ناول

اداس راھون مان تنھا

محترمہ ايس نرگس حق ادب جي اهڙي خدمتگار آهي، جيڪا سنجيدگيء سان پنھنجي قلم کان ڪم وٺي رهي آهي ۽ سنڌي ادب ۾ پنھنجو حصو مَنَ جي سچائيء سان شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ناول بابت محترمہ ايس نرگس لکي ٿي تہ ھن ناول جي ڪھاڻيءَ جو اسڪرپٽ 52 قسطن ۾ لکي ٽي وي ناٽڪ لاءِ پروڊيوسر وٽ کڻي ويس، ڊرامي جي ايپروئل پڻ ملي پر پوءِ چار سال لڳي ويا ۽ ڊرامو نہ ٺھيو. آخرڪار ان کي ناول جو روپ ڏئي ڇپايو ويو.

Title Cover of book اداس راھون مان تنھا

15

سنڌيا ويل ڊيڪوريٽيڊ آفيس ۾ فائيلن ۾ مصروف آهي هن ڪجهه دير پهرين حنان کي ڪنهن ڪم سانگي سڏيو هو. هو انتظار ڪري رهيو آهي. ليڪن سنڌيا هن جي موجودگي جي احساس کان بيخبر ڪا اسائنمينٽ غور سان ڏسي رهي آهي ۽ سامهون ڪرسي تي حنان هن کي ڪم ڪندي پُر تجسس ۽ دلچسپ نطرن سان ڏسي رهيو آهي ۽ سوچي رهيو آهي ته هي سامهون ويٺل ميڊم سنڌيا، جنهن جي عمر ڪا ايڏي وڏي به ڪونه ٿي لڳي.... ليڪن هوءَ ڪيڏي نه باوقار ۽ بردبار لڳندي آهي.... هن جي اکين ۾ الائي ڪيتريون اداسيون اچي واهيرو ڪري ويهي رهيون آهن... مسڪرائيندي به ائين آهي ڄڻ هاڻي سندس اکين جا پيمانا ڇُلڪي پوندا.... مئڊم سنڌيا جي شخصيت ۾ عجيب طرح جي اُداسي ۽ ويراني آ، عام عورتن وانگي نه زيور پائڻ جو شوق نه فيشن ڪرڻ جي تات، بس هڪ سوبرنيس ۽ سنجيدگي هر وقت پنهنجي مٿان طاري ڪيو وتي. ڪو ته راز آ، ڪجهه ته ٿيو آ سندس زندگي ۾... نه ته پنهنجن کان ايڏو دور هتي اڪيلي ڇو رهي پئي آهي. ڀلا ڪراچي جهڙي شهر ۾ سنڌيا مئڊم جهڙين ٽيلنٽيڊ عورتن لاءِ هزارين هن کان به سٺيون جابس انتظار ڪري رهيون هونديون ته پوءِ هتي اچڻ.... ضرور ڪو اهڙو راز آ..... مان سندس فيملي سان ويجھو ٿي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندس.....
سنڌيا ڪم ختم ڪري ڪافي دير کان حنان کي ائين ڪنهن ڳوڙهي سوچ ۾ گم ڏسندي رهي ٿي. آخر جڏهن هن کي اڃان به سوچن ۾ غلطان ڏسي ٿي ته ڪال بيل وڄائي ٿي.... پٽيوالو اچي ٿو ته حنان به هوش جي دنيا ۾ واپس اچي ٿو. ۽ سنڌيا کي پاڻ ڏانهن متوجه ڏسي شرمسار ٿي وڃي ٿو.
”حنان صاحب جي لاءِ ٿڌو پاڻي کڻي اچ.....“
”اوهه.... نو ميم“
سنڌيا هن جي ائين چوڻ تي مسڪرائي ٿي،
”لڳي ٿو ته جاڳندي خواب ڏسڻ جا عادي آهيو.“
”نه مئڊم اهڙي ڳالهه ناهي، بس عجيب قسم جي پراسرار شخصيتن جي باري ۾ سوچڻ جي عادت اٿم.....“
”پر ٿوري دير پهرين ته توهان خود عجيب قسم جي پراسرار سوچ ۾ گم هئا. پهرين ته مون سمجھو ته مونکي پيا گھوريو. پر پوءِ غور ڪيم ته توهان جي نظر دور ڪنهن خاص نقطي تي مرڪوز هئي. ايڏو ڳوڙهو ڇا پئي سوچيوَ....“
حنان جي زبان مان بي ساخته نڪري ويو......
”توهان جي باري ۾.... سوري..... منهنجو مطلب هو ته توهان ڪم ڪري رهيا هئا ۽ مان فري...... ڪونه ڪو ڪم ته ڪرڻو ئي هو نه.......“
”ٺيڪ آ، احمد ڀائو ياد پيو ڪريوَ، شايد توهان سان ملي ڪيڏانهن وڃڻ جو پروگرام ٺاهيندو.“
”ٺيڪ آ، ته پوءِ آفيس کان پوءِ ملڻ ويندس.....“ اهو چئي اٿي پنهنجي ڪيبن ڏانهن هليو وڃي ٿو.
هن جي وڃڻ کان پوءِ سنڌيا سوچي ٿي ته، هي حنان به عجيب شخص آهي، هر ڪنهن سان ايترو جلدي بي تڪلف ٿي وڃي ٿو، جو هڪ لمحه به احساس نه ٿو ٿئي ته هن سان ڪجهه ئي ڏينهن جي ملاقات آهي. گھر وارن سان ته ائين رُلي ملي ويو جو لڳو ئي نه پئي ته پهريون دفعو مليو آ. گھر وارا به سڀ سندس تعريف ڪري رهيا هئا، خاص ڪري احمد ۽ ڪومل ته هن جا گِرويده ٿي ويا آهن.... هوءَ سوچن جي اٿاهه ساگر ۾ گم ٿي وڃي ٿي.
”هو جڏهن به منهنجي آفيس ۾ هوندو آهي، ائين لڳندو آهي ڄڻ منهنجي هن سان صدين جي شناسائي آهي. دل ۾ عجيب قسم جي سرسراهٽ ۽ بيچيني ٿيڻ لڳندي آهي بلڪل ائين ڄڻ هو منهنجي وجود جو ڪو حصو هجي، منهنجي رڳن ۾ خون بنجي ڊوڙي رهيو هجي، مان هن احساس کي ڪهڙو نانءُ ڏيان. يا خدا هي مان ڇا پئي سوچيان.“
ڇرڪ ڀري خيالن جي دنيا مان نڪري اچي ٿي، ڦڪي مرڪ سندس لبن تي ڇانئجي وڃي ٿي ۽ وري فائيلن ۾ گم ٿي وڃي ٿي.



حنان سنڌيا جي ڪيبن مان اٿي پنهنجي ڪيبن ڏانهن اچي ٿو ته ٻاهر پٽيوالو کيس ٻڌائي ٿو ته سندس ڪيبن ۾ ڪو مهمان سندس انتظار پيو ڪري، هو سوچيندو اندر وڃي ٿو ته ڪير ٿي سگھي ٿو. اندر اچي هن جي نگاهه جڏهن ان شخص تي پوي ٿي ته خوشي ۾ ذري گھٽ رڙ ڪندي،
”سرپرائيز....! جميل تون.....! هتي به سرپرائيز ڏيڻ کان نه مڙئين..... فون ته ڪرين ها.“
”ائين ملڻ جو جيڪو مزو آ اهو فون ڪري اچڻ سان ٿوروئي ملي ها......“
ڀاڪر پائي ملن ٿا، ڪرسي تي ويهي پڇيس ٿو،
”ڏي خبر ائين اچانڪ...... تون هتي......“
”منهنجي هتي پوسٽنگ ٿي آهي...... فيڊرل سيڪريٽريٽ ۾..... فيڊرل سروس جي اها ته مصيبت آهي جيڏي مهل وڻين گھر کان بي گھر ڪريو ڇڏين...... سٺو ٿيو تنهنجي هوندي هاڻي مزو ايندو هتي نوڪري ڪرڻ جو. پر يار ڏي ته خبر اها سنڌيا مئڊم ڪير آهي؟“
حنان حيران ٿي کيس ڏسڻ لڳو.....“
”توکي ڪيئن خبر پئي....!“
”ڇا جي خبر.....؟ ڪا خاص ڳالهه آهي ڇا......“
”ڪهڙي خاص ڳالهه....؟ مون پڇيو ٿي ته سنڌيا مئڊم جي نالي جي خبر..“
”الائي يار.... تو ته ڊيڄاري ڇڏيو هو... آيس ته پٽيوالي ٻڌايو ته صاحب سنڌيا مئڊم جي ڪيبن ۾ ويٺو آهي. تڏهن پڇي ورتم.“
ان وقت پٽيوالو چانهه کڻي اچي ٿو..... ٻئي چانهه پين ٿا.
”ڏي خبر جوائن ڪيئي... ڪيتري عرصي لاءِ پوسٽنگ ٿي اٿئي..... “
”بس ڇهن مهينن کان پوءِ ڪوشش ڪبي واپسي جي....“



شام جي وقت احمد ڪمپني جيڪا ٿوري دير پهرين ئي دامن ڪوهه تان گھمي واپس آيا آهن ۽ فريش ٿي اچي لائونج ۾ ويٺا آهن ته احمد هيڏي هوڏي ڏسندي چوي ٿو،
”لڳي ٿو ته سنڌيا مئڊم جي اچڻ جو ٽائيم ٿي ويو آهي تڏهن ته اهتمام به ٿيڻ لڳو آهي.... کلندي.... هو اڳي نه چوندا هئا ته بادشاهه جي اچڻ کان پهرين ڇڻڪار ٿيندا هئا، پوءِ موڙا وڇائبا هئا ته سمجھبو هو ته بادشاهه سلامت جي سواري جي آمد آمد آهي....“
اهو ٻڌي رابعه ۽ ڪومل کلڻ لڳن ٿيون ته سنڌيا اندر اچي ٿي.....
”ڇا ڳالهه آ.... ڏاڍي کل مسخري لڳي پئي آهي.“
”احمد هجي ۽ کل ڀوڳ نه ٿئي.... بس مڙئي.......“
”مون چيو پئي ته بادشاهه سلامت جي تشريف آوريءَ جون تياريون پيون ٿين.“
اهو ٻڌي سنڌيا به کلي ڏئي ٿي....
”ليڪن هي تياري ته توهان مهمانن جي چانهه لاءِ آهي نه ته ڪُڪ کي خبر آهي ته مان سادي چانهه پئندي آهيان. ها ياد آيو.... هو حنان صاحب به شايد ٿوري دير ۾ اچڻ وارو آهي، مان ايستائين فريش ٿي اچان.
سنڌيا اندر هلي وڃي ٿي ان وقت حنان چوڪيدار سان گڏ اندر اچي ٿو، احمد اٿي مليس ٿو.
حنان ملندي چوي ٿو،
”سوري احمد سر.... ”مان جلدي ۾ آهيان، ميڊم سان واعدو ڪيو هوم تڏهن هليو آيس... در اصل منهنجو هڪ دوست اڄ ئي هتي پوسٽنگ ٿي آيو آ. اهو ٻاهر بيٺو آهي ان سان پئي ويس.“
اهو ٻڌي شوڪت علي کيس چوي ٿو ته،
”پُٽ هينئر ڪيڏانهن ويندئوٰ، پنهنجي دوست کي به وٺي اچو چانهه تي ڪمپني ٿي ويندي.“
احمد ۽ حنان ٻاهر وڃن ٿا ۽ جميل کي پاڻ سان وٺي اندر اچن ٿا ٿوري دير کان پوءِ سنڌيا به فريش ٿي ٻاهر اچي ٿي، حنان جميل سان سڀني جو تعارف ڪرائي ٿو، ٿوري دير ۾ ئي سڀئي هڪ ٻئي سان رُلي ملي وڃن ٿا ۽ پُر تڪلف ماحول ۾ چانهه پين ٿا.
ڳالهين ۾ وقت جي خبر ئي ڪونه پئي، گھڙي ڏسي ٻئي اٿي موڪلائي حنان جي اپارٽمينٽ تي اچن ٿا جميل ڪمري ۾ اچي اطمينان سان ويهندي،
”مان به ڪيڏو نه خوش نصيب آهيان جو اچڻ شرط رهائش جي فڪر ۾ پوڻ کان سواءِ گھر وارو ٿي ويس.“
”يار هي ننڍڙو اپارٽمينٽ به ڏاڍي مشڪل سان، اهو به ڪميشن وارن ارينج ڪري ڏنو آهي. مان اڪيلو بور پيو ٿيندو هوس، ڪجهه ئي ڏينهن ٿيا جو مئڊم سنڌيا جي فيملي هتي گھمڻ لاءِ آئي ته هنن سان ملاقات ٿي وئي.“
”واقعي حنان ڏاڍي شاندار فيملي آهي، سڀ پڙهيل ڳڙهيل، انتهائي بلند خيال فيملي آهي. ۽ هوءَ تنهنجي مئڊم سنڌيا..... سچ ته ان سان ملي دل خوش ٿي وئي، خوش شڪل هئڻ سان گڏ ڪيڏي نه سنجيده، بردبار ۽ باوقار خاتون آهي. پر يار مون هڪ ڳالهه شدت سان محسوس ڪئي.“
”ڪهڙي ڳالهه.....“
”مئڊم سنڌيا جي اکين ۾ هڪ عجيب قسم جي اداسي ۽ مايوسي هن جي شخصيت سان اصل ميچ نه ٿي ڪري.“
”ها يار تون سهي ٿو چوين، ڪڏهن ڪڏهن مونکي به ائين لڳندو آهي ته هوءَ ڪو وڏو درد سيني ۾ سانڍيو پئي گھمي.“
”ورنه سندس وڏي ڀيڻ، ڀاءُ ڀاڀي ايستائين جو والد صاحب سڀ خاصا زندهه دل انسان آهن.“
”هر وقت کل ڀوڳ، جو اجنبيت جو احساس ئي باقي نه ٿو رهي، انهن ۾ مئڊم سنڌيا اوپري اوپري پئي لڳي.“
”خير اسان جو ڇا.... هوندو ڪو مسئلو، اسان کي عزت ڏين ٿا اهوئي ڪافي آ. اسان ڇو انهن جي اندر ۾ گھڙي انهن جا ڳجهه ڳولهڻ جي ڪيون. ڊنر ۾ ڇا پروگرام آهي.“
”نه يار.... ڇڏ ڊنر ونر کي، چانهه تي ايترو ڪجهه ٿي ويو جو هاڻي گنجائش ئي ناهي رهي، بس مان هاڻي آرام ڪندس ڏاڍو ٿڪل آهيان.“
”ٺيڪ آ ته پوءِ گڊ نائيٽ اچ ته خوبصورت خوابن جو سير ڪيون.



صبح جو سنڌيا پنهنجي آفيس ڪيبن ۾ ڪنهن ڪم ۾ مصروف آ ته حنان اجازت وٺي اندر اچي ٿو ۽ سامهون پيل ڪرسي تي ويهي حسبِ معمول سنڌيا کي ڪم ڪندو ڏسي ٿو ۽ سوچي ٿو ته اڄ ميڊم صاحبه کان ٿورو انٽرويو ڪرڻ گھرجي، هاڻي ته گھڻا ڏينهن ٿي ويا آهن ايتري ته انڊر اسٽينڊنگ ٿي ئي وئي هوندي جو مئڊم کي مائينڊ ڪرڻ نه گھرجي. هو ائين سوچ ۾ گم هو سنڌيا به هن جي موجودگي ۾ پنهنجي اندر عجيب بيچيني محسوس ڪري رهي هئي، نيٺ فائيل مان واندي ٿي پرتجسس نگاهن سان حنان کي ڏسڻ لڳي، سندس نظرن جي تپش جي احساس کان حنان سوچن مان ٻاهر نڪري اچي ٿو.
”ڇا ڳالهه آهي مسٽر حنان.... ڪو ڪم هو ڇا....؟ يا وري پنهنجي پسنديده مشغلي موجب ويٺي جا خواب پيا لهو.“
”نه، نه، مئڊم ڪجهه سوچيان پيو.... اگر توهان فري هجو ته ڪجهه ڳالهه ٻولهه ٿئي....“
”چئو چئو مان ڪجهه دير لاءِ بلڪل فري آهيان......“
”در اصل توهان جي فيملي خاصي خوش مزاج ۽ زنده دل آهي، خاص ڪري احمد صاحب، واقعي مان هنن کان ڏاڍو متاثر آهيان ۽ منهنجو دوست جميل به ڏاڍي تعريف پيو ڪري... پر....“
”پر.... ڇا.“
ٿورو مزاقيه انداز ۾،
”جميل جي راءِ توهان لاءِ ڏاڍي عجيب آ.....“
”ڇو..... ڇا ٿيو آ مونکي.....“
”جميل چيو پئي ته تنهنجي مئڊم سنڌيا پڪ رابعه آپي ۽ احمد صاحب جي سڳي ڀيڻ ناهي.“
”اهو وري ڪيئن سمجھيائين.... اڃان ته اسان کي ملئي ٻه ٽي ڪلاڪ مس ٿيا هوندا.“
ٿورو بي تڪلفانه انداز اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو،
”اهو ئي ته..... مان جيڪو سوال گذريل ڇهن مهينن کان پنهنجو پاڻ کان پڇندو پئي وتيس اهو هن گھڙيءَ ۾ پڇي ورتو.....“
اهو ٻڌي سنڌيا ڪجهه ڪجهه اندازو لڳائي وٺي ٿي ته هي ايڏي تمهيد ڇا لاءِ ٻڌي پئي وڃي، هوءَ ايتري عرصي کان اهڙي هر سوال کان پنهنجو پاڻ کي به بچائيندي رهي هئي، هوءَ ڀلا ڪيئن ڪنهن ٻئي کي پنهنجي اندر ۾ نهارڻ جي اجازت ڏئي پئي سگھي، هڪدم سنجيدگي اختيار ڪندي،
”خبر ناهي ڇا پيا چئو... مونکي ته توهان جي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي اچي...“
”سوري ميم...! مونکي ذاتيات ۾ الجھڻ نه کپندو هيو.... بس جميل بيوقوف اهڙو منجھايو جو پڇڻ کان سواءِ نه رهي سگھيس. مان هلان ٿو.“
ائين چئي اٿڻ لڳي ٿو ته سنڌيا چويس ٿي.
”سوال جو جواب نه وٺندئو ڇا..... مان بلڪل هنن جي سڳي، آءِ مين ريئل سسٽر آهيان پر توهان کي ائين ڇو لڳو؟“
حنان اٿندي وري ويهي رهي ٿو، ۽ همٿ ڪندي چوي ٿو،
”توهان سڀني کان ننڍا هجڻ باوجود انتهائي سنجيده بلڪ پُر اسرار حد تائين بردبار ۽ سوبر لڳندا آهيو. ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ پنهنجي نرم و نازڪ وجود مٿان ڪو سخت قسم جو خول چاڙهيو پيا وتو“
اهو ٻڌي سنڌيا جي چپن تي هلڪي مرڪ اچي وڃي ٿي.کيس ائين مسڪرائيندو ڏسي حنان جي دل ۾ عجيب هلچل مچي وڃي ٿي.
”ان ۾ پُر اسراريت ڪٿان اچي وئي.... پنهنجي سيٽ جي حوالي سان ائين رهڻو پوي ٿو.“
حنان اهو ٻڌي سمجھي وڃي ٿو ته هن خاتون پنهنجو پاڻ مٿان الائي ڪيترا پرت چاڙهي رکيا آهن جن کي هٽائڻ لاءِ دل گردو کپي، اٿندي چوي ٿو،
”اوڪي ميم مون توهان جو ڪافي ٽائيم خراب ڪيو، بي تڪلفانه گفتگو لاءِ معافي طلبگار آهيان.“
سنڌيا جي لبن تي گھڙي پل لاءِ هڪ بيساخته مرڪ اچي وڃي ٿي ليڪن ٻئي لمحه غائب ٿي وڃي ٿي.
”اٽس اوڪي.... نو پرابلم.... ماڻهو ڪابه ڳالهه دل ۾ نه رکي، چئي ڏئي سٺي عادت آهي، بس گھڻو پرسنل نه ٿي وڃجي.“
حنان تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪري وڃي ٿو ته سنڌيا زير لب چوي ٿي، خاصو دلچسپ شخص آ، ايترن ڏينهن جو سوال آخر سندس لبن تي اچي ئي ويو، بهانو ڪيائين دوست جو.
وري ڪم ۾ مصروف ٿي وڃي ٿي.



شام جي وقت کليل دريءَ مان ٿڌي هوا اچي رهي هئي جميل سنڌ جي گرمي جو سڙيل ڏاڍي فرحت محسوس ڪري رهيو هو جيتوڻيڪ ڪراچي جي موسم گھڻو تڻو خوشگوار رهندي آهي پر ڪاٿي سمنڊ جي گھميل هوا ڪاٿي پهاڙي علائقن جي سبزي ۾ ٻڏل گلن ڦلن جي هٻڪار سان مهڪيل هوا، هو گھرا گھرا ساهه کڻي انهي مهڪ کي اندر ۾ اوتڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته حنان واش روم مان ٽوال ڪلهي تي رکي جھونگاريندو آلن وارن ۾ آڱريون ڦيريندو ٻاهر اچي ٿو، جميل سندس اهڙو خوشگوار موڊ ڏسي کيس ڇيڙيندي،
”ڇا ڳالهه آ ڏاڍو رومانٽڪ موڊ پيو لڳي، ڀاڀي ثمينه جو فون آيو آ ڇا.“
”اڙي يار.... ڪڏهن زال جي فون تي به ماڻهو رومانٽڪ ٿيندو آهي.... سال گذري ويا ٻچڙي وال ٿي وياسين.... هاڻي ته رڳو گھر جي سنڀالڻ جي سوچ ذهن ۾ اچي ٿي.“
”ان جو مطلب ته اسلام آباد جون هوائون اهڙيون رومانٽڪ آهن جو دل هر وقت رومانس ڪرڻ لاءِ ماندي پئي ٿئي.“
”بس بس، ٻن کان وڌيڪ توهان وٽ اڃا رومانس جي گنجائش باقي رهي آهي ڇا.... پاڻ ته يار..... هڪ ئي اهڙا ڏجھا ڏنا آهن جو.....“
”ڪمال آ يار.... اهڙو ڪهڙو مسئلو ٿي ويو، هونئن ته چوندو هئين ته تنهنجي لو ميريج آ.“
”مان ڪڏهن ٿو انڪار ڪيان ته لو ميريج ناهي، پر يار ميريج کان پوءِ لو ته هليو ويندو آ الائي ڪيڏانهن، باقي رهجي ويندا آهن صرف ڏجھا...“
”الائي ڪهڙو فلسفو پيو ڳالهائين..... يار حنان هڪڙي ڳالهه چوانءِ مائينڊ نه ڪجانءِ، توکي ميريج لائيف ڪڏهن به مينيج ڪرڻ نه آئي، رومانس ۾ جو ايڏو اڳتي نڪري وئين.... ۽ ڀاڀي ثمينه الائي ڇو تنهنجي دل ۾ پنهنجي لاءِ محبت گھٽ خوف زياده پيدا ڪري ڇڏيو.“
اهو ٻڌي حنان ڳالهه کي مذاق ۾ اڏائڻ خاطر،
”بس يار بس.... تون ته ڏاڍو پرسنل پيو ٿين.“
اهو ٻڌندي ئي جميل کلڻ لڳو،
”واهه..... پرسنل.... اهو لفظ ته تنهنجي لغت ۾ نئون پيو لڳي..... ڪٿان هٿ ڪيئي.... پڪ ڪنهن جي ذاتي زندگي ۾ عادت موجب گھڙڻ چاهيو هوندئي ۽ ملي هوندئي تڙي.....“
اهو ٻڌي حنان وائڙو ٿي کيس ڏسڻ لڳي ٿو ڄڻ ڪنهن هن جي اندر جي ڳالهه پڪڙي ورتي هجي.



هڪ ڏينهن حنان آفيس ۾ ويٺو هو ۽ آفيس ورڪ کي تيزي سان سهيڙي رهيو هو ته سنڌيا ميڊم انٽر ڪام تي کيس رڪئيسٽ ڪندي چيو ته بورڊ جي ميٽنگ ۾ پئي وڃي سندس موبائيل فون گھر رهجي وئي آهي ۽ گھر جي فون رات کان هيلڊ اپ پئي وڃي، ان ڪري سندس گھر کان گذرندي ميسيج ڇڏيندا ويندا ته مان ليٽ ٿي ويندس پريشان نه ٿين.
حنان کيس اطمينان ڏياري ٿو ته هو ويندي ويندي ٻڌائيندو ويندو.



حنان آفيس مان اٿي ٻاهر اچي گاڏي ۾ ويهي ٿو ۽ ڊرائيور کي سنڌيا ميم جي اپارٽمينٽ هلڻ جو چوي ٿو. ٿوري دير ۾ اتي پهچي چوڪيدار کي ٻڌائي ٿو پر ان وقت ڪومل ڪنهن ڪم سان گيٽ وٽان گذري ٿي ته هن کي ڏسي وٺي ٿي ۽ کيس اندر اچڻ لاءِ چوي ٿي، پر حنان معذرت ڪري ٿو ته هوصرف ميسيج ڏيڻ آيو هو ۽کيس دير ٿي ويندي.
پر ڪومل کيس ٻڌائي ٿي ته احمد ۽ بابا ڪنهن ملڻ واري جي طرف ويا آهن ۽ آپا جي طبيعت ٺيڪ نه آهي اها آرام پئي ڪري، چانهه تيار آهي ۽ توهان جي پسند جا پڪوڙا به ٺهيا آهن چانهه پي وڃو.
حنان اهو ٻڌي موقعو غنيمت سمجهي ٿو ته ڳالهين ڪندي هو ڀاڀي کان سنڌيا ميم جي باري ۾ ڪجهه ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندو.
اندر اچي ٿو. بورچي چانهه وغيره اچي لڳائي ٿو. چانهه پئندي ڳالهين ڪندي هو ڪومل کان پڇي وٺي ٿو،
”ڀاڀي توهان کان هڪ ڳالهه پڇڻي هئي اگر توهان مناسب سمجھو ته...“
”پڇو ڪا خاص ڳالهه آهي ڇا.... مان سمجھان ٿي ته پڪ اهو پڇندئو ته اسان سڀ گھر ڀاتي ٻئي مزاج جا آهيون ۽ سنڌيا ايتري سنجيده ڇو آهي.“
حنان سندس ڳالهه ٻڌي حيران ٿي وڃي ٿو،
”پر توهان ڪيئن سمجهو ته مان توهان کان ڪو اهڙي قسم جو سوال ڪندس.“
ڪومل کلي ڏئي ٿي ۽ کيس ٻڌائي ٿي ته ڪالهه ئي سنڌيا ٻڌايو پئي ته توهان کانئس اهڙي قسم جي آڏي پڇا پئي ڪئي.
”اڇا ته مئڊم اهڙي غير اهم ڳالهه به گھر اچي توهان سان شيئر ڪئي....“
”توهان جهڙي دلچسپ انداز ۾ کانئس سوال ڪيو ته هن کي به سٺو لڳو ۽ اچي مونکي ٻڌايائين. دراصل سنڌيا جڏهن پيدا ٿي ته سندس مدر جي ڊيٿ ٿي وئي ۽ بابا سائين ۽ رابعه آپي سندس پرورش ڪئي. انهي دوران ڪا ڪمي رهجي وئي جو هوءَ حد کان وڌيڪ حساس ڊڄڻي ۽ ڪم گو بنجي وئي.“
”ميڊم جي عمر هينئر 44 _ 45 سال ته ٿي وئي هوندي پوءِ هينئر تائين شادي ڇو ڪونه ڪئي اٿس يا اڃان تائين آئڊيل جي انتظار ۾ آهي.“
ڪومل کي حنان طرفان اهڙي سوال جي بلڪل توقع نه هئي. اهو ٻڌي هوءَ عجيب شش و پنج ۾ پئجي وئي ته ڪهڙو جواب ڏئي آخر ڳالهه ٽارڻ لاءِ،
”اهو ته سندس انتهائي پرسنل معاملو آهي، اسان به هن سان اهڙي ڪنهن موضوع تي ناهيون ڳالهائيندا. ڪئي رشتا آيا پر هن هر دفعه اهو چئي انڪار ڪري ڇڏيو ته هن ڌرتي تي شاديءَ کان علاوه به کوڙ سارا اهم معاملا آهن، اگر ڪنهن شادي نه ڪئي ته ڌرتي جو ڪار ونهوار رڪجي ته نه ويندو، هوءَ لائيف کي پنهنجي اسٽائيل سان گذارڻ ۾ يقين رکي ٿي. ان ڪري ڪنهن به ان تي زور نه ڀريو.“
”ڪمال آ ايڏي پڙهيل لکيل، خوبصورت ۽ سلجھيل ذهن جي مالڪ ۽ اهڙي خوبصورت ٻنڌڻ کان انڪاري.... يقين نه ٿو اچي. ضرور ڪانه ڪا ڳالهه هوندي ڪا ته ٽريجڊي ٿي هوندي هن جي زندگيءَ ۾ تڏهن ته هوءَ سڀني سان ايتري خوفناڪ حد تائين سنجيده انداز روا رکندي آهي.“
انهيءَ وقت رابعه به ٻاهر نڪري اچي ٿي ۽هنن کي ائين بحث ۾ الجھيل ڏسي کلندي چوي ٿي.
”يقيناً حنان سنڌيا مئڊم جي شخصيت جي باري ۾ پنهنجي تجسس جو اظهار ڪندو هوندو، حنان ٻڌاءِ ته ڪهڙو اسٽار آ تنهنجو.“
”آپي اقئائرس، منهنجو مطلب آ دلوُ. پر اهو ڇو پيا پڇو توهان کي اسٽارس جي ڄاڻ آهي ڇا؟“
”تڏهن ته.... ايترو تجسس آ تنهنجي طبيعت ۾.... جيڪڏهن تون ان جي راز کي پروڙي وئين ته مان ضرور توکي انعام ڏينديس.“
”چئي ته نه ٿو سگھان پر ڪوشش ضرور ڪندس.“
اهو چئي اٿي ٿو ته رابعه کيس چوي ٿي ته ڪجھ دير بابا وارن جي اڄڻ تائين ويهي پر هو معذرت ڪري هليو وڃي ٿو.



جميل ڪافي دير کان آفيس مان موٽي آيو هو ۽ حنان جو انتظار ڪري رهيو هو، هو بوريت کي دور ڪرڻ لاءِ ميگزين جي ورق گرداني ڪري رهيو هو. سندس ذهن ۾ حنان جي متعلق ڪئي خيال اچي رهيا هئا، حنان پڪ مئڊم سنڌيا جي طرف هليو ويو هوندو، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هو ان جي شخصيت ۾ ايڏو انٽريسٽيڊ ڇو آهي. هر وقت مئڊم سنڌيا هيئن ڪيو مئڊم سنڌيا هونئن ڪيو، اڻ ڄاڻائي ۾ ڪا ٿي هو سنڌيا جي قريب ته نه پيو ٿيندو وڃي. نه ڀلا اهو ڪيئن ٿو ٿي سگھي، هن پنهنجي ڪزن ثمينه سان پنهنجي پسند ۽ مرضي سان شادي ڪئي هئي ۽ هينئر ٽن ٻارن جو پيءُ آهي.
اچانڪ کيس ڪجهه ياد اچي وڃي ٿو ۽ پنهنجي منهن ڀڻڪندي، اڙي يار جميل تو به ته سعيده سان گھر وارن جي مرضي جي خلاف پنهنجي پسند سان شادي ڪئي هئي، ٻار به هئا، پر پوءِ شائسته سان ملئين ته سڀ ڪجهه وساري ان جا راڳ آلاپڻ لڳين ۽ جيسيتائين ان کي پنهنجي جيون ۾ شامل نه ڪيئي سک نه سمهئين...... اسان مردن لاءِ سڀ ڪجهه ممڪن آ ۽ سنڌيا ته هڪ سحر انگيز شخصيت جي مالڪ عورت آهي هر ڪو هن طرف ڇڪجندو وڃي ٿو توڙي جو هوءَ اسان کان عمر ۾ ڪافي وڏي آهي، خدا حنان جو خير ڪري. ۽ هن جي سحر کان کيس محفوظ رکي، ورنه هن ويچاري درويش جو الائي ڇا ٿيندو.
وقت ائين پنهنجي اڍنگي چال سان گذري رهيو هو، هڪ ڏينهن رابعه ۽ ڪومل ڪمري ۾ بيڊ تي پلٿي هنيو ويٺيون هيون ۽ هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪري رهيون هيون ته الائي ڪيئن سندن ڳالهين جو موضوع حنان ڏانهن مُڙي ويو، حنان الائي ڇو ڪومل کي پهرين ڏينهن کان ڪافي پسند آيو هو ۽ هوءَ الائي ڪهڙيون اميدون هن سان وابسته ڪيو ويٺي هئي، اڄ پنهنجي دل جي ڳالهه رابعه سان شيئر ڪرڻ خاطر حنان جو موضوع ڇيڙي ويٺي،
”آپي..! حنان ڪافي دلچسپ نوجوان آ، توهان نوٽيس ڪيو ته هو سنڌيا ۾ غير معمولي دلچسپي پيو وٺي.“
”اهو ته سهي آ پر اسان کي هن جي متعلق ڄاڻ ئي ڪيتري آهي، ڪير آ، پويان هن جي فيملي ڪيئن آهي، سڀ کان وڏي ڳالهه ته هو سنڌيا کان گھٽ ۾ گھٽ اٺ، نو سال ته ضرور ننڍو هوندو. توکي ته خبر آ ته هن ڪهڙا ڪهڙا رشته موٽائي ڇڏيا، مونکي مظفر اڄ به ياد آ. هو هن سان ڪيتري محبت ڪندو هو. اعلى تعليم يافته بهترين خاندان، مان اڄ به هن کي وساري ناهيان سگھي، سنڌيا جي اسلام آباد اچڻ کان جلد ئي پوءِ هو ٻاهر هليو ويو.
”بس آپي اهي سڀ لکئي جا ليک آهن. انسان ويچارو ڇا ٿو ڪري سگھي. آپي مان هڪ ڳالهه وڏي عرصي کان اندر ۾ سانڍيو پئي اچان هڪ امانت وانگر جيڪا اڻ ڄاڻائي ۾ مونکي ملي وئي، ڪئي دفعه ارادو ڪيم ته توهان کي ان ۾ شامل ڪيان پر اخلاقي تقاضائون مانع رهيون ٻيو ته همت به نه پئي ساري سگھيس.“
”اهڙي ڪهڙي ڳالهه آ جنهن لاءِ ايڏي تمهيد جي ضرورت پئي، ٻڌاءِ نه، گھڻو وقت پهرين سنيتا به ڪجهه ٻڌائيندي نٽائي وئي هئي، اهڙي ڪهڙي ڳالهه آ جيڪا ايڏي طويل عرصي کان مونکان لڪائينديون پيون اچو.“
”بس آپا هڪ اهڙو راز جيڪو اتفاقيه منهنجي هٿ لڳي ويو، پليز واعدو ڪيو توهان ڪنهن کي به ان جي باري ۾ نه ٻڌائيندئو. جڏهن پهريون دفعو اسان سنڌيا سان گڏ اسلام آباد پئي آياسين ته ڪجهه گھڙيون اڳ ۾ هڪ فون ڪال آئي.... ڪمري مان سنڌيا ۽ لائونج مان، مان کڻي ويٺس. فون ڇا هئي هڪ ڌماڪو هو، هڪ بم بلاسٽ ٿيو هو منهنجي دماغ تي.“
رابعه جو منه لهي وڃي ٿو. ”جلدي ٻڌاءِ نه، ڇو پئي ڳجھارتن ۾ ڳالهائين..ڪنهن جي فون هئي.“
”فون تي شايد آپا شمسه جو ڀاءُ رحمان هو.“
هوءَ سڄي ڳالهه جيڪا هن ٻڌي هئي رابعه کي ٻڌائي ٿي اهو ٻڌي پهرين ته رابعه جو منهن ڪاراٽجي وڃي ٿو، شرم ۽ ڏک وچان روئي ڏئي ٿي،
”ايڏي وڏي ٽريجڊي ٿي وئي منهنجي ڀيڻ سان ۽ مان ائين بيخبر رهيس، آخر اهڙو ڪهڙو راز سنڌيا جو هن ڪميڻي رحمان کي هٿ اچي ويو هو جو هو ائين کيس بليڪ ميل پيو ڪري.“
”آپا تڏهن منهنجي سمجهه ۾ ڳالهه آئي ته سنڌيا ڪراچي ڇو پئي ڇڏڻ چاهي....“
”خدا غارت ڪري ان ڪمينه انسان کي، جنهن منهنجي ڀيڻ جي زندگي نرڳ بنائي هئي.“
انهي وقت احمد ڪمري ۾ اچي چوي ٿو ته جي سندن ڪچهري ختم ٿي هجي ته ٻاهر اچي ڪا پيٽ پوڄا جي تياري ڪن. ٻئي نه چاهڻ جي باوجود اٿي ٻاهر نڪري اچن ٿيون.



هڪ ڏينهن شام جي وقت حنان ۽ جميل چانهه پي رهيا هئا ته حنان جي موبائيل جي گھنٽي وڄڻ لڳي، حنان فون کنئي ته ٻئي طرف سندس پيارو دوست آصف هو،
”يار آصف ڪٿي آهين، ورهيه ٿي ويا توسان ملئي.“
”بس جي سوچين ته تنهنجي دل جي قريب نه ته اوڏو ئي دُور.“
”سٺي شاعري آ ڪڏهن کان طبع آزمائي پئي ٿئي.“
”واهه يار دل جي ڳالهه توکي شاعري پئي لڳي.... چڱو ائڊريس ٻڌاءِ پوءِ ڏس ته آهيان نه تنهنجي دل جي نزديڪ.“
حنان کيس ائڊريس سمجھائي ٿو. فون رکي جميل کي ٻڌائي ٿو، اهو ٻڌي جميل به خوش ٿي چوي ٿو ته خوب نڀجندي جڏهن ملندا ديوانه ٽي. اڃان ٻه منٽ ئي مس گذرن ٿا ته ڊور بيل وڄي ٿي، حنان پاڻ پوئتي ٿي جميل کي اشاري سان در کولڻ لاءِ چوي ٿو، جميل در کولي ٿو.
”واهه يار اڄ ته هڪ ٻئي کي خوب سرپرائيز ڏنا اٿئون، جميل جي ته بلڪل خبر نه هئي، ڀلا صاحب بهادر کي نوڪري ۽ بيگمات مان فرصت ملي ته يارن جي به يادگيري اچيس.“
حنان کيس ٻڌائي ٿو ته جميل جي ٻن هفتن کان هتي پوسٽنگ ٿي آهي، آصف ٻڌائي ٿو ته هو ڪنهن ڪم سان ڪجهه ڏينهن لاءِ هتي آيو آهي ٽئي هڪ ٻئي سان ائين اچانڪ ملي ڏاڍا خوش آهن.
آصف چانهه پئندي حنان کان پڇي ٿو،
”حنان يار ڏي خبر هتي اسلام آباد کي يڪو اچي وسائي ويٺو آهين، ڪيئن پئي گذري.“
”بس يار گذري پئي.....“
جميل حسبِ عادت مذاق ڪندي،
”نه، نه گذري ڪونه پئي پر واهه جو گذري پئي. هتي اچڻ سان صاحبِ موصوف کي هڪ ليڊي باس ملي آهي ۽ جناب ان جي سيڪريٽس ڄاڻڻ جي چڪر ۾ جيمز بانڊ لڳو پيو آهي.“
”يار اهو جاسوسي واسوسي جو ڪم ڪڏهن کان شروع ڪيو اٿئي.“
اهو ٻڌي حنان کلي ڏئي ٿو ۽ جميل ڏي هٿ اُلاريندي،
”بس يار هن جميل کي ته الله پڄي اسان جي جاءِ ناهي.“
ٻئي ڏينهن موڪل جي ڪري سڀ دير سان اٿن ٿا ۽ سڌو لنچ جي تياري ڪن ٿا، ان وقت حنان کي احمد فون تي چوي ٿو ته اسان ڏاڍا بور پيا ٿيون اڄ شام جو اسان سان چانهه ۾ شامل ٿيو، آپا جميل صاحب لاءِ اسپيشلي دعوت ڏني آهي. ان تي حنان کيس بي تڪلفي سان چوي ٿو ته جي ائين آهي ته پوءِ هڪ مهمان سرپرائيز ۾ منهنجي طرفان به شامل ڪري ڇڏجو. احمد خوش ٿي چوي ٿو ته اسان کي خوشي ٿيندي هتي پرديس ۾ پنهنجن سان ملي، ويڳاڻپ جو احساس ئي مٽجي وڃي ٿو.
فون بند ڪري ٿو ته آصف چويس ٿو ته هن ائين ڇو چيو اها ته زوري جي دعوت وٺڻي ٿي. پر جميل کيس ٻڌائي ٿو ته هوءَ خاصي ڊيسينٽ فيملي آهي. پهرين دفعي ئي ملڻ سان ائين لڳي ٿو ڄڻ ورهين جي شناسائي آ. تون فڪر نه ڪر انشا الله شام ڏاڍي خوشگوار گذرندي اسانجي به ۽ خاص ڪري حنان جي، ڏسجانءِ ته ڪهڙي اهتمام سان تياري ٿو ڪري. ٻئي ٽهڪ ڏئي کلن ٿا.



شام جي وقت سنڌيا پنهنجي ڪمري ۾ آرام ڪري رهي آهي، ڪچن ۾ سويل کان رابعه ۽ ڪومل ڪُڪ سان گڏجي ڪجهه ٺاهڻ ۾ مصروف آهن. ان وقت احمد جھاتي پائي ٿو ته رابعه چويٿي،
”مالڪياڻي لڀي ڪونه ۽ اسان آهيون جو مجھند کان مهمانداري ۾ لڳا پيا آهيون.“
”پر توهان کي پنهنجي هنرمندي جا جوهر ڏيکارڻ جي ڪهڙي ضررت اچي پئي آ شل نه ڪو موقعو مليو.“
رابعه اتان کي ٽڦڻي اُلاريندي، سڏيو به پاڻ اٿئي، چڱائي ڇٽي جو تنهنجي ئي نانءُ نيڪي لاءِ پيا پاڻ پتوڙيون.
”ڪُڪ جو آهي پاڻ ئي هڪ ٻه شيون ٺاهي وٺي ها.“
ان وقت سنڌيا به اُٿي اچي ٿي،
”اڄ ته زبردست خوشبوء پئي اچي، پڪ آپي هوندي ڪچن ۾.“
ڪومل اتان ئي شڪايتي لهجي ۾،
”۽ هيءَ ويچاري ڀاڀي ته بس گھر جي مرغي آهي نه، هن جي ته ڪو ڳالهه کي ڪونه ٿو ڪري.“
”پر اهو ايڏو اهتمام ڪنهن لاءِ پيو ٿئي.“
ڪومل مزاقيه انداز ۾ چوي ٿي،
”هو تنهنجي حنان.... منهنجو مطلب آ، حنان جو ڪو دوست آيل آ ڪراچي مان، احمد ان کي انوائيٽ ڪيو آ، بس ان ڪري لڳا پيا آهيون.“
سنڌيا اهو ٻڌي چوي ٿي،
”ڪُڪ آهي نه، ڪري وٺي ها.... چڱو هاڻي ٻاهر اچو فريش ٿي وٺو، مان به فريش ٿي اچان ٿي.“
هو سڀئي پنهنجي پنهنجي ڪمرن ۾ فريش ٿيڻ لاءِ وڃن ٿيون.
ٿوري دير کانپوءِ چوڪيدار سان گڏ حنان پنهنجي دوستن سان گڏ اندر اچي ٿو شوڪت ۽ احمد ڏاڍي قرب ۽ اُڪير سان ساڻن ملن ٿا ۽ لائونج ۾ پيل صوفن تي ويهن ٿا، سنڌيا ۽ ڪومل تيار ٿي ٻاهر اچن ٿيون ٽئي احترامًا اٿي کين سلام ڪن ٿا. سندن پويان رابعه به ٻاهر اچي ٿي، ته جميل ۽ حنان کان پوءِ سندس نگاهه آصف تي پوي ٿي ته ذري گھٽ رڙ نڪري وڃيس ٿي،
”اڙِي آصف تون......!“
سڀ حيران ٿي رابعه ۽ آصف کي نهارن ٿا آصف تعجب مان،
” رابعه آپي توهان..... هتي....!“
رابعه هنن جي حيراني ۽ تجسس کي ختم ڪندي کين ٻڌائي ٿي ته پريشان نه ٿيو آصف مظفر جو ننڍو ڀاءُ آهي ۽ ان حوالي سان اسان جو به ننڍو ڀاءُ ٿيو.
اهو ٻڌي سنڌيا حيران ٿي وڃي ٿي، ان سان گڏ پشيماني سندس چهري تي ظاهر ٿئي ٿي.
رابعه آصف جو سڀني سان تعارف ڪرائي ٿي ته ڪومل حنان کان پڇي ٿي ته هو کيس ڪيئن ٿو سڃاڻي ان تي حنان ٻڌائي ٿو ته جميل آصف ۽ هو ٽئي نه صرف يونيورسٽي ۾ هڪ ئي ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهندا هئا پر هو ٽئي ڪئي سالن تائين هڪ ئي روم ۾ گڏجي رهيا. يونيورسٽي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ نوڪرين سانگي ٽڙي پکڙي ويا پر هنن جو رابطو هميشه قائم رهيو موقعو ملندي ئي هنن پنهنجي دوستي نڀائڻ جو هر طرح خيال جاري رکيو.
اهو ٻڌي شوڪت علي خوش ٿي کين چوي ٿو ته اها ته تمام سٺي ڳالهه آهي نه ته هن زماني ۾ هر شخص ايترو گوناگون مسئلن جي ور چڙهي ويو آهي جو پنهنجو پاڻ ئي وساريو وتي.
ان وقت بورچي ٻڌائي ٿو ته چانهه لڳي وئي آهي، سڀئي نهايت پُر تڪلف ماحول ۾ چانهه پين ٿا. آصف سڀني سان جلدي گھلي ملي وڃي ٿو. چانهه کان پوءِ سنڌيا اهو چئي موڪلائي ٿي ته کيس ڪجهه ضروري فائيلن تي ڪم ڪرڻو آهي. هن جي وڃڻ کان پوءِ حنان ائين محسوس ڪري ٿو ڄڻ ڪا شيءِ هن جي اندر مان نڪري ڪيڏانهن هلي وئي آهي سڄو ماحول کيس ويڳاڻو لڳي ٿو. ڪنهن ڳالهه ۾ دل نه ٿي لڳيس. جميل کي اشارو ڪري چوي ٿو ته هاڻي هلڻ گھرجي، احمد کيس چوي ٿو ته ترسي اڳو پوءِ رات جي ماني کائي پوءِ وڃن پر حنان ۽ جميل معذرت ڪن ٿا ٽئي اٿن ٿا ته رابعه زوري آصف کي روڪي وٺي ٿي ته اڃان ته هن حال احوال ئي ڪونه ڪيا آهن ڪجهه دير ترسي پوءِ وڃي.
اهو ٻڌي هو ٻئي اٿن ٿا ۽ آصف کين چوي ٿو ته هو ڀلي هلي آرام ڪن. ٻئي موڪلائي هليا وڃن ٿا.


رات جا يارهن ٿي رهيا آهن آصف اڃان واپس ناهي آيو ته جميل ٽائيم ڏسي چوي ٿو.
”هي آصف يڪو اتي ويهي رهيو. الائي اتي ترسڻ جو پروگرام اٿس.“
”اچي ويندو... پر يار آصف پهرين ته ڪڏهن نه ٻڌايو ته هن جي احمد فيملي سان ڪا ڄاڻ سڃاڻ آهي.“
جميل ٽوڪ ڪندي،
”هُن کي ڀلا ڪهڙي خبر هئي ته ان فيملي سان تون پنهنجي سڃاڻ پيدا ڪري ويٺو آهين.“
”يار ڪڏهن ته سنجيده ٿيندو ڪر، توکي ته هر ڳالهه ۾ مذاق جو پهلو ملي ٿو وڃي.“
جميل هڪدم سيريس شڪل ٺاهيندي،
”اوڪي بابا مان بلڪل سنجيده آهيان، هاڻي تون ٻڌاءِ ته تون سنڌيا مئڊم جي معاملي ۾ ايڏو پزيسوِ ڇو ٿي ويو آهين جو ٻئي ڪنهن جو ناتو توکي کُٽڪڻ لڳي ٿو.“
”ڏس...! مون هينئر سنڌيا ميڊم جي ڳالهه ڪئي، مون ته احمد ڀائو وارن جي لاءِ پئي چيو،“
”اهو به دل جي چور کي لڪائڻ جو هڪ انداز آهي.“
هنن جو اهو بحث اڃان جاري هو ته آصف ٿڪل ٿڪل اندر اچي بيڊ تي ڊهي پوي ٿو.
حنان تجسس ڀرئي انداز ۾،
”ڇا ٿيو يڪو وڃي ويهي رهئين، رات رهڻ جو ارادو هو ڇا؟“
”نه يار آپي رابعه سان عرصي کان پوءِ ملڻ ٿيو، پراڻا قصا کولي ويٺي ته وقت جو احساس ئي نه رهيو. چڱو مان هاڻي آرام ڪندس باقي ڪچهري صبحاڻي. چادر کڻي صوفي تي وڃي سمهي رهي ٿو. جميل اشاري سان حنان کي ڇيڙڻ جي ڪري ٿو پر هو به ڪجهه چئي بنا پاسو ورائي سائيڊ لائيٽ آف ڪري سمهي پوي ٿو.


صبح جو سنڌيا تيار ٿي آفيس وڃڻ لڳي ٿي ته ان وقت ڪومل به ڪمري کان ٻاهر اچي ٿي،
”ڇو ڀاڀي اڄ اسان سان ناشتو به نه ڪيو طبيعت ٺيڪ ناهي ڇا.“
”رات هڪ ته اگڙم شگڙم کائي ويٺاسين ٻيو آصف سان ڪچهري ۾ گھڻي دير ٿي وئي ان ڪري صبح جو اٿڻ تي دل ئي نه ٿي.“
”ٺيڪ آ مان آفيس لاءِ نڪران پئي. بابا آرام ۾ آهي رات ان جي ننڊ به ڊسٽرب ٿي آهي انجو خيال ڪندا.“
”اوڪي مئڊم توهان بي فڪر ٿي وڃو.“
سنڌيا نڪري وڃي ٿي ته ڪومل، رابعه کان پڇي ٿي ته آصف حنان جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو.
اهو ٻڌي احمد شرارتي انداز ۾ کيس چوي ٿو،
”خير ته آهي نه تون حنان ۾ ڪجهه وڌيڪ انٽريسٽيڊ نه پئي ٿيندي وڃن، مونکي ته هاڻي ساڙ ٿيڻ لڳو آهي.“
پهرين ته هوءَ مڙس کي چيڙائڻ خاطر چوي ٿي،
”واقعي.....“
پوءِ سنجيده ٿيندي رابعه ۽ کيس چوي ٿي،
”حنان واقعي هڪ سٺو نوجوان آهي. سلجھيل سمارٽ ۽ مردانه وجاهت سان ڀرپور، هو جڏهن به هتي آيو آهي مونکي لڳندو آهي ته هو سنڌيا ۾ انٽريسٽيڊ آهي، مون نوٽ ڪيو آهي ته هو وڌ کان وڌ وقت هن جي قريب گذارڻ چاهيندو آهي. رات جي ئي ڳالهه آهي، جيسيتائين سنڌيا ويٺي هئي هو به ويٺو رهيو، هوءَ اٿي وئي ته ڄڻ ته چراغن ۾ هن لاءِ روشني ئي نه رهي سندس دل ئي نه پئي لڳي. بهانو ڪري جميل کي ساڻ ڪري هليو ويو.“
رابعه به ان ڳالهه کي تسليم ڪري ٿي پر هوءَ پنهنجو خدشو ظاهر ڪندي چوي ٿي،
”اهو سڀ ته ڀلي کڻي هجي پر حقيقت اها آهي ته هو ۽ آصف گڏ پڙهيا آهن. ان حساب سان هو سنڌيا کان اٺ نو سال ننڍو هوندو.“
ڪومل ان جي باوجود پنهنجي ڳالهه تي بضد رهي ٿي ته ڪجهه به آهي پر ان سڀ جي باوجود هو سنڌيا کي پسند ڪري ٿو ته پوءِ عمر جو فرق ثانوي حيثيت رکي ٿو. هنن جون ڳالهيون ٻڌي احمد چڙي پوي ٿو،
”صبح ساڻ ڪهڙو فضول ٽاپڪ کڻي ڊسڪس ڪرڻ ويٺيون آهيو. سنڌيا جا ايڏا رشته آيا، مظفر ته کيس ڪيترو چاهيندو هو. هن ان کي ئي گاهه نه وڌو، ۽ هينئر جڏهن هوءَ پنهنجي لائيف ۾ سيٽ آهي ته توهان اچي فضول بحث ۾ پيون آهيو.“
رابعه ڀاءُ کي ائين سنجيده ٿيندي ڏسي ٿي ته کيس سمجھائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي،
”ڏس احمد ناراض نه ٿي، سنڌيا آخر هن شهر ۾ اڪيلي ڪيترو وقت گذاريندي، حقيقت پسند ٿي، هر ماڻهو جا پنهنجا مسئلا آهن ۽ وقت گذرڻ سان گڏ حالات به ساڳيا ناهن رهندا اڄ ته اسان پنهنجي مسئلن مان وقت ڪڍي هن سان ڪجهه ڏينهن گذارڻ اچي وڃون ٿا صبحاڻي شايد اهو به نه ٿي سگھي. هن کي نيٺ پنهنجو گھر وسائڻو ئي آهي،.... عمر وڃينس ٿي ڳرندي..... ۽ جي حنان هن کي پسند ڪري ٿو ۽ ڪو پروپوزل هن جي طرفان اچي ٿو ته اسان کي ان لاءِ نه صرف پنهنجو ذهن ٺاهڻو پوندو بلڪه سنڌيا کي به آماده ڪرڻو پوندو ته هن سان ماضي ۾ ڪو شادي نه ڪرڻ جو جواز هو ته به ان کي ايڏو طويل عرصو گذري چڪو آهي جو ان جواز جا به نشان ڊهي ويا هوندا.
احمد ڀيڻ جا دليل ٻڌي پنهنجي هار مڃندي چوي ٿو ته ٺيڪ آهي جيڪڏهن ٻئي پاسي کان ڪا چر پر ٿي ته پوءِ ڏسي وٺنداسين.

ٻئي طرف ٽئي دوست ڪچن ۾ ناشتو ٺاهي رهيا آهن ته جميل آصف کان پڇي ٿو ته هنن جي احمد فيملي سان ڪيئن ڄاڻ سڃاڻ آهي.
آصف کين ٻڌائي ٿو،
”رابعه آپي جو هسبيڊ ۽ سندس ساهرا اسان جا فيملي فرينڊس آهن اسان جو سڀني کان وڏو ڀاءُ ۽ ادا طارق يعنيٰ آپا جو گھر وارو ننڍي هوندي کان گڏ پڙهيا هڪ ئي پاڙي ۾ رهياسين، ۽ سڀ کان دلچسپ ڳالهه اها ته ڀائو مظفر مونکان وڏو ڀاءُ سنڌيا ميڊم کي تمام گھڻو چاهيندو هو، سنڌيا مئڊم ۽ هو هڪ ئي ڪمپني ۾ جاب ڪندا هئا، رابعه آپي جي ذريعي هنن ڏانهن رشتو به موڪليو ويو. گھر ۾ سڀ راضي هئا پر....“
حنان کان اهو ٻڌي صبر نه ٿيو ڳالهه وچ مان ڪٽيندي،
”پر ڇا....“
جميل ٽوڪيندي،
”صبر يار صبر..... هن کي ڳالهه پوري ڪرڻ ڏي.“
اهو ڏسي آصف حيران ٿي پڇي ٿو.....
”ڇا ڳالهه آ..... توهان ائين ڇو پيا بهيو ڪيو.“
”يار توکي ته خبر آ اسان وارو حنان صاحب اڄ ڪلهه جيمز بانڊ 007 لڳو پيو آهي. ميڊم صاحبه تي ڪا اسٽوري ڪرڻ جو پروگرام اٿس.... تون اڳتي ٻڌاءِ پوءِ ڇا ٿيو.“
”ڳالهه پڪي ڪرڻ ويا ته سنڌيا ميڊم صاف انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ڀائو مظفر. بس ڪجهه نه پڇو ايڏو هرٽ ٿيو جو ضد ۾ اچي پري جي ڪزن سان چٽ مڱڻو پٽ شادي ڪري ويهي رهيو.“
حنان کي اچي اڻ تڻ ٿي پڇڻ کان رهي نه سگھيو،
”سنڌيا انڪار جو ڪو سبب ته ٻڌايو هوندو.“
”پهرين ته خبر ڪونه پئي پر مظفر ڀائو به هار مڃڻ وارو ڪونه هو هڪ ئي ڪمپني ۾ جاب ڪرڻ جي ناتي هنن جي پاڻ ۾ ڪافي ايفيلئيشن هئي، ۽ ائين بنا سبب پاڻ کي ٺڪرائجڻ هن کان سـَـٺو نه پئي ٿيو، ان ڪري اندرين نموني هو ان جو سبب تلاش ڪندو رهيو، انهي دوران سنڌيا به اسلام آباد هلي وئي ان کان پوءِ ڀائوءَ کي جيڪا ڪهاڻي خبر پئي ان ته هن کان جيئڻ جو حوصلو ئي کسي ورتو ۽ پوءِ هو واپس لنڊن هليو ويو.“
جميل کان اهو ٻڌي رهيو نه ٿيو ۽ پڇڻ لڳو ته:
”اهڙي ڪهڙي ڪهاڻي ان انڪار ۾ لڪل هئي توکي خبر پئي.“
”ها انهن ڏينهن ۾ مان يونيورسٽي ۾ هوس ۽ اچانڪ هن جي لنڊن لاءِ تياري مونکي تعجب ۾ وجھي ڇڏيو، اسان ٻئي ڀائر عمر جي وڇوٽي باوجود هڪ ٻئي سان خاصا فرينڊلي آهيون جڏهن مون گھڻو اصرار ڪيو ته هن پيرائتي ڳالهه مونکي ڪري ٻڌائي.“
حنان اهو ٻڌي ضد ڪري ويٺو ته جي تون سمجھين ته اسان تنهنجا اهڙا دوست آهيون جيڪي هڪ جان ٽن قالبن وانگر آهيون، ته پوءِ اها ڪهاڻي تون اُن يقين سان اسان سان شيئر ڪري سگھين ٿو، ڇوته اسان کي به گھڻو تجسس ٿي پيو آهي. ٿوري پس و پيش ڪرڻ کان پوءِ آصف سڄي ڳالهه سربستي ڪري کين ٻڌائي، هو ٻئي بغير اک ڇنڀڻ جي ڏک ۽ حيراني مان کيس ٻڌندا رهيا. جيئن ئي هن ڳالهه پوري ڪئي حنان ته وائڙو ٿي هڪ ٽڪ کيس تڪيندو رهيو ليڪن جميل جي وات مان بي ساخته نڪري ويو،
”اسٽرينج، ويري اسٽرينج.... ڪنهن ماڻهو جو ڪو اهڙو دردناڪ پهلو به ٿي سگھي ٿو، بظاهر ايتري نازڪ اندام عورت پنهنجي اندر اهڙو خوفناڪ طوفان سانڍي دنيا آڏو ائين پُر سڪون انداز ۾ ڪيئن ٿي هلندي وتي وڏي همٿ جي ڳالهه آ. سنڌيا اهو درد سيني ۾ سانڍي هتي پنهنجن کان دور پنهنجي جواني جا خوبصورت ڏينهن تنها رهي گذاري ڇڏيا. تڏهن ته سندس اکين ۾ نهاربو ته هڪ گهري سانت ۽ مايوسي ڇوليون هڻندي نظر ايندي.“ اهڙو تبصرو ٻڌي آصف چيس ٿو،
”بس يار تون ته ان کان به وڌيڪ درديلي انداز ۾ ان ڪهاڻي کي بيان پيو ڪرين.“
هنن کي ان نموني بحث ڪندي ٻڌي حنان آپي کان نڪري وڃي ٿو ڪاوڙ ڪندي،
”هاڻي بس به ڪيو.... ڪنهن جي ذات کي ائين پرپُٺ ڊسڪس ڪرڻ ضروري آهي ڇا. هر ماڻهوءَ سان پنهنجا مسئلا هوندا آهن، اها انهن جي ذاتي زندگي آهي ان کي ائين ڊسڪس ڪرڻ مناسب آهي ڇا.....“
هو ٻئي حيران نظرن سان کيس ڏسن ٿا ۽ ناشتو ڪرڻ ۾ مصروف ٿي وڃن ٿا. حنان بي دليو اڌو گابرو ناشتو ڪري اٿي آفيس لاءِ تيارٿيڻ ڪمري ۾ هليو وڃي ٿو ته آصف جميل کي چوي ٿو،
”هي حنان کي ڇا ٿي ويو آهي، ايترو ناراض ڇو ٿي ويو.... لڳي ٿو ته هو سنڌيا ۾ اِنوالو ٿيندو پيو وڃي. پر هن جي شادي شده زندگي ٻار.....“
”اهائي ڳالهه مون به کيس سمجھائي پئي ته ثمينه ڀاڀيءَ سان هن پنهنجي پسند سان شادي ڪئي هئي ان جو ڇا ٿيندو.“
”ٺيڪ آ ان موضوع تي هن سان رات کُلي ڳالهائبو، مان اهو ڪڏهن به نه چاهيندس ته سنڌيا کي وري ڪڏهن ڪنهن نئين عذاب کي منهن ڏيڻو پئجي وڃي. في الحال مان به پنهنجي ڪم سان وڃان پيو.“
ٻئي چانهه پي تيار ٿيڻ لاءِ اٿي وڃن ٿا. حنان تيار ٿي آفيس ته وڃي ٿو پر اتي به ڪم ۾ سندس دل نه ٿي لڳي عجيب قسم جي بيچيني آ جنهن هن کي بيقرار ڪري وڌو آهي آصف جي ٻڌايل ڪهاڻي هن کان ڪنهن به نموني هضم نه پئي ٿئي دماغ تي ڄڻ ته ڪو هٿوڙا هڻي رهيو هجي، مٿو هٿن ۾ ڏئي ڪرسيءَ کي ٽيڪ ڏئي اکيون بند ڪري ڇڏي ٿو هو هر خيال کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر خيال در خيال سندس دماغ جي پردي تي ڊوڙي رهيا آهن،
”ڪنهن اهڙي سنجيده ۽ بظاهر خوش باش رهڻ وري انسان جي پويان اهڙي درد انگيز ڪهاڻي پوشيده ٿي سگھي ٿي، اهو ته ڪڏهن هن جي سوچ ۾ به نه آيو هو ۽ هو هروڀرو ڪنهن ڪهاڻي جي ڪُريد ۾ سنڌيا کي ڇيڙيندو رهيو، هو سوچي شرمسار ٿي وڃي ٿو ته اسان به ڪهڙي سطحي سوچ رکندڙ انسان آهيون شل نه ڪو موقعو ملي ٻئي جي ڪمزور پهلوئن کي تلاش ڪرڻ جي آرزو اسان انسانن کي ڪيڏو نه گھٽيا ۽ غليظ بنائي ڇڏي ٿي، ڪو ماڻهو اندر جي اونهاين ۾ الائي ڪهڙا درد سانڍيو جيئڻ جا وس ڪري رهيو هوندو آهي اسان ان جي ڪڏهن به پرواهه ناهيون ڪندا بس ان جستجو ۾ لڳا پيا هوندا آهيون ته ڪير ڇا هي، ڇو آهي ۽ ڪيئن هئڻ کپي. مون به سنڌيا لاءِ الائي ڪهڙا غلط اندازا لڳايا، دل ۾ هن لاءِ ڇا ڇا نه سوچيو، ڪاش...... ڪاش!
انهي وقت سنڌيا انٽر ڪام تي کيس پنهنجي ڪيبن ۾ اچڻ لاءِ چوي ٿي، هو شرمساري وچان سندس سامهون وڃڻ ته نه ٿو چاهي پر آفيشل تقاضائن جي ڪري مجبوراً کيس وڃڻو پوي ٿو، اتي به فائيل ڊسڪس ڪندي هن جا خيال منتشر رهن ٿا سنڌيا سندس چهري جو بغور معائنو ڪري ٿي ۽ کيس محسوس ٿئي ٿو ته حنان ڪافي ڊسٽرب آهي،
”خير ته آهي مسٽر حنان....! طبيعت درست ناهي ڇا.“
”نو ميم مان بلڪل ٺيڪ آهيان.“
”خاصا ڊسٽڙب پيا لڳو.... ڇڏيو فائيل کي پوءِ ٿا ڏسون پهرين ڪافي ٿا پيون،“ پٽيوالو ڪافي کڻي اچي ٿو، سنڌيا ماحول کي نارمل ڪرڻ لاءِ،
”عجيب اتفاق آهي، توهان جو دوست آصف آپي وارن جو عزيز نڪتو.“
”ها ان جي مونکي به حيرت آهي جيڪڏهن مونکي اڳ ۾ خبر هجي ها ته توهان تائين پهچڻ جو آسان رستو هو.“
سنڌيا به حنان جي پاڻ ۾ دلچسپي کي ڪافي ڏينهن کان محسوس ڪري رهي هئي، بلڪه هڪ عرصي کان پوءِ هن جي دل ۾ به لطيف احساس جاڳيا هئا، هر گذرندڙ ڏينهن کان پوءِ هن لاءِ پنهنجي دل ۾ نرم گوشو پيدا ڪري رهي هئي ۽ هن ڪيفيت کان هوءَ اندر ئي اندر خوفزده به هئي، هن کي ڏسي ائين محسوس ٿيڻ لڳندو هو ڄڻ هو سندس ئي وجود جو ڪو لڪل انگ آهي پر هميشه جيان هن پنهنجي انهن جذبن کي پاڻ کان به لڪائي ڇڏيو هو. هن جي ڳالهه ٻڌي کيس حيرت نه ٿي۽ تجسس وچان پڇي ٿي،
”مون تائين......! پر مونسان ته توهان روزانو ملندا آهيو پوءِ ان لاءِ ڪنهن کي ڪيريئر بنائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي.“
هو سمجھي وڃي ٿو ته نادانستگي ۾ هو غلط ڳالهه ڪري ويٺو آهي، ان کي سنڀالڻ خاطر چوي ٿو.
”اوهو منهنجو اهو مطلب نه هو. ٿورو توقف ڪري پنهنجي ڳالهه کي جاري رکي ٿو. ميم هڪڙي ڳالهه پڇان اگر اجازت هجي....“
”ويري پرسنل نه هجي ته......“
”ميم اخبارن ۽ ڪهاڻين ۾ پڙهبو آهي ته هڪ ننڍي ڇوڪريءَ جي وڏي عمر جي مرد سان شادي ڪرائي پئي وئي يا هڪ گھٽ پڙهيل يا ننڍي عهدي واري ڇوڪريءَ سان تمام گھڻو پڙهيل يا تمام وڏي عهدي واري مرد سان شادي ٿي وئي.“
سنڌيا هن جي تمهيد کي ڪي قدر سمجهي ته وڃي ٿي پر عام رواجي انداز ۾ کيس جواب ڏئي ٿي،
”اهي ته اسانجي معاشري جا عام رواجي واقعا آهن ان ۾ پريشاني جي ڪهڙي ڳالهه آهي.“
”پريشاني اها آهي مئڊم ته جيڪڏهن ان جي ابتڙ صورت حال هجي يعنيٰ عورت وڏي ۽ مرد ننڍو يا ڪو ننڍي عهدي وارو مرد وڏي عهدي واري عورت کي پسند ڪرڻ لڳي ته اهو جوڙ توهان جي نظرن ۾ ڪهڙي معنيٰ ٿو رکي.ڇا اهو ممڪن ۽ مناسب ٿي سگھي ٿو.“
اهڙو سڌو حملو ٿيندو ڏسي سنڌيا جي چهري تي مرڪ اچي وڃي ٿي پر ان حملي جو دفاع ڪندي چئي ٿي،
”اها به عام رواجي ڳالهه آهي، ڪٿي زبردستي ته ڪٿي مرضيءَ سان اهڙا جوڙ ٿيندا رهندا آهن...... پر توهان آخر اڄ انهن جوڙن ٺاهڻ جي چڪر ۾ ڇو اچي پيا آهيو.ڇڏيو ان فلسفي کي ڪافي پيو.“
حنان اڄ موقعو هٿان وڃائڻ جي بلڪل موڊ ۾ نه ٿو لڳي،
”ميم جي ڪڏهن اهڙو ڪو جوڙ توهان کي جوڙڻ لاءِ چيو وڃي ته....“
”مسٽر حنان، ڇڏيو ان ڳالهه کي ڇو اچي پيا آهيو فضول فلسفي ۾...... مان به هن معاشري جو حصو آهيان ۽ ننڍ وڏائي واري فلسفي کي ڪا اهميت نه ٿي ڏيان، ڪڏهن ڪڏهن ڪا ڇوڪري پنهنجي عمر کان گھڻي وڏي مرد سان محبت ڪرڻ لڳندي آهي ۽ پنهنجو سڀ ڪجهه ان تي نڇاور ڪري ڇڏيندي آهي ۽ ڪڏهن وري عمر جي ان فرق کي وڏي مصيبت سمجهي گھر ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويندي آهي..... سو حنان صاحب پنهنجي پنهنجي سوچ آهي.“
”اوڪي اڄ لاءِ ايترو ڊوز ڪافي آهي ۽ مان هاڻي بهتر پيو محسوس ڪيان اچو ته فائيل ڊسڪس ڪيون.“
سنڌيا هن جي بدليل موڊ کي سمجھڻ کا قاصر ٿي وڃي ٿي.