3
”ڪهڙي خبر ، ڪهڙا حال، ڪهڙا چال، ڇا پيو ٿئي.“
”اچ سنيتا، گھڻن ڏينهن کان پوءِ پئي نظر اچين.“
”ها بس گھر جا ڪم ڪاريون، ڪاليج به ختم ٿي ويو، ها توکي ٻڌائڻ وسري ويو، اڄ نوڪريءَ لاءِ انٽرويو ڏئي آئي آهيان...“
”اڙي واه... شابس هجئي... ٻڌايئي به ڪون ته اپلاءِ ڪيو ٿئي.“
”ڇو تون به ڪرين ها ڇا... پر توته چيو هو ته يونيورسٽي ۾ ايڊميشن وٺندينءَ ...“
”ها اهو ته سهي آ...
”ٻيو ٻڌاءِ ڪيئن پئي گذري.....“
”بس مڙئي پئي گذري، آپيءَ جي شادي کان پوءِ گھر ڄڻ کائڻ پيو ايندو آ.“
”ڀلا ڏي ته خبر نجمه وارن مان ڪو آيو ڪو ويو.“
”نه جيڪو آپيءَ جي شادي تي آيون هيون وري ڪوبه ناهي آيو.“
”رحمان جو ڪو اَتو پتو.... مان به کوڙ سارا ڏينهن ٿيا آهن اوڏانهن ناهيان وئي...“
”رحمان جيڪڏهن ڳوٺان اچي فون ڪئي ته پوءِ ڇا ڪنديس، هاڻي ته ملڻ لاءِ به نڪري نه ٿو سگھجي، ڪاليج وڃڻ جو به بهانو ڪونهي.“
”ڏس سنڌيا پنهنجو خيال رکجانءِ، مان به هاڻي توسان گڏجي يونيورسٽي ڪونه هلنديس. مونکي الائي ڇو تنهنجو اونو آ.... تو ۾ اها هوشياري ۽ مردم شناسي بلڪل به ڪونهي، جيڪا هن عمر جي ڇوڪرين ۾ هوندي آهي، هر ڪنهن جي ڳالهه ۾ آساني سان اچي ويندي آهين....“
سنڌيا جي چهري تي ڦڪي ۽ اداس مرڪ اچي وڃي ٿي،
”سنيتا تون ئي ته منهنجي سڀ کان مخلص ۽ پياري دوست آهين تڏهن ته منهنجي لاءِ ايترو پريشان ٿي ٿين.... پر تون فڪر نه ڪر، مان پنهنجو خيال رکڻ جي ڪوشش ڪنديس.“
”اوڪي بابا مان هلان ٿي.“
سنيتا وڃي ٿي ته سنڌيا کي ٻيهر ڳڻتي اچي ورائي ٿي ته رحمان ايترا ڏينهن ڳوٺ ڇو وڃي رهي پيو آ ڪو ڪانٽيڪٽ به نه ڪيو اٿس.
•
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ گلبانو جي طبيعت ڪجهه بهتر ٿئي ٿي ته شمسه به ڊيوٽي تي وڃڻ شروع ڪري ٿي، ۽ رحمان به آفيس جا ڪم ڪاريون جلدي جلدي سهيڙڻ ۾ لڳي وڃي ٿو. هڪ ڏينهن جڏهن گھر جو ماحول ڪافي خوشگوار آهي، گلبانو سمجھي رهي آهي ته رحمان تي سندس ڪاوڙ اثر ڪيو آ ۽ هو ان آٽي تان لهي ويو آ ته صبح جو رحمان جيئن ئي ناشتي جي ميز تي اچي ٿو ته ڀيڻ کي مخاطب ٿي چوي ٿو،
”آپا توهان پوءِ ڇا ڊسائيڊ ڪيو.......“
شمسه حيرانگيءَ سان کيس ڏسي ٿي،
”اسان کي ڪجهه ڊسائيڊ ڪرڻو هو ڇا...؟“
”ڇا مطلب... توهان مان ڪنهن کي به منهنجي ڪيل واعدي جي پرواهه ناهي.. ته پوءِ مونکي به ڪنهن جي رضامندي جي ضرورت ناهي... “
ناشتو ڪرڻ کانسواءِ ئي ڪاوڙ ۾ تيار ٿي ٻاهر نڪري وڃي ٿو. گلبانو ۽ شمسه ڏک مان کيس ڏسنديون رهجي وڃن ٿيون. رحمان گاڏي کڻي ويران رستن تي بي مقصد ڊوڙائيندو رهي ٿو، سندس ذهن ۾ کوڙ سارا آواز گونجي رهيا آهن، ”شهربانو اسان سان ڇا نه ڪيو، چاچهن اسان جون زمينون ڦٻايون، اسان کي گھران ڪڍي در در جون ٺوڪرون کائڻ تي مجبور ڪري ڇڏين...، رحمان خان مان چاهيان ٿي ته گھر جي دولت گھر ۾ رهي نه ته ڌاريا وڃي کائيندا...، رحمان مان تنهنجي بغير هڪ پل به رهي نه ٿي سگھان....“ اهي جملا سندس دماغ ۾ هٿوڙن جيان لڳي رهيا آهن... زور سان ايڪسيلريٽر دٻائي ٿو گاڏي جي رفتار تيز ٿي وڃي ٿي، شهربانو جا چيل لفظ بار بار سندس ڪنن ۾ گونجڻ لڳن ٿا، ڪنڌ لوڏي سڀني خيالن کان پيڇو ڇڏائڻ لاءِ گاڏي کي تيزيءَ سان يو ٽرن ڏئي ٿو ۽ سڌو پنهنجي گھر جي سامهون اچي زور سان بريڪ هڻي گاڏي مان لهي ٿو. جلدي جلدي پنهنجي ڪمري ۾ وڃي بيگ ۾ ڪپڙا وجھي ٿو، بيگ کڻي ٻاهر اچي گاڏي ۾ ويهي ٿو ۽ رفتار تيز ڪري ڇڏي ٿو.... نجمه باٿ روم مان نڪري پئي ته مامي کي بيگ کڻي تيز تيز قدمن سان گھر مان ٻاهر ويندي ڏسي حيران پريشان ٿي ڊوڙي ناني جي ڪمري ۾ وڃي ٿي جتي ناني اڃان ڪاوڙ ۾ ويٺي آهي شمسه کيس سمجھائڻ جي ڪوشش پئي ڪري.
”امي، امي، ماما بيگ کڻي تڪڙو تڪڙو الائي ڪيڏانهن هليو ويو...“
”بيگ کڻي...! شمسه حيران ٿي پڇيس ٿي.
”ها امي، مان جيسين پڇان، پڇان تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪري ويو....“
شمسه اٿي ڪمري جي گيلري مان ڏسي ٿي رحمان گاڏي ۾ وڃي رهيو آهي، هوءَ حيران پريشان واپس اچي پلنگ تي ويهي ٿي. گلبانو جيڪا ليٽي پئي هئي اٿي ويهي ٿي ۽ ڪاوڙ مان چوي ٿي،
”ڏٺئي نه....مون تڏهن پئي رڙيون ڪيون ته ڳوٺ نه وڃي. مون کي خبر هئي ته شهربانو پنهنجي چالبازين کان مڙڻ واري ناهي... جڏهن به موقعو هٿ آيس مونکي ڏنگي ماريندي، ڪري ڇڏيئينس نه جادو ڪجهه ئي ڏينهن ۾.. جو نه ماءُ جي سڄي عمر جي پرورش جو خيال پيس، نه ڀيڻ جو، هوڏانهن پرائي ڄائيءَ کي محبت جي ڄار ۾ ڦاسائي ان کي به دوکو ڏئي ڇڏيائين. ڪاٿي سنڌيا، شهر جي پڙهيل لکيل سهڻي سلڇڻي ڇوڪري، ڪاٿي مريم، ٻهراڙي جي ماحول ۾ ۽ اها به شهربانو جي پالنا ۾ پلجي وڏي ٿيل ڇوڪري، زمين آسمان جو فرق آ ٻنهي ۾..... ڪيئن شادي جي اجازت ڏيانس.“
”امان توهان به کيس آرام سان سمجھايو ها، رحمان ايڏو لالچي ته ڪونه هو جو پراين زمينن ۽ دولت تي هرکجي پنهنجي ماءُ ۽ محبت جو خيال نه ڪري...، امان توهان به ڪاوڙ ڪيس ته هو به ضد ۾ اچي ويو.... خير ڪيڏانهن ويندو اجھو ٿو موٽي اچي، مڙئي اسان تي رعب وجھڻ لاءِ بيگ کڻي ويو آ...“
گلبانو جيڪا اندر ۾ جھري پئي هئي، پٽ جي انهي رويي کيس ويتر ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو، سوچڻ لڳي....
”اولاد ائين به ٿيندو آ، ڪهڙن جهدن سان پالي وڏو ڪجي ٿو، هزارين ارمان دل ۾ کڻي ان پل جو انتظار ڪجي ٿو ته ڪڏهن وڏو ٿيندو، ڪڏهن سندس خوشيون ڏسبيون. اسان جي گھر ۾ ته ڄڻ خوشين جو ڪو ڪال هجي. شمسه ڀري جواني ۾ بيوه ٿي وئي، رحمان ڪئي سالن تائين نوڪري سانگي ٻاهر هليو ويو. اهي سال انتظار ۾ ڪيئن ڪاٽيم منهنجو الله ٿو ڄاڻي يا مان... مس، مس راضي ٿيو ته سنڌيا سان شادي ڪندس. اسان به خوش هئاسين ته شايد رب کي اسان تي رحم آيو ۽ ٻچن جون خوشيون ڏسڻ نصيب ٿينديون، ته ڪهڙي اوڙاه ۾ وڃي ڦاٿو...“
سندس اکين مان نير وهڻ لڳا، ماءُ کي سوچ ۾ گم ۽ ڏکارو ڏسي شمسه کيس دلداري ڏيڻ لڳي.
”امان.... رحمان تنهنجي مرضيءَ جي بغير ڀلا ڪو ڪم ڪري سگھي ٿو. تون هروڀرو پئي پريشان ٿين. اجھو ٿو موٽي اچي.... نجمه اٿي امان لاءِ پاڻي کڻي آ... نجمه اٿي پاڻي کڻي نانيءَ کي پياري ٿي....
•
ٻئي طرف سنڌيا پنهنجي گھر جي ڪچن ۾ منجھند جي ماني جي تياري پئي ڪري ته سنيتا اچي ٿي ۽ ايندي ئي خوشدلي سان پڇي ٿي.
”هيلو سنڌيا..! ڪهڙا طعام پيا تيار ٿين، خوشبوء ته واه جي پئي اچي....“
سنڌيا کلندي ”توکي ته سدائين خوشبوء ئي ايندي آ...، مڙئي دال ڀاڄي پئي ٺاهيان.... ڏي ته خبر ٻه ٽي ڏينهن آئينءَ ڪونه، مون پاڻ تنهنجو انتظار پئي ڪيو.“
”منهنجي ڀيڻ آيل هئي حيدرآباد مان، ان ڪري مصروف هيس........ پر خير ته آهي نه ... ڇو پئي انتظار ڪيئي....“
”صبحاڻي يونيورسٽي فارم جمع ڪرائڻو آ... گڏجي هلجانءِ نه ...“
”ٺيڪ آ... هلنداسين ... ڏي ته خبر، رحمان جي، ڳوٺان آئي ته کيس هفتو کن ٿي ويو آهي توسان ڪو رابطو ڪيو اٿس يا نه.“
سنڌيا رحمان جي اچڻ جو ٻڌي خوش ٿي وڃي ٿي.“
”رحمان آيو آ... ڪڏهن ...“
جذباتي انداز مان پڇڻ لڳي.
”چيم نه ته هفتو کن ٿي ويو اٿس....“
اهو ٻڌي سنڌيا جي خوشي ڪافور ٿي وڃي ٿي... چهرو مرجھائجي وڃيس ٿو. ”ٻه ٽي ڏينهن...! مون کي فون به نه ڪئي اٿائين... نه ... پڪ توکي غلط فهمي ٿي هوندي .“
”مان ٽيون ڏينهن اوڏانهن وئي هئس، ناني ۽ آپا جا منهن لٿا پيا هئا.... مونسان به سهي نموني نه ڳالهاين.... نجمه کان پڇيم ته ٻڌايائين ته ماما گھڻا ڏينهن ڳوٺ رهي آيو آهي نه... ان ڪري ناني ناراض آهي... پر لڳي ٿو ته ڪا ٻي ڳالهه آ... مونسان نٽائي ويون.“
سنڌيا جو منهن ويتر لهي وڃي ٿو، کيس سنيتا جي ڳالهه تي يقين ئي نه ٿو اچي....
”پر رحمان مونسان فون تي ڇو ڪونه ڳالهايو. ايترن ڏينهن کان پوءِ آيو آ ۽ هڪ فون ڪال به نه ڪيائين، دل کي آٿت ڏيندي... ٿڪل هوندو... وري مٿان نانيءَ جي ڪاوڙ.... انڪري ٿي سگھي ٿو ته فون ڪرڻ جو خيال نه آيو هجيس.“
سنڌيا چلهي جي باه هلڪي ڪري ڪچن کان ٻاهر اچي ٿي سندس انداز مان لڳي ٿو ته اهي ڳالهيون ٻڌي سندس دل ڪم ڪرڻ تان کڄي وئي هجي... سنيتا سندس اها ڪيفيت ڏسي پريشان ٿي وڃي ٿي.“
”سنڌيا تون هروڀرو دل هول ٿي ٿين... چيم نه ته ناني جي ناراضگي جي ڪري گھر جو ماحول ڪجهه ٽينس پئي لڳو... ٿي سگھي ٿو ته ان پريشاني ۾ وسري ويو هجي... تون ڳڻتي نه ڪر مان شام ويندس حال احوال وٺڻ...... چڱو هاڻي مان هلان ٿي... تون اٿي ماني تيار ڪر...“
سنيتا اٿي هلي وڃي ٿي ته سنڌيا خيالن ۾ گم ٿي وڃي ٿي.
”رحمان ته هڪ ڏينهن به مونکي فون ڪئي بغير رهي نه سگھندو آهي، ايترن ڏينهن کان پوءِ آيو آهي ۽ هڪ فون به نه ڪئي اٿائين... الائي ڇا ڳالهه آ ايترا ڏينهن ڳوٺ ڇالاءِ رهي پيو... نه، نه، پڪ فون ڪئي هوندائين متان احمد يا بابا کنئي هجي.... مان هروڀرو پئي اجايون ڳالهيون دل ۾ آڻيان...“ ايتري ۾ ديڳڙي سڙڻ جي بوء اچيس ٿي ته تڪڙ ۾ اٿي ڪچن ڏانهن وڃي ٿي.
ڳوٺ ۾ مريم پنهنجي ڪمري ۾ پلنگ تي ليٽي پئي آهي ڀرسان ٽراسسٽر ريڊيو وڄي رهيو اٿس، پاڻ به هلندڙ گانن سان گڏ جھونگاري رهي آهي ته شهربانو اندر اچي ٿي، ماءُ کي ايندي ڏسي به ساڳي ڌن ۾ مست ليٽي پئي آهي شهربانو کيس ڏسي ٿورو مسڪرائي ٿي.“
”مريم امان... جيڪڏهن تون واندي هجين ته مونکي توسان ڪجهه ڳالهائڻو هو .“
”امان ڏسين نه ٿي.... منهنجي پسند جو پروگرام پيو هلي... توکي به هينئر اچي ڳالهائڻ جي پئي آهي.“
شهربانو ٿورو ناراض ٿيندي،
”اڃان ڄڻ ٻار آهين اوڻويهه ويهه سال عمر اچي ٿي اٿئي اڃان ٻارن واريون حرڪتون....“
مريم ماءُ کي ائين ناراض ٿيندو ڏسي، ريڊيو بند ڪري ٿي ۽ ليٽئي ئي ماءُ کي چوي ٿي:
”امان ڇا ڳالهه آ جو ائين ناراض پئي ٿين.“
”توسان ڪجهه ضروري ڳالهيون ڪرڻيون آهن، ڌيان سان ٻڌي جواب ڏيجانءِ،“
”امان چئو ڪهڙي ڳالهه آهي.“
”رحمان جي باري ۾ توکان پڇڻو هو.“
مريم حيران ٿيندي،
”ڇو، ڇا ٿيو آ ڀائو رحمان کي...“
” ٿيو ته ڪجهه ناهي، تون ٻڌاءِ توکي ڪيئن ٿو لڳي...“
”سٺو آ پڙهيل ڳڙهيل آ... پر اهو مونکان ڇو پئي پڇين...“
”مامنهن ۽ منهنجو خيال آ ته، تنهنجو رحمان سان سڱ ڪيون...“
”منهنجو سڱ...! چريا ٿيا آهيو ڇا... نه مائي.... مان ايڏو پري ڪونه پرڻجي ويندس... مان توکي ڇڏي ڪيڏانهن ڪونه ٿي وڃان....“
”ڏس امان...، رحمان پڙهيل ڳڙهيل آهي، وڏي ڳالهه ته تنهنجو پنهنجو رت آ، شهر ۾ رهن ٿا، تون اتي پرڻجي ويندينءَ ته شهر جا سڀ سک ماڻيندينءَ. مائٽن جي سدائين اها آرزو هوندي آهي ته سندن اولاد کي هن جڳ جون هڙئي خوشيون حاصل ٿين. تنهنجو پيءُ ته سال ٿيا وڃي سکيو ٿيو سڀ بار منهنجي ڳچي ۾ وجھي ويو.... انڪري چاهيان ٿي ته توکي سکئي گھر ۾ ڏسان.“
”پر امان.... مان هتي ڳوٺ ۾ رهڻ ٿي چاهيان، منهنجون سڀ ساهيڙيون هتي ڳوٺ ۾ آهن، تون آهين، مامو آهي، هيڏو وڏو گھر آهي. هتي شادي ڪرڻ ۾ ڪهڙي برائي آهي...“
”مونکي هتي اسان جي ٽَڪَر جو ڪو رشتو ڪونه ٿو سجھي. مراد خان کان سواءِ پنهنجو ڪو ٻيو مٽ مائٽ ڪونهي. ڌاريا ماڻهو الائي ڪيئن نڪرن. شهر ۾ آزادي آهي سک آهن، ان ڪري منهنجي مرضي آ ته رحمان سان ئي تنهنجو سڱ ڪيان.“
مريم ماءُ جون ڳالهيون ٻڌي رحمان کي تصور ۾ پنهنجي گھوٽ جي روپ ۾ آڻي ٿي ۽ شرمائجي وڃي ٿي.
”امان جيئن تنهنجي مرضي....“
اهو ٻڌي شهربانو اطمينان جو ساهه کڻي ٿي،
”چڱو تون ويهي ريڊيو ٻڌ، مان وڃي ٿي مامهن سان صلاح ثباب (ثواب) ڪيان.“
شهربانو ٻاهر وڃي ٿي ته مريم وري ريڊيو جو سوئچ کولي گانا ٻڌڻ ويهي ٿي.
مراد خان ۽ شهربانو پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا آهن ته ٻاهريون دروازو کڙڪي ٿو. مراد خان اٿي ٻاهر وڃي ٿو ۽ پوئين پير خوش خوش رحمان کي وٺي اندر اچي ٿو، سندس بيگ مائي کنيو پئي اچي، شهربانو رحمان کي ڏسي حيران ٿي وڃي ٿي ۽ هيڏانهن هوڏانهن سندس پويان نهاري ٿي. شايد کيس اها توقع آهي ته هو ماءُ ڀيڻ کي ساڻ وٺي آيو هوندو، پر رحمان کي اڪيلو ڏسي کيس مايوسي ٿئي ٿي. اٿي کيس کيڪاري ٿي ۽ ويهڻ لاءِ چوي ٿي. خوش خير آفيت کان پوءِ مراد خان کائنس ائين اچانڪ اچڻ جو سبب پڇي ٿو...
”ها ماما بس اچڻو پيو...“
”خير ته آهي نه، ادي گلبانو ۽ شمسه ته ٺيڪ هيون نه..... مون سمجھيو ته اهي توسان گڏ آيون هونديون.“
شهربانو کان رهيو نه ٿيو ۽ پڇي ورتائين.
”نه چاچي امان جي طبيعت ٺيڪ نه ٿي رهي، ان ڪري ايڏو سفر ڪري نه ٿي سگھي، آپا جي اسڪول جي انسپيڪشن آ، اها به نڪرڻ جهڙي نه هئي...“
رحمان بهانو ڪري ٿو.
مراد خان ۽ شهربانو سمجھي وڃن ٿا ته رحمان بهانو پيو ڪري، پوءِ به سندس ڳالهه اڳي ڪرڻ لاءِ ڪجهه نه ٿا چون.
”ٺيڪ آ پٽ تون هٿ منهن ڌوئي وٺ مان تو لاءِ چانهه ٿي ڪرائي وٺان.“
رحمان بيگ کڻي مهمانن واري ڪمري ۾ وڃي ٿو.... ته مراد خان ڀيڻ کي آهستي آواز ۾ چوي ٿو:
”ادي مون توکي چيو هو نه، ته ادي گلبانو هن سڱ لاءِ ڪڏهن به راضي ڪانه ٿيندي، پر توکي الائي ڇا ٿي ويو هو... ٿورو صبر ڪرين ها، اچ وڃ وڌي ها، پوءِ سڱابندي جي ڳالهه ٺهي پئي... اٿندي ئي اهڙي ڳالهه چوري ويٺينءَ.... ڏٺئي نه ...“
شهربانو چپ ٿي وڃي، رحمان بيگ رکي منهن ڌوئي ٻاهر اچي ٿو ۽ ٻنهي سان حال احوال اوري ٿو، مائي خاني چانهه کڻي اچي ٿي، چانهه پئندي رحمان چوي ٿو.
”ها چاچي عرض ڪيم ته امان وارا اچي نه سگھندا... مون هنن جي آڏو توهان جي ڳالهه رکي هئي فيصلو ٿيو ته هتي سادگي سان نڪاح ٿي وڃي پوءِ ڪراچي هلي جيڪو فنڪشن ڪرڻو هوندو ڪنداسين....“
مراد خان ان پروگرام تي اعتراض ڪري ٿو.
”ابا اهو وري ڪيئن ٿيندو، هتي اسان جو ڳوٺ راڄ آهي، اٿڻ ويهڻ آ... ماڻهو ڇا چوندا، هڪڙي نياڻي هئي اها به ائين چُپ چپات ۾ اٿاري ڇڏين...“
رحمان به لاچاري ڏيکاريندي چوي ٿو:
”وڌيڪ جيئن توهان جي مرضي، مان ته اهوئي ڪري سگھان ٿو.“
شهربانو ڳالهه بگڙجندي ڏسي ڳوڙهي ويچار ۾ پئجي وڃي ٿي، آخر پنهنجي شاطر فطرت کي استعمال ڪندي سندن آڏو هڪ رٿ اچي وڃي ٿي.
”ڪا ڳالهه ڪانهي، منهنجي صلاح آهي ته اسان هتي ڪاج جي تياري ڪري ٿا وٺون، ڳوٺ جي ماڻهن کي دعوت ڏيون ٿا اسان جا ارمان به پورا ٿي ويندا، ڳوٺ راڄ کي به خبر پئجي ويندي.“
رحمان کي انهي ڪاج وغيره ۾ ڪابه دلچسپي ڪونهي، ان ڪري بي دلي سان چوي ٿو:
”جيئن توهان مناسب سمجھو، مان في الحال پندرهن ڏينهن جي موڪل وٺي آيو آهيان، توهان کي جيڪي تياريون ڪرڻيون هجن ڀلي ڪريو مان هاڻي ٿوري دير آرام ڪندس.“
رحمان جي ڪمري ۾ وڃڻ کان پوءِ شهربانو خوش ٿي مريم کي سمجھائڻ لاءِ سندس ڪمري ۾ وڃي ٿي. مراد خان جي دل ڏکاري ٿي وڃي ٿي هو سوچي ٿو ته اهو سٺو نه ٿيو، ويچاري ادي گلبانوءَ جو هڪ ئي ٻچڙو هئو، ان جا به ارمان هوندا. هوءَ پنهنجي جگر جي ٽڪر جي خوشيءَ ۾ شريڪ نه ٿي.
•
رحمان جي ڳوٺ وڃڻ کان پوءِ گھر ۾ اداسي ڇانيل آهي، گھر جو هر فرد ٻئي سان ڳالهائڻ کان لنوائي رهيو آهي ته الائي ٻئي جي من ۾ ڇا پيو وهي واپري، ڪاٿي منهنجو ڳالهائڻ ٻئي جي لاءِ دل آزاري جو باعث ته نه بنجندو... انهي حالت ۾ سنڌيا ۽ سنيتا اندر اچن ٿيون ۽ سڌيون نجمه جي ڪمري ڏي هليون وڃن ٿيون نجمه ائين اچانڪ کين ڏسي وائڙي ٿي وڃي ٿي.
”اچو اچو، اڄ سنڌيا اسان وٽ ڀلجي پئي آ ڇا...“
”نجمه ناني ته ٺيڪ آهي نه... سنيتا ٻڌايو ته ان ڏينهن ناني ٺيڪ نه پئي لڳي... “
”ناني امان هاڻي ٺيڪ آ... ان ڏينهن ماما جي ڪري ٿوري ڊسٽرب هئي.“
” ڇو ڀائو رحمان کي ڇا ٿيو آ....“
سنيتا اڳ وٺندي پڇڻ لڳس. نجمه اڃان ڪو جواب ڏيڻ واري هئي ته شمسه ڪمري ۾ اچي ٿي هن سندن ڳالهه ٻڌي ورتي هئي، ڳالهه کي سنڀاليندي سنڌيا کان پڇي ٿي،
”اڄ اسانجي سنڌيا ڪيئن اچي نڪتي آهي ايترن ڏينهن کانپوءِ ...“
”آپا، نجمه سان ملڻ آئي هئس، گھڻا ڏينهن ٿي ويا هئا ته نجمه اسان ڏي ڪونه آئي هئي... مان به گھر ۾ اڪيلي بور پئي ٿيس ته سنيتا کي چيم ته هل ته نجمه وٽان چڪر هڻي اچون.“
شمسه جي دل ۾ رحمان ۽ سنڌيا جي رشتي خراب ٿيڻ سبب عجيب قسم جي آنڌ مانڌ متل هئي، پر هن پنهنجي طرفان کيس ڪنهن قسم جي نراسائيءَ ۾ مبتلا ڪرڻ نه ٿي چاهيو ان ڪري پنهنجو پاڻ تي خوش مزاجي جو چولو پهري چوڻ لڳي.
”نجمه سان ته ملڻ جو رڳو بهانو آ، خبر اٿم ته ڪنهن جي سڪ توکي هيڏانهن ڇڪي آئي آهي...“
اهو ٻڌي سنڌيا شرمائجي وئي...
”نه آپا.... اهڙي ڪا ڳالهه ناهي. توهان به خوامخواه ...“
”مذاق پئي ڪيان... هونئن اهو ٻڌايان پئي ته مان تنهنجي دل جي ڳالهه سمجھان ٿي.... رحمان ڪنهن ڪم سان ٻاهر ويو آهي ڏينهن ٻن ۾ اچي ويندو.... ڏي خبر يونيورسٽي ۾ داخلا ورتئي....“
”آپا فارم ڀريو اٿم ڏينهن ٻن ۾ جمع ڪرائينديس... باقي جڏهن رزلٽ آئي ته پوءِ ڪلاسز شروع ٿيندا.... “
دل لڳائي پڙهجانءِ... ٻين فضول ڳالهين ۾ وقت وڃائڻ تو جهڙين ذهين ڇوڪرين کي نه ٿو سونهين.... اڄ مونسان واعدو ڪر ته وڏي آفيسر بنجي ڏيکاريندينءَ.....“
سنڌيا شمسه جون ڳالهيون ٻڌي پريشان ٿي وڃي ٿي هن جي انداز مان لڳي ٿو ته ضرور ڪو غير معمولي واقعو ٿيو آهي.... پر ڇا ٿيو هوندو اهو سنڌيا کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي، پوءِ به شمسه جي دل رکڻ لاءِ چوي ٿي ....
”بس آپا دعا ڪيو.“
شمسه سمجھي وڃي ٿي ته سنڌيا سندس ڳالهين جي ڪري پريشان ٿي وئي آهي دراصل هوءَ ڪنهن اوچتي صدمي کان بچڻ لاءِ کيس تيار ڪرڻ چاهي ٿي.
پر ان کان وڌيڪ ڪجهه واضع ڪرڻ جي منجھس همٿ ڪونه هئي، ان ڪري هوءَ ڪمري مان وڃڻ جي ڪندي،
”چڱو توهان ڪچهري ڪيو مان وڃي امان کي ڏسان ته اٿي يا نه .....“
سنڌيا کي پريشان ڏسي نجمه ڳالهه کي سنڀاليندي چويس ٿي،
”امي جي طبيعت صبح کان ٺيڪ ناهي سنڌيا تون اميءَ جي ڳالهين جو دل ۾ نه ڪجانءِ.“
سنڌيا ٻنهي جو ڳالهيون ٻڌي گھٻرائجي وڃي ٿي.... هوءَ ته هتي دل هلڪي ڪرڻ جي خيال سان آئي هئي پر....، اهي ڳالهيون ٻڌي عجيب مونجھاري ۾ پئجي وئي، هُن جي هاڻي هتي هڪ لمحي جي لاءِ به دل نه ٿي لڳي.... سيني تي بوجهه کڻي سنيتا سان گڏ وڃڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿي. نجمه گھڻو ئي ويهڻ لاءِ زور ڀريس ٿي پر هو جلدي ڪمري کان ٻاهر نڪري گھر روانيون ٿي وڃن ٿيون.
هڪ ٻن ڏينهن کانپوءِ سنيتا سنڌيا وٽ اچي ٿي ۽ ٻئي گڏجي يونيورسٽي وڃن ٿيون اتي فارم جمع ڪرائڻ کانپوءِ ٻاهر لان تي اچي بس جي انتظار ۾ ويهن ٿيون، سنڌيا کي شايد يونيورسٽي ڏاڍي پسند آئي هئي، سنيتا کي چوڻ لڳي:
”ڪيڏي نه وڏي يونيورسٽي آهي، تون به ايڊميشن وٺين ها ته ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها.“
”سهي ٿي چوين پر گھر وارن جو چوڻ هئو ته مان نوڪري ڪريان، نه ته منهنجي به دل يونيورسٽي ۾ پڙهڻ جي هئي....“
سنڌيا ڪجهه سوچي سنيتا کي چوي ٿي:
”سنيتا مان نجمه وارن جي گھران جيئن آئي آهيان سخت پريشان آهيان، عجيب اڻ تڻ جو شڪار ٿي وئي آهيان..... رحمان ٻن هفتن کانپوءِ واپس آيو ته ايترا ڏينهن هِتي هوندي به نه مونسان ملڻ جي ڪئي نه ئي فون ڪيائين ۽ وري هفتي لاءِ ڳوٺ هليو ويو....“
”ها سنڌيا...! سچ پڇين ته مونکي به ڏاڍو عجيب لڳو، آپا جو رويو به سمجهه ۾ نه آيو، ائين پئي لڳو ڄڻ سڀ اسان کان ڪجهه لڪائي رهيون هجن.“
سنڌيا پنهنجي خيالن جي تصديق ٿيندي ڏسي وڌيڪ پريشان ٿي وڃي ٿي، منهن جو رنگ هيڊو ٿي وڃيس ٿو. سنيتا سندس اهڙي حالت ڏسي ڪوڙي تسلي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿي،
”پر تون ڇو پئي پريشان ٿين... هوندن ڪو زمينن وغيره جو مسئلو، نجمه ٻڌائيندي آ ته اُتي ڳوٺ ۾ هنن جون کوڙ ساريون زمينون آهن، جن تي سندن مائٽن جو قبضو ڪيل آهي. ٿي سگھي ٿو ته اهوئي مسئلو هجي.“
اهو ٻڌي سنڌيا جي دل کي ڪجهه آٿت اچي ٿي، ”تون شايد سهي ٿي چوين، اهڙي ئي ڪا ڳالهه آهي، تڏهن ئي رحمان جا گھڙي گھڙي ڳوٺ جا چڪر پيا لڳن.“
انهي مهل پوائنٽ بس اچي ٿي ته هو به ٻين شاگردن سان گڏ اوڏانهن وڃن ٿيون.
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ انٽر جي رزلٽ اچڻ کان پوءِ سنڌيا جي يونيورسٽي جي انگلش ڊپارٽمينٽ ۾ ايڊميشن ڪنفرم ٿي وڃي ٿي ته هوءَ ڪلاسز اٽينڊ ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي وڃڻ شروع ڪري ٿي. رحمان کي ڳوٺ وئي ڪيترا ڏينهن گذري ويا آهن پر ان جي طرفان نه گھر وارن کي ۽ نه وري سنڌيا کي ڪو حال احوال معلوم ٿي سگھيو آهي. رحمان جي گھر وارن سان گڏ وگڏ سنڌيا جون به ننڊون حرام ٿي ويون آهن سنيتا ٻئي ٽئي ڏينهن نجمه کان حال احوال وٺي سنڌيا کي ڏيندي رهندي هئي، سنڌيا جي بيچيني ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پئي ويو. هر ايندڙ ڏينهن جي شروعات ان آس سان ٿيندي هئي ته اڄ ضرور هو ڳوٺان موٽي ايندو يا ڪا خير خبر ايندي، پر ڏينهن لڙڻ سان نراسائيءَ ۾ اضافو ٿي ويندو هو. هوءَ پنهنجو غم غلط ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي وڃي پنهنجي پڙهائي ۽ ڪلاس فيلوز سان وقت گذاري ڪري ٿي. اڄ رابعه پيڪين آئي آهي ۽ معمول موجب خاله زهره منجھند جي ماني گھران ٺاهي کڻي آئي آهي. سڀئي ماني تي سنڌيا جو انتظار پيا ڪن. رابعه وقت گذاريءَ لاءِ پيءُ سان سنڌيا جي متعلق گفتگو ڪري ٿي،
”بابا سنڌيا جي يونيورسٽي ۾ دل لڳي وئي.“
”ها ڪافي خوش آ، ڏاڍي محنت پئي ڪري، چيائين پئي ته بابا انگلش ۾ ماسٽرز ڪرڻ سولو ڪم ناهي....“
ويچاري نياڻي گھر ۾ اڪيلي ٿي پئي آ خير سان احمد پڙهائي پوري ڪري ڪنهن نوڪريءَ سان لڳي ته ڪا سٺي ڇوڪري ڳولهي گھر ۾ ننهن وٺي اچو.“ خاله زهره سنڌيا جو سانگو ڪندي چوي ٿي.
”خاله توهان سهي پيا چئو، احمد کي ٿورو ٽائيم وڃي بچيو آهي. ريسرچ ورڪ ڪري وٺي ته پوءِ سندس امتحان ٿيندا. الله مڙئي چڱي ڪندو.“
ڳالهين ڪندي سنڌيا هٿ ۾ ڪجهه بوڪس کڻي، ٿڪل ٿڪل اندر اچي ٿي ليڪن ڀيڻ کي ڏسي ڄڻ ته سندس ٿڪ لهي وڃي ٿو. دل ڀرجي اچيس ٿي ڪيترن ڏينهن کان روڪيل دل جو غبار ٻاهر نڪري اچيس ٿو. ڀاڪر پائي ڀيڻ سان ملي روئي ڏئي ٿي، رابعه ۽ خاله جي اکين ۾ به لڙڪ تري اچن ٿا، رابعه ڀريل آواز ۾ پڇيس ٿي،
”ڪيئن آهين سنڌيا، ڏاڍي دير ڪيئي، هتي اسان تنهنجي انتظار ۾ سُڪي ويا آهيون.“
پويان پويان احمد به اچي ٿو ۽ ٻنهي ڀينرن کي ڏکارو ڏسي ماحول کي خوشگوار بنائڻ لاءِ چوي ٿو.
”اچي ويو گھر جو منهدار، جيسيتائين سنڌيا بيگم نه ايندي، گهر جي ڪُني نه ونڊبي. ڀلي ٻين جي پيٽ ۾ ڪئا، ٻليون ڊوڙي، ڊوڙي ٿڪجي ڇونه پون.“
رابعه سمجھي وڃي ٿي ته احمد سنڌيا جو موڊ سهي ڪرڻ لاءِ کيس ڇيڙي رهيو آهي. کلندي چوي ٿي،
”خاله هي اسانجو احمد بک جو ڏاڍو ڪانهلو آهي. سنڌيا تون چينج ڪري اچ ته مان ماني لاهيان ٿي.“
رابعه اٿي ٿي ته خاله به اهو چئي گھر لاءِ رواني ٿئي ٿي ته ٻار مانيءَ تي انتظار ڪندا هوندا.
رحمان کي ڳوٺ وئي ڪيترائي ڏينهن گذري وڃن ٿا پر هن جو ڪوبه حال احوال ڪونه آيو آهي. آفيس مان پڇڻ تي معلوم ٿئي ٿو ته هو پندرهن ڏينهن جي موڪل لکي ويو هو پر موڪل ختم ٿيڻ کانپوءِ وري هفتو ايڪسٽينڊ ڪئي اٿائين. ان ڏينهن به شمسه ۽ گلبانو ويڳاڻيون لڳيون ويٺيون هيون ته سنيتا مٺائي جو دٻو کڻي اندر اچي ٿي.... نجمه کيس ڏسي مصنوعي مرڪ آڻي چوي ٿي،
”اچ سنيتا... اهو ڇا آندو اٿئي...“
سنيتا به خوشدلي سان چوي ٿي،
”تولاءِ مٺائي آندي اٿم، مونکي نوڪري ملي آ نه.“
”نوڪري...! ڇو تو سنڌيا سان يونيورسٽي جوائن نه ڪئي ڇا...؟“
”نه بس، وڌيڪ پرائيويٽ پڙهنديس.“
نجمه ۽ سنيتا اچي لائونج ۾ ويهن ٿيون، ٻنهي جو آواز ٻڌي شمسه به ٻاهر اچي ٿي.
”ڪير آ.... ڪنهن سان پئي ڳالهائين....“
”امي سنيتا آئي آهي....“
انهيءَ وقت لائونج ۾ رکيل فون جي گھنٽي وڄي ٿي، شمسه اچي فون کڻي ٿي. ٻئي طرف رحمان جو آواز اچي ٿو.
”آپا مان رحمان ڳوٺان پيو ڳالهايان....“
شمسه کي ڄڻ يقين ئي نه ٿو اچي.... بيتابي مان پڇي ٿي.
”ڪٿي آهين رحمان، (سنيتا ۽ نجمه جا به ڪن کڙا ٿي وڃن ٿا) ايترا ڏينهن ڪاٿي هئين، وئين ته ٻڌايئي به ڪونه، ائين ڪبو آ ڇا.“
شمسه جلدي جلدي ڳالهائي ٿي ڄڻ ته سڄي عرصي جي ڪسر هڪ ئي جملي ۾ پوري ڪرڻ چاهيندي هجي. نجمه ۽ سنيتا غور سان سندس ڳالهه ٻڌن ٿيون.
”امان جو به خيال نه ڪيئي ته تنهنجي ائين بنا ٻڌائڻ جي هليو وڃڻ تي انجو ڪهڙو حال ٿيندو.“
ٻئي طرف رحمان سندس ڳالهه کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪندي سندس ڳالهه ڪٽيندي چوي ٿو،
”آپا در اصل... مون توهان کي اهو ٻڌائڻ لاءِ فون ڪئي آهي ته مون هتي مريم سان شادي ڪري ڇڏي آ....“
شمسه اهو ٻڌي حيران ٿي وڃي ٿي، منهن جو پنو ئي لهي وڃيس ٿو.
”اهو ڇا پيو چوين...، دماغ ته خراب نه ٿيو اٿئي.....“
بي يقيني جي حالت ۾ کلندي ...
”مذاق پيو ڪرين... ها نه....“
”نه آپا مان مذاق ڪونه پيو ڪيان سچ پچ مون هتي شادي ڪري ڇڏي آهي...“
شمسه کي يقين اچي وڃي ٿو ته اهو سندس ڪنن جو دوکو ناهي، اکين مان لڙڪ وهڻ لڳنس ٿا. نجمه ۽ سنيتا اهو ڏسي پريشان ٿي سندس ڀرسان اچي بيهن ٿيون شمسه روئيندي چوي ٿي،
”اهو ڇا ڪيئي رحمان...! اسان جو نه سهي امان جو ته سوچين ها. هوءَ ته اهو ارمان کڻي زنده هئي ته ٻچڙي کي گھوٽ ٿيندي ڏسي، پهرئين ته شاديءَ کان انڪار ڪندو رهئين ۽ هوءَ ويچاري ان آس ۾ رهي ته ڪڏهن تنهنجون خوشيون ڏسندي.... امان ڇا انهيءَ رشتي کان انڪار ڪيو.... تو ته اسان کي ائين پرائو ڪري ڇڏيو.... جي فيصلو ڪري ئي ورتو هيئي ته فون ته ڪرين ها.... خبر نه هئي ته ائين گھرجي پهرين خوشيءَ کان محروم ڪري ڇڏيندين.... حيف هجئي رحمان حيف هجئي.... تومان اها اميد ته ڪڏهن به نه هئي نجمه ته هميشه تنهنجي شادي لاءِ طرحين طرحين پروگرام پئي رٿيندي هئي.“
ايتري دير فون تي ڳالهائيندو ٻڌي گلبانو به ڪمري کان نڪري اچي ٿي ۽ شمسه کي روئيندو ڏسي سمجھي وڃي ٿي ته ڪا ته ڳالهه ٿي آهي. شمسه فون رکي ڇڏي ٿي، گلبانو کانئس ڪجهه به نه ٿي پڇي. چُپ چاپ سندس منهن تڪيندي رهي ٿي. اکين مان ٽم ٽم ڳوڙها سندس منهن کي آلو ڪندا رهن ٿا. ”امان رحمان شادي ڪري ڇڏي.... “
اهو ٻڌي سنيتا سخت پريشان ٿي وڃي ٿي، سنڌيا جو تصور ڪري ٿي ته جيڪڏهن هن اهو ٻڌو ته الائي ان جو ڪهڙو حشر ٿيندو، شمسه جي اها ڳالهه ٻڏي گلبانوءَ جو منهن ڪاوڙ ۾ ٽامڻي هڻي وڃي ٿو...
”مونکي اهوئي ڊپ هئو ته شهربانو اسان سان اهڙوئي ويل وِهائيندي... پر ڪير به منهنجي ڪونه پيو ٻڌي، مان شهربانوءَ جي پِتي کان واقف آهيان، هن مان ڪنهن چڱائيءَ جي اميد ڪري ئي نه ٿي سگھجي. پر رحمان...! اهو ته منهنجو پيٽ ڄڻيو هو.... توهان جي پيءَ جي گذرڻ کان پوءِ توهان ٻنهي ڀاءُ ڀيڻ کي گلن وانگيان سنڀالي وڏو ڪيم، دنيا جي هر ڏک، تڪليف کان پنهنجي پرن ۾ لڪائي رکيو، ڪڏهن ڪو ڪوسو واءُ لڳڻ نه ڏنو ۽ اڄ منهنجو پنهنجو رتُ شهربانوءَ جي فريب ۾ اچي اهڙو ٿي ويو جو هڪ ئي ڌڪ ۾ سڀ رشتا، ناتا، محبتون سڀ ڪجهه وساري، ائين اسان کي پرائو ڪري شهربانوءَ سان ناتو جوڙي ويهي رهيو.“
اهو چئي روئڻ لڳي. سنيتا اهو سڀ ٻڌي پريشان ٿي وڃي ٿي ۽ موڪلائڻ بنا ئي هلي وڃي ٿي.
•
رحمان جيڪو شاديءَ کانپوءِ مريم جي ڪمري ۾ اچي ويو هو ۽ بيڊ تي ليٽيو پيو هو، مريم تيار ٿيل زرق، برق ڪپڙا پهريو سندس ڀرسان ويٺي آهي. شادي کانپوءِ هوءَ ڏاڍي خوّش آهي. رحمان سندس خوشيءَ کي محسوس ڪندي کانئس پڇي ٿو،
”مريم تون هن شاديءَ کان خوش ته آهين نه....“
هوءَ شرمائيندي چوي ٿي:
”الائي“.
”الائي... ڇا مطلب..... توکي چاچي اهو ته ٻڌايو هوندو نه، ته امان وارا اسانجي شادي تي راضي نه آهن. توکي جي هو اها محبت، اهو پيار نه ڏين ته تون دل ۾ نه ڪجانءِ آهستي آهستي سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“
”پر اهو سڀ تون هينئر مونکي ڇو پيو ٻڌائين.“
”اهو ان ڪري ته منهنجي موڪل پوري ٿي رهي آهي هاڻي پاڻ کي ڪراچي هلڻو پوندو.“
مريم لاڏ جي انداز ۾ سندس هٿ جھلي چوي ٿي....
”هتي رهي پئو نه.... هتي پنهنجون کوڙ ساتريون زمينون آهن. نوڪريءَ ۾ ڇا رکيو آ، پاڻ هتي ئي رهنداسين.... هان.... نه.“
”نه مريم...! ڪراچي ته هلڻو پوندو.... مان هتي رهي نه ٿو سگھان.“
مريم ضد ڪري ٿي.
”مان به ڪراچي ۾ تنهنجي مائٽن سان نه ٿي رهي سگھان. مان امان ۽ مامي کي ڇڏي ڪراچي ڪونه هلنديس. مان امان جي بغير ڪيڏانهن به ڪونه وينديس.“
انهي گھڙيءَ شهربانو اندر اچي ٿي ته رحمان اٿي ويهي رهي ٿو. هوءَ کلندي ڌيءَ کان پڇي ٿي.
”منهنجي دادلي ڌيءُ ڪهڙيون ڳالهيون پئي ڪري.“
رحمان کيس ٻڌائي ٿو،
”چاچي ضد ڪيو ويٺي آهي ته ڪراچي ڪونه ويندي.“
شهربانو پلنگ تي سندس ڀرسان ويهي سندس هٿ پنهنجي هٿ ۾ جھلي کيس سمجھائي ٿي.
”ڏس ڌيءَ هر نياڻي کي، کڻي اها شهزادي هجي يا بادشاهه زادي.... ان کي هڪ ڏينهن پنهنجو اباڻو گھر ڇڏڻوئي پوندو آهي، لکئي جا ليک آهن، تنهنجو لکيو اسان کان پري ٿيڻو هو. پر تون ڳڻتي نه ڪر، ڪراچي ايڏي پري ڪونهي.“
”چاچي منهنجي موڪل پوري ٿيڻ واري آهي، ان ڪري کيس چوان پيو ته هلڻ جي تياري ڪري وٺي.“
”ابا ڪجهه ڏينهن موڪل وڌائين ها، مريم مونکان پري رهڻ جي هريل ناهي، توسان ڪجهه هري مري وڃي ته مونکي ڪو الڪو نه رهندو.“
”اڃان ٻه ڏينهن پيا آهن... توهان ڪا ڳڻتي نه ڪيو، مان مريم کي ڪا تڪليف اچڻ نه ڏيندس.“
اهو ٻڌي شهربانوءَ جي اکين ۾ ڳوڙها اچي وڃن ٿا. رئي جي پلاند سان اگھندي چوي ٿي،
”ابا شل سکي رهين، منهنجي ٻچڙيءَ جي مڙئي پارت هجئي، لاڏن ڪوڏن سان پلجي وڏي ٿي آهي. ڪا ڀل چُڪ ڪري ويهي ته درگذر ڪري ڇڏجانءِ.“
”چاچي توهان دل نه لاهيو، مريم اتي به سڀني جي لاڏلي ئي رهندي.“
شهربانو اٿندي چوين ٿي،
”چڱو اٿي تيار ٿي ٻاهر اچو، ڳوٺ جون مايون موڙو ڏيڻ لاءِ پيون اچن.“
رحمان مريم کي چوي ٿو،
”اٿي منهنجا ڪپڙا بيگ مان ڪڍي ڏي ته مان تيار ٿيان مامي سان زمينن تي وڃڻو آهي.“
مريم کي اهو ٻڌي دل ۾ ڪاوڙ ته ڏاڍي لڳي ٿي پر مجبورن اٿي ٿي.
ٻاهر ورانڊي ۾ ڪجهه عورتون جيڪي مبارڪيءَ لاءِ آيون آهن کٽ تي ويٺيون آهن خاني شربت جا گلاس کين ڏئي ٿي. هڪ عورت گلاس وٺندي هيڏي هوڏي نهاري چوي ٿي،
”خاني ڏي ته خبر شهربانوءَ اهو اوچتو ٺڪاءُ ڪيئن ڪڍرايو.... “
”ڪهڙو جيجي.....“
”اهوئي، اوچتو ئي اوچتو مريم جي شادي ڪري ڇڏيائين....“
خاني هيڏي هوڏي ڏسي ٿي ته ڪاٿي گھر جو ڪو ڀاتي ته ڪونهي،
”الائي جيجي.. وڏا ماڻهو، وڏيون ڳالهيون، اسان پورهيتن جو ڇا وڃي.“
ٻي عورت لاڳ وٺرائيندي.
”هڪڙي ڳالهه مڃبي ته وڏيري شهربانو آهي ڏاڍي چالاڪ، پهرين گلبانوءَ جون زمينون ڦٻاين، پوءِ کيس ٻچن سوڌو گھران ڪڍي دربدر ڪين. ۽ هاڻي جڏهن هو ٿڙي ٿاٻڙي اچي مڇي مانيءَ رسيا آهن ته ويچاري بيواهيءَ جو ٻچو ئي کسي وتن.“
پهرين عورت ڏکاري لهجي ۾ نڪ تي هٿ رکي چوي ٿي:
”ڪيڏا ارمان هوندا ويچاري گل بانوءَ جي دل ۾، هڪڙي ٻچڙي جي منهن تي موڙ ٻڌڻ جا، سڀ دل ۾ ئي رهجي وين. الله پڄي وڏيري شهربانوءَ کي.“
کڙڪو ٻڌي خاني وات تي آڱر رکي کين ماٺ ڪرڻ لاءِ چوي ٿي.
•
سنڌيا پنهنجي ڪمري ۾ بيڊ تي ليٽي ڪو ڪتاب پڙهي رهي آهي ليڪن بار بار ڪتاب جا ورق ورائڻ مان ائين لڳي پيو ڄڻ ته ڪتاب هٿ ۾ جھلڻ محض دل بهلائڻ جو هڪ بهانو آهي، ليڪن سندس دل ڪتاب ۾ بلڪل ناهي، پاڻ سخت پريشان آهي ۽ ڪڏهن ساڄي ٽنگ ته ڪڏهن کاٻي ٽنگ زور زور سان لوڏي رهي آهي جنهن مان لڳي ٿو ته سندس دماغ ۾ ڪا ڳوڙهي سوچ گردش ڪري رهي آهي. آخر ڪتاب هڪ طرف رکي، بيڊ جي سائيڊ تي رکيل گلاس کڻي پاڻي پئي ٿي، سخت اضطرابي ڪيفيت ۾ آهي، سنيتا اندر اچي ٿي ته ٽپ ڏئي اٿي ويهي ٿي،
”ايترن ڏينهن کانپوءِ پئي اچين.“
”نئين نئين نوڪري ملي آ، انڪري مصروفيت به وڌي وئي آهي.“
سنڌيا کي سندس ڳالهائڻ مان محسوس ٿئي ٿو ته سنيتا مصروفيت جو رڳو بهانو پئي ڪري ورنه اصل ۾ هوءَ ڪا ڳالهه لڪائڻ جي ڪوشش پئي ڪري، سندس چهري تي کيس پريشاني صاف نظر پئي آئي. هوءَ عجيب ڪشمڪش ۾ آهي ته سنڌيا کي ٻڌائي يا نه، سنڌيا سندس مشڪل آسان ڪندي چوي ٿي.
”ڇا ڳالهه آ سنيتا...! تون ڪجهه پريشان پئي لڳين. خير ته آهي نه، سنيتا جيڪا سدائين چهڪندي ٻهڪندي ايندي آ، اڄ مرجھايل پئي لڳي، مونکي به نه ٻڌائيندينءَ ڪهڙي ڳالهه توکي پريشان پئي ڪري.“
سنيتا ٿڌو ساهه کڻي.
”سنڌيا مونکي لفظ نه ٿا ملن، ڪيئن ٻڌايان توکي ته مان ڇو پريشان آهيان. تنهنجو چهرو ڏسي لڳي ٿو ته تون ورهين جي بيمار آهين...“
”ڏس سنيتا ڳالهه نه مٽاءِ، ٻڌاءِ ڇا ٿيو آ.“
”هو رحمان ڳوٺ ويو هونه... “
سنڌيا جي پريشاني وڌي وڃي ٿي، بيچينيءَ مان،
”ها، ها، ڇا ٿيو آ رحمان کي...“
”هن.... اتي ڳوٺ ۾ پنهنجي سئوٽ سان شادي ڪري ڇڏي.....“
اهو ٻڌڻ سان سنڌيا سڄي ڏڪڻ لڳي ٿي هٿ مان گلاس ڇڏائجي وڃيس ٿو منهن هيڊو ٿي وڃيس ٿو.ڏڪندڙ چپن سان،
”اهو... اهو... ڇا.... پئي.... چئين.... اهو ڀلا... ڪيئن... ٿو.... ٿي سگهي... (چپن ئي چپن ۾ ڀڻڪي ٿي) رحمان ائين ڪيئن ٿو ڪري سگھي. سنيتا توکي ضرور غلط فهمي ٿي هوندي.... رحمان ته صرف مونسان شادي ڪرڻ پيو چاهي.“
سنيتا کيس ڀاڪر پائي ٿي.
”سنڌيا اهو سڀ مان پنهنجي ڪنن سان ٻڌي آئي آهيان.“
سنڌيا سڏڪا ڀريندي،
”پر ايترو ڪجهه ٿي ويو ۽ رحمان مونکي ڪجهه نه ٻڌايو.“
”اهو ان ڪري جو آپا ۽ ناني ان رشتي جي سخت خلاف هيون ۽ نانيءَ ته صاف انڪار ڪري ڇڏيو هيو، ان ڪري رحمان ڪاوڙ ۾ ڳوٺ وڃي اڪيلي سر شادي ڪري ڇڏي. هاڻي ته اهي به ڪجهه نه ٿيون ڪري سگھن.“
سنڌيا جي رهي کهي اميد به ختم ٿي وڃي ٿي مايوسي ۽ ايڏي وڏي دوکي سبب سندس ذهن مائوف ٿي وڃي ٿو جنهن تي وڌ ۾ وڌ اعتبار ڪيو هئائين انهي ئي ايڏو وڏو فريب ڪيو... دل ٻڏڻ لڳيس ٿي ڏڪندي ڏڪندي غش ٿي بيڊ تي ڪري پوي ٿي. سنيتا اهو ڏسي پريشان ٿي وڃي ٿي ته کيس ڪيئن سنڀالي. پريشانيءَ ۾ احمد کي سڏي ٿي،
”احمد ڀائو جلدي اچ... ڏس سنڌيا کي الائي ڇا ٿي ويو آهي.“
احمد ڊوڙندو اچي ٿو،
”هينئر ته ٺيڪ ٺاڪ هئي مان آيس ته ڪتاب پئي پڙهيائين، گھڙي ۾ ڇا ٿي ويس.“
شوڪت علي به آواز ٻڌي تڪڙو تڪڙو اندر اچي ٿو،
”سنڌيا...! پٽ اکيون کول، ڇا ڳالهه آ....“
سنيتا پاڻيءَ جا ڇنڊا منهن تي هڻيس ٿي، شوڪت علي سندس مٿو پنهنجي هنج ۾ ڪري ٿو، هو سخت پريشان آهي سوچ ۾ پئجي وڃي ٿو،
”منهنجي هيءَ ڌيءَ ته ڪڏهن ڪنهن ڳالهه کي ليکيندي ئي ناهي، چپ چاپ هر ڳالهه اندر ۾ سانڍيو وتندي آهي، ڪنهن آڏو ٻڙڪ به ٻاهر ناهي ڪڍندي، ته پوءِ اڄ کيس اچانڪ ڪهڙو صدمو رسيو آ جو ائين اکين مان ڳوڙها زارو قطار پيا وهنس.“
سنيتا جي پاڻي جا ڇنڊا لڳڻ تي هوءَ اکيون کولي ٿي، پاڻ کي پيءَ جي هنج ۾ ڏسي ۽ ڀاءُ کي پريشان ڏسي سندس هانءُ ڄڻ ته ڦاٽي پوي ٿو، پيءُ جي هنج ۾ منهن لڪائي اوڇنگارون ڏئي ٻارن وانگر روئي ٿي. احمد ۽ سنيتا جون اکيون به ڀرجي اچن ٿيون. شوڪت علي روئڻهارڪي انداز ۾ چوي ٿو.
”ڇا ٿيو آ منهنجي ننڍڙي امان کي... منهنجي بهادر ڌيءَ ڪنهن معمولي ڳالهه کي ته ايڏو سيريس ناهي وٺندي.“
سنڌيا چپ چاپ بنا ڪجهه چوڻ جي بس روئي رهي آهي اکيون ڇت ۾ اٿس. آخر پڻس احمد کي چوي ٿو ته هو موٽر سائيڪل کڻي رابعه کي وٺي اچي.
سنڌيا جيڪا هميشه هر دک هر تڪليف اندر ۾ سانڍيو اڪيلي برداشت ڪندي رهندي آ، ائين سڀني کي پريشان ڏسي پاڻ تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي پڻس کيس سامت ۾ ايندو ڏسي اٿاري ويهاريس ٿو....
”شاباس....! هاڻي ٻڌاءِ ڇا ٿيو آ منهنجي ننڍڙي امڙ کي، ڏس پٽ مان توهانجو پيءُ به آهيان، ماءُ به ۽ دوست به، مونکي ٻڌاءِ اهڙي ڪهڙي تڪليف پهتي آ تنهنجي دل کي جو تون پنهنجا هوش ئي وڃائي ويٺيئن....“
سنڌيا مسلسل روئي رهي آهي، شوڪت علي نه سمجھندي به گھڻو ڪجهه سمجھي وڃي ٿو. سنڌيا بغير ڪجهه چوڻ جي روئندي رهي ٿي، پڻس کيس سمجھائي ٿو.
”ڏس سنڌيا منهنجي ڌيءَ...! مون سڄي زندگي توهان کي بهادريءَ جو سبق ڏنو آهي، اها بهادري جسم جي مضبوطي جو نالو نه هئي، دل جي طاقت جي ڳالهه هئي، تون هڪ حساس ۽ نازڪ طبع ڇوڪري آهين، تنهنجي طبيعت فنڪارن جي فطرت وانگر آهي ۽ اهڙا ماڻهو ڏاڍا ڏک ڏسندا آهن، ڇو ته انهن جون نظرون گھڻيون ڏوررس ٿينديون آهن، ماڻهن جي چهرن تي پيل نقاب هٽائي سندن اصلي شڪل ڏسڻ جي سمجهه رکندا آهن، سندن دليون ڪسوٽي هونديون آهن، جن کي ڇهي ڪوڙا لفظ پٿر بنجي ويندا آهن ۽ منهنجا ٻچا هن دور ۾ سچا ماڻهو تمام گھٽ هوندا آهن، توهان کي قدم قدم تي ڪوڙا ماڻهو، ڪوڙا جذبا ۽ ڪوڙا لفظ ملندا. ليڪن مونکي يقين آهي ته توکي سچائيءَ جي سڃاڻ ضرور هوندي، ان ڪري ٿي سگھي ٿو ته توکي ڏک ڏسڻا پون، پر ڄاتل اهي زخم انهن زخمن کان وڌيڪ بهتر هوندا آهن جيڪي اڻ ڄاڻائيءَ ۾ لڳندا آهن، تون هر ان زخم کي پنهنجي لاءِ هٿيار بنائي وٺ.“
سنڌيا جي پيءَ هن کي جيئڻ جي امنگ ڏني هئي، پر رحمان جي کنيل قدم هن کي زخمي زخمي ڪري وڌو هو، کيس ائين لڳي رهيو هو ته زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ هوءَ بلڪل تنها رهجي وئي آهي، صبحاڻي ڇا ٿيندو.... هن کي هر اچڻ واري ڏينهن کان ڊپ لڳڻ لڳو .
سنڌيا بس ڪجهه چئي بغير خلائن ۾ گھوري رهي هئي.
سنيتا ڀرسان ويهي کيس دلداري ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي،
”سنڌيا پليز...! چپ ڪر هاڻي... ڏس ته چاچا ڪيڏو پريشان ٿي ويو آهي.“
شوڪت علي ٿوري دير لاءِ ٻاهر نڪري وڃي ٿو ته سنيتا ڪاوڙ مان چئي ٿي،
”دوکي باز ماڻهن جي ڪري پاڻ کي ۽ گھر وارن کي ائين تڪليف ۾ وجھبو آهي ڇا، هنڻيس کڏ ۾، چڱو ٿيو جو جلد خبر پئجي وئي، مان ته توکي سدائين خبردار ڪندي رهيس ته مونکي هو ماڻهو ٺيڪ نه ٿو لڳي.“
انهي وقت رابعه تڪڙا تڪڙا قدم کڻندي ڪمري ۾ اچي ٿي، سنڌيا رابعه کي ڏسي ڳوڙها اگھي ٿي....
”سنيتا ڇا ٿيو آ سنڌيا کي احمد ٻڌايو ته بيهوش ٿي وئي آهي.“
سنيتا ڳالهه کي نٽائيندي....
”اچو آپي هيڏانهن ويهو، مان هاڻي هلان.... توهان ئي کيس سمجھايو. رابعه سنيتا جي اها ڳالهه ٻڌي حيران ٿي وڃي ٿي ۽ سندس ڀر ۾ اچي ويهي ٿي. سنيتا وڃي ٿي ته هوءَ سنڌيا کان پڇي ٿي،
”ڇا ڳالهه آ، ڇا ٿيو آ جو سڀني گھر وارن کي پريشان ڪري چڏيو اٿئي. پنهنجي شڪل ڏٺي اٿئي ورهين جي بيمار پئي لڳين....“
رابعه جو همدردانه رويو ڏسي وري دل ڀرجي اچيس ٿي ڀيڻ کي ڀاڪر پائي روئڻ لڳي ٿي، رابعه ڪجهه دير روئڻ ڏئيس ٿي جيئن هن جي دل جو غبار ڌوپجي وڃي. جڏهن روئي روئي سامت ۾ اچي ٿي ته رابعه کانئس پڇي ٿي. ”ڇا پنهنجي آپيءَ کي به نه ٻڌائيندينءَ، ڏس سنڌيا مون توکي ماءُ بنجي پاليو آهي، تنهنجي پل پل جي خبر آ مونکي. ته پوءِ اهڙي ڪهڙي ڳالهه ٿي آ جنهن توکي جھوري وڌو آ، اهڙو ڪهڙو شاڪ لڳو آ جو تون بيهوش ٿي وئينءَ. سنڌيا مونکي نه ٻڌائيندينءَ ته ٻيو ڪنهن سان دل جو حال اوريندينءَ. مان سمجھان ٿي ته توکي يقينًا ”ڪو اهڙو صدمو رسيو آ، جنهن منهنجي چپ چاپ سهڻ واري ننڍڙي ڀيڻ جو جيءُ جھوري وڌو آهي...“
سنڌيا ڀيڻ کي پريشان ڏسي پاڻ تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ۽ رئي جي پلو سان ڳوڙها اگھي ڀيڻ کي تسلي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.
”آپي پريشان ٿيڻ جي ڪا به ڳالهه ناهي، ٿي وئي هئي هڪ اذيت ناڪ غلطي، پر هاڻي مان بلڪل ٺيڪ آهيان. اٿو ٻاهر هلو، منهنجي بيوقوفي جي ڪري بابا ۽ احمد به پريشان ٿي ويا آهن.... هلو مان توهان سڀني لاءِ گرم، گرم پڪوڙا ۽ چانهن ٺاهي ٿي اچان.“
”ڇڏ چانهه کي، تو هٿ منهن ڌوئي فريش ٿي اچ، بابا پريشان ٿي ويو آهي مان اوڏانهن ٿي هلان.“
رابعه جي ٻاهر وڃڻ کانپوءِ سنڌيا جي اکين مان وري لڙڪ لڙي اچن ٿا، ڏک ۽ ڪاوڙ مان زور سان اکين کي هٿن سان مهٽي اگھي ٿي.
”رحمان جي ڪئي جي سزا مان گھر وارن کي پريشان ڪري ڇا لاءِ پئي ڏيان، منهنجو ڏک صرف منهنجو آهي، غلطي مون ڪئي آ هڪ ڪميڻي انسان سان نينهن لڳائي. ان تي ڀروسو ڪري، ان ڪري ڀوڳڻو به مونکي اڪيلي سر آ.“
اٿي منهن ڌوئي ٻاهر اچي ٿي سڀني جا لٿل چهرا ڏسي موڊ کي خوشگوار بنائڻ جي ڪوشش ڪندي چوي ٿي....
”ڇو ٿا پريشان ٿيو، گھڙي کن چانهه کي ڇا دير ٿي آهي، سڀني جا منهن ئي لهي ويا آهن، اجھو ٿي چانهه کڻي اچان ۽ دير جي ڏنڊ طور گرما گرم پڪوڙا به سائينجن جي خدمت ۾ پيش ڪيا ويندا.“
سڀئي سندس همت ۽ سهپ کي ڏسي ڦڪي مرڪ مرڪڻ لڳن ٿا.
•