ليکڪا پاران
شروعاتي لکڻين ۾ ٻه سولو ناٽڪ ”ڪهڙو ڏوهه جنم جو“ (منظور سميجو) ۽ ”ڪاٽا لغڙ“ (محمد علي سميجو ۽ فهد چنه) جي گڏيل پروڊڪشن هيٺ ڪي ٽي اين تان ٽيلي ڪاسٽ ٿيا.
جن کان پوءِ پي ٽي وي ڪراچي سينٽر جي پروڊيوسر محترم محمد بخش سميجو صاحب ڊرامه سيريل لکڻ لاءِ اتساهيو، انهن جي همٿ افزائي ڪرڻ ڪري هڪ سيريل ”اداس راهون مان تنها“ تيرهن (13) قسطن تي مشتمل لکڻ جي همٿ ڪئي. ليڪن بدقسمتي سان ان دوران سميجو صاحب اسان سان نه رهيا، ۽ منهنجي اها پهرين ڪوشش داخلِ دفتر ٿي وئي. ڪجهه عرصي کان پوءِ ڀيڻ مسز شميم سميجو جي بطور پروگرام اسسٽنٽ پي ٽي وي ڪراچي سينٽر تي مقرري ٿي ته ان جي توسط سان هڪ سينئر ڊرامه پروڊيوسر تائين پهچ ٿي ان کي مذڪوره سيريل ڏيکاريم ته انهن مشورو ڏنو ته ڇاڪاڻ ته ڪهاڻي تقريبا“ ٽيهن (30) سالن جي دورانيه تي محيط آهي ان ڪري ڇونه ان کي ڪجهه وڌيڪ ڦهلاءِ ڏجي ته جيئن ڪا تشنگي باقي نه رهي.
انهن جي رهنمائي هيٺ سيريل کي ٻيهر لکڻ جي ڪيم ٻن ٽن سالن جي ڪوشش کان پوءِ اها سيريل ٻاونجاه (52) قسطن تي مشتمل لکي ساڳئي پروڊيوسر صاحب، جن پاڻ به وقت بوقت منهنجي رهنمائي ڪئي هئي ، جي آڏو رکيم، اپروول به ملي، پر سانده چار سال گذري ويا پر اها ٽيلي ڪاسٽ نه ٿي سگھي. دلبرداشته ٿي ان سيريل کي ڪتابي صورت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. جيڪو ناول گھٽ ناٽڪ وڌيڪ لڳي ٿو. پر اها منهنجي دلي آرزو هئي ته منهنجي اها ڪاوش اگر ڏسندڙن تائين نه ته پڙهندڙن تائين ضرور پهچي. ان لاءِ منهنجي گھر واري مونکي ڪافي همٿايو.
جيئن ته اها منهنجي پهرين ڪاوش آهي غلط يا سهي، يقيناً ڪئي ڪوتاهيون رهجي ويون هونديون. اهو ته پڙهندڙ تائين پهچڻ کان پوءِ ئي پروڙي سگھبو.
ايس. نرگس حق