ناول

اداس راھون مان تنھا

محترمہ ايس نرگس حق ادب جي اهڙي خدمتگار آهي، جيڪا سنجيدگيء سان پنھنجي قلم کان ڪم وٺي رهي آهي ۽ سنڌي ادب ۾ پنھنجو حصو مَنَ جي سچائيء سان شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ناول بابت محترمہ ايس نرگس لکي ٿي تہ ھن ناول جي ڪھاڻيءَ جو اسڪرپٽ 52 قسطن ۾ لکي ٽي وي ناٽڪ لاءِ پروڊيوسر وٽ کڻي ويس، ڊرامي جي ايپروئل پڻ ملي پر پوءِ چار سال لڳي ويا ۽ ڊرامو نہ ٺھيو. آخرڪار ان کي ناول جو روپ ڏئي ڇپايو ويو.

Title Cover of book اداس راھون مان تنھا

18

ٻئي ڏينهن حنان گهر وارن کان موڪلائي اسلام آباد روانو ٿي وڃي ٿو، ته زرينه بيگم ننهن جي ڪمري ۾ اچي ٿي، کيس ڏسي رات واريون ڳالهيون ياد ڪري ڏکاري ٿي وڃي ٿي، مڙئي ڳالهه چوريندي چويس ٿي ته مردن کي ايڏو تنگ ناهي ڪبو، اڳي ته هو ڪراچي نوڪري ڪندو هو ته هوءَ کيس هيلي بهاني سڏي وٺندي هئي، ايڏو پري کان ائين بهانو ڪري ڊڪائڻ ڪا چڱي ڳالهه آهي، مرد ڪڏهن ڪيئن ته ڪڏهن ڪيئن ائين ئي دلين ۾ تفرقو پيدا ٿي ويندو آهي.
سس جون ڳالهيون ٻڌي کلي چويس ٿي،
”امان تون ٿيئن پراڻي زماني جي صابر عورت، جيڪو مليو جي بسمه الله مرد ٻاهر جيڪو وڻين وتن ڪندا، هي توهان وارو زمانو ناهي، مردن کي ڇڪي رکجي، جيئن هيڏي هوڏي نهارڻ جو موقعو ئي نه ملين. وڏن شهرن ۾ عورتن سان نوڪريون ٿا ڪن، ڪهڙي خبر ڪيڏي مهل ڪٿي وڃي پاڻ اٽڪائن.“
ڀاڄائي جي دليل بازي ٻڌي سيما جيڪا ڪاپيون پئي چيڪ ڪري،کلندي،
”ڀاڄائي ڪير کڻي ڪيترو به ڪري، مرد جي کرڻ جو نه وقت هوندو آهي نه عمر.... ڪيڏي مهل کين ڇا ٿو پسند اچي وڃي تنهن جي خبر به ڪونه پوندي.“
”تڏهن ته زال جو ڪم آهي ته مڙس کي هر وقت ڪِلي سان ٻڌي رکي. امان ته الائي ڪهڙي جهان ۾ ٿي رهي.“
زرينه اهو ٻڌي سوچ ۾ ٻڏي وڃي ٿي،
”گهڻئي ڪِلي سان ٻڌڻ جي ڪيئي ڌيءَ پر جيڪي ڇنائڻ چاهيندا آهن نه انهن کي ڪِلا ڪهڙا به مضبوط هجن روڪي ناهن سگهندا، منهنجي بيخبر نياڻي تنهنجو اهو ڀرم ٽُٽو ته الائي تنهنجو ڪهڙو حال ٿيندو، الله توکي پنهنجي امان ۾ رکي.“
سيما ماءُ کي گهري سوچ ۾ ڏسي چوي ٿي ته هوءَ پريشان ڇو ٿي وئي آهي.
”سوچيان پئي ته ويچارو انسان وڏا وس ڪري پر جيڪي وڃڻ وارا هوندا آهن اهي نه ڪِلن جي نه زنجيرن جي پرواهه ڪندا آهن.“
”امان سچ ٿا چئو ادا جميل سعيده ڀاڀي سان پسند جي شادي ڪري آيو هو، پوءِ وڃي شائسته سان نينهن لاٿائين ته سڀ ڪجهه وسري ويس.“
”امان هڪڙي ڳالهه ٻڌائڻ وسري ويس ان ڏينهن بيگ مان حنان جو سامان پئي ڪڍيم ته اخبار جي هيٺان سونو ڪنگڻ پيو هو ڏسي منهنجو ته ساهه ئي سُڪي ويو. پڇيو مانس ته پهرين ته ياد ئي نه پئي آيس پوءِ ٻڌايائين ته جميل جي بيگ کڻي آيو آهي، ٿي سگهي ٿو ته ان جو هجي، پوءِ منهنجي سامهون کيس فون ڪيائين تڏهن وڃي منهنجي پيٽ ۾ ساهه پيو.“
سيما حالتن کان بيخبر مذاق ڪندي،
”ڀاڄائي خيال ڪجانءِ مردن تي ڪو اعتبار ڪونهي.“
”اڳيان به ثمينه اٿس جميل جي سعيده ڪونهي جو چپ ڪري اڌ ورهائي گهر ۾ جاءِ ڏنئينس، مرڻ مارڻ کان سواءِ ٻي ڪا جٺ نه ڪيانس.“
اهو ٻڌي زرينه کي ته ڄڻ اندر ۾ وڍ پوڻ لڳا، ايندڙ وقت جو سوچي هينئر کان ئي هن جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا، ڪجهه وڌيڪ چوڻ کان سواءِ اٿي ٻاهر نڪري وئي ته ثمينه سندس حالت ڏسي دل ۾ چوڻ لڳي ته هن کي الائي ڇا ٿيو جو ائين اٿي هلي وئي.

سنڌيا حنان جي اچڻ جو ٻڌي صبح کان ڏاڍي خوش هئي. هن کي خبر نه هئي ته هو هن جي زندگي ۾ ايترو جلد اهڙي اهميت اختيار ڪري ويندو جو هن جي بنا هڪ پل گهارڻ به هن لاءِ مشڪل بنجي ويندو اهو هفتو هڪ هڪ گهڙي ڳڻيندي هن گذاريو هو ۽ اڄ جڏهن هن فون ڪئي ته شام تائين پهچي ويندو ته وقت ڪاٽيو نه ٿي ڪٽيو. آفيس مان اچڻ کان پوءِ فريش ٿي اچي ڊريسنگ ٽيبل تي ويٺي هئي اڄ ورهين کان پوءِ هن جي دل پاڻ کي سنوارڻ سينگارڻ چاهيو هو ۽ هوءَ ڏاڍي اهتمام سان حنان جي پسند جي رنگ جو وڳو اوڍي هلڪو ميڪ اپ ڪري رهي هئي. حنان ان گهڙي سندس خيالن ۾ هن سان مذاق ڪري رهيو هو. هوءَ پنهنجي منهن ڀڻڪندي،
”مان به هروڀرو پئي ايڏي ايڪسائيٽيڊ ٿيان. حنان کي اچڻ ۾ ته ڪافي وقت پيو آهي، اڃان ته هينئر راولپنڊي مان نڪتو هوندو.“ هن جي سوچڻ کان پهرين حنان ڪافي دير کان هن جي پويان اچي بيٺو ۽ هن کي ائين مدهوش حالت ۾ ڏسي هو زيرِ لب مسڪرائي رهيو هو، سنڌيا تي ان وقت عجيب بيخودي طاري هئي. هوءَ سمجهي رهي هئي ته اهو سندس خيال آهي،
”لڳي ٿو ته مان حنان جي محبت ۾ پاگل ٿي وئي آهيان جو هو هر وقت منهنجي تصور ۾ منهنجي حالت تي مسڪرائي رهيو آهي، هوءَ وري پاڻ سان ڳالهائڻ لڳي، ”ها... کلو... کلو... مان چري آهيان نه، سڄو هفتو انتظار ڪرايو اٿوَ ۽ هي گهڙيون ته گذرڻ جو نالو ئي نه ٿيون وٺن ۽ توهان آهيو جو.“
حنان هن جي اهڙي ڪيفيت ڏسي ڪافي پاڻ کي روڪيو پر کل هن کان رڪجي نه سگهي.
سنڌيا ڇرڪ ڀري پويان نهاريو ۽ حنان کي غير متوقع ايترو جلدي پنهنجي ڀرسان ڏسي خوشي ۾ اٿي هن سان زور زور سان هٿ ملائڻ لڳي.
”او نو... توهان ايترو جلدي اچي ويا، ”هائو سئيٽ ڊريم“ مون سمجهو مان خواب پئي ڏسان جاڳندي جو خواب. اوهو ويهو نه بيٺا ڇو آهيو .“
”اڙي سائين دل ڀري ڏسڻ ته ڏيو، سچ پچ مون سڄو هفتو توهان کي ڏاڍو مِس ڪيو آهي. توهان ايترو جلدي منهنجي دل جي ايترو قريب ٿي ويندا ان جو اندازو توهان کان پري رهڻ کان پوءِ ٿيو.“
”توهان اهو سڀ منهنجي دل رکڻ لاءِ پيا چئو نه. چڱو اٿي فريش ٿي وٺو ته مان چانهه ٿي لڳرايان پوءِ دل ڀري ڳالهيون ڪنداسين.“



رات جو ڊنر تي سنڌيا خاص اهتمام ڪيو هو ۽ سڀ ڊشز حنان جي پسند جون تيار ڪرايون هيون. حنان جيئن ڊائننگ ميز تي آيو ته هن جي دل خوش ڪرڻ خاطر، خوشدلي جو مظاهرو ڪندي چوڻ لڳو،
”اڄ ته زبردست خوشبوئون پيون اچن، ڪو خاص مهمان اچڻ وارو آهي ڇا.“
سنڌيا اهو ٻڌي مسڪرائي ٿي،
”منهنجي لاءِ ته هينئر خاص به توهان آهيو ته عام به توهان، توهان جي وڃڻ کانپوءِ ڪجهه کائڻ جو موڊ ئي نه ٿيندو هو.“
”سنڌيا ميڊم ايترو به مٿي تي نه چاڙهيو هن مسڪين کي جو پوءِ هيٺ لهڻ ئي مشڪل ٿي پوي.... ها سويل توهان ڪنهن سرپرائيز ڏيڻ جو پئي چيو.“ سنڌيا خوش ٿيندي،
”منهنجو ڪراچي ٽرانسفر ٿي ويو آهي....“
حنان جي چهري تي ڪجهه دير پهرين جيڪا خوشيءَ جي مرڪ هئي، ان جي جاءِ تي هن جو منهن لهي وڃي ٿو پر سنڌيا جي دل رکڻ لاءِ،
”واقعي...! ڏاڍو سُٺو ٿيو پر اهو ڪجهه جلدي نه ٿي ويو، هتي هئاسين ته بي خوف بي الڪا ٿي ڪجهه ته لائيف انجواءِ ڪجي ها، اتي وري فيملي لائيف، اتي وڃڻ سان کوڙ ساترا مسئلا ڪر کنيو بيٺا هوندا، مون توهان کي هڪ ڀرپور زندگي ڏيڻ چاهي ٿي، جنهن ۾ توهان جي سڀني محرومين جو نه سهي ڪجهه نه ڪجهه ازالو ٿي سگهي .“
”جيئن توهان جي خوشي چئو ته آرڊر ڪينسل ڪرايان.“
”نه نه منهنجو اهو مطلب هرگز نه هو، مان ته پاڻ پنهنجي پراڻي جاب تي جوائن ڪري آيو آهيان. بس منهنجو مقصد هو ته اسان ڪجهه ڏينهن زندگي کي اهڙي انداز ۾ گذاريون جو اهي ڏينهن اسان جي زندگيءَ جا خوشگوار ۽ يادگار ڏينهن بنجي وڃن.“
اهو ٻڌي سنڌيا جي خوشي جي انتها ئي نه ٿي رهي، هن به هميشه چاهيو هو ته هن جو جيون ساٿي هن سان ايتري محبت ڪري جو هو ٻئي دنيا مافيها کان بي خبر صرف ۽ صرف پنهنجي زندگي ۾ جيئن. هن جي ور کي هن سان بي لوث محبت هجي جيڪا ڪنهن به زماني ۾ قيد نه هجي ۽ حنان جا چند خوبصورت لفظ هن جي زندگي جي رمز بدلائڻ لاءِ ڪافي هئا. هوءَ هنن لمحن کي يادگار بنائڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار هئي. هن جي ورهين جا خواب جو تعبير پائڻ وارا هئا، هوءَ خوش خوش هن کي سندس پسند جون ڊشز آڏو ڪندي وئي اڄ هنن ڊنر کي خوب انجواءِ ڪيو ۽ پوءِ ٻاهر نڪري ويا.
رات جو جڏهن هو بيڊ روم ۾ آيا ته حنان کيس ڳوٺ جي متعلق ٻڌائڻ لڳو، هن ڳالهين ڳالهين ۾ کيس ٻڌايو ته هن پنهنجي امان کي اعتماد ۾ وٺي اسان جي شاديءَ جي باري ۾ سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيوآهي.
سنڌيا بيتابيءَ وچان پڇڻ لڳي،
”ته پوءِ امان جن جو ڪهڙو ردِ عمل هو.“
حنان ڏکاري لهجي ۾ ٻڌايو ته امان اهو ٻڌي پهرين ته خاموش ٿي وئي، ليڪن پوءِ هن اهو انديشو ظاهر ڪيو ته جي توهان جي زندگيءَ ۾ ڪنهن ٻار جي آمد ٿي ته پوءِ ڇا ٿيندو. ثمينه اهو سڀ ڪڏهن به برداشت نه ڪري سگهندي ته ڪو هن جي ٻارن سان محبتن ۾ حصيداري ڪري.“
اهوٻڌي سنڌيا جي اندر ۾ ڄڻ ته ڪجهه ڀڄي ڀُري پيو، هن جا ممتا جا خواب چورو چورو ٿي ويا، پر هن پنهنجي احساسات کي اندر ئي اندر دٻائيندي آهسته آواز ۾ صرف ايترو چيو،
”حنان توهان ته چاهيو پئي ته اسان جي جيون ۾ به هڪ ننڍڙو وجود هجي جيڪو اسان جي محبتن جو ضامن هجي.“
اهو ٻڌي حنان ڪوبه جواب ڏيڻ کان سواءِ پاسو ورائي سمهي پيو ۽ سنڌيا جنهن کي حنان سان ان عرصي ۾ شديد محبت ٿي وئي هئي ان پنهنجي ممتا جو گلو گهُٽي هڪ فيصلو ڪيو ۽ پوءِ سڪون جي ننڊ سمهي رهي.
ٻن ڏينهن کان پوءِ جڏهن حنان آفيس جي ڪنهن ڪم سانگي ڪجهه ڏينهن لاءِ لاهور ويل هو ان موقعي کي مناسب سمجهندي، اسپتال وڃي هڪ ننڍڙو آپريشن ڪرائي حنان ۽ سندس گهر وارن جي اُن انديشي جي بنياد کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيو. هن ڪڏهن به نه ٿي چاهيو ته حنان، همدرديءَ ۾ ئي سهي هن کي سهارو ڏنو هو ۽ هن جو جيون خوشين سان ڀري ڇڏيو هو، ان سان جُڙيل ڪنهن به فرد جي هِن جي ڪري ڪا حق تلفي ٿئي. جيتوڻيڪ اڳتي هلي هن کي اهو احساس ٿي ويو ته هن جو اهو فيصلو ڪيترو نه جذباتي ۽ حقيقتن جي منافي هو. ڇو ته شادي شده زندگي کي ڳنڍي رکڻ لاءِ اولاد هڪ زنجير هوندو آهي ۽ اهو احساس اڳتي هلي حنان جي هر رويي ۽ ورتاءُ مان هن کي ٿيو هو پر پنهنجي ڪئي جو نه ڪو ويڄ نه طبيب، ڪڏهن خوشيون ملنديون به آهن ته کوڙ ساتري درد ۽ پيڙا کان پوءِ. ان جي باوجود هوءَ خوش هئي ته حنان سان هوءَ ته بي تهاشا محبت ڪري ٿي ۽ محبت ته قربانيءَ جو نالو آهي، محبتن ۾ واپسيءَ جي اميد ڪرڻ ناداني آهي. حنان هن سان نه ڪڏهن ان جذبي سان محبت ڪئي نه پنهنجي قريب محسوس ڪيو. هن صرف وقتي همدردانه جذبي کي محبت جو نالو ڏنو هو ۽ جهٽ کيس ان جو احساس به ٿي ويو هو. پر پوءِ به هو فطرتًا هڪ صاف ۽ سچو انسان هو جنهن پنهنجي وس آهر پنهنجي ناتي کي نڀائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي هئي.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سنڌيا کي ٻڌايو ويو ته سندس آرڊر صاحب جي صحيح ۾ آهن ۽ ان سان گڏ حنان جا به، هو پنهنجو باقي پيرڊ ڪراچي آفيس ۾ سرو ڪري، اهو ٻڌي پهرين ته هوءَ پريشان ٿي وئي پر پوءِ ڪجهه سوچي انٽرڪام تي حنان کي پنهنجي ڪيبن ۾ اچڻ لاءِ چيائين، حنان جي اچڻ کان پوءِ کيس سڄي صورت حال ٻڌايائين ۽ مشورو ڏنائينس ته اهي ڏينهن هو گهر ٻڌائي بغير ڪراچي ۾ هن سان گذاري گهر وارا سمجهندا ته اسان اڃان اسلام آباد ۾ آهيون، ايڏي وڏي شهر ۾ ڀلا ڪنهن کي خبر پوندي ته اسان ڪٿي آهيون اهو ٻڌي حنان عجيب ٻڏ تر ۾ پئجي ويو. هو ڪوبه فيصلو ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه هو، سوچڻ جو چئي واپس ڪيبن ۾ هليو ويو.
شام جي وقت ٻئي آفيس کان واپس اچن ٿا ته سنڌيا پاڻ کي ڪجهه ٿڪل محسوس ڪري ٿي، مٿي ۾ هلڪو سور پيو ٿئيس، چينج ڪري بيڊ تي ليٽي پوي ٿي، سور وڌندو پيو وڃي، گهڙي گهڙي مٿي تي هٿ رکي ٿي ان وقت حنان واش روم مان ٻاهر اچي ٿو هن جي اها ڪيفيت ڏسي پڇي ٿو،
”ڇو طبيعت ٺيڪ ناهي ڇا.“
”اوهه، نه.... بس ائين ئي مٿي ۾ ٿورو سور پيو محسوس ٿئي، ٿورو ريسٽ ڪري چانهه پيئنديس ته سهي ٿي ويندو. اچو توهان ويهو.“
حنان سوچي ٿو ته ڪيڏو نه فرق آهي سنڌيا ۽ ثمينه ۾، هن مٿي جي سور ڪري مونکي اسلام آباد ما ڊوڙائي پريشان ڪيو، ۽ هي هتي هجڻ جي باوجود مونکي پريشان ڪرڻ نه ٿي چاهي،
”ٿورو هٿ مٿي ڪيو مان زور ٿو ڏيان.“
”نه نه چيم نه ته پاڻ هي ٺيڪ ٿي ويندو.“
ان وقت بورچي ٽرالي ۾ چانهه کڻي اچي ٿو ۽ هڪ ڪپ ٺاهي صاحب ۽ ٻيو سنڌيا کي ڏئي ٿو. چانهه پئندي هو ڪراچي وڃڻ جي باري ۾ سوچن ٿا سنڌيا ٻڌائي ٿي ته هن آصف کي ڪنهن مناسب علائقي ۾ هڪ ننڍڙو گهر ڪرائي تي وٺڻ لاءِ چئي ڇڏيو آ ۽ ڪا ملازمه به ارينج ڪرڻ لاءِ چيو اٿم.
”پر ڪنهن ٻئي علائقي ۾ ڇو، بابا وارن يا آپيءَ وارن جي ڀرسان ڇونه، توهان کي آساني ٿئي ها.“
”بس حنان اهو سڀ مون سوچي سمجهي فيصلو ڪيو آهي. اڳتي هلي اسان کي الائي ڪهڙن حالات مان گذرڻو پوي. مان پنهنجي گهر وارن کي پنهنجي مسئلن کان دور رکڻ چاهيندس، بابا سائين منهنجي معاملي ۾ ڏاڍا حساس آهن ۽ مان به هنن کي پنهنجي لاءِ بي فڪر ڏسڻ چاهيان ٿي، اهو سڀ سوچي ئي مون آصف کي ائين ڪرڻ لاءِ چيو آهي، اسان جي اتي پهچڻ کان پهرين انتظام ٿي ويندو ڇو ته هو به هفتي کان پوءِ لنڊن پيو وڃي. اهي ڳالهيون ٻڌي حنان گهري سوچ ۾ گم ٿي وڃي ٿو. ۽ سنڌيا کيس ڏسندي رهي ٿي.
ٿوري دير کان پوءِ آصف جي فون اچي ٿي، حال احوال کان پوءِ هو کيس ٻڌائي ٿو ته گھر جو انتظام ٿي ويو آهي، سنڌيا فون حنان کي ڏئي ٿي آصف هن کان حال احوال وٺي ٿو ۽ خدا حافظ چئي فون بند ڪري ٿو ته حنان فون رکي سنڌيا کان پڇي ٿو، هوءَ ٻڌائيس ٿي ته گلبرگ ۾ هڪ وڏي بنگلي جو اڌ پورشن ڪرائي تي ورتو آهي، جيڪو بلڪل سيپريٽ به آهي ته ضرورت پوڻ تي توهان مالڪ مڪان سان رابطي ۾ به رهي سگهو ٿا، گاڏي پارڪ ڪرڻ جي جاءِ کان علاوه ملازم لاءِ الڳ ڪمرو به آهي ۽ اهو به ٻڌائي ٿي ته هڪ ايماندار ملازمه جو به انتظام ٿي ويو آهي جيڪا چوويهه ڪلاڪ اسان سان گڏ رهندي، وڏي ڳالهه ته بلڪل آساني سان اتان توهان ڳوٺ به وڃي سگهو ٿا. اهو ٻڌي حنان جيڪو ڪجهه دير پهرين پريشان پئي لڳو سک جو ساهه کڻي ٿو ته سنڌيا کي اتي سندس بغير ڪا پريشاني نه ٿيندي.
هفتو کن کين سامان سهيڙڻ ۾ لڳي وڃي ٿو، انهي دوران هو روزانه گهمڻ ڦرڻ ۽ شاپنگ وغيره ڪرڻ ۾ پنهنجو باقي وقت صرف ڪن ٿا.



ڪومل ۽ ماسي رات جي ماني ميز تي لڳائن پيون ته ماسي ڪومل کي چوي ٿي،
”ڪنوار شام جو ڪانو اسان جي گهٽي واري دري ۾ ڏاڍو پيو لنوين، ۽ وري هينئر ماني پئي پچايم ته ماني جو ڪنو ٻاهر وڌي آيو، لڳي ٿو ته ڪو مهمان پيو اچي.“
ڪومل کلندي،
”ماسي تو اڃان پراڻين ڳالهين تي اعتبار پئي ڪرين، ڪير ٿو اسان ڏي لڙي اچي، آپا به اڃان ڪالهه ٿي وئي آ.“
ان وقت دروازي جي بيل وڄي ٿي ته احمد لائونج مان اٿي در ڏي وڃي ٿو در کوليندي سندس اکين ۾ تعجب گاڏڙ خوشي جا تاثرات اچي وڃن ٿا، اتان ئي رڙ ڪندي چوي ٿو،
”بابا، ڪومل ڏسو ته ڪير آيا آهن.“
شوڪت جيڪو لائونج ۾ ويٺو هو. اتان ئي پڇي ٿو ته ڪير آيو آهي جو خوشيءَ ۾ نه پيو ماپين.
انهي وقت سنڌيا چپن تي آڱر رکي کيس ماٺ ڪرڻ لاءِ چوي ٿي ۽ پاڻ ۽ حنان تکي وک کڻندي سڌو وڃي شوڪت علي جي آڏو بيهن ٿا. هن جي نگاهه جڏهن هنن تي پوي ٿي ته خوشيءَ ۾ اٿي کڙو ٿئي ٿو، سنڌيا ڀاڪر پائي مليس ٿي سندس اکين ۾ لڙڪ لڙي اچن ٿا ته شوڪت علي جو اکيون به ڀرجي اچن ٿيون اهو منظر احمد ۽ حنان کي اداس ڪري ڇڏي ٿو،
”ورهين کان پوءِ منهنجي ننڍڙي نياڻي آخر پنهنجي ڪکن ۾ اچي ئي وئي، پرديس آخر ڪيستائين رهبو نيٺ پنهنجي ماڳ موٽڻوئي پوندو، پر اچڻ جو ٻڌايو ئي ڪونه.“
حنان پيءَ سان ملندي،
”بابا چيو مانس ته فون ڪري ڇڏيو پر منع ڪيائين ته اوچتو هلڻ ۾ جيڪو مزو ايندو ٻڌائڻ ۾ نه، ڪومل به ڊوڙي اچي ڀاڪر پائيس ٿي ته ماسي عالمه ملندي ٻڌائيس ٿي ته هينئر پئي چيم ته ڪانو پيو لنوين ته پڪ ڪي اهڙا مهمان ايندا جن جي خبر ئي ڪونهي، خبر نه هئي ته ورهين کانپوءِ منهنجي ننڍڙي آپا ٿي اچي جنهن کي ڏسڻ لاءِ اکيون ترسي ويون هيون. سڀني سان ملي اتيئي ويهن ٿا ته سنڌيا چوي ٿي ته ماني پوءِ لڳائجو پهرين اسان سٺي چانهه پئنداسين. اجهو ٿي کڻي اچان چئي بورچي خاني ڏي وڌي وڃي ٿي. ٿوري دير ۾ چانهه کڻي اچي ٿي، هو اڃان چانهه پين ئي پيا ته در کڙڪي ٿو ۽ خاله زهره ٽري ۾ ڪجهه کنيو پئي اچي سنڌيا خاله کي ڏسي ڊوڙي وڃي ساڻس ملي ٿي ته خاله ڀاڪر ۾ ڀري چميون ڏيندي چويس ٿي،
”منهنجي ٻچڙي توکي پنهنجي هيءَ ماءُ ڪڏهن ياد ڪونه آئي..... نه فون نه خط، چين ته ٻاهرين ملڪ وئي آهي، هي ڪير آهي تعارف ته ڪونه ڪرايئي.“
احمد حنان جو تعارف ڪرائيندي،
”خاله توهان جي هيءَ ڌيءَ اڪيلي ڪونه آئي آ، توهان لاءِ هڪ عدد نياڻو به وٺي آئي آهي. حنان هي اسان جي خاله زهره آهي، امان جي گذرڻ کان پوءِ پاڙيسري هئڻ جي ناتي هنن ئي اسان جي پرورش ڪئي خاص طور سنڌيا جي جيڪا ٻن سالن جي مس هئي.“ حنان اٿي ادب سان ساڻس ملي ٿو.
خاله ٻڌائي ٿي ته هوءَ گيلريءَ ۾ بيٺي هئي ته ٽيڪسي مان سنڌيا کي لهندي ڏٺائين ته دل ڇڪ کاڌي ته آهي نه آهي سنڌيا راڻي آهي. تڏهن جلدي ۾ ڪباب تري کڻي آيس ته ورهين کان پوءِ چانهه سان گڏ پنهنجي ماءُ جي هٿن جو سواد چکي.“
حنان هنن جي محبت جو انداز ڏسي خوشي سان گڏ وائڙو ٿي وڃي ٿو،
”شهرن ۾ به اهڙا محبتي ماڻهو اڃان موجود آهن، نه ته اهڙي نفسا نفسي جي دور ۾ ڪير ٿو ڪنهن جي ائين سار لهي.“
سنڌيا ڪباب کائيندي،
”زبردست ڪباب آهن، خاله جي هٿ جي ذائقي لاءِ ته سڪي وئي هئس، حنان هي ڪباب وٺو اسان جي خاله ڪباب ايڪسپرٽ اٿو.“
”واقعي لاجواب ٽيسٽ آهي.“
سڀئي چانهه پئندي هڪ ٻئي سان حال اورين ٿا.
ٻئي ڏينهن سنڌيا حنان ۽ احمد تيار ٿي ناشتي جي ميز تي اچن ٿا ته سنڌيا پيءَ کي ٻڌائي ٿي ته هو ان ڪري جلدي اچي ويا ڇو ته هن پوسٽ لاءِ ڪو ٻيو به ٽراءِ ڪري پيو ۽ اسانجي ايم ڊي ڪنسيڊر ڪندي جلدي منهنجو آرڊر ڪڍرايو نه صرف ايترو پر حنان کي به اهو چئي رليو ڪيائون ته هو باقي پيرڊ اتي وڃي پورو ڪري هاڻي اسان سوچيو آ ته..... سڄي ڳالهه کين ٻڌائي ٿي.
حنان چوي ٿو ته هاڻي رڳو هن کي اهو ڊپ آ ته ڪٿي ڳوٺ جو ڪو ماڻهو هن کي هتي ڏسي نه وٺي.
احمد کيس تسلي ڏئي ٿو،
”يار الله تي رک ۽ آهسته آهسته گهر وارن کي اعتماد ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪجانءِ، پر جي ان کان اڳ ڪا اهڙي ڳالهه ٿئي ته ڳوٺ هليو وڃجانءِ.
سنڌيا حنان ۽ احمد کي چوي ٿي ته شام آفيس مان موٽندي اسٽيٽ ايجنٽ کان گهر جي چاٻي وٺيو اچن ته جيئن گهر ڏسي اندازو لڳائجي ته ڪا ڪمي پيشي هجي ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ سهي ڪري اوڏانهن شفٽ ٿيون. ناشتو ڪري سڀ آفيس لاءِ نڪرن ٿا.
سنڌيا جي آفيس جوائن ڪرڻ سان کيس ڪميشن طرفان گاڏي ۽ ڊرائيور ملن ٿا. شام جو هو گهر به ڏسي اچن ٿا ۽ ٻئي ڏينهن ان کي ضرورت موجب سيٽ ڪري سامان کڻي اوڏانهن شفٽ ٿيڻ لاءِ سوچين ٿا ته ان وقت سنڌيا جي ڪن تي ٻاهران آواز پوي ٿو،
”ڀاڀي ڪهڙا حال ڪهڙا چال...... ڪهڙا سال.“
ڪومل کلندي حال به ٺيڪ ته چال به ٺيڪ... ۽ هاڻي ته سال به ٺيڪ...“
”اهو وري ڪيئن ته سال به ٺيڪ.... اڄ ته ڏاڍي خوش پئي لڳين....“
”توکي خبر پوندي ته تون به خوش ٿي ويندينءَ.“
”ڇو منهنجي لاءِ ڪو رشتو ڳولهيو اٿئي ڇا.“
آواز تي سنڌيا ٻاهر نڪري اچي ٿي. کيس ڏسي سنيتا حيران ٿي،
”هيءَ سنڌيا آهي.“
ٽپ ڏئي اٿي ٿي ۽ کيس ڀاڪر پائي ملي ٿي ۽ روئي ڏئي ٿي،
”هي تنهنجي سهيلي سنيتا ته ائين وسري ويئي ڄڻ ته....“
”بلڪل نه،... مان توکي روز ياد ڪندي هئس ۽ سلام به موڪليندي هئس.“
سنيتا ڳراٽڙي پائيندي،
”ڪهڙي نه سٺي ٿي وئي آهين اهڙي ته ڦوهه جواني ۾ به نه هئينءَ، اسلام آباد ۾ ته ماڻهو ديوانا ٿي پوندا هوندا.“
ڪومل کلندي:
”۽ انهن ديوانن مان هڪ ته پاڻ سان گڏ وٺي به آئي آهي.“
اهو ٻڌي سنڌيا شرمائجي وڃي ٿي ته سنيتا بيتابي مان پڇي ٿي،
”ڪير ڪنهن جي پيا ڳالهه ڪيو.“
”اسان اسلام آباد هئاسين ته اتي سنڌيا جي شادي ڪري آياسين.“
”سچ...! ٻڌايوَ ته ڪونه.“
”۽ تون به ڪنهن کي نه ٻڌائجانءِ.... وري نه دشمنن کي ڪا خبر پوي.“
اهو ٻڌي سنڌيا ڏاڍي پراعتماد لهجي ۾ چوي ٿي،
”نه ڀاڀي مونکي هاڻي ڪنهن جي به پرواهه ڪونهي، منهنجو ور مونسان هر ڳالهه ۾ ساٿ ڏيڻ وارو آهي مان هاڻي ڪنهن کان ڪونه ڊڄندس گهڻو ڊڄي ڊڄي زندگي گذاريم.“
سنيتا اهو ٻڌي خوش ٿي چوي ٿي،
”ڪاش ان وقت به ٿوري همٿ ڪرين ها ته ائين پرديس ڪاٽڻو نه پوئي ها، سچ پڇين ته مان تمام گهڻي خوش آهيان پوءِ ملاءِ نه.“
سنڌيا هٿ مان پڪڙي ڪمري ۾ وٺي وڃيس ٿي. هوءَ حنان سان ملي تمام گهڻو خوش ٿئي ٿي. ڪجهه دير کانپوءِ موڪلائي ٿي،
”چڱو مان هلان.“
هن جي وڃڻ کانپوءِ سنڌيا حنان کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ٿي.



سنيتا ڪومل وٽان ٿي سڌو شمسه وارن ڏي وڃي ٿي، جتي نجمه ۽ جاويد ويٺا آهن شمسه پنهنجي ڪمري ۾ آرام پئي ڪيو، سنيتا کي ايندو ڏسي نجمه خوش ٿي وڃي ٿي،
”گهڻن ڏينهن کانپوءِ پئي اچين.“
”ڏي خبر آپا ڪونهي...“
”ڪمري ۾ آرام پئي ڪري، رات دير تائين ناني امان جون ڳالهيون پئي ڪيائين.... هوڏانهن ماما جي حالت آهي ته سڌرڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن بگڙندي پئي وڃي، جڏهن کان ٻڌو اٿس ته نينا کي وقاص جي مائٽن گهر اچڻ نه ڏنو ۽ هاڻي وتن ٿا هِن هُن در جون ٺوڪرون کائيندا تڏهن کان گهر جو ماحول وڌيڪ ڏکارو ٿي ويو آهي. اسان جي خاندان جي خوشين کي الائي ڪنهن جي نظر لڳي وئي.“
انهن ڳالهين جي وچ ۾ جاويد اٿي اندر هليو وڃي ٿو ته سنيتا نجمه کي ٻڌائي ٿي ته هوءَ ڪومل وارن ڏي وئي هئي اتي خبر پئي ته سنڌيا ٽرانسفر ڪرائي ڪراچي آئي آهي.
اهو ٻڌي نجمه جي منهن تي خوشيءَ سان گڏ پريشاني جا تاثرات ظاهر ٿين ٿا.
”سچ سنڌيا موٽي آئي آهي.“
”ها مان هينئر ان سان ملي هيڏانهن پئي اچان ته آپا کي ٻڌائي پوءِ گهر وڃان.“
”پوءِ اٿ ته اندر اميءَ ڏي ٿا هلون. اها ٻڌي ڏاڍي خوش ٿيندي. ٻئي اندر وڃن ٿيون نجمه ماءُ کي سنڌيا جي باري ۾ ٻڌائي ٿي،“
”امي توهان جي اداسي دور ڪرڻ لاءِ اسان وٽ هڪ سٺي خبر آهي.“
سندس ڳالهه ڪٽيندي سنيتا چوڻ لڳي،
”آپا هڪ نه ٻه ٻه خبرون.“
شمسه اٿي ويهي ٿي، ”چئو سٺي خبر ٻڌڻ لاءِ ڪن سِڪي مئا آهن.“
”سنڌيا ٽرانسفر ڪرائي ڪراچي واپس اچي وئي آهي.“
”آپا نه صرف ايترو پر ان جي اتي شادي به ٿي وئي آهي.“
اها خبر شمسه سان گڏ نجمه لاءِ تعجب خيز هئي،
”واقعي...! اهو ته تمام سٺو ٿيو، سنڌيا آخر ماما جي چڪر مان جان ته ڇڏائي.“
شمسه چپن تي آڱر رکي..
”آهستي ڳالهاءِ ڀتين کي به ڪن ٿيندا آهن ڪاٿي مامنهن ٻڌو ته اٿي نه کڙو ٿئي کيس پريشان ڪرڻ لاءِ.“
”آپا سنڌيا چوي ٿي ته هاڻي کيس ڪنهن جي به پرواهه ناهي هن پنهنجي گهر واري کي هر ڳالهه ٻڌائي ڇڏي آهي ۽ پوءِ ئي شادي ڪئي آهي.“
”واقعي سنيتا اڄ تو گهڻن ڏينهن کان پوءِ سٺي خبر ٻڌائي آهي، هاڻي ته وڏي آفيسر ٿي وئي هوندي.“
”ها تمام وڏي گاڏي ۽ ڊرائيور مليو اٿس. چيائين پئي ته هوءَ ٿوري سيٽ ٿي وٺي ته پوءِ توهان سان ملڻ ايندي.“
اهو چئي هوءَ اٿي ٿي.



سنڌيا کي پنهنجي نئين گهر ۾ آئي ڪئي روز گذري ويا هئا، شادي کانپوءِ هن ڪيتري نه خوبصورت زندگي گذاري هئي، حنان هن کي انهن ٿورن ڏينهن ۾ ايتريون خوشيون ڏنيون هيون جيڪي هن کان سهيڙي نه ٿي سهيڙيون، هن کي ڪڏهن ڪڏهن ته يقين نه ايندو هيو ته کيس جيون ۾ ايتريون خوشيون ايتري پنهنجائپ به ملي سگهي ٿي. هڪ ڏينهن هوءَ پنهنجي گهر ۾ شام جي وقت آرام ڪري اٿي ته ملازمه کي سڏي پڇيائين ته صاحب نظر نه ٿو اچي ڪيڏانهن ويو آهي ڇا. ملازمه ٻڌايس ته صاحب کي ٻاهر وئي ڪافي دير ٿي وئي آهي. هوءَ اٿي فريش ٿئي ٿي ۽ پوءِ لائونج ۾ اچي ٿي ته ان وقت گاڏي جو هارن وڄي ٿو. مائي مختيار ٻاهر وڃي ٿي ته حنان اندر داخل ٿئي ٿو هن جي پويان شوڪت علي، احمد، طارق، رابعه، ڪومل ۽ ٻار اندر اچن ٿا. سنڌيا سڀني کي ڏسي حيران ٿي وڃي ٿي خوشي مان اٿي کين ملي ٿي. حنان ٻئي طرف هليو وڃي ٿو. سنڌيا سڀني کي وٺي ڊرائينگ روم ۾ اچي ٿي سڀ ويهن ٿا ته احمد چوي ٿو،
”هي تو وارو حنان صاحب به وڏو لاهه ماڻهو آ. صبح ساڻ سڀني کي فون ڪري چيائين ته اڄ سنڌيا ميم کي هڪڙو سرپرائيز ڏيڻو آهي.“
هاڻي سنڌيا جي حيران ٿيڻ جو وارو هو،
”سرپرائيز ڪهڙو سرپرائيز،“
ان وقت حنان ٽرالي ۾ موم بتين سان هڪ وڏو ڪيڪ سجايو کڻي اندر اچي ٿو سڀ ڏسي گڏجي،
”هيپي برٿ ڊي“ سُر ۾ آلاپن ٿا. ته سنڌيا تمام گهڻي خوش ٿي وڃي ٿي.
”اڇا ته اڄ اوڻويهين نومبر آهي.... مونکي ته سال ٿي ويا اهو سڀ ڪجهه وسري ويو، پر حنان کي ڪنهن ٻڌايو.“
حنان اهو ٻڌي وڏي فخر واري انداز ۾ چوي ٿو،
”ميڊم مان بدولت توهان جو نصف بهتر يعني بيٽر هاف آهيان. توهان جي هر سيڪريٽ تي نظر رکڻ منهنجو حق آهي.“
طارق جيڪو هميشه حنان سان سنڊوءَ وارو رويو رکيو پئي آيو اهو ٻڌي کلندي چوڻ لڳو،
”خيال ڪجانءِ يار...! ڪجهه گهڻي نظر به يا ماريندي آهي يا کاريندي آ..“
سندس ڳالهه ٻڌي سڀ کلن ٿا، انهي کل ڀوڳ ۾ سنڌيا ڪيڪ ڪٽي ٿي، اڄ عرصي کان پوءِ سنڌيا کي احساس ٿئي ٿو ته انهن ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين جي انسان جي جيون ۾ ڪيڏي نه اهميت آهي ته ڪو شخص اهڙو به آهي جنهن جي دل ۾ سندس لاءِ ايتري جاءِ آهي جو هو هن جي لبن جي ٿورڙي مرڪ لاءِ ڪٿان نه ڪٿان بهانا تلاش ڪري وٺي. رات جو ڪافي دير تائين سڀ کل خوشي ۾ سڄو وقت گذارن ٿا ۽ پوءِ پنهنجي گهرن ڏي روانا ٿي وڃن ٿا، جڏهن سنڌيا ۽ حنان ڪمري ۾ اڪيلا رهجي وڃڻ ٿا ته سنڌيا حنان جا هٿ جهلي پنهنجي اکين سان لائي ٿي ته سندس اکين ۾ خوشي مان ڳوڙها نڪري اچن ٿا. هوءَ کيس احساس ڏيارڻ چاهي ٿي ته حنان جي ايتري اهميت ڏيڻ هن لاءِ ڄڻ ته دنيا جهان جي خزاني ملڻ جي برابر آهي، هوءَ کيس چوي ٿي ته،
”حنان تون منهنجي نس نس ۾ خون بنجي ڊوڙي رهيو آهين، ڪڏهن ڪڏهن خوشيون ملنديون آهن ته کوڙ ساري درد ۽ پيڙا کان پوءِ. ۽ اڄ توهان منهنجي جنم ڏينهن کي ياد ڪري مونکي منهنجي هجڻ جو ڀرپور احساس ڏياريو آ، حنان مون زندگي جا اهي ڏينهن جڏهن هر شخص جي خواهش هوندي آ ته هو انهن جي هر لمحي هر گهڙي مان ڀرپور لطف اندوز ٿئي اڪيلائي جي صحرائن ۾ هلندي گذاري ڇڏيا، جو هلندي هلندي منهنجا پير پٿون ٿي پيا، ۽ اچانڪ توهان منهنجي زندگي ۾ شامل ٿي مونکي جيئڻ جو احساس ڏنو، ۽ هاڻي ائين ناهي ته مان تنهنجي بغير جي نه ٿي سگهان، پر مان تنهنجي بنا جيئڻ ئي نه ٿي چاهيان، ان ڪري حنان تون ڪڏهن به منهنجي انهن جذبن کي ٺيس پهچڻ نه ڏجانءِ.“
حنان هن جو ڳالهيون ٻڌندو رهي ٿو پر جواب ۾ هو هڪ لفظ به نه ٿو ڳالهائي فقط هن جو هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهلي ان کي ڏسندو رهي ٿو.



وقت پنهنجي پوري رفتار سان گذرندو رهي ٿو. چوندا آهن نه ته خوشيءَ جي لمحن کي قيد ڪرڻ ڏاڍو مشڪل هوندو آهي ۽ جن جي نصيبن ۾ ڏک ڏولاوا لکيل هوندا آهن، انهن کي اچڻ کان ڪير به روڪي ناهي سگهندو. ٻه مهينه کن معمول جي زندگي گذاريندي ائين گذري ويا جو سنڌيا کي احساس ئي نه ٿيو، هڪ ڏينهن ٻئي آفيس لاءِ تيار ٿي ٻاهر نڪتا ته ڊرائيور گاڏي تيار ڪيو ٻاهر بيٺو هو، هنن جي ٻاهر اچڻ تي هن سيٽ تان اٿي پويان در کوليا ٻئي گاڏي ۾ ويٺا ته مختيار هنن جا لنچ باڪس ٻاهر کڻي آئي. ان وقت هڪ رڪشه هنن جي ڀرسان اچي گذري رڪشه ۾ ويٺل نوجوان جي هنن تي نظر پئي ته هو حيران ٿي ويو، ٿورو پرڀرو وڃي رڪشه روڪرائي لهي ڪرايو ڏئي هڪ پاسي اوڍر ۾ ٿي بيٺو، حنان ۽ سنڌيا هن ڳالهه کان بيخبر ان شخص جي ڀرسان گاڏي گذاري هليا وڃن ٿا، پوري طرح تصديق ٿيڻ کان پوءِ جڏهن گاڏي هلي وئي ته هو نوجوان سخت ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ۾ ڏند ڪُرٽڻ لڳو،
”هون.... ته اها ڳالهه آ، هي نواب صاحب هتي الائي ڪهڙين عورتن سان وتي ٿو گلڇڙا اُڏائيندو ۽ هوڏانهن گهر وارن کي چئي آيو آهي ته اسلام آباد ۾ نوڪري ٿو ڪري، پڪ هو ٻن سالن کان لاڳيتو هتي رهيل هوندو ۽ بهانو ڪيائين ته اسلام آباد ۾ وڏي نوڪري ملي آهي. هاڻي گهڻو عياشيون ڪيائين مان هن کي هتي ائين نه ڇڏيندس منهنجي ڀيڻ سان ايڏو دوکو. مان هينئر ٿو واپس ڳوٺ وڃي اديءَ کي ٻڌايان.“
ٻي رڪشه روڪي اتان واپسي جي رستي تي مڙي وڃي ٿو.
شام جو آفيس کان موٽڻ کان پوءِ رستي ۾ حنان سنڌيا کي چيو ته اسان کي هتي آئي ٻه مهينا گذري ويا آهن، ان کان پهرين جو ڪنهن کي اسان جي هتي موجودگي جي ڄاڻ پئجي وڃي، مان گهر وڃڻ چاهيان ٿو، ٻار به پريشان ٿيندا هوندا.
اهو ٻڌي سنڌيا پريشان ٿي وڃي ٿي،
”پر توهان ته ٽن مهينن تائين هتي رهڻ جو فيصلو ڪيو هو، هتان ويا ته گهر وارن کي خبر پئجي ويندي، پوءِ ته توهان هتي رهي به نه سگهندا.“
”سنڌيا ميم منهنجي مجبوري کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيو.“
هوءَ انتهائي نراسائي جي حالت ۾ چوي ٿي ته جيڪا سندس مرضي،
”ته پوءِ مان توهان کي گهر ڇڏي بيگ کڻي بس تي ڳوٺ لاءِ نڪري ويندس.“
”ڊرائيور توهان سان هلندو نه، پوءِ صبح جو آفيس لاءِ ته اچڻو ئي اٿوَ، گاڏي ۾ هليا اچجو.“
حنان جي ڇهين حس کيس الائي ڪهڙن انديشن کان اگاهه ڪرڻ جي ڪوشس ڪري رهي هئي، انڪري هن انڪار ڪندي چيو ته.
”نه، مان صبح جو پنهنجي گاڏي ۾ ايندس.“
ڳالهائيندي گهر پهچي وڃن ٿا، حنان سامان کڻي ٻاهر اچي ٿو ته سنڌيا گڏجي اچيس ٿي، حنان گاڏي ۾ ويهي ٿو ته حنان تاڪيد ڪندي چويس ٿو ته هوءَ پنهنجو خيال رکي. ڊرائيورگاڏي اسٽارٽ ڪري ٿو ته سنڌيا کين ويندو ڏسي اداس ٿي وڃي ٿي. ڪئي انديشا هن جي من ۾ مانڌاڻ مچائي ڇڏن ٿا، شايد هن جي خوشين جو سفر ايترو ئي هئو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر اڪيلايون بلائن جيان هن جي زندگي ۾ واسو ڪرڻ واريون هيون.
ٻئي ڏينهن صبح جو سنڌيا آفيس وڃڻ لاءِ تيار ٿي، حنان جي اچڻ جو انتظار ڪندي رهي. ڇو ته هو گڏجي هلڻ لاءِ چئي ويو هئو. ڪافي دير ٿي وئي ته هن ان انديشي تحت فون ڪئي ته متان رستي ۾ گاڏي نه خراب ٿي پئي هجي، فون جي رنگ وڄڻ کان پهرين ئي ڪمپيوٽر تي آواز آيو ته فون بند آ، ڪجهه دير کان پوءِ ڪيو. اهو ٻڌي سنڌيا جي منهن تي ڪيترن انديشن ۽ وسوسن جا پاڇا پنهنجا پر پکيڙي ڇڏين ٿا، پهرين ڏينهن ئي هن پنهنجي واعدي جو پاس نه ڪيو گهڙي ڏسي آفيس لاءِ نڪري وڃي ٿي،
شام جو اڪيلي آفيس مان واپس اچي ٿي ته مختيار جيڪا هاڻي هن جي هر ڏک سک ۾ شامل ٿي وئي آهي هن کي ڏکارو ڏسي پڇيس ٿي،
”آپا سائين ڪونه آيو ڇا.“
”نه مختيار، مونکي پاڻ ڳڻتي ٿي پئي آهي فون به نه ٿي لڳيس، بس تون وڃي ڪم ڪار ڪر مان آرام ڪنديس.“
ڪمري ۾ وڃي وري فون ملائي ٿي ته:
جواب نهين موصول هورها جو رينگٽ ٿئي ٿو ڪاوڙ ۾ فون کڻي بيڊ تي سٽي ٿي.
”چيو هيومانس ته نه اچڻو هجئي ته هڪ ايس ايم ايس ئي ڪري ڇڏيندو ڪر. هتان وڃي ٿو ته ڪنهن ڳالهه جي يادگيري ئي نه ٿي هجيس ته ڪو پوئتي به اوسيئڙي ۾ ڇڏي آيو آهي. سوچيندي وقت جو احساس ئي نه ٿو رهي ته ڪمري ۾ ڪيڏي مهل اوندهه ٿي وئي خبر اوڏي مهل پويس ٿي جڏهن مختيار ڪمري جي بتي ٻاري ٿي، ڪنڌ کڻي نهاريس ٿي،
”آپا اٿو چانهه کڻي آئي آهيان.“



وقت گذرندو پئي ويو ۽ سنڌيا جون پريشانيون به هر ڏينهن گذرڻ کان پوءِ سوايون ٿينديون پئي ويون. حنان جي طرفان ڪنهن به قسم جو ڪو سوال جواب ڪونه هو، بس هڪ پراسرار خاموشي هئي، انداشا هئا ۽ بس، ائين سڄو مهينو گذري ويو. اکين ۾ اوسيئڙو واهيرو ڪندو ويو، هوءَ ڄاڻي واڻي دل کي دلداريون ڏيندي رهي، ٽاريندي رهي، ليڪن اها ڪا آسان ڳالهه ڪونه هئي، ان لاءِ سمنڊ جهڙي دل کپي، ليڪن سمنڊ جا طوفان جڏهن به ايندا آهن قيامت خيز هوندا آهن ۽ گهڙي پل ۾ سڀ ڪجهه تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندا آهن.
هڪ ڏينهن ائين ئي سوچن ۾ ٻڏل پنهنجي ڪمري ۾ ليٽي پئي هئي ته ٻاهر کوڙ سارن قدمن جو پڙ لاءِ ڪنن تي پيس، پوءِ به هوءَ بي خبر بڻي پئي رهي. ان وقت ڪمري جي بتي ٻري ته سامهون شوڪت علي، رابعه، ڪومل ۽ احمد بيٺا هئا، سنڌيا مئل قدمن ۽ مصنوعي مرڪ سان اٿي ساڻن ملي ٿي. پڻس کيس ائين ويران حالت ۾ ڏسي اندر ۾ دهلجي وڃي ٿو پر مٿاڇري دل سان پڇيس ٿو،
”پُٽ ڇا ڳالهه آهي ائين ويڳاڻي لڳي ويٺي آهين، ڪيترا ڏينهن ٿي وڃن ٿا، نه گهر ڏي اچين ٿي ۽ نه فون ٿي ڪرين، هڪ ته ايڏو پري وڃي گهر ورتئي جو تڪڙو اچڻ به نه ٿو ٿئي.“
ڪومل شڪايت ڪندي،
”اسان ٿا فون ڪيون ته به هون هان ۾ جواب ڏئي فون بند ڪري ٿي ڇڏين.“
رابعه هيڏانهن هوڏانهن نهاري،
”حنان نظر نه ٿو اچي.“
”آپا هو اڄ ئي ڳوٺ ويو آهي.“
”پر چيائين پئي ته هو ڪجهه مهينا هتي رهندو توسان گڏ....“
احمد جيڪو هميشه غير سنجيده رهندو هيو ان جي ذهن ۾ به انديشن ڪر کنيو.
”ڀائو هن جو ڳوٺ وڃڻ ضروري هو، تڏهن ويو هيو، پر توهان آرام سان ويهو نه. ائين سوالن جي ڀرمار ڇو شروع ڪري ڏني اٿو.“
اڻ ڄاڻائيءِ ۾ هن جو لهجو الائي ڪيئن تلخ ٿي ويو، شوڪت علي هن جي چهري جا بدلجندڙ رنگ ڏسي اندر ۾ دعا گهري رهيو هيو ته هن جي نياڻيءَ کي ڪو ڪوسو واءُ نه لڳي، سدا سکي هجي پنهنجي ور ۽ گهر سان.
سڀ هن جي دل کي بهلائڻ لاءِ موضوع مٽائي ڇڏين ٿا ڪجهه دير کان پوءِ مختيار کين ٻڌائي ٿي ته هن ماني لڳائي ڇڏي آهي.


.
ائين ٻيا به ڪئي روز گذري وڃن ٿا، سنڌيا هاڻي ته حنان جو انتظار ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو هو، هوءَ سمجهي وئي هئي ته حنان سان هن جي زندگي جو سفر بس ايتروئي هئو، تڏهن چپ چاپ هو هن جي زندگيءَ مان واپس مڙي پنهنجي اصل ماڳ ڏانهن هليو ويو.
هڪ ڏينهن هوءَ حسبِ معمول بيدلي سان آفيس وڃڻ لاءِ نڪرڻ لڳي ۽ اڃان ڊرائيور سندس لاءِ گاڏيء جو درمس کوليو هو ته هڪ ڪاري رنگ جي گاڏي اچي گيٽ وٽ بيٺي سنڌيا بي دلي سان ان تي هڪ نظر وڌي ته ان مان لهندڙ شخص کي ڏسي حيران ٿي وئي، ان ماڻهوءَ هٿ ڏئي کيس گاڏي ۾ ويهڻ کان روڪيو. اهو ڪو ٻيو شخص نه پر حنان هو جيڪو مرجهايل چهري ۽ سست قدمن سان هن ڏانهن وڌي رهيو هو شيو وڌيل ڪپڙن تي گهنج پيل اکين ۾ شرمساري ۽ ندامت، هو هن جي ڀرسان اچي ڌيمي آواز ۾ چوڻ لڳو،
”ڪجهه دير لاءِ اندر هلندئو پليز...!“
سنڌيا خاموشي سان مڙي گيٽ ۾ داخل ٿئي ٿي ته حنان به سندس پويان هليو وڃي ٿو. ڪمري ۾ وڃي صوفي تي پاڻ ڇڏي ڏئي ٿو. سنڌيا جڳ مان پاڻي گلاس ۾ اوتي کيس ڏئي ٿي ٻنهي جي لبن تي خاموشي ڇانيل آهي، ڄڻ لفظن جو خزانو کُٽي ويو هجي. حنان جي اکين ۾ عجيب ويچارگي آهي ۽ سنڌيا جي نظرن ۾ درد پيڙا ۽ شڪايت آهي، آخر حنان ان ڳنڀير خاموشيءَ کي ٽوڙيندي دک ڀرئي لهجي ۾ چوي ٿو،
”آءِ ايم سوري سنڌيا ميم... ! مون کان ڪئي ڪوتاهيون ٿيون آهن جن جو ازالو ممڪن ڪونهي.... پر مان مجبور هئس، توهان ئي منهنجي پوزيشن سمجهي سگهو ٿا، اهو سڄو عرصو مون ڪهڙي اذيت ۾ گذاريو آهي ٻڌائي نه ٿو سگهان. مون ته انساني بنيادن تي توهان سان ناتو جوڙيو هو، اهو اسان ٻنهي کي ڪيترو مهانگو پوندو مون سوچيو به نه هو.“



ايتري عرصي ۾ پهريون ڀيرو هن کي پنهنجي تحقير۽ ڪمتريءَ جو شدت سان احساس ٿيو، هوءَ جنهن ناتي کي حنان جي محبتن جي شدت سمجهيو ويٺي هئي. اهو ناتو حنان صرف انساني بنيادن تي جوڙيو هو جنهن کي هوا جو هڪ جهوٽو الائي ڪيڏانهن اڏائي کڻي ويو. هن ڪوبه جواب نه ڏنو، اهو به نه چيو ته الله اسان تي رحم ڪري، هن جي خيال موجب ته محبت جو نزول آسمانن تان ٿئي ٿو ان ڪري انسان ڳاٽ اوچو ڪري ان اعزاز کي قبول ڪري ٿو. ليڪن جيڪا محبت زمين تي ڪري پوي، اها ان لائق ناهي هوندي ته ان کي ڪنڌ جهڪائي گوڏن ڀر جهُڪي مٽي ۽ دز مان ڳولهي کنيو وڃي ۽ اها ڳالهه کيس اڄ محسوس ٿي. هوءَ سمجهي نه سگهي ته ان حالت ۾ حنان سان همدردي جو اظهار ڪري يا پنهنجي انهن ڪيفيتن جي باري ۾ ٻڌائي جيڪي هن جي وڃڻ کان پوءِ هن کي سهڻيون پيون. انهن محرومين جو هوءَ ڪهڙو اظهار ڪري، ڪيئن ٻڌائي ته هن پاڻ کي ائين نظر انداز ٿيڻ جو ڪيئن ڀوڳيو آهي، ڪجهه به ته نه چئي سگهي بس ايترو چيائين،
”فون ته ڪري سگهيا پئي، هڪ ايس ايم ايس ئي موڪلي ڇڏيو ها، طرح طرح جا وسوسه، عجيب خيال، الائي ڇا ٿيو هوندو، مان الائي ٻيهر توهان کي ڏسي سگهنديس الائي نه.“
شڪايتي انداز ۾،
”حنان توهان کي ته خبر آهي نه، ته مون زندگي ۾ ڪيڏو درد سٺو آ، ڪيڏي پيڙا ڀوڳي آهي، مان انهي ٿوري عرصي ۾ توسان شدت سان محبت ڪرڻ لڳي هئس بي لوث محبت جنهن ۾ صرف ۽ صرف ڏيڻ ئي ڏيڻ هوندو آهي، ڪنهن موٽ جي تمنا ڪئي بغير. مونکي توکان ڪجهه به نه ٿي گهربو هو، سواءِ ٿورڙي توجه جي.“
”صورتحال ڪجهه اهڙي ٿي وئي هئي، ثمينه ڪاوڙ ۾ فون سيٽ ڀڃي ڇڏيو، سم ڪڍي باهه ۾ اڇلائي ڇڏي. ٻه ڏينهن اڳ ۾ به ڪراچي آيو هوس ڇو ته آفيس وارن نوٽيس اماڻيو هو ته ڊيوٽي رزيوم ڪيو يا اسان انڪار سمجهون، اهو ليٽر ڏسڻ کان پوءِ ڀاءُ کي ساڻ ڪري موڪليائين جيڪو صبح جو مونسان اچي ٿو ۽ شام جو گڏ موٽي وڃي ٿو بس اڄ مائٽن ۾ ڪا شادي هئي اوڏانهن هليا ويا.“
”مان ڀلا آفيس فون ڪيان ته مان اڄ نه ايندس مان سڄو ڏينهن توهان سان گذارڻ چاهيان ٿي.“
”اهو نه ٿي سگهندو، مونکي آفيس ضرور وڃڻو آهي تازو جوائننگ ٿي آ.“
سنڌيا جو منهن لهي وڃي ٿو ٿورو چڙ مان،
”ته پوءِ ويٺا ڇو آهيو، مونکي به دير پئي ٿئي.“
ٻئي ٻاهر نڪري وڃن ٿا.
ائين ڪيترو عرصو گذري وڃي ٿو هڪ ڏينهن شام جو سنڌيا ٻاهر اچي ويٺي هئي ته مختيار سندس ڀرسان اچي بيٺي.
”ڪو ڪم اٿئي ڇا ائين اچي بيٺي آهين.“
”آپا ڪاوڙ نه ڪيو ته هڪڙي ڳالهه پڇان.“
”ها ها، ڳوٺ جي لاءِ موڪل کپئي ڇا.“
”نه آپا ڳوٺ ۾ منهنجو ڇا هي، ڳالهه پئي ڪيم ته مونکي به توهان سان رهندي سال کن ٿي ويو آهي، توهان آفيس کان گهر، گهر کان آفيس، ان کان سواءِ نه ڪاڏي اچڻ نه وڃڻ سائين رهندو هو ته ڪڏهن گهمڻ ڦرڻ نڪري ويندا هيو، وڏي آپا ۽ ڀاڀي آپا هر دفعي توهان کي منٿون ڪري ٿيون وڃن، پوءِ به توهان اوڏانهن نه ٿا وڃو بابا ويچارو ٺيڪ نه ٿو رهي ان لاءِ ئي ويندا ڪيو.“
اهو ٻڌي شرمساري وچان هن جو منهن ڳاڙهو ٿي وڃي ٿو اکين ۾ بيوسيءَ وچان لڙڪ لڙي اچنس ٿا. وڏي مشڪل سان پنهنجي جذبات کي قابو ڪندي،
”مختيار، تون منهنجي زندگي جي اڪيلاين جي ساٿياڻي آهين. تون ئي ٻڌاءِ حنان کي مهينو مهينو گذري ٿو وڃي، لڪي ڇپي گهڙي ساعت اچي ٿو. بابا وارا مونکان پڇن ٿا، ڪنهن ڪنهن کي سندس صفائي پيش ڪيان ڄڻ ته مان پاڻ ڏوهاري بنجي وڃان ٿي، ڪنهن کي ڇا ٻڌايان ته هن جي زال ڀاءُ کي چوڪيدار بنائي ساڻ اماڻي ٿي، ڀائو طارق ته شروع کان ئي هن رشتي تي خار کايو ويٺو آهي.“
”بس آپا ماڻهوءَ جي نصيب ۾ جيڪو ڪجهه هوندو آهي ان کان ڀڄي به ته نه ٿو سگهجي. اهو به هاڻي سائين مهيني ماسي اچڻ لڳو آهي نه ته لاڳيتو ٽي مهينا ڪونه آيو هو،“
طنزيه انداز ۾ چوي ٿي:
”ها ڪنهن مهل سالو صاحب ڪيڏانهن ويندو آهي ته مڙئي خانه پُري ڪرڻ لاءِ اچي چڪر هڻي ويندو آهي.“
”بس آپا دل نه لاهيو، رب سائين وٽ دير ضرور آهي پر ڪڏهن ته توهان سان به انصاف ڪندو. هاڻي توهان هلي ڪمري ۾ ويهو مان توهان لاءِ گرم گرم ڪافي ٿي کڻي اچان.“
سنڌيا ڪمري ۾ اچي بيڊ تي وهاڻي کي ٽيڪ ڏئي ويهي ٿي ۽ سوچن ۾ گم ٿي وڃي ٿي، ڪهڙو فائدو ٿيو حنان سان شادي ڪرڻ جو، مون ته ڪيترا سال شادي نه ڪئي جو رحمان جي بي وفائي کان پوءِ منهنجو ڪنهن به مرد تي اعتبار ئي نه رهيو هيو، مون هميشه خواهش ڪئي ته اهڙو شخص منهنجو جيون ساٿي بنجي جيڪو صرف ۽ صرف مونسان محبت ڪري، ايتري محبت جو ان ۾ هو پنهنجو سڀ ڪجهه وساري ڇڏي ۽ مان ان جي وجود ۾ ائين گم ٿي وڃان جو پنهنجو وجود باقي نه رهي. پر هي ڇا ٿي ويو حنان سان شادي ڪري مون ته ان جي زندگيءَ کي به وکيري ڇڏيو آهي. هو ته هڪ گهڙيءَ لاءِ به منهنجو بنجي نه سگهيو هو، مون ڪڏهن به هن جي ڪنهن به احساس ۾ پاڻ کي محسوس ناهي ڪيو. هو ته اجنبين وانگي ڪلاڪ اڌ لاءِ ايندو آهي ۽ اکين ۾ هزارين اوسيئڙا هزارين ارمان ڏئي واپس پنهنجي آشياني ڏانهن اڏري ويندو آهي. هن جو وجود ته ان پل هِتي هوندو آهي پر مون هڪ پل لاءِ به هن کي پنهنجي قريب ناهي محسوس ڪيو، هن سان ملڻ کان پوءِ هر دفعي پنهنجو وجود وڌيڪ خالي لڳڻ لڳندو آهي، ڪاش !.... ڪاش....!“
مختيار ڪافي کڻي اچي ٿي،
”آپا توهان وري پاڻ کي پريشان پيا ڪيو.“
سڌي ٿي ويهي ٿي،
”نه نه ڪا ڳالهه ناهي.“
اک جي پنبڻين تي آيل ڳوڙهو اگهندي ڪافي جو ڪپ وٺي ٿي.
”آپا ڪئي ڏينهن کان هڪ ڳالهه من ۾ آهي الائي چوڻ کپي الائي نه.“
”ها، ها چئو، ڪجهه کپئي.“
”نه آپا، مون اهو پئي چيو ته مرد ۾ جي همٿ نه هجي ته ڪنهن پرائي ڄائي کي ائين راهه ۾ نه رولي، هر رشتي سان حق ۽ توازن قائم نه رکي سگهي ته پوءِ اهڙو قدم به نه کڻجي.“
سنڌيا کي سندس ڳالهه دل سان ته لڳي ٿي پر هوءَ کيس ڪو به جواب نه ٿي ڏئي.
ائين زندگي پنهنجي ڊگر تي وڌي رهي هئي، ڪيترو عرصو گذري وڃي ٿو ته هڪ ڏينهن حنان کيس ٻڌائي ٿو ته هاڻي هو هر ڇنڇر تي آفيس کان پوءِ ڪجهه وقت لاءِ ايندو رهندو ۽ ماني کائي پوءِ ڳوٺ روانو ٿي ويندو، سنڌيا ان کي به غنيمت سمجهي ٿي. من لوڪ کي ڏيکارڻ لاءِ کيس ڪنهن حد تائين شرمندگي کان ئي بچڻو پوندو، هاڻي هن کي صرف اها ڳڻتي هوندي آهي ته ٻڌڻ وارا ڇا چوندا ته ايتري عمر ۾ شادي ڪيائين اها به نه نڀجي سگهي، ان ڪري جڏي کوڙي ڪوڙي رشتي کي گهليندي رهي، حنان هر هفتي ايندو رهيو ڪجهه دير رهي واپس هليو ويندو هو، هڪ ڏينهن هن ڏاڍي اهتمام سان حنان لاءِ سندس پسند جي ڊش پاڻ وڃي تيار ڪئي جڏهن ته هن جي طبيعت ڪافي ڏينهن کان گهڻي خراب هئي، مختيار منع به ڪيس ته هوءَ ٺاهي وٺندي پر هن ته اڄ پاڻ پنهنجي هٿن سان حنان لاءِ ڪجهه ٺاهڻ چاهيو ٿي. ماني تيار ڪري سنڌيا ڪافي ٿڪجي پئي ۽ اچي ڪمري ۾ ويهي ٿي ته حنان به ٿڪل ٿڪل اندر اچي ٿو.
”ڇو اڄ دير ڪيوَ.“
حنان بيزاري مان،
”بس دير ٿي وئي هر ڳالهه جي وضاحت ضروري آ؟“
”بک لڳي هوندوَ، ماني ڪڍرايان.“
”نه، مان ڳوٺان کائي آيو آهيان دير جو ٿي هئي.“
سنڌيا مايوسيءَ ۽ ڏک وچان ڳاڙهي ٿي وڃي ٿي،
”صرف ۽ صرف تنهنجي ڪري مون تنهنجي پسند جو ڪجهه ٺاهيو هو، ۽ فون تي به چيو هوم ته توهان جي پسند جي ڊش پئي ٺاهيان، هفتي ۾ هڪ ويلو ته مونسان ماني کائڻ لڳا هئا، اڄ ان کان به مونکي اڪيلو ڪري ڇڏيوَ.“
”ڇڏ ان فضول بحث کي تون ماني کڻي کائي وٺ.“
”جي اڪيلي ئي کائڻي آهي ته پوءِ ڪنهن وقت به کائي وٺنديس، اهي چند گهڙيون جيڪي خيرات طور احسان ڪندي مونکي ڏيو ٿا نه، انهن کي ته محسوس ڪري وٺان.“
سنڌيا جي اهڙي ڳالهه ٻڌي چڙي وڃي ٿو ۽ چويس ٿو ته هوءَ الائي ڪهڙو فلسفو پئي ڳالهائي ائين چئي صوفي تي اهلجي اکين تي هٿ رکي خاموش ٿي ليٽي پئي ٿو.
سنڌيا پاڻ کي ائين نظر انداز ۽ بي توقير ٿيندو ڏسي هنجون هاري ويهي ٿي،
ڪجهه ئي دير کان پوءِ حنان خراب موڊ سان اٿي ٿو ۽ بي دلي سان خدا حافظ چئي هليو وڃي ٿو. هوءَ سندس پويان گيٽ تائين وڃي ٿي پر هو هن جي موجودگي جو لحاذ ڪئي بغير هليو وڃي ٿو، سنڌيا مئل قدمن سان واپس اچي پنهنجي ڪمري ۾ ليٽي پوي ٿي، اڄ هوءَ همٿ هاري ويٺي آهي. پنهنجي منهن ڀڻڪندي چوي ٿي،
”حنان اڄ مون تنهنجي لاءِ دل جا در بند ڪري ڇڏيا آهن، هاڻي مان وڌيڪ ڪوڙا رشته نڀائڻ جي بلڪل قائل ناهيان، رشتن جي ڏور ڪمزور ٿيڻ لڳي ته ڳنڍيون ڏيڻ سان مضبوط ناهي ٿيندي، ان کي ڇني ڇڏڻ ئي بهتر هوندو آهي، پر مان ته ائين به ڪري نه ٿي سگهان، ڪاش مان هڪ عام گهريلو عورت هجان ها، اهي پنهنجي پسند ۽ ناپسند جي اظهار ۾ ڪيتريون نه آزاد هونديون آهن، پر حنان هاڻي مونکي تنهنجي انهن لمحن ۽ گهڙين جي خيرات جي ضرورت بلڪل ناهي. هر طرف کان مليل مايوسين ۽ ناڪامين منهنجي اندر ۾ ايڏو ته واسو ڪيو آهي جو محسوس ڪرڻ ۽ دکي ٿيڻ مونکي ياد ئي ناهي رهيو.... تنهنجي انهن چند گهڙين جي چاهت حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي هر خوشي، مانُ مرتبو سڀ ڪجهه داءُ تي لڳائي توسان تنهنجي مرضيءَ سان شادي ڪيم..... خوش هئس ته ڏکن جا ڏينهن ختم ٿيا، خبر نه هئي ته آزمائش ته هاڻي شروع ٿي آهي، مانُ مريادا، عزتِ نفس ته هاڻي دائو تي لڳڻا آهن، ان شادي جي قيمت تي بار بار پنهنجي عزتِ نفس کي زخمي ڪندي، ٻين جي مقابلي ۾ حقير هجڻ جو احساس ڪندي روز جئڻو ۽ مرڻو پوندو..... حنان تو ڪڏهن به منهنجي احساسن کي سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪئي، تو مونکي پٿر جي هڪ بيجان مورتي سمجهو، صرف ان لاءِ نه ته مان توکان عمر ۾ وڏي آهيان، ۽ عمر وڌڻ سان شايد جذبه مري ويندا آهن. احساس فنا ٿي ويندا آهن، باقي صرف مٽيءَ جي پتلي رهجي ويندي آهي جنهن کي نه درد ٿيندو آهي ۽ نه ئي اکيون لڙڪ لاڙي سگهنديون آهن. اڄ ڪنهن الهڙ دوشيزه سان ناتو جوڙيو ها ته ان لاءِ هزارين ذميداريون هزارين رشتا ان مٿان قربان ڪري ڇڏيو ها. صرف منهنجي ان مجبوريءَ کي توهان پنهنجي ناپسنديدگي جو سبب سمجهيو آ، مان سڀ ڪجهه سمجهان ٿي. منهنجو ساٿ توهان لاءِ شرمندگي جو باعث بنجندو آهي.تڏهن ته ان ڏينهن مون توکي پاڻ سان گڏ شاپنگ تي هلڻ لاءِ چيو ته تو بهانو ڪري هلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ڪاش! ڪاش! اها سمجهه مونکي ان وقت اچي ها ته اڄ مان ائين بي توقير نه هجان ها.“ سوچيندي سوچيندي الائي ڪيڏي مهل ننڊ کڄي وڃيس ٿي ۽ هنن عذاب ناڪ سوچن مان جند آزاد ٿئي ٿي.