13
شوڪت حيران ٿي چوي ٿو،
”وري ڪهڙي جاب لاءِ اپلاءِ ڪيو اٿئي.“
”بابا هڪ ايٽانامس باڊي آهي، حڪومت نئين ڪميشن قائم ڪئي آهي ان ۾ سڄو نئون اسٽاف ڀرتي پيا ڪن، سنڌ جي ڪوٽا ۾ مون ڊپٽي ڊئريڪٽر جي پوسٽ لاءِ اپلاءِ ڪيو آهي.
”پوءِ ته اسلام آباد وڃڻو پوندو “
”اهو ته سليڪشن کان پوءِ خبر پوندي، بس دعا ڪيو ته سليڪشن ٿي وڃي،“
”الله سڻائي ڪندو، جنهن ۾ بهتري هوندي،“
احمد ۽ سنڌيا گڏجي ٻاهر نڪري وڃن ٿا.
ڪومل چوي ٿي:
”بابا ڪجهه ڏينهن کان سنڌيا وري اداس ۽ پريشان پئي لڳي.“
”ها پُٽ هن کي رکي رکي الائي ڇا ٿو ٿي وڃي، ڇوڪري سڄي ڪومائجي وئي آهي.“
”بس بابا الله ڪري ته هن جو اسلام آباد وارو ڪم ٿي وڃي ماحول تبديل ٿيندس ته ٺيڪ ٿي ويندي.“
لنچ بريڪ ۾ پٽيوالي کي مظفر سڏي چوي ٿو ته سنڌيا ميڊم کي سڏي اچي، ان تي پٽيوالو هڪ ليٽر کيس ڏيندي چوي ٿو ته صاحب هي سنڌيا ميڊم ڏئي وئي هئي، هو لفافو وٺي کولي ڏسي ٿو ته شارٽ ليو لاءِ لکيل آهي، بس تون وڃ جيئن ميڊم اچي ته هيڏانهن وٺي اچينس، پٽيوالو وڃي ٿو ٿوري دير ۾ سنڌيا اچي ٿي،
”خير ته آهي سر.... توهان سڏيو.“
”ها ها خير آهي دل چيو گڏجي چانهه پيئجي، پر توهان شارٽ ليو ڪري ڪيڏانهن ويا هئا.“
”سر منهنجو انٽرويو هو ان لاءِ وئي هئس......“
”اوهو..... ته اها ڳالهه هئي.... ڀلا ڪيئن ٿيو انٽرويو.“
سنڌيا تمام خوش لڳي رهي آهي، ”سر...... تمام سٺو..... انٽرويو وٺڻ وارا ڏاڍا پڙهيل لکيل آفيسر هئا دل خوش ٿي وئي اهڙو انٽرويو ڏيندي.“
”ان جو مطلب ته توهان ڏاڍا خوش آهيو.“
”بس دعا ڪيو ته سليڪشن ٿي وڃي.... مان اسلام آباد وڃڻ ٿي چاهيان سر..... ها سر مون کي توهان جي هڪ فيور کپي......“
”ها ها..... چئو مون کي توهان جي ڪم اچي خوشي ٿيندي.“
”جي منهنجي سليڪشن ٿي وڃي ته اها ڳالهه اسٽاف وغيره مان ڪنهن کي به نه پوي ته مان ڪيڏانهن وئي آهيان، ۽ اگر ڪو ٻاهريون ماڻهو پڇندو اچي ته ان کي به نه..... سر منهنجو مطلب آهي ڪنهن کي به نه.... پليز سر....!
اهو ٻڏي مظفر حيران ٿي وڃي ٿو......
”ڪو سيڪريٽ مِشن آهي ڇا.“
”بس ائين ئي سمجھو.“
مظفر سڀ ڪجهه سمجھي وڃي ٿو هن جو پنهنجي فيانس کي ڏسي هميشه خوف ۾ مبتلا ٿي وڃڻ ۽ هاڻي ڪنهن کي نه ٻڌائڻ واري ڳالهه، يقينًا“ ڪا خوفائتي ڳالهه آهي جيڪا سنڌيا کي هتان فرار حاصل ڪرڻ تي مجبور ڪري رهي آهي. هو چاهي ٿو ته هن کان معلوم ڪري پر اخلاقي تقاضائون هن کي روڪن ٿيون، ڳالهه کي نارمل انداز ۾ وٺندي،
”پر مونکي ته ٻڌائي ويندا نه.“
سنڌيا کي اهڙي مخلص انسان جي دل آزاري ڪرڻ تي ۽ پنهنجي بدقسمتي تي گھڻو ڏک ٿئي ٿو. اکين ۾ پاڻي اچي وڃينس ٿو. لڙڪن کي اکين ۾ پئندي،
”سر... ڇو ٿا شرمسار ڪيو، توهان کي ته مون هميشه پنهنجي دل جي قريب سمجھيو پنهنجو مخلص دوست سمجھو تڏهن ته صرف توهان کان اها فيور پئي گھران.... ڪاش...! ڪاش...! اداس ٿي وڃي ٿي. ان وقت پٽيوالو ڪولڊ ڊرنڪس ۽ ڪجهه سنيڪس وغيره کڻي اچي ٿو ته مظفر موضوع مٽائيندي،
”ڇڏيو ان ڳالهه کي جڏهن اهو وقت آيو ته سڀ ڪجهه توهان جي مرضي مطابق ٿيندو، هاڻي سڀ ڪجهه وساري خوش خوش لنچ ڪم برنچ ڪيو.“
سنڌيا.جي پنهنجي ڪيبن ۾ وڃڻ کان پوءِ مظفر دل ۾ پڪو پهه ڪري ٿو ته ڪجهه به ٿي پوي هو ان راز جي تهه تائين ضرور پهچڻ جي ڪوشش ڪندو ته سنڌيا جو آخر مسئلو ڇا آهي، هوءَ پنهنجي مڱيندي کان خوفزده ڇو آهي.
جڏهن هن گھر وارن جي ذريعي رابعه آپا کي رشتي لاءِ چيو ته هُن ته اهڙي ڪنهن مڱڻي جو ذڪر به نه ڪيو هو. پڪ ڪجهه ٻيو معاملو آهي، تڏهن ئي سنڌيا خوفزده آهي. ڪا بليڪ ميلنگ..... هن کي پنهنجي حساب سان ڏسڻو پوندو. ڪجهه فيصلو ڪري اطمينان جو ساهه کڻي ٿو.
•
وقت بنا ڪنهن غير معمولي واقعي جي گذرندو رهي ٿو سنيتا به ڪافي ڏينهن کان پوءِ سنڌيا وٽ آئي آهي ان دوران هن جي زندگي ۾ ڇا ڪجهه وهيو واپريو ان جي کيس ڪا خبر ناهي، ڳالهين ڪندي پڇيس ٿي ته رحمان پئسا وٺڻ آيو هو؟. سنڌيا ڏکاري ٿي چويس ٿي ته ها آيو هو هن جي ۽ رحمان جي رشتي ۾ پئسن کانسواءِ ٻيو رهيو ئي ڇاهي. هو حيران ٿي پڇيس ٿي ته هن هن دفعي به کيس ان شاديءَ کي ليگل ڪرڻ لاءِ نه چيو.
سنڌيا جي اکين ۾ پاڻي اچي وڃي ٿو،
”شادي..... ڪهڙي شادي .....؟“
سنيتا کي هن جي دماغي حالت تي شڪ ٿئي ٿو،
”الائي ڇا پئي ڳالهائين اها شادي جيڪا تو لڪي ڪئي هئي.“
اهو ٻڌي سنڌيا سڏڪا ڀريندي .
”رحمان مونسان ڪابه شادي ڪونه ڪئي هئي. اهو ته مونکي سوني جھرڪي سمجھي ڦاسائي رکڻ لاءِ دوستن سان گڏجي ڊرامو ڪيو هئائين، زال جي دولت هن نائيٽ گرل نيلما تي لٽائي، هاڻي مونکي ڪيريئر بنايو ويٺو هئو ۽ سندس گھر وارن جي سڄي ڪاوڙ مون تي پئي وسي.“
اهو ٻڌي سنيتا حيران پريشان هن جو منهن تڪيندي رهجي وڃي ٿي ۽ سنڌيا روئندي رهي ٿي. ان وقت ڪومل شربت جا گلاس ٺاهي کڻي اندر اچي ٿي، سنڌيا کي روئندو ڏسي پاڻ به ڏکاري ٿي وڃي ٿي، پر ماحول کي خوشگوار بنائڻ لاءِ احمد جهڙي مذاقيه انداز ۾،
”جيڪڏهن غمگين شاٽ اوڪي ٿي ويو هجي ته فريش ٿيڻ لاءِ ٺنڊا ٺار شربت جو هڪ هڪ گلاس ٿي وڃي.“
سنڌيا شرمسار ٿي هٿ سان اکيون اگھي ٿي سنيتا به ڳوڙها اگھي ٿي ڪومل ٻنهي کي شربت ڏئي هڪ گلاس پاڻ به کڻي ڀرسان رکيل ڪرسي تي ويهي ٿي. ۽ ڳالهه کي مٽائيندي پڇڻ لڳي،
”ڏي خبر انٽرويو ڪيئن ٿيو.“
”اي ون، بس دعا ڪيو ته سليڪشن ٿي وڃي.“
ڪومل پيار ڀري لهجي ۾،
”مان پاڻ چاهيان ٿي ته هتي ڪراچي توکي ڏاڍا ڏک ڏنا آهن. ان ڪري ڪجهه وقت لاءِ هن بيوفا شهر کان ڪيڏانهن دور هلي وڃ.... نه ته هتي تنهنجو جيئڻ مشڪل بنجي ويندو.“
سنڌيا ۽ سنيتا وائڙيون ٿي کيس ڏسنديون رهن ٿيون ڪومل پنهنجي ڳالهه جاري رکندي،
”سنڌيا....! مون تنهنجي هر ڪيفيت کي تنهنجي ڪجهه نه ٻڌائڻ جي باوجود محسوس ڪيو آهي، ضرور توسان ڪا وڏي ٽريجڊي ٿي گذري آهي جنهن کي تو صرف پنهنجي اندر ۾ سانڍي رکيو آ ۽ اسان کي هوا به لڳڻ نه ڏني اٿئي. ۽ اهو هڪ ڳالهه ۾ سٺو به آهي نڻان ڀاڄائي جو رشتو ئي اهڙو هوندو آ، يا ته ڀينرن وانگر يا هڪ ٻئي جون دشمن. ڪيڏي مهل ڪهڙي ڳالهه تي ڀيڻ مان دشمن بنجي وڃن ۽ بجاءِ ڏک ۾ ڀائيواري جي زخمن تي نشتر زني ڪرڻ لڳن. پر سنڌيا، مون توکي هميشه پنهنجي قريب محسوس ڪيو آهي ان ڪري تنهنجي لاءِ دعاگو آهيان ته جيترو جلد ٿئي. هن شهر کان دور هلي وڃ، جتي هن شهر جي ڪا پرڇائين به تنهنجو پيڇو ڪري نه سگھي.“
ڪومل جا همدردانه ٻول ٻڌي سنڌيا وري روئڻ لڳي ٿي ته سنيتا کيس دلداري ڏئي ٿي.
ڪجهه ڏينهن ائين ئي بغير ڪنهن اهم واقعي جي گذري وڃن ٿا، رحمان سان ٿيل جھڙپ ۽ امتياز جي دوستانه انداز ۾ سمجھائڻ کان پوءِ سنڌيا به ڪجهه ڪجهه نارمل زندگي جي طرف اچڻ لڳي ٿي، هوءَ آفيس ۽ گھر جي عام رواجي ڪمن ڪارين ۾ دلچسپي وٺڻ لڳي ٿي، هڪ ڏينهن هوءَ آفيس ۾ فائيلن ۾ مصروف آهي ته پٽيوالو اچي چوي ٿو ته کيس ايم ڊي صاحب سڏيو آهي، اهو ٻڌي هوءَ پريشان ٿي وڃي ٿي، سڄي سروس پيرڊ دوران ايم ڊي صاحب هڪ دفعو ئي ڪنهن ميٽنگ ۾ کيس طلب ڪيو هيو، اهو به اڳواٽ سرڪيولر ذريعي، ۽ اڄ ائين ارجنٽ طلب ڪرڻ، ايم ڊي صاحب ۽ اهو به پنهنجي آفيس ۾..... پر ڇو.....“
”ميڊم اها ته مونکي خبر ناهي، پر مظفر صاحب کي به سڏيو اٿن.“
اهو ٻڌي سنڌيا وڌيڪ پريشان ٿي وڃي ٿي دل ۾ چوي ٿي.
”حيرت آ مونسان گڏ مظفر جي به پيشي.... ڪٿي رحمان ته ڪا ڳالهه ناهي ڪئي.“
هوءَ پٽيوالي کي وڃڻ جو چئي فائيل سانڍي اهو سوچيندي اٿي ٿي ته الائي ايم ڊي صاحب ڇا چوندو، تڪڙا تڪڙا قدم کڻندي آفيس اچي ٿي ٻاهر پي اي، کيس ڏسي اندر وڃڻ جو اشارو ڪري ٿو. هوءَ در کولي اجازت گھري اندر وڃي ٿي، سامهون ايم ڊي ويٺو آهي، هن جي اندر داخل ٿيڻ تي غور سان کيس نهاري ٿو ته اي سي روم ۾ به سنڌيا جا پگھر نڪري اچن ٿا.
آفيس ۾ سائيڊ چيئرز تي مظفر ۽ ڊئريڪٽر ايڊمن ويٺا آهن، سنڌيا جو چهرو وسامي وڃي ٿو، پڪ ڪا غلط ڳالهه ٿي آهي، اڃان سوچي ئي پئي ته ايم ڊي جو آواز ڪنن سان ٽڪرائجيس ٿو، جيڪو کيس لرزائي ڇڏي ٿو،
”مس سنڌيا شوڪت علي....، (ويهڻ لاءِ چوندي) هاته مس سنڌيا شوڪت علي.....! توهان ڪمپني کي انفارم ڪئي بغير ڪنهن ٻئي هنڌ اپلاءِ ڪيو.....“
سنڌيا اطمينان جو ساهه کڻي ٿي ته جيڪو هن سوچيو پئي ائين ناهي،
”سر....! جنهن وقت مون ايڊ ڏٺي ته ان ۾ ايترو ٽائيم نه هو جو مان ٿرو پراپر چينل اپلاءِ ڪيان.... انکان علاوه مون کي جڏهن هي جاب ملي هئي ته ان ۾ اهڙِي ڪابه ڪنڊيشن نه هئي.“
ان دوران پٽيوالو چانهه بسڪيٽ کڻي سڀني کي سرو ڪري ٿو. ايم ڊي سنڌيا کي غور سان ڏسندي،
”مس سنڌيا، توهان کي مبارڪ هجي توهان جي سليڪشن ٿي وئي آهي ۽ اسان جي ڪمپني کان ڪميشن وارن توهان جي باري ۾ انفرميشن گھري آهي تڏهن ئي اسان کي خبر پئي.“
اهو ٻڌي سنڌيا خوش ٿي وڃي ٿي.
”ٿينڪيو سو مچ سر....! مان ته ڊڄي وئي هئس ته الائي ڪهڙي سلسلي ۾ پيشي ٿي آهي.“
”مس سنڌيا، مونکي ۽ ڪمپنيءَ کي توهان جي ڪم مان ڪابه شڪايت ناهي، توهان جا ڪنسرن آفيسر به توهان جي ايفرٽس مان ڪافي مطمئن آهن، خاص ڪري مظفر صاحب ته توهان جي ڏاڍي تعريف ڪندو آهي.“
سنڌيا اهو ٻڌي خوش ٿئي ٿي،
”ٿينڪس اي لاٽ سر.....“
”بهرحال، زندگي اهائي آهي ته انسان اڳتي ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ ڪوشش ڪندو رهي، مون توهان کي ان ڪري گھرايو ته اها خبر مون خود توهان کي ڏيڻ ٿي چاهي. هاڻي اسان جي مٺائي توهان ڏي ٿي.“
اهو ٻڌي ڊئريڪٽر به صاحب جي ها ۾ ها ملائيندي،
”مٺائي نه سر.... مس سنڌيا کان سٺي لنچ وٺبي.“
اهو ٻڌي مظفر جيڪو ايم ڊي کي گھڻو قريب آهي، چوي ٿو،
”سر.... اهو بهتر نه ٿيندو ته نئين روايت قائم ڪندي مس سنڌيا جي هن ڪاميابي جي خوشي ۾ اسان سندس دعوت ڪيون.“
”واءِ ناٽ ....، ته پوءِ مس سنڌيا جي ڪاميابي جي خوشي ۾ اها دعوت ڪمپني جي طرفان ٿيندي ۽ وينيو جو انتخاب سنڌيا پاڻ ڪندي.“
سنڌيا جي اکين ۾ خوشيءَ مان ڳوڙها اچي وڃن ٿا.
”ڊئريڪٽر صاحب....! ته پوءِ جنهن ڏينهن سنڌيا کي رليو ڪيو ان ڏينهن دعوت به رکجو.“
”او ڪي سر....“ اهو چئي سڀ اٿن ٿا.
•
شام جي وقت سڀ گھر وارا چانهه تي سنڌيا جو انتظار پيا ڪن، ڇو ته ٽي سي ايس ۾ هن لاءِ اسلا آباد مان هڪ ليٽر آيل آهي، احمد کولي ڏسڻ چاهيو پئي ته پڻس منع ڪيس ته سنڌيا اچڻ واري آهي پاڻ اچي کوليندي. ان وقت سنڌيا خوش خوش اندر داخل ٿئي ٿي ته احمد پري کان کيس لفافو ڏيکاري ٿو هوءَ پرس پري ڦٽو ڪري لفافو وٺڻ جي ڪري ٿي ته احمد پري ڪندي چويس ٿو،
”پهرين مٺائي....“
”بابا ڏسو ٿا احمد کي.....“
ڪومل اٿي مڙس کان لفافو وٺي سنڌيا کي ڏئي ٿي سنڌيا کولي پڙهي ٿي ۽ خوش ٿي پيءَکي ڀاڪر پائيندي،
”بابا منهنجي ٽيرف ڪميشن جي سليڪشن ٿي وئي هي ڏسو منهنجو اپائنٽمينٽ آرڊر.....“
”پٽ مونکي ڏيو، مان ڏسان....“
احمد ليٽر کسيندي،
”پهرين مان ڏسندس....“
ڪومل سندس هٿ مان ليٽر وٺي بابا کي ڏئي ٿي،
”پهرين بابا کي ڏسڻ ڏيو“
شوڪت ليٽر پڙهي خوش ٿي سنڌيا کي اٿي مٿي تي چمي ڏئي ٿوته سندس اکين ۾ خوشي ۾ ڳوڙها اچي وڃن ٿا،
”منهنجي ڌيءَ جي محنت ساڀيان وئي، الله وڌيڪ ترقي ڏيندئي منهنجي صابر ڌيءُ.“
”بابا آفيس ۾ ايم ڊي صاحب ۽ سڀ آفيسر ڏاڍو خوش ٿيا منهنجي دعوت به ڪن پيا.“
”اهو ته سڀ سٺو ٿيو، اڄ ڀيڻ زهره اتي هجي ها ته ڪيڏي نه خوش ٿئي ها، پر اهي سڀ يڪو وڃي سکر رهي پيا آهن، اڄ منهنجي طرفان توهان سڀئي جي ڊنر آهي توهان جي پسند جي ريسٽورانٽ ۾، هاڻي جلدي وڃي رابعه کي فون ڪري اچو ته اهي به اچن. سنيتا کي به سڏي وٺجو.“
شوڪت خوشي مان چوي ٿو:
”واهه ڀئي واهه وڏا ڀاڳ آهن، ٻاهر ڊنرون پيون ٿين.“
احمد سنڌيا کي چيڙائي ٿو.
”چڱو هاڻي اٿو وڃي تياري ڪيو.“
سڀ اٿي پنهنجي پنهنجي ڪمرن ۾ وڃن ٿا.
رات جي وقت سڀئي هڪ چائنيز ريسٽورانٽ ۾ اچن ٿا. سنڌيا گھڻي عرصي کان پوءِ ڪافي خوش آهي. ان ڪري هوءَ ڏاڍي اهتمام سان تيار ٿي آهي هلڪي گلابي رنگ جي سلڪ جي جوڙي هن جي سونهن ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. سندس گوري رنگ تي گلابي جوڙي جو عڪس ائين لڳي پيو ڄڻ گلاب جو گل تازو ٽڙيو هجي. سڀ اندر اچي هڪ وڏي ميز سليڪٽ ڪري اتي ويهن ٿا ته ان وقت مظفر به پنهنجي فيملي سان گڏ اتي اچي ٿو هيڏانهن هوڏانهن نظر ڦيرائيندي هن جي سنڌيا فيملي تي پوي ٿي انهي وقت احمد به کين ڏسي وٺي ٿو ته هو طارق کي ٻڏائي ٿو طارق اشاري سان کين ان طرف اچڻ لاءِ چوي ٿو. هو ان طرف وڌي وڃن ٿا هڪ ٻئي سان عليڪ سليڪ کان پوءِ سنڌيا پيءُ کي ٻڌائي ٿي ”بابا هي منهنجي آفيس جا ڊي ڊي صاحب آهن.“
”اڇا؟... پر هي ته اسان سان ڪلفٽن تي مليا هئا. طارق جا فيملي فرينڊ آهن ان وقت مون کي خبر نه هئي ته هي تنهنجو باس آهي.“
مظفر ڳالهه مٽائيندي،
”ڇڏيو سائين ماضي کي ياد ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو.“
شوڪت سمجھي وڃي ٿو ته مظفر ان ٽاپڪ تي ڳالهائڻ نه ٿو چاهي. انڪري ڳالهه کي مٽائيندي،
”توهان سان اڄ سٺي موقعي تي ملاقات ٿي آهي، سنڌيا جو اپائنٽمينٽ آرڊر اچي ويو آ، ان خوشي ۾ اڄ منهنجي طرفان توهان سڀني جي ڊنر آهي،“
”ليڪن سائين، اها ته زيادتي ٿيندي، اسان پنهنجي پروگرام سان آيا آهيون. هيئن ٿا ڪيون اڄ جي ڊنر منهنجي کاتي ۾.“
احمد اهو ٻڌي خوشدلي سان،
”واهه سائين واهه...... مس مس بابا سائين جا کيسا خالي ڪرڻ جو موقعو مليو آ، ان ڪري هر تڪلف برطرف..... توهان هاڻي ويهو.“
اهو چئي ويٽر کي سڏي ٿو ته ڀر واري ٽيبل ملائي جيئن سڀ گڏ ويهي سگھن.
•
ٻئي ڏينهن شام جو سنڌيا اداس پنهنجي ڪمري ۾ ويٺي آهي رحمان سان گھاريل هڪ هڪ گھڙي، هڪ هڪ پل خوبصورت يادون هن جي دل ۾ گھاو وجھي رهيون آهن. هن هميشه رحمان سان گڏ ۽ رحمان جي محبتن ۾ زندگي جيئڻ چاهي هئي. هن رحمان سان بي تهاشا محبت ڪئي هئي، هن جي بغير هن آڏو زندگي جو ڪو تصور نه هو ان ڪري ئي ايترا سال هن جي سڀني زيادتين، بيوفاين جي باجود هن جي سنڀلجڻ جو انتظار ڪيو هو، ته ڪڏهن نه ڪڏهن هن کي پنهنجي ۽ هن جي محبتن جو احساس ٿيندو. هو واپس محبتن جي دنيا ۾ موٽي ايندو ۽ پوءِ هو هڪ ڀرپور زندگي جيئندا پر اهو سڀ هن جي خام خيالي هئي، هو ته ان راهه تي هلي پيو هو جتان هن جي واپسي نه پر بربادي ئي بربادي هئي. چڱو ٿيو جو امتياز هن جون اکيون کولي ڇڏيون ته رحمان ته هن جي راهه جو راهي ئي ناهي رهيو. ۽ اڄ هن کي پنهنجي جنم ڀوميءَ کي ائين لڪ چوري ڇڏڻو پئجي رهيو آهي، رحمان جي سايي کان دور. ڪاش! هوءَ رحمان سان ڪڏهن به نه ملي هجي ها ته زندگي ايتري بي وقعت بي معنى نه لڳي ها. هوءَ انهن ئي سوچن ۾ گم اکيون بند ڪيو ويٺي هئي ته ڪومل ڪمري ۾ اچي ٿي ۽ کيس ائين گم سم ڏسي سمجھي وڃي ٿي ته پراڻيون يادون هن کي پريشان ڪري رهيون آهن ۽ گھر ڇڏڻ جي فيصلي هن کي اداس ڪري ڇڏيو آهي. ڪومل چپ چاپ واپس مڙي ٿي ته سنڌيا کيس سڏي ٿي.
”ڀاڀي هيڏانهن اچجو مونکي توهان سان ڪجهه ڳالهائڻو آهي.“
ڪومل واپس اچي سندس ڀرسان ويهي ٿي ۽ سندس هٿ پڪڙي چوي ٿي،
”اداس ڇو ٿي ٿين. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ سيٽ ٿي ويندين. اسان به ايندا رهنداسين.“
”ڪومل ڀاڀي هڪ ڳالهه چوان واعدو ڪر پوري ڪندينءَ.“
”ها ها چئو.... واعدو......“
”منهنجي اسلام آباد جي پوسٽنگ جي ٻاهر ڪنهن کي به نه ٻڌائجو. چئجو ته ڪمپني جي طرفان ڪٿي ٻاهر ٽريننگ تي ويل آهي.“
ڪومل حيران ٿي وڃي ٿي.
”پر ڇو.....؟“
”اهو مان نه ٿي ٻڌائي سگھان، بس ائين سمجھو ته ڪجهه عرصو مان ڪراچي جي يادن، ۽ ماڻهن کان دور رهڻ چاهيان ٿي، بابا ۽ احمد رابعه آپي وغيره کي توهان ڪنهن نموني مينيج ڪري وٺجو.“
”ٺيڪ آ، وعدو ٿي ڪريان.“
انهيءَ وقت سنيتا اچي ٿي. هوءَ سنيتا کي به ساڳي ڳالهه چوي ٿي، ته سنيتا اهو ٻڌي کيس چوي ٿي،
”مون پاڻ چاهيو پئي ته تون ڪجهه عرصي جي لاءِ ڪيڏانهن ٻاهر هلي وڃ.“
اهو چئي سنيتا اٿي ٿي.
•
سنڌيا جي اسلام آباد پوسٽنگ ته ٿي وئي پر هن جي وڃڻ جي تصور کان ئي گھر جا سڀ فرد اداس ٿي ويا هئا. خود سنڌيا به ڏکاري رهڻ لڳي هئي. هوءَ ماءُ جي وفات کان پوءِ ڪڏهن به پيءَ کان جدا نه ٿي هئي، شوڪت علي به سندس ڪيفيت کي محسوس ڪري رهيو هو. سنيتا جي وڃڻ کان پوءِ هو سندس ڪمري ۾ اچي ٿو ۽ سندس ڀرسان ويهي هن جي مٿي تي هٿ ڦيري ٿو هن جي هٿن جو لمس سنڌيا جو جيءُ جھوري رهيو هو. پر هوءَ ضبط ڪيو ويٺي رهي. شوڪت علي سندس مٿو پنهنجي ڪلهي تي رکي نهايت ڏکاري لهجي ۾ چوڻ لڳو،
”پُٽ....! هي جيڪا زندگي آهي نه، اها گلن جي سيج ناهي، هتي قدم قدم تي ڏک به ملندا آهن ته سُک به، کلبو به آهي ته روئبو به آهي، ڌڪ به لڳندا آهن، ته درد به ٿيندو آهي، اهو سڀ نه هجي ها ته انسان، انسان نه سڏجي ها صرف جاندار سڏجي ها، سنڌيا ڌيءُ هي دُک به ڏاڍي عجيب شيءِ هوندا آهن، جيترو هنن کان ڊڄبو، انهن جي باري ۾ سوچبو، انهن جي شدت محسوس ڪبي، اهي وڌندا ويندا، عذاب بنجي ويندا آهن، ماري وجھندا آهن. جي انهن جي پرواهه ڪرڻ ڇڏي ڏبي انهن جي پڪڙ کان پاڻ کي ڪڍي ڇڏبو ته اهي ڊڄي ڀڄي ويندا، ڳالهه صرف هڪ دفعو همٿ ڪرڻ جي هوندي آهي. تون جيڪڏهن هتان وڃڻ نه ٿي چاهين ته اهو سڀ تنهنجي مرضيءَ تي ڇڏيل آهي اسان ڪنهن به حالت ۾ توکي اداس ڏسڻ نه ٿا چاهيون.“
اهو ٻڌي سنڌيا پاڻ تي ڪنٽرول ڪري وٺي ٿي. هوءَ پيءُ کي ڪيئن ٻڌائي ته هنن کان الڳ ٿيڻ هن لاءِ ڪيڏو دل جھوريندڙ آهي پر هن کي وڃڻو آهي ڇو ته ان ۾ ئي سڀني جي بهتري ۽ نجات آهي.
”بابا مان بلڪل خوش آهيان اڳتي وڌڻ، ترقي ڪرڻ منهنجو خواب آهي. بس توهان سڀني کي ڇڏڻ ڏکيو پيو لڳي جيڪا هڪ فطري ڳالهه آهي توهان بلڪل به پريشان نه ٿيو مان اتي وڃي سيٽ ٿي ويندس. هاڻي ٻاهر هلو ته هلي چانهه ٿا پيون ٻئي اٿي ڪمري مان نڪري اچن ٿا.
رحمان ۽ مريم جي وچ ۾ ڏينهون ڏينهن ويڇا وڌندا پئي ويا. آئي ڏينهن تي ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه تي ڪو وڏو فساد شروع ٿي ويندو هو، مريم ۽ شهربانو ڳوٺ ۾ شاهاڻا زندگي گذاري هئي. ڪئي نوڪر هر وقت سندن چاڪري ۾ هوندا هئا، ڪئي ڀيرا شهربانو جي دل ۾ خيال آيو ته سڀ ڪجهه ڇڏي ڳوٺ هلي وڃي پر رحمان اتي هنن جي لاءِ حويلي کان علاوه ٻيو ڪو آسرو نه ڇڏيو هو ٻيو ته هن جي ڌيءَ جيڪا هينئر ٽن ٻارن جي ماءُ هئي، ان کي هن اوڙاهه ۾ اڪيلو نبرڻ لاءِ ڪيئن ڇڏي وڃي. پويان سندس الائي ڪهڙو حال ٿئي، اهو سڀ سوچي مجبوري ۾ رهي پئي هئي. روز روز جي جھڳڙن جو ٻارن تي به اثر پئجي رهيو هو، هو ضدي، بي چيا ٿيندا پئي ويا پڙهڻ لکڻ سان هنن جي ڪابه دلچسپي نه رهي هئي ۽ ان جي نه پيءَ کي ڳڻتي هئي ۽ نه ماءُ جي چوڻ ۾ هئا. ائين زندگي گذري رهي هئي. ڪڏهن ڪڏهن رحمان خلاف معمول گھر ۾ هوندو هو ته اهو ڏينهن ٻارن لاءِ عيد جو ڏينهن هوندو هو، ابو اسان کي هي کپي هيڏانهن گھمائڻ وٺي هلو پوءِ ڪڏهن رحمان جي کيسي اجازت ڏني ته هو سندن ننڍڙيون فرمائشون پوريون ڪري وٺندو هو جي نه ته ٽاري ڇڏيندو هو.
•
سنڌيا آرڊر ملڻ کان پوءِ آفيس جون فارملٽيز پوريون ڪرڻ کان پوءِ آخر اتان رليو ٿي وئي، هو جيئن پيڪنگ ڪري رهي هئي تيئن گھر ۾ عجيب اداسي ڇانئجندي پئي وئي. خاص طرح سان شوڪت علي ته ڏاڍو اداس رهڻ لڳو هو. ماءُ جي گذرڻ کان پوءِ هن پنهنجي ٻارن کي ڪڏهن به پاڻ کان پري نه ڪيو هو رابعه به شادي کان پوءِ به ٻئي چوٿين گھر ويٺي هوندي هئي، احمد هن جي بڪنگ ڪرائي ڇڏي هئي. ٽن ڏينهن کان پوءِ هن کي اسلام آباد وڃڻو هو، احمد کيس پيڪنگ ۾ مدد ڪري رهيو هو ته ڪومل ڪمري ۾ اچي ٿي،
”بابا ڏاڍو اداس ۽ پريشان آهي هلو ته بابا وٽ هلي ويهون ٿا.“
”تون رابعه آپي کي فون ڪر ته بابا کي ڪٿي آئوٽنگ تي وٺي ٿا هلون من دل بهلجي وڃيس.“
ڪومل اتان ئي ڪارڊليس تان رابعه کي فون ڪري ٿي. اچانڪ احمد جي ذهن ۾ هڪ خيال اچي ٿو،
”هينئن ڇو نه ڪجي ته مان به هفتي کن جي موڪل ٿو وٺان سڀئي گڏجي هلون ٿا سنڌيا کي جوائن ڪرائي هن جي رهائش وغيره جو اطمينان ڪري پوءِ موٽي اچون، ڪومل به شادي کان پوءِ ڪيڏانهن گھمڻ نه وئي هئي ان بهاني هوءَ به گھمي ايندي ۽ بابا به اتي رهي ڪري اطمينان ڪندو ته سنڌيا کي ڪو پرابلم ته ڪون ٿيندو اڪيلو رهڻ ۾.“
اهو ٻڌي سنڌيا خوش ٿي وڃي ٿي ۽ کيس چوي ٿي،
”ته پوءِ جلدي سڀني جون ٽڪيٽون ڪرائي وٺ، پر بابا کي بڪنگ کان پوءِ ٻڌائجانءِ.“
احمد ان وقت ئي فون ڪري هڪ سليپر بڪ ڪرائي وٺي ٿو.
•
اڄ شام جوسنڌيا وارن جي راولپنڊي اسلام آباد لاءِ تياري آهي احمد ٽيڪسي ڪرائڻ وڃي ٿو، رابعه هنن سان موڪلائڻ آيل آهي شوڪت اداس ويٺو آهي ته رابعه کانئس پڇي ٿي،
”بابا توهان وري اداس ٿي ويا آهيو، سنڌيا سان گڏ ته وڃو پيا، اتي رهڻ جو انتظام ٿي وڃي ته توهان به اتي ئي رهي پئجو.“
”نه، نه.... مان ڀلا اتي ڪيئن ٿو رهي سگھان، گذارڻ ڏيوس پنهنجي زندگي، مان پنهنجي گھر کان سواءِ ڪنهن ٻئي هنڌ رهي نه ٿو سگھان، احمد جي ضد جي ڪري ٻٽن ڏينهن لاءِ وڃان پيو جوائن ڪرائي بي اُلڪا ٿي هليا اينداسين، وري جڏهن توهان جي ٻارن جون موڪلون ٿينديون ته گڏجي هلي چڪر هڻي اينداسين.“
”ٺيڪ آ بابا.... ڀلي سنڌيا به اتي سيٽ ٿي وٺي.... هاڻي وڌيڪ اداس نه ٿيو، مان هاڻي گھر هلان ٿي اسڪول مان سڌو هيڏي هلي آئي آهيان ٻار پريشان ٿيندا هوندا، بس خير سان وڃو خير سان اچو... خدا وند ڪريم سنڌيا کي اتي وڃي هر پريشاني کان محفوظ رکندو.“
سنڌيا به ڀيڻ سان موڪلائي ٿي سندس اکيون ڀرجي اچن ٿيون پر اندر ئي اندر پي وڃي ٿي. هوءَ ويندي ويندي ڀيڻ کي دکي ڪرڻ نه ٿي چاهي، رابعه به هن جي حالت کان واقف آهي ان ڪري بغير ڪنهن جذباتي تاثر ڏيڻ جي مٿاڇرو موڪلائي تڪڙي ٻاهر نڪري وڃي ٿي، هيٺ لهندي کيس لڳي ٿو ڄڻ هن جي دل ڦاٽي پوندي وڏي مشڪل سان پاڻ تي ڪنٽرول ڪري ٿي ۽ ٻاهر اچي ٽيڪسي ڪري گھر هلي وڃي ٿي.
ٿوري دير ۾ احمد به ٽيڪسي ڪرائي اچي ٿو ۽ سامان کڻي ٽيڪسي ۾ رکرائي رهيو آهي شوڪت به ٻاهر وڃڻ لاءِ لائونج ۾ اچي ٿو. سنڌيا پنهنجي ڪمري ۾ هر شيءِ کي ڏکارين نظرن سان ڏسي رهي آهي، هن گھر ۽ ڪمري سان هن جي ننڍپڻ جون ڪئي يادون وابسطه آهن اکين ئي اکين ۾ هر شي کي الوداع ڪري ٿي، وري الائي ملڻ ٿئي الائي نه، ان وقت سندس ڪمري ۾ فون جي گھنٽي وڄي ٿي،
”هينئر وري ويندي ويندي ڪنهن کي فون ڪرڻ جي پئي آهي وڌي فون کڻي ٿي ٻئي طرف لائونج ۾ ڪومل به فون کڻي ٿي،
”پڪ آپا گھر پهچي فون ڪئي هوندي.“
ٻئي طرف مردانه آواز ٻڌي ڪومل جي چهري تي ناگوار ۽ سنڌيا جي چهري تي خوف ۽ نفرت وارا تاثرات پيدا ٿين ٿا، ٻئي طرف رحمان آهي سنڌيا سندس آواز ٻڌي ناگوار لهجي ۾ چوي ٿي،
”توهان هتي ڇو فون ڪئي آهي.“
رحمان مڪارانه انداز ۾،
”جانِ رحمان ان ڏينهن منهنجو پورو حساب ڪتاب ڪئي بغير تون هلي آئينءَ، توکي خبر آ نه ته مان حساب ڪتاب چڪتو ڪئي بغير ڪنهن کي بخش ناهيان ڪندو.“
ڪومل ٻئي طرف اها گفتگو ٻڌي حيران پريشان چپ چاپ رسيور کنيو سڪتي جي حالت ۾ بيٺي آهي.
”پليز....! توهان فون رکو مون توهان جي ڊمانڊ پوري ڪري ڇڏي آهي، آئينده مونکي پريشان نه ڪجو سمجھيو.“
ٻئي طرف هو زوردار ٽهڪ ڏئي ٿو،
”اڃان ته هاڻي شروعات ٿي آهي...“
”في الحال فون رکو. صبحاڻي ڳالهائجو....“ ائين چئي سنڌيا فون بند ڪري اچي بيڊ تي ويهي ٿي، وڏا وڏا ساهه کڻي ٿي،
”مان يادن کان پيڇو ڇڏائڻ لاءِ پرديس جھاڳڻ جي تياري ۾ آهيان ۽ هي ويندي ويندي به منهنجي جان عذاب ۾ ڪرڻ کان نه ٿو مڙي.“
ٻئي طرف ڪومل اهي ڳالهيون ٻڌي ڄڻ ته سڪتي ۾ اچي وئي آهي رسيور رکڻ ئي وسري وڃينس ٿو،
”ته سنڌيا جي پريشانين جو اهو سبب هو، ڪو شخص هن کي ائين بليڪ ميل ڪري رهيو هو ۽ اسان کي ڪا خبر نه هئي اسان ان کي معمول جو محبت ۾ ناڪامي جو واقعو سمجھندا رهياسين، ۽ هوءَ اڪيلي سِر هن سڄي معاملي کي منهن ڏيندي رهي... تڏهن ئي هوءَ ڪنهن کي پنهنجي نئين ائڊريس ڏيڻ کان لنوائي رهي هئي. سندس منهن تي عجيب قسم جا تاثرات هئا ڏک همدردي، پريشاني پشيماني الائي ڇا ڇا محسوس ڪري رهي هئي.“ انهي وقت احمد مٿي اچي کين ٻڌايو ته ٽيڪسي ۾ سامان رکي ڇڏيو آهي، هن جي منهن کي ڏسي،
”ڇا ٿيو.....! ايڏي پريشان ڇو پئي لڳين.“
”ڪجهه نه..... توهان فهميد کي کڻو ۽ بابا کي وٺي هيٺ هلو......“
”ڪا ته ڳالهه ٿي آهي ٻڌائين ڇو ڪونه ٿي.“
هوءَ نٽائي وڃي ٿي، ۽ سنڌيا جي ڪمري ڏانهن ويندي،
”هي ڇوڪري الائي ڇا پئي ڪري ٽرين اچڻ ۾ ٽائيم ڪونهي مان سنڌيا کي وٺي اچان ٿي.“
سنڌيا ڪمري ۾ هن سڄي صورتحال تي قابو پائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ۽ جلدي جلدي پرس ۽ بيگ کڻي ٿي ۽ ٻاهر اچي ٿي ته ڪومل سندس چهري کي غور سان ڏسي ٿي، جيڪو هر قسم جي احساسات کان خالي آهي. سندس منهن تان اها خوشي غائب آهي جيڪا چند ڏينهن کان هر وقت محسوس ٿيندي هئي. سنڌيا کيس ائين گھوريندي ڏسي چوي ٿي،
”ڀاڀي ڪنهن جو انتظار پئي ڪرين، هل نه دير پئي ٿئي.“
ڪومل دل ۾ چوي ٿي،
”منهنجي ڀيڻ اڳي ته مان صرف تنهنجي درد کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندي هئس پر اڄ مونکي تنهنجي دک جي ڪارڻ جي خبر پئجي وئي آهي، خدا ان شخص تي مار وجھندو جنهن توکان نه صرف تنهنجون خوشيون کسي ورتيون آهن پر هن توکي خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.“
احمد جو آواز ٻڌي ٻئي تڪڙيون تڪڙيون ٻاهر نڪري وڃن ٿيون.
•
سنڌيا وارن جي وڃڻ کان پوءِ سنيتا اٻاڻڪي ٿي پوي ٿي. هوءَ آئي ڏينهن سنڌيا وٽ ويندي هئي، اڄ هن کي سنڌيا تمام گھڻو ياد اچي رهي هئي. ان ڪري هن رابعه جي گھر وڃڻ جو سوچيو ۽ رڪشا ڪري اوڏانهن هلي وئي رابعه به کيس ڏسي خوش ٿي وئي، هوءَ به بور ٿي رهي هئي. سنيتا رابعه سان ڳالهيون ڪندي چويس ٿي،
”آپا سنڌيا منهنجي ننڍپڻ جي سهيلي آهي اسان ڪڏهن به ائين هڪ ٻئي کان جدا نه ٿياسين، اڄ حالتن سنڌيا کي پنهنجي جنم ڀومي ائين ڇڏڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. سچ پڇو ته سندن گھر بند ڏسي مونکي روئڻ اچي ويو.“
اهو ٻڌي رابعه حيران ٿي کيس ڏسڻ لڳي،
”اهو ڇا پئي چوين، ڪهڙين حالتن سنڌيا کي هتان وڃڻ تي مجبور ڪيو آهي ڪجهه مون کي به ته ٻڌايو مان هن جي ڀيڻ آهيان.“
سنيتا کي هڪدم پنهنجي غلطي جو احساس ٿي وڃي ٿو ته هن اڻ ڄاڻائي ۾ هي ڇا چئي ڇڏيو. ان ڪري پنهنجي ڳالهه کي نڀائيندي مٿي تي هٿ هڻندي چوي ٿي،
”آپا مون کي به الائي ڇا ٿي ويو آهي، سنڌيا جي جدائي جي ڪري دماغ ئي جايائتو ڪونهي، ڪهڙيون وري ڪهڙيون حالتون، وڏي نوڪري جي چڪر ۾، ٻيو ڇا لاءِ.“
رابعه سمجھي وڃي ٿي ته هوءَ نٽائي پئي،
”ڪا ته ڳالهه تنهنجي اندر ۾ آهي جيڪا مونکان لڪائين پئي.“
”آپا... توهان به.... شل نه ڪا ڳالهه هٿ اچيو.... سچ پئي چوان، اهڙي ڪا ڳالهه ناهي جو توهان کان لڪائجي. (ڳالهه مٽائيندي) ٻيو ٻڌايو توهان اسلام آباد نه ويوَ.“
”ٻارن جا اگزيم هئا ان ڪري، ٻيو سوچيم ته سنڌيا ڀلي اتي سيٽ ٿي وٺي ته پوءِ چڪر هڻنداسين، تون به هلجانءِ نه.“
”آپا مان ڪٿي ٿي هلي سگھان.....“
”چڱو ڀلا... اهو ٻڌاءِ ته تون ڪڏهن ٿي شادي ڪرين.“
اهو ٻڌي سنيتا کلي ڏئي ٿي،
”اهو ته توهان تي ڇڏيل آهي نه.... مان ڇو ڳڻتي ڪيان.“
”ته پوءِ مان چوان ٿي طارق کي ته ڳولهي تنهنجي لاءِ... باقي اسان واري ڀيڻ ته دل ڪونه ٺاري.“
”آپا فڪر نه ڪيو، رشته آسمانن تي طئي ٿيل هوندا آهن. وقت به ڌڻي سائين جي طرفان مقرر هوندو آهي، ٿي سگھي ٿو ته اوڏانهن وڃڻ ئي ان جو سبب بڻجي وڃي.“
”الله ڪندو ائين ٿيندو، عمر وڃيس ٿي نڪرندي، توکي ته خبر آهي نه ته عمر گذرڻ سان سٺا رشتا اچڻ بند ٿي ويندا آهن.“
”رب سڻائي ڪندو.....“
انهي وقت ماسي چانهه کڻي اچي ٿي، چانهه پي سنيتا اٿي ٿي،
”چڱو آپا مان هلان .....“
”ايندي ڪر، جيسين ڪومل وارا اچن.“
”ڪوشش ڪنديس.“
سنيتا جي وڃڻ کان پوءِ رابعه سوچي ٿي ته ڪا ته ڳالهه آهي جنهن کان سنيتا لنوائي وئي. هن کي سڀ خبرون آهن، مون کي ضرور ان ڳالهه جي تهه تائين وڃڻو پوندو.
سنيتا گھر پهچي سک جو ساهه کنيو. هي هن کان ڇا ٿي ويو سنڌيا ڪيترا واعدا ورتا هئا، ته هن جو راز ڪڏهن به گھر وارن تائين نه پهچي، اڄ غير ارادي طور هوءَ ڪيڏي غلطي ڪري ويٺي، رابعه کي وقتي طور تي ته ٽاري ڇڏيو پر هن به دنيا ڏٺي آهي هوءَ ضرور ڳالهه جي تهه تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندي. بهرحال اڄ ته خير ٿي ويو.
ٻئي ڏينهن هوءَ نجمه سان ملڻ سندس گھر وڃي ٿي. نجمه کيس ڏسي خوش ٿي بيڊ تان اٿي ساڻس ڀاڪر پائي ملي ٿي، سنيتا سندس ڀرسان ويهندي شڪايت ڪندي چويس ٿي،
”يڪو وڃي ساهرن ۾ رهي پئينءَ، پوئتي جي ڳڻتي به ڪونه ٿيئي.“
نجمه کلندي،
”توهان جو هتي ويٺيون هيئوَ، مونکي ڳڻتي ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. ڏي خبر، سنڌيا جا ڪهڙا حال آهن. هاڻي ته ماما تنگ ڪونه ٿو ڪريس نه.“
اهو ٻڌي سنيتا کي باهه وٺي وڃي ٿي،
”ماما.....! تنهنجي ماما ۾ ڪا شناس ته آهي ڪونه، گذريل ڪجهه عرصي ۾ هن کي ايڏو پريشان ڪيو اٿس جو.... بس توکي ڇا ٻڌايان،“
هوءَ هر اها ڳالهه کيس ٻڌائي ٿي جيڪا سنڌيا سان ٿي گذري آهي. سواءِ ان نام نهاد شادي ۽ اسلام آباد وڃڻ جي.“
نجمه حيرت سان اهو سڀ ٻڌي ٿي، کين خبر ئي نه ٿي پوي ته شمسه ڪيڏي مهل اتي آئي. ۽ سندن هر ڳالهه لفظ به لفظ ٻڌي ورتائين، سنيتا جيئن ڳالهه پوري ڪري ٿي ته شمسه جي اکين ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ ۾ لڙڪ اچي وڃن ٿا، وڌيڪ برداشت نه ٿي ڪري سگھي،
”بي غيرت.....!“
ٻئي حيران ٿي دروازي ڏانهن نهارن ٿيون ۽ شمسه کي ان حالت ۾ ڏسي پريشان ٿي وڃن ٿيون، شمسه اندر اچي ڌڙام ڪري هڪ صوفي تي پاڻ ڇڏي ٿي،
”بي غيرتيءَ جي ته حد ٿي وئي. هن نياڻي سان سڄي عمر ويساهه گھاتيون ڪندو رهيو، هن جي عزت، عزتِ نفس جو جنازو ڪڍي ڇڏيائين ۽ هاڻي بي حيائيءَ جون سڀ حدون اورانگھي ويو آهي، رقمون ڦرڻ ڇا ڪنهن غيرت مند مرد کي سونهي ٿو، پر هن ته ابي ڏاڏي جون زمينون نيلام ڪري ڇڏيون، هن مان ٻي ڪهڙي توقع ڪري سگھجي ٿي.“
سنيتا ڏکاري انداز ۾ چوي ٿي.
”اهو ته اهو پر هو نائيٽ گرلن ۽ ڪيسينو ۾ وڃي جوا ڪرڻ جي چڪرن ۾ سڄي دولت لٽائي رهيو آهي، توهان کي شايد ان جي خبر ناهي.“
اهو ٻڌي ته هو ٻئي وڌيڪ پريشان ٿي وڃن ٿيون...
” اهو وري ڇا پئي چوين ، چري ته نه ٿي آهين . “
”آپا سچ پئي چوان ڀائو رحمان روز اڌ اڌ رات تائين اوڏانهن ويندو آهي. ڪا نيلما نالي نائيٽ گرل آهي، اڄ ڪلهه ان جي زلفن جو اسير آهي صاحبِ موصوف، ۽ ان تي سڄي دولت نڇاور ڪري رهيو آهي.“
”ناممڪن.....! پر اهي خبرون توکي ڪٿان پيون ملن.“
”بس آهي ڪو سورس، جي يقين نه اچي ته جاويد ڀاءُ کي چئي ڪنهن نه ڪنهن نموني ان جي تصديق ڪري وٺجو، مان هاڻي هلان ٿي.“
اهو چئي سنيتا ته هلي وڃي ٿي پر سوين سوال هنن جي ذهنن ۾ ڇڏي وڃي ٿي.
هوڏانهن رحمان راتين جو دير سان گھر اچڻ ڄڻ ته معمول بنائي ڇڏيو آهي ۽ اهو ڏينهن خالي ناهي جڏهن هو نشي ۾ ڌُت گھر نه پهتو هجي، مريم ۽ شهربانو کان علاوه هاڻي ته گھر جي ملازمه خاني به رات جو در کولڻ لاءِ انتظار ڪندي بيزار ٿي پئي آهي. ان رات به هڪ بجي ڌاري رحمان دستور موجب نشي ۾ ڌت گھر جي گيٽ تي پهتو اڄ شايد هن معمول کان ڪجهه وڌيڪ پيتو هو جو گيٽ تي اچي هارن جي مٿان هارن ڏئي رهيو هو، خاني ڊوڙندي ٿاٻڙندي در ڏانهن ويندي دل ئي دل ۾ گاريون ڏيندي،
”ڪٿان اچي هن شرابي ڪبابي صاحب مان ڦاٿا آهيون، راتين جي ننڊ ئي حرام ڪري ڇڏي اٿس.“
دروازو کولي ٿي ته رحمان زون ڪري گاڏي اندر کڻي اچي ٿو. ذري گھٽ ڀت سان ٽڪرائجي ٿو ته زور سان بريڪ هڻي گاڏي مان لهي ڌم سان دروازو بند ڪري ٿڙندو ٿاٻڙندو اندر اچي ٿو، آواز ٻڌي مريم ٻاهر اچي ٿي هوڏانهن شهربانو به پنهنجي ڪمري جي در کان ڏسي ٿي ته اڄ وري ڪهڙو زلزلو اچي ويو آهي، مريم ڪاوڙ مان،
”ڇو.... سويل ئي گھر جي يادگيري اچي ويئي، شرم ڪر ڌيءُ وڏي پئي ٿئي اها توکي اهڙي حال ۾ ڏسندي ته ڪهڙو اثر وٺندي.“
رحمان اهو ٻڌي ڪاوڙ مان زور زور سان ڳالهائي ٿو،
”بس ڪر، جهڙي تون تهڙي هوءَ سنڌيا آهي سڄو وقت ليڪچر، بڪواس ،صرف هوءَ نيلما، منهنجي نيلم ئي آهي جيڪا منهنجي درد کي سمجھي ٿي جيڪا منهنجي هڏ ڏوکي، ... منهنجي دردن جي..... ساٿياڻي آهي.... ڏک.... سک... ۾ ڀاڱي.... ڀائيوار آهي... هوءَ.... سنڌيا.... هلي آ مونسان شادي.... ڪرڻ... جا.....خواب.... ڏسڻ.... مون..... به ڊرامو..... ڪري... ساڻس ڪو... ڙي... شادي ... ڪئي جڏهن.... جڏهن..... پئسا...... گھرينس.... ته سئو بهانا.... نوڪري.... ڪري ٿي ته.... ته منهنجو به ته ان ۾ شيئر آ نه...... ايتري عرصي ۾ ڏنو ڇا ٿس...... پنجاهه.... سٺ.... هزار ڏنا هوندائين.... يا... کڻي ستر اسي هزار..... ان تي به ناراض پئي ٿئي... ته تون مونکي بليڪ...... ميل ٿو... ڪرين.... هاڻي ڏس نه مريم بيگم، زمينون... ته ويون ختم ٿي... آخر... مان... نيلما...جو خرچ ڪٿان پورو ڪيان.... جنهن منهنجو.... هر....هر... ڏک ونڊيو..... آهي.....
اهو سڀ ٻڌي مريم ۽ شهربانو جا ته تاڪ لڳي وڃن ٿا.... ٻئي هڪ ٻئي کي حيراني مان ڏسن ٿيون.... رحمان ٿڙندو ٿاٻڙندو ڪمري ۾ اچي بيڊ تي ڦهڪو ڪري ٿو، شهر بانو ٻاهران اشاري سان ڌيءُ کي ڪجهه سمجھائي ٿي ته مريم به اچي رحمان جي ڀرسان ويهي ٿي، رحمان سمجھي ٿو ته هوءَ سندس دک درد ونڊڻ لاءِ اچي ويٺي آهي، هٿ پڪڙي چويس ٿو،
”ڏس نه..... مريم بيگم.... ان ڏينهن آڊٽ وارن ڏهه هزار گھريا... اهي ڇا گھريا.... مانس ڪاوڙ لڳي ويس.... منهن تي ڦٽا ڪري هلي وئي.... ۽.... هاڻي..... ته فون به نه ٿي کڻي.... آفيس ويو مانس... ته ٻڌاين.... ته ڪجهه ڏينهن کان آفيس..... ئي ڪون ٿي اچي،
هاڻي تون ئي ٻڌاءِ صبحاڻي نيلم جي سالگرهه آهي..... مان هن کي ڪٿان تحفو...... وٺي ڏيان......“
”پر زمينن جا پئسا.... انهن جو ڇا ڪيو.....“
”اڙي.... تون به ڪا صفا چري آهين.... چيم نه ته.... زمينون.... ته.... ڪڏهن جو وڪرو ٿي.... ويون.... ۽.... هاڻي.... مون وٽ.... ڪجهه.... به.... ناهي سڀ ڪجهه ختم ٿي.... ويو.... “
”پر تو ته چيو هو ته ڪمدار ڪوڙ ٿو هڻي.....“
جواب ڏيڻ کان پهرين ئي هن کي ننڊ کڄي وڃي ٿي..... شهربانو ڪمري جي در تي اچي کيس اشاري سان سڏي ٿي، مريم ڪاوڙ ۽ نفرت سان سندس منهن تڪيندي ٻاهر هلي وڃي ٿي. ٻاهر ماڻس جو به موڊ سخت خراب آهي،
”ڏٺئي نه ان ڏينهن ته رحمان صفا الي ويو هو ته ڪمدار ڪوڙ ٿو هڻي.... اسان هروڀرو هن نياڻي سنڌيا کي پئي گار گند ڪيو، وچان وڃي ڪوٺن تي اسان جي ابن ڏاڏن جون نشانيون نيلام ڪيائين.“
مريم جيڪا ڪاوڙ سان گڏ ڏک ۾ وسامجي وئي هئي،
”شرم ڪونه آيس اسان کي ته لُٽيائين پر هن سنڌيا کي به نه ڇڏيائين.“
”مئو ماريو خدا غرق ڪريس... هاڻي اسان جو ڇا ٿيندو.... اهي سڀ گل بانو ۽ سنڌيا جون پٽون آهن..... مان به چوان تعويذ اثر ڇو ڪونه ٿا ڪنس حرام ڪارن کي ڀلا اهڙيون شيون ڪٿان اثر ڪنديون.....“
”بس امان ڦاٿي کان پوءِ ڦٿڪڻ ڪهڙو.... هاڻي ته ڳوٺ به نه ٿا هلي سگھون، نه ئي هتي رهڻ لاءِ ڪجهه بچيو آهي.... سڀ الله تي رکي ماٺ ڪري ويهه، اجايو سوچي سوچي بيمار ٿي پوندينءَ. هاڻي هلي آرام ڪر، خاني امان جو خيال ڪجانءِ..... مان هلان ٿي ڪمري ۾ متان نومي نه اٿي پوي.“
مريم ڪمري ۾ هلي وڃي ٿي ته شهربانو به مٿو ٻڌي پاسو ورائي سمهي پوي ٿي.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ شوڪت علي وارا سنڌيا کي اسلام آباد ۾ جوائن ڪرائي ۽ کيس ڪميشن پاران مليل رهائشي فليٽ ۾ سيٽ ڪري واپس اچن ٿا.
هڪ ڏينهن شام جو هو سنڌيا کي ڏاڍو ياد ڪندي اداس ٿي ويا آهن ڪومل پيءَ کي ڪوڙي آٿت ڏئي ٿي، جڏهن ته هوءَ پاڻ اندر ئي اندر جھُري رهي آهي، ان وقت دروازو کڙڪي ٿو ڪومل وڃي ڏسي ٿي ته در تي خاله زهره بيٺي آهي ان کي ڏسي سندس دل ڀرجي اچي ٿي اتي ئي خاله کي ڀاڪر پائي روئي ڏئي ٿي، خاله کيس مٿي تي هٿ رکي دلداري ڏئي ٿي،
”يڪو وڃي رهي پيئوَ، مان سکر مان موٽي آيس ته گھر کي تالو ڏسي پهرين ته پريشان ٿي ويس. پوءِ رابعه کي فون ڪيم جنهن ٻڌايو ته توهان اسلام آباد ويا آهيو.“
”بس خاله اسان به اوڏانهن پهريون دفعو ويا هئاسين. سوچيوسين ته سنڌيا به ڀلي سيٽ ٿي وٺي ۽ اسان به گھمي ڦري وٺون. روز ته وڃڻ ڪونه ٿيندو نه..... انڪري احمد به ٽيليگرام ڪري هفتو موڪل وڌرائي ورتي.“
”چڱو ٿيو جو گھمي ڦري آيئوَ، تون به شادي کان پوءِ ڪاڏي ڪونه وئي هئينءَ.“
هنن ڳالهيون پئي ڪيون ته سنيتا به اچي نڪتي،
”اڙي ڀاڀي ڪهڙا حال ڪهڙا چال، يڪو پيا گھمو پوئتي وارن جي به ڪا يادگيري ڪونه ڪيو.“
”ڏي خبر سنيتا تون ته ٺيڪ آهين نه،“
”مان ٺيڪ آهيان، ڏيو خبر سنڌيا جي ٽريننگ شروع ٿي....“
”ٽريننگ....! ها ٽريننگ شروع ٿي وئي.“
”چڱو مان هلان ٿي، هيڏانهن مائٽن ڏانهن وئي هئس، سوچيم ڏسندي وڃان ته توهان آيا آهيو يا نه... سنيتا وڃي ٿي ته خاله کلندي چوي ٿي،
”هي ڇوڪري به عجب جهڙو ڪردار آهي، گھڙي کن به ڪٿي ٽڪاءِ ڪونهيس پنج منٽ هتي پنج منٽ هُتي.“
”خاله اها به شابس اٿس جو ڪٿي به ڀيرو ناهي ڀڃندي. هر ڪنهن جي ڏک سک ۾ ڀاڱي ڀائيوار لڳي پئي هوندي آهي.“
سنيتا جيئن ٻاهر نڪري ٿي ته کيس احساس ٿئي ٿو ته اوندهه پئي ٿئي، تڪڙا تڪڙا قدم کڻندي گھر ڏانهن وڃڻ لڳي ٿي ته کيس محسوس ٿئي ٿو ته ڪو ماڻهو سندس پويان پيو اچي، هوءَ ڊپ ۾ وڌيڪ تيز قدمن سان هلڻ لڳي ٿي، جيئن گھر واري گھٽي ۾ داخل ٿئي ٿي ته اهو ڏسي ڊپ ورائي وڃينس ٿو. گھٽي سنسان لڳي پئي آهي ڪو وانگي به ڏسڻ ۾ نه پيو اچي، سوچي ٿي،
”الائي ڪير آ، ڪاٿي ڪو ڦورو نه هجي.“
رئي جي پلو سان ٻانهن ۾ پيل چوڙيون لڪائي ٿي،
”هئي ڀڳوان تون لڄ رکجانءِ، مان به نما شام جو اڪيلي نڪري ٿي پوان،“ وس نه ٿو پڄيس ته وٺي ڊوڙ پائي، اڳتي وڌي ٿي ته پيڇو ڪندڙ سندس کان به تيز قدمن سان وڌي سندس آڏو اچي هن ڏي هٿ وڌائي ٿو ته سنيتا کان ذري گھٽ رڙ نڪرندي رهجي وڃي ٿي، سامهون بيٺل شخص تي نگاهه پويس ٿي ته اکيون ڦاٽي وڃنس ٿيون چهري تي عجيب تاثرات اڀري اچنس ٿا. ذري گھٽ رڙ ڪندي،
”ڀائو رحمان توهان....!
”ها سنيتا ڀيڻ مان آهيان..... ڪيترن ڏينهن کان توهان سان ملڻ پئي چاهيم.“
سنيتا جيڪا هاڻي رحمان جي ڪرتوتن کا چڱي طرح واقف ٿي وئي هئي، ڪاوڙ مان پڇيس ٿي،
”پر ڀائو ائين پيڇو ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، ڪو ماڻهو ڏسندو ته ڇا سوچيندو.“
اهو ٻڌي رحمان شرمسار ٿيڻ جي بجاءِ کلي چوي ٿو،
”سنيتا ڀيڻ پراڻا پاڙيسري آهيون ڪنهن کي ڪجهه سوچڻ جي ڪهڙي ضررت پئي آهي.“
اهو ٻڌي ويتر چڙي پوي ٿي،
”پر به.... اهو ڪهڙو طريقو آ.... ٺيڪ آ، جلدي ٻڌايو ڇو پيا ملڻ چاهيو، مونکي دير پئي ٿئي،“
رحمان رازدارانه انداز ۾ چويس ٿو،
”در اصل ڪافي ڏينهن کان توهان جي سهيلي نظر نه پئي اچي.“
خار مان چوي ٿي،
”ڪير سنڌيا....! ڇو وري ڪا ضرورت پئي اٿو ڇا.“
”ڇا جي ضرورت....؟ اهڙي ته ڳالهه ناهي، اصل ۾ هوءَ ڪافي ڏينهن کان ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي آئي. آفيس ۾ به ڪونه ٿي وڃي گھر فون ٿو ڪيان ته ڪير اٽينڊ ڪونه ٿو ڪري.“
”مونکي خبر ناهي مان ڪافي ڏينهن کان اوڏانهن ڪونه وئي آهيان. ڳالهه کي ٽاريندي، ناني ڏک پئي ڪري ته رحمان مهينن جا مهينا گذري ٿا وڃن ته اچي نٿو.“
”امان به هروڀرو پئي پريشان ٿيندي آهي، ڇڏيو ان ڳالهه کي توهان سنڌيا لاءِ ڪونه ٻڌايو.“
هاڻي مجبور ٿي سنيتا کي جان ڇڏائڻي پئي،
”گھڻا ڏينهن ٿيا وئي هئس ته ڀاڄائس ٻڌايو پئي ته ڪٿي ٻاهر ٽريننگ لڳي اٿس اوڏانهن وئي آهي.“
حيرت مان، ”ٽريننگ تي...؟ ڇا جي ٽريننگ.... ڪٿي....؟“
”ڀائو اهو ته مون به ڪونه پڇيو.... بس هاڻي مان هلان ٿي.... ۽ ها... اڳتي ائين منهنجو پيڇو نه ڪندا ڪيو. هر ڪنهن جي عزت هوندي آهي.“
اهو چئي تڪڙا قدم کڻندي اڳتي وڌي وڃي ٿي.
رحمان اڄ گھڻي عرصي کان پوءِ جلدي گھر موٽي آيو هو مريم سان گڏ ٻار به حيران هئا، آخر فواد جيڪو ڪافي سمجھدار ٿي ويو آهي پيءُ کان پڇي ٿو، ”ابو ڇو ... خير ته آهي نه ....“
”ائين ڇو پيو پڇين......“
نينا جيڪا پيءَ جي ڳالهه ٻڌي حيران ٿئي ٿي ته ابو فواد جو چرچو به نه سمجھو کلي چويس ٿي، ”ابو توهان به صفا نه ٿا سمجھو، فواد چوي ٿو ته توهان اڄ جلدي گھر ڪيئن اچي ويا آهيو.“
مريم ڪاوڙ مان چوي ٿي،
”بس ڪونه مليو هوندس ڪو دل پسند دوست.“
رحمان سندس ٽوڪ وارو لهجو ٻڌي،
”چڱو چڱو.... هاڻي بس ڪيو.... آهي ڪو چانهه جو ڪوپ.“
مريم نينا کي چوي ٿي ته وڃي خاني کي چانهه لاءِ چئي اچي . ٿوري دير ۾ خاني چانهه کڻي اچي ٿي، رحمان چانهه پئندي پيار ڀرين نگاهن سان مريم کي ڏسندو رهي ٿو ويچاري عورت، مرد ڪيترا به ڏک ڏئي ڪيڏا به ڀروسا ٽوڙي، بس جي هڪ نظر پيار جي وڌائين نه، ته سڀ ڪجهه وسري ويندس، مريم به عرصي کان پوءِ مڙس کي ائين نهاريندي ڏٺو ته شرمائجي وئي رحمان سندس هٿ جھلي پاڻ ڏي ڇڪيس ٿو ته شرمائجي چوي ٿي،
”ڇڏ.... ٻارن جو ته خيال ڪر....“
فواد کلندي،
”ابو اڄ توهان ڏاڍو خوش پيا لڳو......“
”اڄ ابو اسان کي ٻاهر وٺي ويندو آئسڪريم کارائڻ.....“
نينا لاڏ مان چوي ٿي:
فواد چيڙائيندي،
”تون به ڏاڍي چٽوري آهين، چپ ڪري نه ٿي ويهين.“
مريم موقعي جو فائدو وٺندي،
”ٻارن کي چڪر ڏياري اچ نه......“
”يار..... صفا مولائي لڳو پيو آهيان.....“
”مان ٿي پئسا ڏيانءِ اڄ ٻارن کي ڪٿي هلي ماني کارائي اچ.“
”ها اهو ٺيڪ آهي.“
مريم اٿي الماري مان ڪجهه پئسه ڪڍي رحمان کي ڏئي ٿي،
”يار ايتري مان گذارو ڪونه ٿيندو، پنج ته ڪري ڏي.“
مريم عام عورت جيان مڙس جي ٿوري توجه ڏسي هرکجي پوي ٿي ۽ وڌيڪ پئسه ڪڍي کيس ڏئي ٿي. پئسا کيسي ۾ وجھي رحمان چويس ٿو ته هو وڃي تياري ڪن پاڻ ٿوري دير آرام ڪري وٺي. ۽ ٻئي طرف منهن ڪري سمهي پوي ٿو ته مريم ٻئي ڪمري ۾ وڃي ٻارن کي تيار ڪري ٿي، رات جا نوَ ٿين ٿا ته مريم ڪمري ۾ وڃي ڏسي ٿي رحمان گھري ننڊ ۾ پيو آهي، کيس جاڳائيندي مناسب نه ٿي سمجھي، ٻاهر نڪري وڃي ٿي.
شهربانو کيس موٽندو ڏسي پڇي ٿي،
” اڃان نه ويئو ڇا..... “
مريم پيار ڀرئي لهجي ۾،
”امان رحمان الائي ڪيترن ڏينهن کان پوءِ ائين گهري ننڊ ۾ سمهيو آهي اٿارڻ تي دل نه ٿي چوي..... پاڻهي اٿندو....“
ٻار مايوس ٿي وڃن ٿا وقت تيزي سان گذرندو وڃي ٿو ته مريم خاني کي چوي ٿي ته هوءَ ۽ فواد وڃي سامهون واري بيڪري تان آئسڪريم ۽ ٻار ٻيو جيڪو چون وٺي اچي، خاني ۽ ٻار ٻاهر وڃن ٿا ۽ شيون وٺي واپس اچن ٿا. پر رحمان سجاڳ نه ٿو ٿئي ته مريم به آسرو پلي ماني کائي سمهي پوي ٿي. صبح جو رحمان الارم جي آواز تي ڇرڪ ڀري اٿي ٿو ۽ گھڙي ۾ ٽائيم ڏسي حيران ٿي وڃي ٿو ۽ سوچي ٿو ته اٺ پيا ٿين ٻار انتظار ڪندا هوندا مان به لاڳيتو سمهي پيو آهيان، پاسو ورائي ڏسي ٿو مريم پاسي ۾ گھري ننڊ سمهي پئي آهي، ايتري قدر جو الارم تي به نه جاڳي آهي، ڀڻڪندي،
”هي ڇو سويل ئي سمهي پئي آهي ۽ اها به ايڏي گهري ننڊ.“
ڀرسان بيبي ڪاٽ ۾ نومي جي روئڻ جو آواز اچي ٿو،
”هي نومي به اڄ جلدي سمهي پيو.“
سندس نظر سامهون دري جي شيشي تي پوي ٿي ٻاهر سج جي روشني ڏسي وڌيڪ حيران ٿئي ٿو،
”اڇا ته صبح جا اٺ پيا ٿين ۽ مان سڄي رات سمهيو پيو هوس.“
ٽپ ڏئي اٿي ٿو ته مريم به سستيءَ مان اٿي بيڊ تي ويهي ٿي، ٽوڪ واري انداز ۾،
”ننڊ پوري ٿيئي.... اسان وٽ رڳو ننڊ ڪرڻ ايندو آهين، باقي جاڳين ته الائي ڪٿي ٿو. ٻار ويچارا ٻارهين بجي تائين انتظار ڪري ڪري آخر سمهي پيا.“
”ريئلي آءِ ايم سوري، مون کي اٿاريو ڇونه......“
”تون اهڙي نموني سمهيو پيو هئين دنيا کان بيخبر، جو دل نه پئي چاهيو ته توکي جاڳايان، شڪايتي انداز ۾ ڏکاري ٿي،ننڊ ۾ ئي سهي گھٽ ۾ گھٽ تون گھر ۾ ته هئين، نه ته الائي ڪٿي هوندو آهين.“
”چڱو ڇڏ ان بحث کي اٿي ڏس خاني ناشتو تيار ڪيو آهي، ٻار اسڪول ڪونه ٿا وڃن ڇا؟“
”ويا هوندا خانيءَ موڪليو هوندن.“
اهو چئي مريم ٻاهر نڪري وڃي ٿي ته رحمان اٿي باٿ روم هليو وڃي ٿو.
ان واقعي کي ڪافي ڏينهن گذري وڃن ٿا ته رحمان کي وري پئسن جي ضرورت پئي ٿي. اڌ مهيني جي گذرڻ کان پوءِ جڏهن هن جي پگھار ختم ٿيندي آهي ته هو وري هيڏانهن هوڏانهن واجھائڻ لڳندو هو. ڪڏهن آفيس جي رجسٽرن ۽ رڪارڊ ۾ هيرا ڦيري ڪري ڪجهه انتظام ڪري وٺندو هو ته ڪڏهن ڪنهن دوست يار کان ڪجهه بندوبست ٿي ويندو اٿس. زندگي بس انهن راهن تي گهلبي پئي وئي. ٻار به تيزي سان وڌي رهيا هئا ته انهن جون تقاضائون به ڏينهون ڏينهن وڌنديون پئي ويون. پيءَ جي عدم توجهي جي ڪري ٻنهي وڏن ٻارن جي لکڻ پڙهڻ سان دلچسپي گھٽ ٻين غلط سلط ايڪٽوٽيز ۾ وڌندي پئي وڃي، هو ماءُ ۽ ناني جي چئي ۾ بلڪل ناهن، ائين وقت پنهنجي اڍنگي چال سان گذرندو پيو وڃي، رحمان کي اڃان به سنڌيا جي ملڻ جو آسرو آهي ته هوءَ ضرور ٽريننگ پوري ڪري واپس ايندي. هڪ ڏينهن آفيس ۾ ويٺو آهي ته اچانڪ ذهن ۾ اچيس ٿو ته هڪ ڀيرو وري آفيس جو چڪر لڳائڻ گھرجي متان سنڌيا آئي هجي، اهو سوچي گھڙي ڏسي اٿي ٿو ۽ گاڏي ڪڍي سڌو سنڌيا جي آفيس اچي ٿو گاڏي پارڪ ڪري آفيس ۾ وڃي ٿو. مظفر آفيس ۾ فائيلن ۾ گم آهي ته پٽيوالو اچي ٻڌائي ٿو ته ڪو رحمان صاحب توهان سان ملڻ لاءِ آيو آهي. اهو ٻڌي مظفر سوچ ۾ پئجي وڃي ٿو ته هو ته ڪنهن رحمان کي ڪونه ٿو سڃاڻي پر اهو نالو ڪجهه ٻڌل ٿو لڳي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچيس ته پٽيوالي کي کيس اندر وٺي اچڻ جو چوي ٿو، رحمان جيئن اندر اچي ٿو ته کيس ڏسي هن کي سڀ ڪجهه هڪ پل ۾ ياد اچي وڃي ٿو اخلاقًا اٿي ساڻس ملي ٿو ۽ ڪرسي آفر ڪري ٿو، رحمان ويهي ٿو ته هو ساڻس حالي احوالي ٿيندي ، خوش اخلاقي سان،
”ڏيو خبر اڄ هيڏانهن خير ۾ اچڻ ٿيو.“
”ڪافي عرصي کان سنڌيا سان ملڻ نه ٿيو هو سوچيم اڄ آفيس وڃي ساڻس ملي اچجي، پر سندس آفيس خالي ڏٺم ته هيڏانهن هليو آيس ته توهان کان پڇي وٺجي.“
اهو ٻڌي پهرين ته مظفر وائڙو ٿي وڃي ٿو ته هي ته سنڌيا جي بقول هن جو فيانسي آهي. ته پوءِ هن کي سنڌيا جي باري ۾ ڇو معلوم ناهي، اچانڪ هن کي اهي منظر ياد اچي وڃن ٿا جڏهن سنڌيا کيس ڏسي خوفزده ٿي ويندي هئي ۽ پوءِ کيس سنڌيا جو اهو واعدو ياد اچي ٿو ته ان جي باري ۾ ڪنهن کي به ناهي ٻڌائڻو. اهو سوچي مظفر پاڻ تي ڪنٽرول ڪري وٺي ٿو ۽ عام رواجي انداز ۾ کيس چوي ٿو،
”توهان کي خبر ناهي ڇا..... ميڊم سنڌيا ڪنهن فارين ٽريننگ جي سلسلي ۾ ٻاهر ويل آهي.“
”ٻاهر...!“ هن جي چهري جا تاثرات هڪدم بدلجي وڃن ٿا، ته سوني جھرڪي اڏامي وئي.
بيدلي سان موڪلائي اٿي ٿو. مظفر هن جي بدلجندڙ موڊ کي ڏسي حيران ٿي وڃي ٿو، ڄڻ هن جي هٿن مان ڪو قيمتي طوطو اڏامي ويو هجي.... هو هڪ جهانديده شخص آهي سڄي ڳالهه کي سمجھي وڃي ٿو ۽ سنڌيا جي پريشانين کي ياد ڪندي اداس ٿي وڃي ٿو.
•