو نه رڳو سياسي ڪسوٽي رکندڙ هو، پر پاڻ کي اهڙي ڪسوٽيءَ کي پيش ڪندڙ به هو. پنهنجن غلطين جو اعتراف ڪندڙ به هو ته ٻين کي غلطين جو احساس ڏياريندڙ به، ان ڪري به ته، سندس سياسي منزل فقط هڪ سياستدان ٿي ڏيکارڻ واري نه هئي پر هڪ سياستدان بڻجي ڪجهه ڪري ڏيکارڻ واري هئي. اندر ۾ هڪ پيڙا هئي، جنهن پنهنجو دڳُ ڳولڻ ٿي چاهيو، منزل تي پهچڻ ٿي چاهيو.
مان، مٿي ذڪر ڪري چڪو آهيان ته، عليءَ جي هيءَ سياسي ڊائري ”تڙ -تڪڙ ۾ ڪجهه نه ڪجهه لکي ڇڏڻ “جو احساس ڏياري ٿي. ان وقت ته ”تڙ-تڪڙ“ جو ڪو سبب سمجهه ۾ ايندڙ نه هو، جڏهن ان کي لکيو پئي ويو، ”عوامي آواز“ ذريعي سنڌ تائين پهچايو پئي ويو، پر هن وقت علي، جڏهن اسان سان علي حسن چانڊيي جي وجود طور گڏ نه آهي، تڏهن مون کي ان ”تڙ-تڪڙ“ ۾ ڪيل پورهيي جي اهميت جو احساس ٿي رهيو آهي. هن اهو ڪم ڪري ڇڏڻ چاهيو ٿي، ڪنهن نه ڪنهن ريت ڪري ڇڏڻ چاهيو ٿي، سنڌ جي اهڙين سياسي ڳالهين کي، سنڌ جي سياسي رڪارڊ تي آڻي ڇڏڻ چاهيو ٿي، جن بابت اسان سڀ ”باخبر“ هوندي به، ”بي خبر“بڻيل رهڻ پسند ڪندا آهيون!.
علي حسن چانديي جي سياسي ڊائري جي شروعات، کيس سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ مان تڙي الڳ ڪري ڇڏڻ لاءِ، 24 مئي 2011ع تي جاري ٿيل اهڙي ”معطلي“ جي نوٽيس سان ٿئي ٿي، جنهن ۾ مٿس لڳايل سڀ کان پهرين: ”سندس سرگرم نه هئڻ ڪري آدم شماريءَ سرگرميون بند رهڻ“، جو الزام لڳايل آهي.اهڙي الزام بابت عليءَ پاران پاڻ به چڱيءَ ريت جواب ڏئي ڇڏڻ باوجود، مون کي ان بابت ڪجهه وڌيڪ لکڻ جي ضرورت نه پوي ها، جيڪڏهن الزام مطابق :” سندس سرگرم هئڻ يا نه هئڻ“ کان مان پاڻ ذاتي طور آگاهه نه هجان ها. آدم شماري ۽ گهر شماري جي سرڪاري اعلان بعد، مقرر ڏينهن کان 20 ڏينهن اڳ، مون قوم کي آدم شماريءَ جي اهميت کان آگاهه ڪرڻ لاءِ هڪ ڪالم لکيو هو ”سنڌين کان 20 ڏينهن گهرندڙ سنڌ“. اهڙو ڪالم شايع ٿيڻ کان اڳ ئي سنڌ ۾ سياسي پارٽين جون سرگرميون شروع ٿي چڪيون هيون، هڪ صحافيءَ طور مان پاڻ انهن کي سنڌين تائين پهچائيندڙن مان هڪ پڻ هوس، پر جيئن ئي منهنجو ڪالم شايع ٿيو، تيئن ئي عليءَ ملير جي ڪنهن ڳوٺ مان فون ڪري چيو:” اڄ اسان آدم شماري ۽ گهر شماري لاءِ ڪيل سرگرميءَکي نالو ڏنو آهي : ”سنڌين کان 20 ڏينهن گهرندڙ سنڌ“. ۽ اسان اڄ کان پنهنجي جاڳرتا مهم جو نالو رکڻ جو اعلان ڪريون ٿا: ”سنڌين کان 20 ڏينهن گهرندڙ سنڌ“- ۽ پوءِ جيئن ان کان اڳ مون تائين سندس سرگرم هئڻ جون خبرون پهچنديون رهنديون هيون، تيئن ئي بعد ۾ به پهچنديون رهيون، ويندي ڪڇين سان اهڙين ميل- ملاقاتن جون به ته، جيئن کين ”سنڌيءَ قوم طور پنهنجي سڃاڻپ ظاهر ڪرڻ لاءِ قائل ڪري سگهجي“. عليءَ تي اهو پڻ الزام لڳايل نظر ٿو اچي ته :”هُن 17 مئي 2011ع تي ڊاڪٽر قادر مگسيءَ جي دعوت تي، مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف جي ايس ٽي پي هائوس حيدر آباد اچڻ جي مخالفت ڇو ڪئي؟“. علي پاڻ ان جي چڱي ريت وضاحت ڪري چڪو آهي، پر جڏهن ”قومي اسيمبليءَ ۾ نواز ليگ ميمبرن طرفان ڪالاباغ ڊئم جي اڏاوت اڻٽر قرار ڏئي، ان سنڌ سڪائڻ جي سازش جي مخالفن کي، پاڪستان دشمن قرار ڏنو ٿو وڃي“ ۽ ساڳي ڏينهن ايس ٽي پي سربراههَ جو اهو بيان به ڏسڻ لاءِ ملي ٿو ته:” ڪالاباغ ڊئم جي ڳالهه ڪرڻ پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش آهي!“. يا ان کان به ڪجهه هفتا اڳ ايس ٽي پي سربراهه طرفان ايئن چوڻ ته :” ن ليگ وٽ سنڌين کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي“، تڏهن علي حسن چانڊيو 2011ع ۾ ئي ڪالاباغ ڊئم جي حامين ۽ سنڌين لاءِ پاڻ وٽ ڪجهه به نه رکندڙن سان ”پنهنجائپ جون پينگهون وڌائڻ“ جي مخالفت ڪندي غلط ٿو هجي يا پنهنجي سياسي تدبر جو اظهار ڪندڙ ٿو هجي جو، کيس پارٽي عهدي تان ايئن معطل ڪيو ٿو وڃي جو، پارٽيءَ سربراهه جي غير موجودگيءَ ۾ پارٽيءَ جي سربراهيءَ ڪندڙ جي معطليءَ جو معاملو سينٽرل ڪميٽي ۾ رکڻ جهڙو به نٿو سمجهيو وڃي...!!. علي حسن نواز شريف تي اعتبار ڪرڻ کان انڪار ڪندي ڪٿي غلط هو؟ ڪيئن غلط هو؟ سندس جيئري نه سهي، مُئي ئي سهي!، ڪو وضاحت ڪري سگهي ٿو؟، ذميواري قبول ڪري سگهي ٿو!؟. جيستائين سنڌ جي سياست، پنهنجي وائيس چيئرمين کي به نيڪالي ڏيڻ جو فون تي اطلاع ڏيندڙ هوندي، بنا سوال ڪرڻ جَي!، بنا سبب ٻڌڻ جي!، احترام ۽ ذميواريءَ جي ڪنهن به جذبي کان عاري هوندي ته، پوءِ اهڙي ڪا به سياست خود پنهنجو سفر ڪيئن جاري رکي سگهندي!؟. اهڙي قيادت خود پنهنجو وجود ڪيئن برقرار رکي سگهندي!؟ اهڙن سوالن جا جوابَ، علي حسن کي 2011ع ۾ پارٽيءَ مان نيڪاليءَ ڏئي سندس جاءِ تي ويهاريل حيدر شاهاڻي ۽ ٻي سينئر قيادت طرفان 2013ع ۾ ڪيل پريس ڪانفرنس ۽ بعد ۾ پنهنجي سوچ جي مڪمل مخالف پيپلز پارٽيءَ ۾ به هليو وڃڻ قبول ڪري ڇڏڻ!، وارن سوالن تي سوچيندي ملي سگهن ٿا، پَنهنجن کي به ته، پراون کي به. ”سبب ڄاڻايو نوٽيس“ ۾ علي حسن جو انڪار، اهو ئي ”انڪار“ آهي جنهن کي مان ”سندس هوندي“ محسوس به ڪيو هو ته، هاڻ ”سندس نه هوندي“ ظاهر به ڪري رهيو آهيان. عليءَ کي مليل نوٽيس سنڌ جي هڪ ”عالم“ جي ”ٽائپ رائيٽر“ بڻجي وڃڻ کان سواءِ جيڪڏهن ڪا ٻي سمجهاڻي ڏي ٿو ته :” سنڌ جي سياست پاران انسانَ ۽ انسانن جا اڳواڻ پيدا ڪرڻ بجاءِ، خدا پيدا ڪرڻ ۽ خدا بڻائي ڇڏڻ جي..!!“.
نائين جماعت جو شاگرد هوندي پنهنجي والد جو قتل، 78 ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪرڻ شرط ئي غربت جي ديوَ آڏو ڪنڌ نه نمائيندي ”پورهيت ٻار“ بڻجڻ کان به عار نه ڪندڙ، ايس اين ايف اڳواڻن سان ملاقات بعد ٻن مهينن اندر کين ۽ سندن نظريي کي سٺو سمجهي ”بابا جي انتقام جي باهه“ کي، سماجي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف ”بغاوت“ جي شڪل ڏئي شاگرد تنظيم ۾ سرگرم ٿي ويندڙ، 1976ع ۾ انقلابي اڳواڻ شهيد نذير عباسيءَ سان ملي سگهڻ جي خواهش هٿان مجبور ٿي، ميٽنگ اڌَ ۾ ڇڏي پنهنجي پهرين آدرشَ جي ڪمري ۾ گهڙي ويندڙ ۽ چئن سالن بعد پنهنجي آدرش جي ضيائي آمريت هٿان شهادت جي خبر ٻُڌي، اهڙي شام کي ئي ”اڀاڳي“ قرار ڏيندڙ علي حسن چانڊيو، مارشل لا جي ظلم خلاف جهيڙيندڙ پنهنجن ساٿين ۽ اڳواڻن کي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ڪارڪنن طرفان کين ”خانگي جيل جو باندي“ بڻائڻ سان گڏ ساڻن ٿيندڙ ٻين غنڊا گردين کي، اکين سان ڏسي ٿو!. سنڌ ۾ سياسي راءِ جي اختلاف کي، پنهنجن هٿان ئي ڏوهه بڻجندي ڏسي ٿو پر مايوس ٿيڻ يا ڊڄي وڃڻ جي ڪنهن به امڪان کي پنهنجي اندر پيدا ڪرڻ بجاءِ، هو جدوجهد جو اهڙو سگهارو آواز بڻجي وڃي ٿو جو، سرڪار لاءِ کيس پنهنجي ڳوٺ مان گرفتار ڪرڻ ضروري بڻجي ٿو وڃي! سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ ضروري سمجهيو ٿو وڃي!، پر ساڳي ئي وقت هو سنڌ جي قومي شاگرد سياست طرفان به سنڌ يونيورسٽيءَ جي هاسٽل ۾ رهڻ جو حق هئڻ لائق نٿو سمجهيو وڃي!. فوجي جنتا هٿان شهيد ڪيل نذير عباسيءَ جي نالي سان سڃاتي ويندڙ اڳواڻ جي ڪمري ۾ پهچڻ تي، کيس ٽن ڏينهن بعد ئي پنهنجو ڪمرو خالي ڪرڻ تي ايئن مجبور ٿيڻو ٿو پوي جو، پويان ڪمري مان قوم جا اڄ تائين اڳواڻ بڻيلن جا نعرا گونجن ٿا: ”جيئي سنڌ“. قومي اڳواڻ نظرياتي سياست جي ڪتابن کي به باهه ۾ ساڙي، پنهنجي اڄ تائين ”بَي نظريَي“ هئڻ جو بنياد رکڻ جو ڪم به ڪري ڇڏين ٿا. علي حسن چانڊيو ان لمحي کي ڪجهه هيئن بيان ڪري ٿو: ”اسان کان ڪمرو خالي ڪرائڻ بعد جيئي سنڌ جا نعرا ايئن گونجندا رهيا، ڄڻ هنن، سنڌ فتح ڪري ورتي هجي...!!“.
عليءَ جي ڊائريءَ جي ان حصي تي پهچڻ بعد منهنجي ذهن ۾ ڪيترائي سوالَ پيدا ٿين ٿا، جن کي مان اڄ جي حالتن ۾ ڳولڻ جي ضرورت سمجهان ٿو.
بَي رحم ضيائي فوجي آمريت جو دور ٿو هجي، سنڌي فوجي جنتا خلاف ساڳي اهڙي ڪيفيت ۾ نظر اچن ٿا، جيئن بي نظير ڀٽو جي هڪ ٻئي فوجي ڊڪٽيٽر مشرف هٿان ڏينهن ڏٺـي مارجڻ بعد، سنڌي ٽن ڏينهن تائين، سنڌ کي هن رياست کان ئي الڳ ٿلڳ ڪري ٿا ڇڏين. اهڙي وقت، جڏهن ضيائي ظلم خلاف سنڌين جي نفرت کي پنهنجي قومي هدف طرف آڻڻ جو بهترين موقعو هو، تڏهن سنڌ جي قومي سڏائيندڙ سياست، سنڌين جي فوجي آمريت ۽ ڏاڍ خلاف جدوجهد کي ”جيئي سنڌ“ جي نعري ۾ ايئن ئي پاڻ به چٿيندي ۽ رياستي پوليس فورس حوالي ڪندي به نظر ٿي اچي، جيئن بي نظير ڀٽو جي قتل بعد سنڌين آڏو ”پَنهنجي دليل جو ثبوت“ بڻجڻ جي ڪوشش ڪرڻ بجاءِ، قومي قيادت ٽَئي ڏينهن پاڻ کي روپوشيءَ ۾ رکي، ماڻهن جي خواهشن کي پاڻ تائين پهچڻ نه ڏيڻ لاءِ، سَيل فون به بند رکي گذاريا....!!“. ضيائي مارشل لا خلاف سنڌين جي جدوجهد کي ”جيئي سنڌ“ جي نالي ۾چٿيندڙن ڇا ٿي چاهيو؟، ڪنهن لاءِ ٿي چاهيو؟، هاڻ بي نظير جي قتل بعد باهه لڳل سنڌ کان پاڻ کي پري رکڻ جو ڪم، ڪنهن جي ”خواهش“ تي ڪيو ويو يا پنهنجي ”سمجهه“ تحت....!؟، ٻنهي حالتن ۾ اهڙين تحريڪن ۽ سندن اڳواڻن کي، قومي ذهن پنهنجي ڪهڙي خاني ۾ رکي...!؟.
هڪ ٻيو سوال به اڃا تائين جواب ٿو گهري، سوال پيدا ڪندڙن کان به ته، اهڙي سوال تائين پهچي ويندڙن کان به. ”ڪالهه جڏهن اسان کي، ضيا شاهيءَ خلاف جهيڙيندڙن جي مدد نه ڪرڻ جي فيصلي باوجود به، گهٽ ۾ گهٽ سندن لاءِ ”عدم تشدد“ جو رستو ضرور اختيار ڪرڻ کپندو هو، تڏهن اسان مٿن ”تشدد“ کي تيز ڪيو ..!!، ۽ هاڻي جڏهن، ساڳين رياستي ادارن جي تشدد جو شڪار پنهنجن ئي گهر ڀاتي قومي ڪارڪنن جي واهر ڪرڻ جو وقت آهي ته ”عدم تشدد“ تي ايترو ته زوردار انداز سان عمل ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو ويو آهي جو، اهڙو انداز ئي هڪ وڌيڪ سوال کي جنم ڏئي ٿو!. پهرين اچو ته ان ”عدم تشدد“ جو حڪم پهچائڻ لاءِ اختيار ڪيل لفظن کي ڏسي وٺون :”شعوري يا لاشعوري طور، اسان سان لاڳاپيل ڪنهن به ڪارڪن، جيڪڏهن عدم تشدد واري پاليسي جي ابتڙ ڪم ڪيو ته، ان سان اسان جو ڪوبه واسطو نه آهي“.
مان پنهنجي سوالَ تي هڪ ڀيرو وري واپس ٿو اچان :”جڏهن رياست ۽ رياستي ادارن جي سنڌ دشمن فيصلن خلاف مزاحمت ڪندڙن جي مزاحمت ۾ ساٿُ ڏيڻ ڀل ممڪن نه هو، پر گهٽ ۾ گهٽ سندن پاڻ دشمن بڻجڻ کان پاسو ڪرڻ ضروري هو، تڏهن اهڙين سمورين ڌرين خلاف نه رڳو تشدد جو سلسلو شروع ڪيو ٿو وڃي، پر ان ”نيڪ مقصد“ لاءِ رياستي ادارن جي مدد وٺڻ جو ڪم به ”سنڌ سان عشق“ جي اظهار لاءِ ضروري سمجهيو ٿو وڃي...!!- ۽ جڏهن ساڳي طرح ئي بَي رحم رياستي ادارن جي ظلم، تشدد، ٽارچر سيلن ۽ زبردستي موتَ حوالي ڪيل سنڌ جي قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سان پنهنجن ڪارڪنن کي گڏ بيهجندي ڏسجي ٿو ته، کين فوري طور روڪڻ ۽ اهڙو ”ڏوهه“ ڪرڻ کان نه مڙڻ تي، پارٽيءَ مان نيڪالي ڏيڻ جو ”عدم تشددي“ پيغام هر هنڌ عام ڪرڻ کان به عار نٿو ڪيو وڃي...!!“ تڏهن ڪنهن به سوچيندڙ ذهن کي ايئن سوچڻ کان ڪيرُ ٿو روڪي سگهي ته :”ضيائي فوجي آمريت دوران ”تشدد جو فلسفو“ ۽ مُشرفي آمريت کان شروع ٿيل پنهنجن ئي ڀائر قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن تي هر قسم جي تشدد ۽ سندن بي رحماڻي موت خلاف سنڌ ۾ اُٿندڙ چڙ ۽ ڪاوڙ کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ سختيءَ سان سامهون آندل”عدم تشدد جو فلسلفو“، ٻئي هڪ ئي سڪي جا پاسا نه آهن..!؟. جيئن ڪالهه ”تشدد“ کي سنڌين جي تحريڪ کي چٿڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو هو، ايئن اڄ ”عدم تشدد“ ذريعي به ساڳيو ئي ڪم ته نه پيو ڪيو وڃي...!؟. ٻنهي سياسي جدوجهدن دوران ساڳين ماڻهن، ساڳيو ڪم، ساڳي ئي انداز سان ته نڪري ڏيکاريو آهي؟، فقط نعرو تبديل ڪري..!؟“.
هي سفر اوهان کي، عليءَ جي جيل وڃڻ لاءِ ”رومانس“ کان به واقفيت ڏياريندو ته، جيلَ ذريعي شروع ٿيل ”رومانس“ کان به. ”ساٿين“ جي روپَ ۾ پنهنجي آسپاس ”شڪاري“ موجود هئڻ جو چتاءُ به ڏيندو ته، ”نوَن سنڌين“ جي ڪالهه کان وٺي اڄ تائين، سنڌيءَ ٻوليءَ کي پنهنجي لاءِ ”ٽوڪ“ بڻائي ڇڏڻ کان به آگاهه ڪندو. ڏوهَن کي ”قومي ڪم“ سمجهندڙن لاءِ، بدنام ڌاڙيلن جي جيلن اندر ٿيل ”سياسي تربيت“ باوجود، هڪ ڏوهاريءَ طور ئي ٿيل موتَ جي به ڄاڻ ڏيندو۽ اهو به ٻڌائيندو ته :”جيڪو ماڻهو 24 ئي ڪلاڪ ديشي بڻجي ورَ ۾ پسٽل رکي گهمندو رهي، سو اصل ۾ پوليس جو ڊي ايس پي به ٿي سگهي ٿو..!!“. هن سفر ۾ شريڪ رهي اوهان اهو به ڄاڻي وٺندا ته : ڪجهه”مڙس ماڻهو“ ڪيئن نه سرڪاري ادارَن سان ڳٺ جوڙ ڪري، پاڻ کي پاڻ ئي گرفتار ڪرائي، ڪيئن نه قوم آڏو جوڌو بڻجي اچڻ جي ڪريل حرڪت ڪندا آهن..!!، ايئن ئي، جيئن ڪجهه هفتا اڳ اسان هڪ ”قومي اڳواڻ“ کي ساڳي حرڪت ڪندي ڏسي چڪا آهيون“. اهڙين حرڪتن کي سمجهڻ ۽ حقيقتن تائين پهچڻ جا ڪيترائي گسَ، اوهان کي هن سفر ۾ عليءَ حسن سان گڏ رهڻ ڪري ملي ويندا.
عليءَ سان گڏ سندس ”سياسي سفر“ ۾ شريڪ رهندي، هڪ ٻيو سوال به جواب لهڻي ٿو. عليءَ جي لفظن مطابق :”ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ جمعيت ۽ ترقي پسند تنظيمن ۾ ٽڪراءُ هو. ترقي پسند تنظيمون جمعيت جي غنڊا گرديءَ کي مُنهن ڏئي رهيون هيون. جمعيت جي داداگيري عروج تي هئي، هو ترقي پسند فڪر کي برداشت نه ڪندا هئا. هو تعليمي ادارن ۾ رياست جي حمايت ۾ بيٺل هئا“. عليءَ جي بيان ڪيل اهڙين حقيقتن کي ذهن ۾ رکندي، اسان جيڪڏهن ڪراچي يونيورسٽيءَ کان سنڌ يونيورسٽيءَ تائين جو سفر ڪري سگهون ته، اسان کي ساڳي ئي عرصي ۾، ترقي پسند قوتن خلاف وري ٻيا ڪي معتبر سمجهيا ويندڙ نالا نظر ايندا!. جيئن جمعيت ساڳين حالتن ۾، ساڳين ڏينهن ۾، ۽ ساڳي فوجي آمريت خلاف بيٺل تنظيمن ۽ تحريڪن خلاف رياست جي ”خانگي فورس“ طور ڪم ڪري رهي هئي!، ساڳيو ئي ڪم، ساڳي ئي انداز سان، ساڳيو فڪر رکندڙ، ساڳي تحريڪ جي سرگرم ڪردارن سان، ساڳيو سلوڪ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪنهن پئي ڪيو..!؟. ڇا ٻئي ڌريون اصل ۾فوجي آمريت سان گڏ بيٺل هيون؟ ”جمعيت“ جي نالي ۾ به ته، ”جيئي سنڌ“ جي نالي ۾ به...!؟“.
”مئي 1985ع ۾ ڪراچيءَ ۾، شاگردياڻي بشريٰ زيدي ڪيس ٿيو . (بشريٰ زيدي هڪ پٺاڻ ڊرائيور طرفان هلائي ويندڙ گاڏيءَ جي ٽڪر ۾، حادثاتي طور جان وڃائي ويٺي هئي) مهاجرن زبردست احتجاج ڪيو، پٺاڻن جي سوين رڪشائن ۽ هوٽلن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، ڪراچيءَ ۾ وڳوڙن ۾ واڌارو ٿيو، مهاجر قومي موومينٽ جو بنياد بڻيو“. علي حسن جي ڊائري جا هي لفظ مون کي سنڌ جي سياست کي سنڌ کي سمجهي نه سگهندڙن طرفان قومي مظلوميت جي علامت کي هٿن ۾ پڪڙي رکڻ بجاءِ، هٿن ۾ اچي وڃڻ باوجود، ان کي هٿن مان ڇڏي ڏيڻ جي ناسمجهيءَ تائين پهچائن ٿا. هڪ ڊرائيور جي روايتي لاپرواهيءَ جو شڪار ٿيل بشريٰ زيدي، ڪيئن نه ڪراچيءَ جي قسمت کي تبديل ڪري ڇڏيندڙ سياست کي جنم ڏيڻ جو سبب بڻجي وئي!، پر ڪير مون کي ٻڌائيندو :” رنڪل ڪماريءَ کي جيئري ئي ماري ڇڏڻ کان به وڌيڪ ٿيل ظلم، سڄي دنيا ۽ سڄي دنيا جي ادارن تائين ايئن پهچي وڃڻ باوجود به ته ”انهن سنڌ جي هڪ مظلوم نياڻيءَ کي پاڪستان جي سياست تي تمام گهڻو اثر ڇڏيندڙ شخصيت طور قبول ڪيو“، پوءِ به ڌرتيءَ جي مظلوميت ۽ مذهبي انتهاپسنديءَ کي هڪ بدترين شڪست ڏيڻ جو ڪيس ڪنهن ٻوڙيو؟، ڪنهن ان کي مظلوم سنڌ جي علامت بڻائڻ نه چاهيو!، پنهنجي سماج جي رياستي پرورش ۾ پلجندڙ مذهبي ٺڳن هٿان ٺڳجي وڃڻ جي علامت کي مڃڻ کان ئي انڪارُ ڪري ڇڏيو!، ڪنهن؟، ڇو؟، ڇا لاءِ..!؟. ساڳين طاقتور ڌرين ۽ ادارن لاءِ، جن خلاف جدوجهدن کي اڄ تائين به دٻائڻ ضروري سمجهيو وڃي ٿو..!؟ - ۽ پوءِ پنجن سالن جي وجنتيءَ کان وٺي ڀوري ڀيل تائين جي انسانيت کي لڄائيندڙ سانحن کي به قومي ڪاوڙ ۾ تبديل نه ڪري سگهڻ جو ڏوهه ڪنهن ڪيو؟ ڪنهن لاءِ ڪيو..!؟، ويندي ڪڪو ڪولهڻ جو لڄ لُٽيل لاش ملي وڃڻ باوجود به...!!، الهڏني ڀيل جي قبر تي لڳاتار چئن ڏينهن تائين جاري رهندڙ مذهبي انتهاپسنديءَ جي تماشي باوجود به...!!. ڇا سنڌ جي سياست زميني حقيقتن ۽ مظلوميت جي حقيقي ڪردارن کي ”قومي ڪاوڙ“ جو روپ ڏئي سگهڻ جي همت نٿي رکي؟، يا ان کي به علي حسن جي ڪيل اشارن مطابق: ”رياستي راند“ ئي سمجهڻ گهرجي!؟، يا سندن نالائقي...!؟. ٻنهي حالتن ۾ سنڌ جون نمائندا ڌريون ڪهڙي خاني ۾ رکڻ لائق بڻجن ٿيون!؟، عليءَ جو هي ”سياسي سفر“ اوهان کي ڪيترن ئي اهڙن سوالن تائين پهچائيندو، ضرور پهچائيندو.
علي حسن جي هيءَ ڊائري، سنڌ جي ترقي پسندن جي، سنڌين جي جدوجهد کي ”عوام کي ويڙهائڻ“ سمجهڻ جي ذهني دنگَ تي بيٺل هئڻ تائين به پهچائيندي. 30 سيپٽمبر سانحي بابت پڻ ڪيترائي اڻ چٽا ۽ چٽا اشارا به ڪندي، اهڙي سانحي، جنهن ۾ عليءَ مطابق :”ايم ڪيو ايم جو ته ڪو به ڪارڪن قتل نه ٿيو، پر 60 سنڌي نعرا هڻندي وسايل گولين جو کاڄ ضرور بڻيا!“، تنهن واقعي لاءِ مخصوص ڪيل وقت تي ”سڄي شهر جي بجلي بند ٿي وڃڻ“ مان هڪ ئي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي :”يا ته اهڙي منصوبابندي ڪندڙ ڌرين جو حيسڪو تي مڪمل ڪنٽرول هو ۽ هو ان کان ”جيئن چاهين، تيئن ڪرائين“ جي ”مڪمل سگهه“ رکندڙ هئا يا پوءِ اهي پاڻ انتظاميا جي ”مڪمل ڪنٽرول“ ۾ هئا“. ها!، پوءِ پهرين سيپٽمبر تي ڪراچيءَ ۾ جيڪو ڪجهه به ٿيو، جيئن سنڌي چونڊي-چونڊي ماريا ويا...!!، ڇا ٻئي واقعا هڪ ئي هنڌ ٿيل منصوبابنديءَ جو حصو هئا..!؟. ٽيمون الڳ هيون پر ڪم ساڳيو هو...!!. طرفَ مختلف هئا، پر منزل ساڳي هئي ...!؟.اهڙن ٻنهي واقعن جا نتيجا به اوهان کي علي حسن جي هن ڊائريءَ ۾ ملي ويندا.
علي حسن اهڙين حقيقتن تان پردو کڻندي، سنڌ جي اهڙن هزارين سياسي ڪارڪنن جي ترجماني به ڪري ٿو ” جن مختلف اڳواڻن ۽ تحريڪن لاءِ پاڻ وڃائي ڇڏيو، پر اتان کين ويتر وڌايل تڪليفن کان سواءِ ٻيو ڇا مليو....!!. مليو ته فقط انهن کي جن نه رڳو پارٽين کي پنهنجي جاگيرَ سمجهيو پر ايئن ڪري به ڏيکاريو“. سياسي تنظيمن ۾ ڏوهارين جي ”هلندي پڄنديءَ“ جون خبرون اوهان کي هن سفر ۾، هر هنڌ نظر اينديون ۽ اهو به نظر ايندو ته : سياسي ڪارڪن اهڙن ڏوهارين آڏو ڪيڏو نه بيوس ۽ لاچار بڻايل آهن. سنڌ جي سياست ڪيئن نه مختلف موقعن تي مليل عوامي سگهه کي سنڀالي سگهڻ کان لاچار يا ناڪام رهي آهي!، شخصيت پرستي ۽ ادارا نه ٺاهڻ جي بيماري ڪيئن نه سنڌ جي سياست کي اندران ئي اندران پورو ڪري رکيو آهي!، سياسي بوسڪيءَ جي پٽڪي هيٺان ڪيئن نه ريڙون ئي ريڙون ٿيون لڪايل ٿيون هجن...!!
پنهنجن لاءِ ئي ظالم ۽ قاتل ٿيڻ جو سڀ کان وڏو نقصان عام ماڻهن کان وڌيڪ ان ڌر جو ئي ٿيندو آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ، جڏهن سنڌ ۾ ڍاڪا يونيورسٽي جو ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيو هو، جتان ئي قومي شعور کي سفر ڪرڻو هو، سو ئي هنڌ، قومي شعور جو مقتل بڻائي ڇڏڻ ڪري، ڪيئن نه اهڙيون ڌريون پاڻ به هڪ گناهه جي سڃاڻپ بڻجي ويون...!!، عليءَ جو هي سياسي سفر اوهان کي ڪيترائي ڀيرا اهڙن واقعن، سانحن ۽ روَين ڏانهن اشارا ڪندي نظر ايندو. شخصيت پرستيءَ جو جن بوتل مان نڪرڻ بعد ڪيئن نه نانگُ بڻجي پنهنجا ٻچا کائڻ شروع ڪري ٿو..!!، سنڌ جي سياست ته ان کان به وڌيڪ مثالن سان ڀريل آهي، جيترا اوهان کي هن سفر ۾ نظر ايندا، پر ڪنهن به، ڪن به نتيجن کان، ڪجهه به ناهي سکيو ۽ نه سکڻ چاهي ٿو، جي حقيقتن تائين پهچائڻ سان گڏ...!!
ڊاڪٽر گهنشام پرڪاش، سنڌ جي سياسي جو هڪ سرگرم ڪردار، سنڌ ڇڏي هند پهچي ٿو وڃي!. سنڌ مان جن به هند گهمڻ ويندڙن سان منهنجي ملاقات ٿي سگهي آهي، تن سمورن جي وات مان هڪ ئي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ملي آهي: ”گهنشام اهو ناهي رهيو!. هو ته هاڻي ملڻ کان به انڪار ڪري ٿو ڇڏي!“. مُنهنجي ذاتي طور گهنشام سان ڪڏهن به، ڪا به ملاقات ناهي رهي، پر هڪ سنڌي ۽ هڪ قومي ڪارڪن طور مون کي سندس بابت ٻڌايل رويو سمجهه ۾ نه ايندڙ ته لڳو، پر مون هميشه ”منهنجو ڇا!؟“ چئي، ان سلسلي مان جان ڇڏائي ٿَي ڇڏي. علي حسن جي سفر ۾ گهنشام جي ذڪر کي مان بار بار پڙهيو، گهنشام بابت ٻڌايل ڳالهين کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لاءِ. علي حسن موجود هجي ها ته مان کانئس ان بابت ڪجهه سوال ضرور ڪريان ها،پر سندس ٻڌايل ڳالهيون پڙهندي مون جيئن محسوس ڪيو، تنهن مطابق:
(الف) گهنشام سينٽرل جيل ۾ پنهنجي قائد سان ملاقات ڪرڻ لاءِ اچي ٿو. واپسيءَ تي جيل جي دروازي تان ئي گم ڪيو وڃي ٿو.
(ب) ڇهن مهينن تائين ”کنڀجي گم رهڻ“ بعد هو آزاد ٿي پنهنجي سياسي گهر پهچي ٿو. ۽ پوءِ پنهنجي سياسي گهر ۾ ويٺي ئي، پاڻ کي ان کان الڳ ڪرڻ جو اعلان ڪندي چوي ٿو:” ڳُجهن ادارن خبردار ڪيو آهي ته، سياست ڀلي ڪر، آزاديءَ جا نعرا به هڻ، پر ڪم اسان لاءِ ئي ڪر، نه ته ملڪ ڇڏي وڃ. جي اڃا به ضد تي رهندين ته پوءِ هميشه لاءِ جيل ۾ رهندين يا ماريو ويندين“. ۽ پوءِ هو فيصلو ڪري ٿو :”پارٽيءَ ۾ ويهي ڌڙو ٺاهڻ کان بهتر آهي، ملڪ ڇڏي وڃان“، ۽ هو هليو وڃي ٿو.
”سياسي سفر“ ۾ ان هنڌ پهچڻ تي، منهنجي ذهن ۾ بَي چيني پيدا ٿي رهي آهي، پر ان کي ختم ڪيئن ڪريان!؟ سا خبر ناهي. مثال طور:
(1) ڊاڪٽر گهنشام پارٽي قائد سان ملڻ لاءِ جيل ايندي واپسيءَ تي گم ٿي وڃي ٿو. ڇا هو پنهنجي اهڙي گرفتاريءَ بابت شڪي آهي؟. (2) ڇهن مهينن تائين گم رهڻ بعد آزاد ٿي پارٽي آفيس پهچڻ بعد هو چوي ٿو :”ڳجها ادارا ٿا چون، يا ته اسان جو ٿي ڪم ڪر ، پوءِ ڀل آزاديءَ جا نعرا هڻندو رههُ يا ملڪ ڇڏي وڃ“. (3) هو پارٽيءَ ۾ ڌڙو ٺاهڻ کان انڪار ڪندي چوي ٿو ته :”دلالي ڪرڻ کان بهتر آهي ته ملڪ ڇڏي وڃان“.
گهنشام جي اهڙي انداز سان پنهنجي پارٽي ۽ سنڌ کي مخاطب ٿيڻ هيٺيان سوال پيدا ڪري ٿو:
سرڪاري مهمان رهندڙ يا ڳجهيون مهمانيون کائيندڙ جيڪي اڳواڻ زوردار نعرا لڳائي رهيا آهن، حقن کان وٺي آزاديءَ تائين جا!، ڇا اهي گهنشام کي ڏنل آڇ جيان ئي مليل آڇ جو فائدو وٺي رهيا آهن ته:” سياست به ڀلي ڪريو!، آزاديءَ جا نعرا به هڻو، پر ڪم اسان لاءِ ڪريو..!؟“.
سنڌ ۾ جيڪڏهن ڳاڻاٽي کان ٻاهر پر بَي عمل پارٽيون نظر اچي رهيون آهن، اُنهن جي پيدا ٿيڻ جو سبب اهوئي ته نه آهي، جنهن کي گهنشام ڪجهه هيئن بيان ڪيو هو :” دلالي ڪرڻ کان بهتر آهي ته ملڪ ڇڏي وڃان“.
سمورن اڻ مليل سوالن جي جوابن تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندي، مان گهنشام کي ان ميار کان آجو قرار ڏيان ٿو ته” هن ڪنهن سان ملڻ چاهيو يا نه..!!“. نانگَ جو ڏنگيل جي نوڙيءَ کان به ڊڄي ته، مياري ته نه ٿيو..!؟. ها جي بعد ۾ اوهان کي ”سڌارن“ ذريعي انقلاب آڻڻ جون ڳالهيون پڙهڻ لاءِ ملن ته، انهن کي اوهان اڄ جي ”اهنسائي آزاديءَ“ سان ڀيٽ ڪري، خاموشيءَ سان اڳتي نڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهو ٿا. ڀلا انهن تي ميار به ڪهڙي، جن نه ضد ڪيو، نه ئي ملڪ ڇڏيو...!!، پوءِ کين آزاديءَ سان پنهنجا ”نعرا“ چونڊڻ جيتري آزادي ته ملڻ ئي گهرجي.
سنڌ جي سياست ۽ شخصيت پرستيءَ جو شڪار ٿيل نبيلا شاهه جو ذڪر نه ڪرڻ، هڪ اهڙي بي واجبي هجي ها، جيڪا علي حسن اسان سان نه ڪئي. نبيلا شاهه اڪيلي ئي کاڄ ناهي بڻي سنڌ جي سياست جو!. ڪيترين ئي مئل توڙي جيئرن نبيلائن کان سنڌ جا گهڻائي سياسي ڪارڪن واقف آهن. پاڪستان جي عدالتن کي قبول نه ڪندڙ، نبيلا شاهه ڪيس ۾ هميشه عدالت جي فيصلي کي پنهنجي بي گناهيءَ جي ثبوت طور استعمال ڪندي، پاڻ کي، آيلَ هر الزام کان آجو سمجهڻ جو حق محفوظ ڪرائي وٺن ٿا..!!. ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ثبوت ٿي سگهي ٿو، نبيلا شاهه کي ڏياريل اهڙي انجام جو، جنهن جو جسم سان گڏ پيار به ڪُسجي ويو!.
سنڌ ۾ ”مرڻ گهڙيءَ تائين“ بدنام ڪيل بک هڙتالن، سيل فون جي پيغامن، ۽ صوفين جي سڏائيندڙ سنڌ جَي ”انتهاپسندن جو ديسُ“ ٿيڻ سان گڏ، عليءَ جي سفر ۾اسان پنهنجن ئي دانشورن کي پاڻ ئي گولين مان گذاريندي به ڏسي سگهنداسين!. پرڏيهه ۾ به سنڌ جو نالو ڪيئن نه ”وڏين گاڏين“ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو!، ۽ سنڌين لاءِ پنهنجي ئي شهر جا درَ ڪيئن نه بند ڪرايا وڃن ٿا!، وارن سوالن تائين هي سياسي سفر اوهان کي ايئن پهچائيندو جو، ڪيترائي سوالَ ان کان اڳ به موجود هوندا ته پوءِ به. سوالن جي جوابن تائين پهچڻ جي سموري ذميواري، سوال ڪندڙ يا سوال پيدا ڪندڙ تي ئي ڇڏڻ، حقيقت ۾ سوالن جي جوابن کان ڀڄڻ آهي، پنهنجين ذميوارين کان لاپرواهه ٿيڻ آهي، پنهنجي ذميواري ٻين تي ٿوپڻ آهي. سوالَ ئي ته جوابن تائين پهچڻ جو رستو هوندا آهن. جيڪڏهن اسان نوَن رستن تي هلڻ کان ڊڄندڙ نه پر انهن ذريعي سفر ڪري، نيُن حقيقتن ۽ نيُن دُنيائن تائين پهچڻ چاهيون!. هر ذميواري سوال ڪندڙ تي ئي ڇڏي، پاڻ کي ڪنهن به جواب تائين پهچڻ کان آجو قرار ڏئي ڇڏڻ، سنڌ جي پراڻي، مروج ۽ مڃيل رسم آهي. اوهان سوال ڪندا ته، ان جو جواب به اوهان کان ئي گهريو ويندو..!!. جواب تائين پهچڻ جي ڪوشش ۽ خواهش ٿيندي نظر نه ايندي..!!. اها آهي اهڙي سنڌ، جتي اسان علي حسن کان اڳ ۽ علي حسن کان پوءِ ساهه کڻي رهيا آهيون. علي حسن جي اڄ پاڻ موجود هجي ها ۽ سندس هي سفر اوهان تائين پهچائڻ جي ڪوشش ٿي رهي هجي ها ته، يقيني طور علي حسن اسان لاءِ ڪيترن ئي سوالن جا بارَ گهٽائڻ جي ڪوشش ضرور ڪري ها، پر علي حسن هن وقت اسان کي تڙ تڪڙ ۾ به، سنڌ جي سياست کي سمجهڻ لاءِ، ناڪامين ۽ ڪاميابين جي سببن تائين پهچڻ لاءِ، ڪيترائي اهم سوالَ پيدا ڪرڻ بعد، اسان سان پاڻ ته گڏ نه آهي، پر سندس پيدا ڪيل سوالَ ضرور موجود آهن. سياسي سفر ته جاري رهندو آهي، جاري رهڻو آهي، علي حسن کان اڳ به ته، علي حسن کان پوءِ به. ان ڪري عليءَ جي پيدا ڪيل انيڪ سوالن تي پريشان ٿيڻ بجاءِ، اسان کي اهڙن سوالن جي جوابن تائين پهچڻ جي ڪوشش شروع ڪرڻ گهرجي. شايد، ان ريت ئي اسان ۾، سنڌ جي سياست جي ”بند گهٽيءَ“ جي اڳ ۽ پوءِ تائين ڏسي سگهڻ جي نظر پيدا ٿي پوي.


اسد چانڊيو
30 ڊسمبر 2013ع.