ناول

اداس راھون مان تنھا

محترمہ ايس نرگس حق ادب جي اهڙي خدمتگار آهي، جيڪا سنجيدگيء سان پنھنجي قلم کان ڪم وٺي رهي آهي ۽ سنڌي ادب ۾ پنھنجو حصو مَنَ جي سچائيء سان شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ناول بابت محترمہ ايس نرگس لکي ٿي تہ ھن ناول جي ڪھاڻيءَ جو اسڪرپٽ 52 قسطن ۾ لکي ٽي وي ناٽڪ لاءِ پروڊيوسر وٽ کڻي ويس، ڊرامي جي ايپروئل پڻ ملي پر پوءِ چار سال لڳي ويا ۽ ڊرامو نہ ٺھيو. آخرڪار ان کي ناول جو روپ ڏئي ڇپايو ويو.

Title Cover of book اداس راھون مان تنھا

گران قدر اضافو: عذرا مغل

هوءَ جيڪا ”اوج ثريا“ جيان پنهنجي پوري تابناڪي سان افق تي جلوه گر آهي. مهرِ تابان جهڙو مزاج رکڻ واري شخصيت، ڪڏهن شعله ڪڏهن شبنم، دوستن لاءِ ديدهء دل فرشِ راه، هردل عزيز، هر راه هلندڙ کان ناآشنا يا بظاهر ناشناسائي وارو رويو ، متعدد چهرن جي پس منظر کان آگاه متعدد بدنما خوش نما روين جي گواه. زندگي سان سندس رويو بيحد مثبت ۽ تعميري آهي. هوءَ جنهن جي پوري زندگي خدمت ۽ مقصديت سان عبارت آهي اها خدمت ۽ مقصديت چاهي والدين جي هجي يا مقصد نوجوان نسل جي تعليم و تربيت هجي. دادو جهڙي ننڍڙي شهر ۾ تعليم جو هڪ درخشان ستارو هجڻ جي باعث سندس شمار معتبر ۽ محترم اساتذه ڪرام ۾ ٿئي ٿو. گذشته ٻن ٽن ڏهاڪن جي پروان شده نسلن خاص طور خواتين ۽ نياڻيون سڀئي سندس دامنِ تلمذ (شاگردي) سان وابسته رهيون آهن. بلڪه بعض جي ته هوءَ ناني اُستاني به بنجي چڪي هوندي. اگر هن جي سهي عمر ظاهر ٿيڻ جو خدشو نه هجي ته سندس رٽائرمينٽ به عين شباب ۾ ٿي، جڏهن هوءَ ڪم ڪرڻ جي لگن ۽ توانائي سان روز اول جيان ئي مڪمل طور سرشار ۽ ڀرپور هئي. سڀني کي سندس قبل از وقت رٽائرمينٽ جو قلق هو. مگر بُرو ٿئي ان مئٽرڪ جي سرٽيفڪيٽ جو جنهنجو حساب ڪتاب سروس جي آخري ڏينهن تائين هلي ٿو چاهي اهو سهي هجي يا غلط. دادو شهر سندس سماجي و معاشرتي سرگرمين جو به چشم ديد گواه آهي، ڪيترين سماجي سرگرمين ۾ اپوا جو پليٽ فارم هجي يا خواتين جي ٻي ڪا تنظيم، خواتين لاءِ ليڊيز ڪلب جهڙي آماجگاه جو تصور هجي. هڪ اهڙي شهر ۾ جتي شادي ونهانو کان سواءِ خواتين کاء ٻي ڪنهن تفريح جو تصور به نه هجي، اتي هنن جي لاءِ مينا بازارون ۽ اسٽيج ڊرامن جو اهتمام ڪري کين صحتمند تفريح سان گڏ ملڻ ملائڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ، هوءَ ائين شهر ڀر جي خواتين جي هردلعزيز ۽ پسنديده شخصيت رهي آهي. اهڙي شخصيت جنهنجي ذمي نه صرف شهر جي خواتين جي تعليم و تربيت، فلاح وبهبود، بلڪه ذوق تسڪين جو اهتمام ۽ انصرام هجي، نسواني سرگرمين جي پيش رو ۽ روح روان. لکڻ لکائڻ ڏانهن هوءَ پهرين به مائل هئي مگر جيئن ئي ڪجهه فراغت نصيب ٿي ته اهو شوق دو آتشه ٿي ويو جنهنجو ثمر ڪجهه ٽي وي ڊرامه ”نرگس حق“ جي قلمي نالي سان ۽ هي ناول ”اداس راهون مان تنها“ آهي. هي ناول جيڪو هن جي تخليقي مقام ۽ بحيثيت هڪ ليکڪ جي سندس ادبي حيثيت جي سمت جو تعين ڪندو. يقين آهي ته سندس مجموعي ڪارڪردگي جيان ادبي دنيا ۾ سندس هي تخليقي ڪاوش به سندس صلاحيتن جو اعتراف ۽ اعتبار ثابت ٿيندي. هڪ معتدل سياسي رويي جي حامل مذهبي، لساني، سياسي سماجي تفرقات کان بالاتر انسان دوست، شعله بيان، شعله رُخ، اقتصاديات ۽ عمرانيات جي ماهر جڏهن ادب جي ميدان ۾ قدم رکندي ته يقيناً ان جي تخليق به مقصديت ۽ معنويت سان ڀرپور هوندي ۽ پنهنجي موضوع ۽ صنف جي اعتبار کان ادبي دنيا ۾ هڪ گران قدر اضافو ثابت ٿيندي.

عذرا مغل
10.10.2014