آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

منهنجو سياسي سفر

ھن ڪتاب ۾ علي حسن پنھنجي 30 سالا سياسي سفر جون يادگيريون لکيون آهن، جيڪي کاٻي ڌر جي سياست کان وٺي قومپرست سياست تائين جون آهن. علي حسن سنڌ جي سياست جي باريڪ بينين کي گھِرائي سان پيش ڪيو آهي ۽ ڪيترائي اڻ جوابيل سوال پڻ ڇڏيا آھن جن جا جواب اسان سڀني کي ڳولھڻا آهن. علي حسن چانڊيو سنڌ جو اهو نھٺو، بردبار ۽ پاڻ ارپيندڙ قومي ڪارڪن هو، جنھن پنھنجي جوانيءَ جا خوبصورت ڏينھن جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ گهاريا، سدائين سفر ۽ جدوجھد ۾ رهيو، نہ ڪڏهن ٿَڪو ۽ نہ ڪڏهن مايوس ۽ نہ ئي ڪنھن کي ڏوراپو ڏنائين. 

Title Cover of book منهنجو سياسي سفر

سنڌ ۾ اتحادن جي صورتحال:

سنڌ ۾ اتحادن جي صورتحال:
غالباً 1994ع ۾ ممتاز ڀٽو جي سرواڻي ۾ يونائيٽيڊ نيشنل الائنس (يو اين اي) جڙيو، جنهن تقريباً ٻه سال سرگرم ڪردار ادا ڪيو. ايس ٽي پي جو اُن ۾ اهم ڪردار رهيو. 1996ع ۾ بينظير جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ ممتاز ڀٽو کي سنڌ جو نگران وڏو وزير بڻايو ويو. ان دوران اتحادين جو سي ايم هائوس ۾ اجلاس ٿيو، چونڊن لاءِ هم آهنگي پيدا ڪئي وئي، ان دوران ڊاڪٽر قادر مگسي ٺٽي مان چونڊ وڙهيو، اُميد به هئي ته نگران وزيراعليٰ مدد ڪندو پر اتحادين جي مدد نه ٿي چونڊ هارائي سين.
نئين سرڪار نوازشريف جي ٺهي. ياد رهي ته طويل مارشل لا کان پوءِ جمهوري تحريڪ جي شاندار جدوجهد کانپوءِ 1988ع ۾ جمهوري چونڊون ٿيون پر پ پ کي ٻه سال به هلڻ نه ڏنو ويو ۽ پوءِ نوازشريف سان به ساڳي حالت ٿي ۽ وري 1997ع جي چونڊن ۾ نوازشريف کٽي آيو ته جنرل مُشرف مارشل لا مڙهي کيس قيد ڪيو ۽ پوءِ سعودي سرڪار جي وچ ۾ پوڻ ڪري ڏهن سالن جي ٺاهه تحت کيس پرڏيهه موڪليو ويو. 1998ع کان لڳل مارشل لا ملڪ ۾ جبر پئدا ڪيو. بلوچن کي ماريو ويو، سنڌين سان جٺيون ڪيون ويون، صرف جنرل مشرف، فوج ۽ انهن جا اتحاد جاگيردار، موقعي پرست سياستدان ۽ ايم ڪيو ايم مزا ماڻيا.
اِهي اُهي قوتون هجن ٿيون جيڪي نالي ۾ جمهوريت پسند ته ساڳي وقت آمريت سان به گڏ هوندا آهن.
يونائيٽيڊ الائنس جو اجلاس ترقي پسند هائوس تي ٿيو. ممتاز ڀٽو تي سخت تنقيد ٿي ته هن نگران وڏو وزير ٿي قومي اتحاد کي نقصان پهچايو آهي ۽ انهن طرفان الزام هو ته اوهين، ايس ايڇ او جي بدلي، نوڪريون، ريتي بجري جا ٺيڪا وٺڻ لاءِ سي ايم هائوس ايندا هئا. آءٌ اکين ڏٺو شاهد آهيان ته ٻنهي الزام ۾ سچائي هئي ۽ پوءِ جلد اتحاد ٽٽي ويو.
1997ع ۾ هڪ نئون اتحاد پونم ”پاڪستان جي محڪوم قومن جو اتحاد“ اسلام آباد ۾ هڪ گڏجاڻي ۾ جوڙيو ويو. اُن وقت اشوز انتهائي اهم هئا. ڪالاباغ ڊيم جو رينگٽ پئي هليو. هي اتحاد پنجاب کي ڇڏي سنڌ، بلوچستان، پختونخواهه ۽ سرائيڪي قوم تي ٻڌل هو. 1940ع جي قرارداد کي بنياد بڻايو ويو هو. ڪافي حد تائين محڪوم قومن جو نظرياتي اتحاد هو. هن اتحاد ۾ عطاءُالله مينگل جي پارٽي بي اين پي ڊاڪٽر حئي بلوچ جي نيشنل پارٽي، محمود خان اچڪزئي جي پختونخواهه ملي پارٽي، اجمل خٽڪ جي عوامي نيشنل پارٽي، حميد اصغر شاهين سرائيڪي قومي موومينٽ، تاج لانگاهه جي پاڪستان سرائيڪي پارٽي سنڌ مان ايس ٽي پي، سنڌ نيشنل فرنٽ ممتاز ڀتو، عوامي تحريڪ رسول بخش پليجو، سيد جلال محمود شاهه شامل هئا.
اسلام آباد ۾ جُڙيل اتحاد جو باني صدر اجمل خٽڪ ٿيو ۽ سنڌ جو صدر ڊاڪٽر قادر مگسي ٿيو. رسول بخش پليجو جي سخت مُخالفت جي باوجود فيصلو برقرار رکيو ويو. ملڪ گير اتحاد ۾ ڊاڪٽر جي انٽري نئين هئي. انرجيٽڪ هو. سرگرم ڪردار ڪري کيس حمايت ٿي. رسول بخش پليجو جي پارٽي آهستي آهستي غير سرگرم ٿي وئي.
پونم زبردست تحريڪ پئدا ڪئي. سڄي ملڪ ۾ جلسا، جلوس، ريليون سنڌ جي ٻهراڙين، بلوچستان جي ٻهراڙين ۾ پڻ پروگرام ٿيا. ڪراچيءَ ۾ ٻه اهم ايونٽ ٿيا ريگل چونڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ۽ جلسو ۽ نشترپارڪ ۾ جلسو جنهنجي ڪارروائي جو اعزاز مونکي مليو. هن اتحاد ۾ ڪجهه ننڍا گروپ به شامل هئا. عزيز الله ٻوهيو، عبيدالله ڀهٽو ۽ قمر ڀٽي، اظهر جتوئي جيڪي پڻ پنهنجي حال سارو ڪم ڪندا رهيا ۽ پوءِ پونم کي نظر لڳي وئي ڪي ڳجها هٿ مُتحرڪ ٿي ويا. سرائيڪين چيو ته اسين سردارن پٺيان نه هلنداسين. اجمل خٽڪ کي اي اين پي پوئتي ڪري ڇڏيو ۽ اي اين پي نڪري وئي. سرگرميون محدود ٿيڻ لڳيون آخري اجلاس ڪوئيٽا ۾ ٿيو جنهن ۾ صدر محمود خان اچڪزئي ۽ جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر قادر مگسي ٿيو بس اُهو آخري اجلاس ثابت ٿيو. اهو چوڻ مناسب ٿيندو ته پونم ۾ ايس ٽي پي پنهنجو ڪردار نڀايو.
مونکي ايئن لڳو ته بلوچستان جي سياسي فضا تبديل ٿي رهي هئي. جنرل مشرف ٽن بلوچن سردارن جي خلاف سندرو ٻڌي بيٺو هو. اهو چئي سگهجي ٿو ته اڪبر بُگٽي جي قتل کان اڳ پونم ختم نه ٿئي ها. پونم سرگرم هجي ها ته بلوچن جي رتوڇاڻ، کين گم ڪرڻ، چچريل لاش روڪي سگهيا پئي جڏهن سنڌ، سرحد ۽ سرائيڪي علائقي مان جبر خلاف آواز اُٿي ها ته فوج اهو سڀ ڪجهه نه ڪري سگهي ها. اڄ بلوچستان کي بنگلاديش واري صورتحال ۾ آندو ويو آهي. بلوچ پنهنجي جنگ پاڻ پيا وڙهن ابتدا ۾ اڪبر بگٽي ۽ ٻين شهيدن لاءِ سنڌ ۾ احتجاج ٿيا پر هاڻي ٻن ڪالمن جي خبر به نٿي اچي.
رياست بلوچن کي اڪيلو ڪري مارڻ چاهي ٿي باوجود ان جي ته سڄي ملڪ مان انساني حقن جون تنظيمون، ترقي پسند ۽ حقيقي آزادي پسند سندن حمايت ڪن ٿا. هي وڏو الميو آهي ته ماضي ۾ فلسطين، ڏکڻ آفريڪا ۽ ٻين آزاديءَ جي تحريڪن جي عملي طرح سان حمايت ڪندا هئاسين پر پاڙيسري وطن جي ماڻهن سان ٿيل ڏاڍاين تي خاموش آهيون، ڪنهن خاموش ڪيو آهي. اهو سوال موجود آهي؟
پونم جي غيرفعال ٿيڻ کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ اُڀرندڙ مسئلن تي سنڌ نيشنل فرنٽ جي سربراهه ممتاز ڀٽو سرگرمي ڏيکاري قومپرستن سان ڳالهايو ۽ سندس گهر تي ميڙاڪو ٿيو ۽ سنڌ قومي اتحاد نالي الائنس ٺهيو. جسقم، ايس ٽي پي، جيئي سنڌ محاذ خالق جوڻيجو، جيئي سنڌ محاذ زين شاهه شامل ٿيا. اتحاد جو سربراهه ممتاز ڀٽو ٿيو. ٻه چار اجلاسن کانپوءِ سنڌ ۾ جلسن ۽ ريلين جو پروگرام رٿيو ويو. بدين، شڪارپور، ٺٽو ۽ ٻين شهرن ۾ وڏا جلسا ٿيا، بدين جي جلسي ۾ بدمزگي ٿي. جڏهن جسقم ڪارڪنن سنڌو ديش لاءِ ۽ پاڪستان مخالف نعرا هڻي رهيا ته ممتاز ڀٽو سخت لهجي ۾ کين روڪيو ته اسين پاڪستان جي سياست ٿا ڪريون ۽ اوهين اسان کي گاريون ٿا ڏيون. بشير خان قريشي شهيد ۽ نياز ڪالاڻي معاملي کي ٺاريو. اهڙي ريت هن اتحاد جا معاملا به بگڙجندا ويا. ٺٽي جي جلسي ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي پرجوش تقرير ڪئي ۽ سڄو محور ايم ڪيو ايم تي رکيائين اُن کانپوءِ اجلاس ۾ عبدالخالق جوڻيجو سخت اعتراض واريو ته ڊاڪٽر ماڻهن کي پناهگيرن خلاف ڳالهائي نسلي جهيڙا ڪرائڻ چاهي ٿو ته ڊاڪٽر وراڻيو اڳتي توکان تقرير لکرائي پوءِ ڪندس.
جيئن جيئن اتحاد سرگرم ٿيوته سازشون به وڌڻ لڳيون، هاڻي اڪثر مُک ليڊر شپ مختلف بهانا بڻائي نه پئي آئي. هڪ ڀيري ممتاز ڀٽو چيو ته سڪينڊ قيادت سان مان ڇو ويهان ۽ پوءِ جلسن جي بدنظمي اجلاسن ۾ سيڪنڊ ليڊر شپ کان جذباتي اختلاف رکڻ ڪري اتحاد عملي طرح سان پڄاڻي تي پهتو.
ايس ٽي پي جي مرڪزي اجلاس ۾ طويل بحث ٿيو ته شاهه محمد شاهه جي سيو سنڌ موومينٽ جي ڪراچي ۾ ٿيل سيمينار ۾ نه وڃڻ گهرجي ۽ فيصلي تي عمل ڪيون، پر حيراني اُن وقت ٿي جو شاهه محمد شاهه جي ڀاڻوٽ ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي ذاتي دوست جي چوڻ تي هليو ويو، کيس پارٽي اندر فصيلي جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو.
بنيادي طرح سان سڄي دنيا ۾ اتحاد فڪري بنيادن تي جوڙيا ويندا آهن، جنهن جو ڪو حدف هجي ٿو ۽ اُهي اتحاد پائيدار ڊگهي عرصي تائين هلڻ وارا ڪڏهن ڪڏهن ته ڪاميابي جي منزل تي پهچندا آهن، خاص ڪري غلامي خلاف ۽ آزادي جي تحريڪن ۾ اتحادن مُک ڪردار ادا ڪيو، مثال طور ڏکڻ آفريقا ۾ اي اين سي، ڪميونسٽ پارٽي سبڪوي جي پان آفريقن ڪانگريس، پادرين جون تنظيمون هر ڏکي گهڙيءَ کي منهن ڏئي پار چڙهيا. ياد رهي ته ڪميونسٽ پارٽي ۾ گورن جي اڪثريت ميمبر هئي اعتراض به ٿيندا رهيا پر سنجيده فڪري طرح سان سگهارا ۽ پنهنجي مقصد سان وفادار هئڻ سبب اتحاد هلن ٿا، 2006ع ۾ مون تجويز ڏني ته يوم شهداءِ ملهائڻ گهرجي. سنڌ جي تاريخ جي سمورن شهيدن کي ڀيٽا ڏيڻ گهرجي، پهريون ڀيرو ڪراچي سچل ڳوٺ ۾ شاندار جلسو ٿيو، عورتن جو به انگ موجود هو. ممتاز ڀٽو، عمران خان ۽ ٻي قيادت به شريڪ ٿي، اسان ڪراچيءَ جي ساٿين تمام گهڻن شهيدن جون تصويرون ٺهرائي نمائش ۾ رکيون منهنجي خيال ۾ سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو شهيدن جي تصويرن جي نمائش ٿي.
ياد رهي ته وري ٻي يوم شهداءِ ڪانفرنس 2011ع جي 16 ڊسمبر تي ٿي جيڪا انتهائي پوئر هئي. سبب هو ته ڇهن ڏينهن کانپوءِ اسين ايس ٽي پي کان الڳ ٿيندڙ دوستن ڪراچي پريس ڪلب ۾ ورڪرز اجلاس سڏايو هو.
12 مئي 2007ع تي هٽايل چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ڪراچي اچي رهيو هو. جنرل مشرف جي سرڪار هئي تنهن ايم ڪيو ايم کي چئي جسٽس جي رستا روڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وسيم اختر هوم منسٽر هو. تنهن سمورا رستا سيل ڪيا. پنهنجي جلسي جو اهتمام ڪيو. پ پ، اي اين پي، ايس ٽي پي ۽ ٻيا وڪيل توڙي سول سوسائٽي نڪري پئي. ساڳئي وقت ايم ڪيو ايم مزار قائد تي جلسو رٿيو ۽ سندن ويڙهاڪ ڪراچي ۾ ايئرپورٽ ڏانهن ايندڙ ماڻهن کي روڪيو تقريباً 55 سياسي ڪارڪن قتل ٿيا، جنهن ۾ عوامي تحريڪ جو ڪنراڻي پڻ شهيد ٿي ويو. جسٽس کي ايئرپورٽ تي روڪيو ويو. هوڏانهن مشرف (ق) ليگ جي جلسي کي خطاب ڪري رهيو هو ۽ مٺيون لهرائي چيائين ته اسان جي اسلام آباد ۾ ۽ ڪراچيءَ ۾ طاقت ڏسو.
ملير بار مان نڪتل سياسي ڪارڪنن ۽ وڪيلن جي جلوس تي فائرنگ ڪئي وئي ڪيئي ڪارڪن زخمي ۽ شهيد ٿيا.
جلد ئي هڪ سنڌي چئنل جي صحافي فوٽيج ٺاهي ورتا سڄي دنيا مان ايم ڪيو ايم تي تنقيد ٿي ۽ اُن مهل مشهور اينڪر طلعت حسين (آج ٽي وي) تي غنڊن حملو ڪيو جيڪو پڻ لائيو هليو پر افسوس چيف جسٽس جي بحالي کانپوءِ ان ڪيس جو ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو. قاتل آزاد آهن، دهشتگردي ۾ اضافو ٿيو آهي. بهرحال تاريخ لکجي پئي ته معصوم بي گناهه ماڻهن کي ماريندڙ نيٺ ڪٽهڙي ۾ ايندا سياسي قوتن جي ول ۽ سنجيدگي نه هئڻ سبب 12 مئي جي ڪربلا تي مستقل آواز نه اُٿي سگهيو. اڳتي هلي مفاهمت جي نالي ۾ قاتل ۽ مقتول پ پ، اي اين پي ۽ ايم ڪيو ايم گڏجي پنج سال حڪومت ڪئي. جمهوريت جي ڪمزور هئڻ سبب ڪرپٽ حڪمران پنهنجي ڪرُسي ۽ کل بچائڻ ۾ پورا رهيا ۽ پوءِ غير فطري سنڌ دشمن الائنس اقتدارجي پڄاڻي کان اڳ ختم ٿي ويو.
جون 2007ع ۾ مسلم ليگ (ن) لنڊن ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائي ايم ڪيو ايم سرڪاري پارٽين کانسواءِ وڻ وڻ جي ڪاٺي اُتي موجود هئي. سنڌ مان عوامي تحريڪ ۽ ايس ٽي پي شريڪ ٿيون. هڪ ڏينهن واري ڪانفرنس ۾ تفصيلي بحث ٿيا. آخر ۾ اياز پليجو چيو ته قرارداد پاس ڪريو ته آئنده ايم ڪيو ايم سان نه ويهنداسين، منظور ٿي ڊاڪٽر قادر مگسي سان گڏ فتاح سميجو، ڊاڪٽر احمد نوناري ۽ مان هئاسين. ٻئي ڏينهن مقامي هوٽل ۾ سربراهي اجلاس ٿيو، اسين ٻاهر انتظار ڪندا رهياسين ۽ آخر ۾ فيصلو ٻڌايو ويو ته ”اي پي ڊي ايم“ نالي سان جمهوريت جي بحالي لاءِ اتحاد ٺهيو آهي. اسين لنڊن جو سير ڪري مختلف شخصيتن سان ملاقاتون ٿيون. جيئن ئي واپس پهتاسين ته سرگرمي شروع ٿي اڪثر اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيندا هئا. ڪڏهن ڊاڪٽر يا حميد ميمڻ يا وري مان نمائندگي ڪرڻ ويندا هئاسين. اوچتو چونڊن جون سرگرميون ٿيڻ لڳيون، اتحاد ۾ سخت ڏڦيڙ ٿيو ته مشرف جي چونڊن ۾ نه وڃڻ کپي. آخرڪار وڏي سرڪار (ن) ليگ، اي اين پي مولانا فضل رحمان اتحاد کان الڳ ٿي ويا. باقي جماعت اسلامي، عمران خان، حميد گل اڳوڻو ڊي جي I S I پختون خواهه نيشنل پارٽي، عوامي تحريڪ ۽ ايس ٽي پي رهجي ويون. سڄي ملڪ ۾ جلسا ٿيا. زوب، لورالائي مان ۽ هوت خان وياسين. سرحد صوبي ۾ حيدر ملاح ويو، سنڌ ۾ به جلسا ٿيا. ان دوران اسان وٽ بحث شروع ٿيو ته اهم سياسي قوتون هليون ويون. باقي پاڻ ڇو ويٺا آهيون. چونڊن جي بائيڪاٽ ۾ اسان اثر نه ڇڏي سگهياسين. ڪا قوت هئي جيڪا حميد گل، جماعت اسلامي ۽ عمران خان جي ذريعي اسان کي روڪي بيٺا هئا.
دراصل جمهوريت جي حقيقي بحاليءَ لاءِ جدوجهد ۽ چونڊن ۾ وڃڻ سگهاري قوت، عالمي دٻاءَ سبب چونڊن کي اهميت ڏني ۽ ڪمزور قوت ڪجهه ڌرين کي چونڊن خلاف ڪيو. اسين پارٽي اندر چوندا رهياسين ته هي غيرفطري غير فڪري اتحاد آهي ٻاهر نڪري اچو پر ايئن نه ٿيو. پنهنجي مرضيءَ سان ڪافي مهينن کانپوءِ ڊاڪٽر اعتراف ڪيو ته اوهين ساٿي صحيح پيا چئو. هوڏانهن نيشنل پارٽي جي مرڪزي ڪنوينشن ڪوئيٽا ۾ ان هڪ نقطي تي بحث ڪري ڊاڪٽر حئي بلوچ کي پارٽي جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو ۽ چيو ته تنهنجي ضد سبب اسان جو سياسي ۽ تنظيمي نقصان ٿيو. پختونخواهه به قبول ڪيو پر هتي اُلٽي گنگا آهي وڏي غلطيءَ جي سزا به ناهي ڪو ننڍو ليڊر يا ڪارڪن معمولي غلطي ڪري ته سزا کائي ويندو.
بهرحال چونڊ سرگرمين دوران عالمي قوتن مقامي اسٽيبلشمينٽ ۽ دهشتگردن هٿان بينظير ڀٽو ڪراچي ۾ حملو ڪرايو، انهن جو خيال هو ته ساڻس مائنس بينظير چونڊ ٿئي. آخرڪار پنڊي ۾ هو ڪامياب ٿيا. بينظير کي شهيد ڪيو ويو. ٽن ڏينهن تائين ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌ ۾ ڪربلا متل هئي هر اک آلي هئي. بينظير بهادر سلڇڻي، حوصلي واري ۽ ڏاهي ليڊر هئي. موت کان نه ڊڄندي هئي. اهڙي ريت طئي ٿيل فارمولي تحت صدر زرداري ١٦حڪومت ۽ پارٽي سنڀالي بينظير جي شهادت سبب پ پ کي سرسي ملي. پنجن سالن جي دور ۾ طئي ٿيل فارمولي تحت پ پ پ، ايم ڪيو ايم، اي اين پي مفاهمت جي نالي ۾ سرڪار هلائيندا رهيا. اهي پنج سال تاريخ جا بدترين سال رهيا. ٽارگيٽ ڪلنگ، ڏوهن جو وڌڻ، بُک ۾ اضافو ٻوڏن ماڻهن کي تباهه ڪيو. تاريخ جون وڏيون تباهيون آيون ۽ 2 ڪروڙ انسان سنڌ مان بي گهر ٿيا، کين واهر نه هئڻ برابر ٿي.
بينظير ڀٽو جي شهادت تي سنڌي عوام جي ڪاوڙ ۽ احتجاج سڄي دنيا جي سامهون هو. بغير ڪنهن سڏ جي عوام روڊن رستن تي اچي نڪتو. ”نه کپي نه کپي پاڪستان نه کپي“ جا نعرا فضا ۾ بلند ٿيا، پر افسوس ته ان وقت سنڌ ۾ ڪا سچي ترقي پسند ۽ انقلابي پارٽي ۽ رهنما موجود نه هئا، جيڪي ان غم ۽ غصي ۽ عوامي ريلي کي صحيح واٽ ڏانهن وٺي وڃي. جيڪڏهن ڪا سچي انقلابي ۽ ترقي پسند پارٽي ان وقت عوامي ريلي جي قيادت ڪري ها ته اڄ سنڌ انقلابي آزادي جي راهه تي هجي ها.
2008ع ۾ اليڪشن جو اعلان ٿيو. لنڊن ۾ APDM ۾ شريڪ سڀني پارٽين اليڪشن ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو سواءِ جماعتي اسلامي، عمران خان، حميد گل، حئي بلوچ، محمود خان اچڪزئي، ايس ٽي پي ۽ عوامي تحريڪ جي. مون اعتراض ڪيو ته سڀ جمهوريت پسند اليڪشن ۾ حصو وٺن ٿا ته اسان عمران خان، جماعت اسلامي جهڙي بنيادپرستن سان ڇو گڏ بيٺا آهيون. اسان کي به جمهوريت پسندن سان گڏ هجڻ گهرجي، اڳتي هلي محمود خان پنهنجي غلطي تسليم ڪئي ۽ ڊاڪٽر حئي بلوچ کي چيئرمين شپ تان هٿ ڌوئڻا پيا، پر سنڌ جي بدقسمتي ته هتي ڪنهن به تنظيم پنهنجي غلطي جو ازالو نه ڪيو ۽ نه ئي پنهنجي غلطي مڃي. اليڪشن ٿي وئي. مشرف جو دور ختم ٿيو، جمهوريت جو دور شروع ٿيو. منهنجي خيال ۾ جمهوريت لنگڙي لولي هجي ته به آمريت کان بهتر هوندي آهي. هتان کان منهنجو تنظيم اندر اختلاف شروع ٿيو ۽ مان شخصيت پرستي جي خلاف ۽ اداري جي مضبوطي جي ڳالهه رکڻ شروع ڪئي. منهنجا اختلاف اداري جي اندر هئا، منهنجي ڪوشش هئي ته اسان اداري جي اندر رهندي هر تبديلي جي ڪوشش ڪيون پر اها منهنجي غلطي هئي. مونکي افسوس آهي ته دودي مهيري جي تنظيم ڇڏڻ وقت مان ان جو ساٿ نه ڏنو. مونکي افسوس آهي ته سحر رضوي جي وقت به مان ۽ منهنجي هم خيال دوستن مزاحمت نه ڪئي. اڄ مان پنهنجي غلطي مڃان ٿو. رحيم سولنگي، حسين بخش ٿيٻو، دودو مهيري، پنهل ساريو، منور لغاري ۽ مان جيڪڏهن هڪ ٽيم جي صورت ۾ گڏ ٿي اداري ۾ بيٺا هجون ها ته اڄ ايس ٽي پي جي صورتحال تبديل هجي ها پر (Wait and Watch) واري پاليسي جي ڪري اسان سڀ هڪ هڪ ڪري ايس ٽي پي کان الڳ ٿياسين ۽ ايس ٽي پي جو شخصيت پرستي وارو جن مضبوط ٿيندو ويو ۽ پارٽي پنهنجي اصل مقصد کان پري ٿي وئي.
2006ع کان 2009ع تائين ڪراچيءَ ۾ وسيلا پيدا ٿيا اهي وسيلا ڪراچي ۾ مضبوط تنظيم ڪاري جي ڪري پيدا ٿيا. پارٽي فيصلي مطابق انهن وسيلن 60 سيڪڙو مرڪز جي حوالي ٿيو. باقي 40 سيڪڙو ڪراچي جي تنظيم، ڪراچي جا پروگرام، منهنجي اعجاز ۽ شهيد قاسم جي ڀڄ ڊڪ ۽ گهر هلائڻ جي ڪم آيا، ڇو ته 2003ع ۾ Kindney Transplant operation کانپوءِ مون ٺيڪيداري ڇڏي ۽ زندگي گذارڻ لاءِ مونکي پارٽي فنڊ جي ضرورت هئي. اسان ان 40 سيڪرو مان ڪراچي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پارٽي يونٽ کوليا، وڏيون وڏيون ريليون، اجلاس ۽ احتجاج رڪارڊ ڪرايا. ان دور ۾ ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ پروگرام ڏٺا ويا. درياهه جي ٻئي پاسي ويهي اسان ڪراچي جي مالڪي نٿا ڪري سگهون. ڪراچي جي مالڪي ڪرڻي آهي ته اسان کي ڪراچيءَ کي پنهنجي مرڪز بڻائڻو پوندو ۽ اهائي وجهه هئي ته انهن ڏينهن ۾ ڪراچي ايس ٽي پي جو مرڪز هو. روزانو ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ مان ايس ٽي پي جا نعرا بلند ٿيندا هئا.
2009ع ۾ پي پي پي جي حڪومت جي دوران ايس ٽي پي اوچتو فيصلو ڪيو ته پي پي پي سنڌي عوام کي حق نه ڏئي رهي آهي. ”سنڌ قوم جي مالڪي ڪرڻي آهي“، ڪراچي ۾ ريلي جون تياريون زور ۽ شور سان شروع ڪيون ويون. سپر هاءِ وي تي ڊاڪٽر صاحب جو استقبال ڪيو ويو. استقبال کان پهريان نادرن باءِ پاس تي ڪارڪنن ۽ پوليس وچ ۾ منهن ماري ٿي ۽ افسوس ته ان منهن مارجي نتيجي ۾ پوليس جي فائرنگ سان اسان جا ٻه ساٿي براد ڪلمتي ۽ حسن مگسي جي شهادت ٿي. هي خبر سنڌ ۾ ڦهلجي وئي ته ڊاڪٽر صاحب تي فائرنگ ٿي آهي. هر جڳهه احتجاج شروع ٿي ويا. حيدرآباد جي احتجاج ۾ پوليس ڪجهه عورتن کي سحر رضوي سان گڏ گرفتار ڪيو. اسان کي ان وقت ئي احتجاج ڪرڻو هو پر شخصيتي فيصلي مطابق ريلي جاري رهي ۽ شهر مان ٿيندي سي ايم هائوس پهتي، دوستن اعتراض ڪيو ته ڊاڪٽر صاحب کي سي ايم هائوس نه وڃڻ گهرجي. ٻاهر ئي احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ گهرجي پر ڊاڪٽر صاحب اندر ويو ذوالفقار مرزا سان ملاقات ٿي اتي ايس ٽي پي گوڏا کوڙيا ۽ صحافين ۽ دانشورن ايس ايم ايس هلائي ڇڏيا ته شهيدن جي خون جو سودو ايس ٽي پي ۽ ذوالفقار مرزا وچ ۾ ٿي ويو. شهيدن جي ايف آءِ آر ذوالفقار مرزا، ايس پي ۽ ايس ايڇ او جي نالي ڪرائي وئي. منهنجو خيال هو ته ايف آءِ آر رڳو ايس ايڇ او جي نالي تي هجي ها ته جدوجهد ڪري ان کي سزا ڏياري وڃي ها، پر ايس پي ۽ ذوالفقار مرزا جي نالي وجهڻ سان اها ايف آءِ آر ۽ شهيدن جو ڪيس اڄ به عدلات جي فائلن ۾ بند آهي ۽ براد ڪلمتي جا وارث انصاف جا منتظر آهن.
انقلابي پارٽيون نه رڳو پهنهنجن شهيدن کي هميشھ ياد ڪنديون آهن پر انهن جو ڪيس ۽ انهن جي ٻچن جو خيال پڻ رکنديون آهن. براد ڪلمتي پنج ٻارن جو پيءُ هو، پارٽي ڪڏهن به ان جي ٻارن جي پرگهور نه ڪئي. آءٌ 2009ع، 2010ع ۽ ايس ٽي پي ڇڏڻ کانپوءِ به ان شهيد جي ٻارن کي عيد جا ڪپڙا ڏياري ان جي شهادت کي سلام ڪيو. 2009ع ۾ بشير قريشي جو ملين مارچ، ڪراچي سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپي سان ڀرجي ويو، مونکي خوشي ٿي ته ڪراچيءَ ۾ سنڌي قوم جو گڏ ٿيڻ هن ڳالهه جو ثبوت آهي ته ڪراچي سنڌ جو دل آهي. بشير خان قومپرستن جو هيرو ٿي ويو ۽ نسل پرستن جي لاءِ منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ وارو ڪردار بڻجي ويو. اوچتو ايس ٽي پي به ڪراچي جي مالڪيءَ جو فيصلو ڪيو. سنڌي قوم خوش ٿي ته مقابلي بازي ۾ ئي صحيح پر ڪراچيءَ جي مالڪي ته ٿي. جنوري 2010ع ۾ ايس ٽي پي ريلي جو فيصلو ڪيو، مرڪزي ٽيم ڪراچي پهتي سواءِ ڊاڪٽر صاحب جي. هميشه وانگر محنت ٽيم ڪئي ۽ آخري وقت ۾ ڊاڪٽر صاحب پهچي تقرير ڪري پنهنجي قد ۽ وزن ۾ اضافو ڪيو. ڪارڪنن جي محنت ۽ اڻٿڪ جدوجهد ڊاڪٽر جي قدوڪاٺ ۾ اضافو ڪيو. ڪراچيءَ جي سرگرمين کانپوءِ ئي ڊاڪٽر کي اردو ميڊيا ۾ اهميت ملي. صرف قومپرستن ۾ هڪ بشير خان قريشي هو جو پاڻ به ڪارڪنن وانگر ڪم ڪندو هو. هر جڳهه هر وقت موجود هوندو هو. ان ڪراچيءَ ۾ عوام گڏ ڪرن لاءِ هڪ هڪ دروازي تي دستڪ پاڻ ڏني هئي، جنهن ڪري ريلي ڪامياب ٿي. ايس ٽي پي جي هزارن جي ريلي کي اسان لکين ڏيکاريو ڪوڙ ۽ لٻاڙ ڪئي وئي. عوام کي بي مقصد نعرن ۾ ڦاسايو ويو، ان پروگرام کي ڪامياب سمجهندي ڊاڪٽر صاحب جلد ئي فيبروري ۾ ڪڪري ميدان ڀرڻ جو فيصلو ڪيو. مون احتجاج ڪيو ته ايڏو وڏو ميدان ڀرڻ ڏاڍو مشڪل آهي. مون کي خبر آهي ته ڪراچي جو ڪم ڪراچي جي ٽيم کي ئي ڪرڻو آهي، جنهن کي علي حسن کي ئي هلائڻو آهي. مون ذاتي مصروفيات جي ڪري هڪ مهيني جي موڪل جي درخواست ڏني ۽ اهو ڪڪري ميدان وارو فيصلو سينٽرل ڪاميٽي جي ڪاغذي فيصلن ۾ گم ٿي ويو.
2010ع جولاءِ ۾ ٻوڏ آئي سنڌ جو ڏکايل عوام ڪراچي ڏانهن رخ ڪيو. مون محسوس ڪيو ته قدرت واري ايس ٽي پي کي ٻيهر پنهنجي منشور، عزت، آجپو ۽ خوشحاليءَ کي پورو ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي، پر ڇا سنڌ جي نام نهاد قومپرستن سنڌ جي ڏکايل عوام جو ساٿ نڀايو؟ يا رڳو اخباري بيانن ذريعي حڪمرانن کي تنقيد جو نشانو بڻايو؟ ان ٻوڏ دوران سوچيندو رهيم ته S T P هڪ انقلابي پارٽي بڻجي اڀري هيئ ۽ وقت سان گڏوگڏ انقلابي پارٽي مان پالياماني پارٽي بڻجي وئي. پالياماني پارٽين کي ووٽ جي ضرورت هوندي آهي. سنڌ جي عوام اڄ دربدر آهي، اسان ان وقت ۾ به انهن جو خيال نٿا رکي سگهون. اسان کي ان وقت حڪمرانن تي تنقيد ڪرڻ بجاءِ انهن سان گڏ بيهي عوام جي مدد ڪرڻ گهرجي ها. اسان کي پي پي پي جو متبادل ٿيڻ گهرجي ها. سنڌي عوام پي پي پي کي ووٽ نه ڏئي ته ڪنهن کي ڏئي؟ اسان کي اتي رهي پاڻ کي ثابت ڪرڻ گهرجي ها، پر افسوس جو اسان پنهنجي ڪوڙي لٻاڙ کان ٻاهر نه نڪتاسين. جوهي جي ڪجهه همت وارن جوهيءَ کي ٻڏڻ کان بچايو. ڪاش اهو جذبو اسان قومپرستن ۾ هجي ها ته اڄ سنڌ ۾ سنڌي عوام جو اهو حال نه هجي ها.
ان وقت قومپرست چاهين ها ته هزارين سنڌين کي ڪراچيءَ ۾ آباد ڪري سگهيا پئي ۽ ڪراچي جي مالڪي جو واعدو پاڙن ها، پر نسل پرستن جي زور تي سنڌين کي ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيڻ نه ڏنو ويو. وانا، وزيرستان، افغانستان، يو پي ۽ بهار کان پناهگير اچي ڪراچي ۾ رهي سگهن ٿا، پر سنڌ جي غريب عوام لاءِ ڪراچي جا دروازا بند آهن. قومپرستن سنڌي عوام جو ساٿ نه ڏنو، تنهن ڪري سنڌي عوام هڪ ڀيرو ٻيهر وڏيرن ۽ نسل پرستن کي ووٽ ڏيڻ تي مجبور ٿي ويو.








نوٽ:
تاريخ 2011-05-24 تي علي حسن چانڊيو کي سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ پاران شوڪاز نوٽيس ڏنو ويو جيڪو اڳتي هلي سندس پارٽيءَ مان عليحدگي جو سبب بڻيو. تاريخ جي رڪارڊ جي درستگيءَ لاءِ اسان اهو شوڪاز ۽ علي حسن پاران ان وقت ان جو جوب جيڪو نج سياسي جواب آهي، ڇاپي رهيا آهيون ته جيئن حقيقتون سنڌ جي عوام جي آڏو اچي سگهن.