ناول

اداس راھون مان تنھا

محترمہ ايس نرگس حق ادب جي اهڙي خدمتگار آهي، جيڪا سنجيدگيء سان پنھنجي قلم کان ڪم وٺي رهي آهي ۽ سنڌي ادب ۾ پنھنجو حصو مَنَ جي سچائيء سان شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ناول بابت محترمہ ايس نرگس لکي ٿي تہ ھن ناول جي ڪھاڻيءَ جو اسڪرپٽ 52 قسطن ۾ لکي ٽي وي ناٽڪ لاءِ پروڊيوسر وٽ کڻي ويس، ڊرامي جي ايپروئل پڻ ملي پر پوءِ چار سال لڳي ويا ۽ ڊرامو نہ ٺھيو. آخرڪار ان کي ناول جو روپ ڏئي ڇپايو ويو.

Title Cover of book اداس راھون مان تنھا

10

ٻئي طرف مريم ضد ۾ اچي گھر ته جدا ڪري ورتو پر ٻنهي ماءُ ڌيءَ جن ڪڏهن به ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو هو اهي ٽن ڏينهن کان ڪم ڪري ڪري اچي بيزار ٿيون هيون، شهر بانو سهڪندي ڦان ڪري اچي پلنگ تي پاڻ سٽيو،
”مائي ڪنهن نه ڪنهن ڪم واريءَ جو بندوبست ڪري وٺ، هن عمر ۾ مونکان ڪم ڪونه ٿيندو.“
”امان رحمان کي چيو اٿم ته صغرا کي چوي ته ڪا مائي ڪري ڏئي.“
”هاڻي پنهنجي مڙد کي ٻڌڻ جي ڪر، نه ته روز ماءُ جي گھر جا چڪر هڻندو ته هُن ڇوري سنڌيا سان ملڻ جا موقعا پيا ملندس ۽ مڙس هٿن مان هليو ويندئي.“
”امان چوين ته سچ ٿي، اڳي ته اسان جي ڪري هُن گھر اچڻ ڇڏي ڏنو هو، هاڻي ته ڪا روڪ ٽوڪ اٿس ڪانه، وجهه ڳولهي پئي رحمان سان ملندي.“
”ڳوٺان جيڪي تعويذ آندا هئاسين اهي ته هاڻي استعمال ڪر نه.“
”ها امان، بس ٿورو سيٽ ٿي ويهون پوءِ انهن کي به ڪري وٺنداسين.“
رحمان ان وقت اندر اچي ٿو، فواد مريم جي حوالي ڪري پاڻ سڌو پنهنجي ڪمري ۾ هليو وڃي ٿو، ۽ بيڊ تي ليٽي پوي ٿو. سوچڻ لڳي ٿو ته زمين ته سندس نالي ٿي وئي پرکيس انهن کي سنڀالڻ جو ته ڪو تجربو ڪونهي ۽ نه ئي هن اهي زمينون سنڀالڻ لاءِ پنهنجي نالي ڪرايون آهن کيس انهن جو ڪونه ڪو بندوبست ڪرڻو پوندو ۽ ان لاءِ ڳوٺ جو چڪر هڻي ڪمدار سان صلاح ڪرڻي پوندي جيئن ان جو پورو پورو لاڀ کيس ملي سگهي اهو سوچي هن جي چهري تي مرڪ اچي وڃي ٿي.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مريم ۽ رحمان پنهنجي ڪمري ۾ آرام ڪري رهيا هئا، رحمان جي اک کلي ته گھڙِي ۾ ٽائيم ڏسي اٿي کڙو ٿئي ٿو ۽ اوٻاسيون ڏيندو ٻاهر نڪري اچي ٿو، شهربانو ڪم ڪار ۾ مصروف آهي کيس ڏسي شڪايتي انداز ۾ چويس ٿي،
”ابا..! توکي ته خبر آ ته مونکي ڪم ڪار جي عادت ڪونهي، گھر ۾ نوڪر چاڪر هوندا هئا، مريم ۽ مون ڪڏهن ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو، سچ پڇين ته مونکان هن عمر ۾ گھر جو ڪم ٿئي ڪونه ٿو، تو به مائي جو بندوبست ڪونه ڪيو، هاڻي هيئن ڪر جو ڪمدار کي ڳوٺ فون ڪري چئو ته مائي خانيءَ کي هتي وٺي ڇڏي وڃي.“
”چاچي فون ڪونه ٿو ڪيان، سوچيان ٿو ته توهان به هاڻي هتي ڪافي سيٽ ٿي ويا آهيو، هفتي کن ۾ ڳوٺ وڃي زمينن جو ڪو بلو ڪري اچان.“
اهو ٻڌي شهر بانو، جنهن جو زمانو ڏٺل آ، هن جي من ۾ شڪ پيدا ٿئي ٿو ته ڪاٿي هي اسان جون زمينون تين وال ڪرڻ جي چڪر ۾ ته ناهي.“
سس کي خاموش ڏسي سمجھي وڃي ٿو ته متان ڪاٿي چاچي شڪ ۾ ته نه پئجي وئي آهي. هڪدم ڳالهه کي سنڀاليندي،
”چاچي ڳالهه هي آ ته جڏهن اتان آيا هئاسين ته فصل تيار بيٺو هو، اسان کي آئي مهينو ڏيڍ ٿي ويو آهي، مامو هو ته سڀڪو ان کان ڪن ڪندو هو، ڪمدار کڻي ڪيترو به گھڻ گھرو ڇونه هجي، پوءِ به اسان مان ڪنهن جو اتي هجڻ ِضروري آهي نه...... يا ته توهان ئي وڃي چڪر هڻي بٽئي ڪرائي اچو.“
شهربانو دل ۾ چوي ٿي ته ڳالهه ته سهي ٿو ڪري مون هروڀرو مٿس شڪ ڪيو، سندس دل رکڻ لاءِ،
”نه ابا، مان ڀلا ڪاٿي وتنديس ٻنين تي رُلندي، هيڏانهن مريم به ڀري ويٺي آهي، اڄ يا صبحاڻي تي آهي، سندس خير سان ڊليوري ٿي وڃي ته پوءِ وڃي چڪر هڻي اچجانءِ ۽ موٽندي مائي خاني کي به ضرور وٺيو اچجانءِ.“
”جيئن توهان جي مرضي..........“
”چڱو تون ونهنجي سهنجي وٺ، مان تو لاءِ نيرن ٺاهي ٿي وٺان، مريم کي نه اٿارجانءِ، رات به چيائين پئي ته تڪليف اٿم.“
اهو ٻڌي هو اطمينان جو ساهه کڻي ٿو ته بچاءُ ٿي ويو ۽ ڪمري ڏانهن هليو وڃي ٿو.


صبح جي وقت مائي عالما ناشتو تيار ڪري ميز تي لڳائي ٿي، احمد تيار ٿي ڪمري مان ٻاهر اچي ٿو ته سنڌيا کيس ٻڌائي ٿي ته رات بابا جي طبيعت ٺيڪ نه هئي سڄي رات ننڊ نه ڪئي اٿس، احمد کيس چوي ٿو ته کيس ڇونه اٿاريائين ته ڊاڪٽر کي ڏيکاري اچانس ها. سنڌيا چويس ٿي ته بابا منع ڪيو ته صبحاڻي احمد جي موڪل آهي ان ڪري صبح جو ڏيکاري ايندو. ان وقت ڪومل به اچي ٿي ته احمد چوين ٿو ته هو هلي ناشتو ڪن، مان بابا کي ڏسي اچان ٿو. اهو چئي احمد پيءَ جي ڪمري ۾ اچي ٿو جيڪو بيڊ تي ليٽيو پيو آهي هو کانئس طبيعت جو پڇي ٿو. شوڪت علي چوي ٿو ته الله جو شڪر آ هاڻي هو ڪافي بهتر محسوس ڪري رهيو آهي.
”بابا اٿي تيار ٿيو ناشتو پاڻي ڪري ڊاڪٽر ڏي ٿا هلون، هن عمر ۾ ڪابه ڪوتاهي ڪرڻ درست ناهي.“
”نه بابا هينئر مان بلڪل ٺيڪ آهيان ڊاڪٽر ڏي وڃبو ته خواه مخواه پريشان ڪندا ته هي ٽيسٽ ڪرائي اچو، هوءَ ڪرائي اچو.“
”بابا اولڊ ايج ۾ چيڪ اپ ڪرائيندو رهڻ صحت لاءِ ضروري آهي.“
”ٺيڪ آ تون چوين ٿو ته چيڪ اپ به ڪرائبو، بس اڄ شام جو ڪٿي آئوٽنگ جو پروگرام رکو، سنڌيا ۽ ڪومل به ڪافي عرصي کان ڪيڏانهن ٻاهر ناهن ويون، ڀيڻين کي به فون ڪري ڇڏجو ته اهي به وانداڪي هجين ته اچي وڃن.“
”ٺيڪ آهي، بابا توهان آرام ڪيو مان توهان جو ناشتو هيڏانهن کڻي ٿو اچان.“
”اڙي نه، نه مان به توهان سان اچي ٿو ڪمپني ڪيان. ٻئي ٻاهر نڪري اچن ٿا.
شام جي وقت سنڌيا، ڪومل رابعه، طارق، سڀئي ڪلفٽن تي انجواءِ ڪري رهيا آهن. شوڪت، طارق ۽ احمد واڪ ڪندا ليڊيز کان پري نڪري وڃن ٿا ته ليڊيز ڏاڪڻين تان لهي هيٺ سمنڊ جي طرف هليون وڃن ٿيون، ٻئي طرف مظفر ۽ سندس ڪجهه فيملي ميمبرز به اتي اچي پهچن ٿا، مظفر سامهون طارق کي ڏسي هن ڏانهن وڌي اچي ٿو. ٻئي هڪ ٻئي سان ملي خوش خير عافيت ڪن ٿا. طارق خواتين کي سلام ڪري ٿو ته مظفر کانئس پڇي ٿو، اڄ ڀلا موڪل انجواءِ ڪرڻ آيا آهيو ڇا؟“
”ها ڪجهه اهڙو ئي پروگرام هو، احمد ۽ شوڪت سان تعارف ڪرائيندي، هي منهنجا فادر اِن لا ۽ هي بردر اِن لا احمد آهن، چاچا هي منهنجا فيملي فرينڊس آهن، هي منهنجي دوست مزمل جو ننڍو ڀاءُ مظفر آهي ۽ هي سندس فيملي.“
سڀئي هڪ ٻئي سان دعا سلام ڪن ٿا،
”ڏاڍو سٺو ٿيو جو ملاقات ٿي وئي، ڀلا ڀاڀي رابعه وارا ڪٿي آهن ته ڀاڀي ۽ ڇوڪريون به ساڻن ملن ۽ گڏجي انجواءِ ڪن.
”تون هتي بابا وارن سان ڪچهري ڪر ته مان ڀاڀي وارن کي رابعه وارن سان ملائي اتي ڇڏي ٿو اچان.“
سڀئي خواتين طارق سان گڏ اڳتي وڌي وڃن ٿيون،
رابعه هنن سان ملي ڏاڍي خوش ٿئي ٿي ۽ ڪومل ۽ سنڌيا سان سندن تعارف ڪرائي ٿي سڀئي گڏجي گھمن ڦرن ٿيون ڪجهه دير کان پوءِ احمد اچي ڪومل ۽ سنڌيا کي هلڻ لاءِ چوي ٿو رابعه کيس چوي ٿي ته توهان ڀلي گھر هلو بابا جي طبيعت به سهي نه هئي ٿڪجي پيا هوندا. اسان هنن سان گڏ ڪنهن ٻئي طرف وينداسين.“
ٻئي ڏينهن سنڌيا آفيس ۾ ڪجهه ڪم ڪري پئي ته رابعه کيس فون ڪري ٿي ۽ کيس ٻڌائي ٿي ته رات جيڪي ڇوڪريون اسان سان مليون هيون اهي ان ڇوڪري جون ڀينرون ۽ ڀاڀي هيون جن سندس سنڱ ڇڪرايو آهي، ڇوڪرو به بابا ۽ احمد سان مليو هو، ۽ بابا چيو ته ڇوڪرو کين ڏاڍو پسند آيو پر جيسيتائين سنڌيا راضي نه ٿي ٿئي مان ڪجهه نه ٿو ڪري سگھان. سنڌيا ڀيڻ جي ڳالهه ٻڌي خاموش ٿي وڃي ٿي ته رابعه ٻيهر پڇيس ٿي توکي اهي ماڻهو ڪيئن لڳا. سنڌيا جي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڀيڻ کي ڪيئن سمجھائي ته سندس آندل ڪو رشتو ڪيترو به سٺو هجي، هوءَ ان معاملي ۾ ڪجهه نه ٿي ڪري سگھي. رابعه وري پڇيس ٿي ته مان تنهنجي خاموشي کي انڪار سمجھان. هوءَ ڀيڻ کي سوري چوي ٿي ته رابعه فون بند ڪري ڇڏي ٿي، سنڌيا کي ڏک ته ڏاڍو ٿئي ٿو پر............ ان گھڙيءَ مظفر سندس ڪمري ۾ اچي ٿو ۽ ٻئي هڪ فائيل ڊسڪس ڪرڻ ۾ مصروف ٿي وڃن ٿا.
شام جو گھر اچي ٿي تڏهن به ڀيڻ جي ناراضگي جي خيال کان هوءَ اداس اداس آهي ۽ سڌو پنهنجي ڪمري ۾ هلي وڃي ٿي، هوءَ ڀيڻ کي يا ڪنهن کي به اهو نه ٿي ٻڌائي سگھي ته رحمان هن کي ڪڏهن به شادي ڪرڻ نه ڏيندو. هن کي ائين خاموشي سان ڪمري ۾ ويندو ڏسي ڪومل سندس پويان ڪمري ۾ اچي ٿي ۽ سندس ڀر ۾ ويهندي،
”سنڌيا....! توکي ڇا ٿي ويو آهي، هر وقت اداس پريشان، کلڻ ته ڄڻ توکان رُسي الائي ڪيڏانهن غائب ٿي ويو آهي. ڏس، مان تنهنجي تمام ويجھي دوست ته نه رهي آهيان، مونکي ڀاڀي نه پنهنجي ڀيڻ سمجهه، مونکي ٻڌاءِ اهڙو ڪهڙو ڏک آهي جيڪو اندر ئي اندر توکي اُڏيهي جيان کائي رهيو آهي. ڪالهه ڪلفٽن جو پروگرام به بابا صرف توکي خوش ڏسڻ لاءِ احمد سان ٺاهيو هو، تون اتي به وساڻيل وساڻيل هلندي پئي وتين ڏس هو، شيرين ڀاڀي، ساجده زاهده ڪيڏيون نه محبت ڪرڻ واريون ڇوڪريون هيون، انهن کي ڏسي ته تنهجو موڊ ويتر خراب ٿي ويو، سندس هٿ پنهنجي هٿ ۾ جھلي انتهائي پاٻوهه مان، ڏس سنڌيا....! ڪنهن سان ته پنهنجي اندر جو حال اورِ بار هلڪو ٿي پوندئي.“
سنڌيا اداس اداس ڪومل جون ڳالهيون ٻڌي رهي هئي، سندس همدردانه ٻول ٻڌي سندس دل ڀرجي اچي ٿي سڏڪا ڀري روئڻ لڳي ٿي. ۽ دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳي ٿي ته هي کيس ڇا ٿي ويو آ، اگر رحمان جي باري ۾ ڀاڀيءَ کي خبر پئجي وئي ته گھر ۾ سڀني کي معلوم ٿي ويندو ۽ سندس سڄو اميج خراب ٿي ويندو. پاڻ تي ضبط ڪندي چوي ٿي،
”نه ڀاڀي ڪجهه به ناهي، بس ائين دل ڀرجي آئي، توهان ئي آپيءَ کي سمجھايو ته مونکي شادي ناهي ڪرڻي....... هوءَ هرو ڀرو ٿي ناراض ٿئي.“
”ٺيڪ آ تون پريشان نه ٿي آئينده ڪير به توسان ان موضوع تي نه ڳالهائيندو، جيسين تون پاڻ نه چوندينءَ. چڱو هاڻي تو ڀلي آرام ڪر مان آپيءَ کي سمجھايان ٿي ته هوءَ توسان ڪاوڙ نه ڪري.“



شمسه ۽ گل بانو رحمان جي وڃڻ کان پوءِ اچي ڪمري ۾ ويهن ٿيون ته فون جي گھنٽي وڄي ٿي. فون کڻي ٿي ته جاويد پيو ڳالهائي، مبارڪ ڏيندي چويس ٿو، امي توهان هاڻي ناني بنجي ويون آهيو، اسان کي پيارو پيارو علي پيدا ٿيو آهي اهو ٻڌي شمسه خوشي ۾ ديواني ٿي وڃي ٿي ۽ مائوث پيس تي هٿ رکي ماءُ کي ٻڌائي ٿي ته هوءَ پڙ ناني بنجي وئي آهي. گل بانو رب جو شڪر بجا آڻي ٿي، نجمه کي ۽ ننڍڙي کي منهنجو ۽ امان جو گھڻو گھڻو پيار چئجانءِ، گھر وارن کي مبارڪون چئجانءِ،
”چڱو امي مان ڏينهن ٻن ۾ ايندس، الله حافظ.“ فون رکي ماءُ کي اچي ڀاڪر پائي ٿي سندس اکين ۾ ڳوڙها تري اچن ٿا. ماڻس به کيس ڀاڪر پائي روئي ڏئي ٿي.
”اڄ تنهنجي ورهين جي آس پوري ٿي ته توکي پُٽ جو اولاد ڪونهي، ڏس رب وٽ دير آهي پر انڌير ڪونهي، نجمه جو ئي سهي پر تنهنجي اڱڻ ۾ تنهنجو پنهنجو رت پنڌڙو ڪندو.“
”بس امان دعا ڪيو.......... سنڌيا به ان ڏينهن چئي وئي هئي نه ته نجمه جو ٻار توهان جي اڱڻ جون رونقون موٽائي آڻيندو.“
ٻئي رئي جي پلوَن سان ڳوڙها اُ گھي مسڪرائن ٿيون.



رات جو هڪ پيو ٿئي رحمان اڃان تائين گھر نه موٽيو آهي، مريم ۽ شهربانو پريشان لڳيون ويٺيون آهن شهربانو ڪاوڙ مان ڌيءُ کي چوي ٿي ته:
”رحمان ته هتي اچڻ کان پوءِ رات جو دير سان اچڻ جو ڄڻ ته دستور ٺاهي ڇڏيو آهي، ان کان ته پنهنجي گھر ۾ ماءُ جو ٿورو گھڻو لهاذ ٿيندو هوس، ڇوري توکي ڪيترو چيو اٿم ته تعويذ کائڻ پيئڻ جي شين ۾ ڏينس ته ڪجهه اثر ٿئيس.“
”امان ڏيانس ٿي پئي، پر چون ٿا ته شهر جي ماڻهن کي تعويذ اثر ئي ڪونه ڪن ۽ جيڪي مرد شراب پيندا آهن انهن تي ته صفا نه..... تڏهن ته ڪجهه فائدو نه ٿو ٿئيس.“
”اڄ اچڻ ڏينس، مان ٿي ٺڪي ٺوڪي ڳالهايانس، اسان سڄي سڄي رات ويهي انتظار ڪنديون سين ڇا.....“
ماڻس اڃان ڳالهه ئي پوري ڪونه ڪئي ته مريم پيٽ کي هٿ ڏئي رڙ وٺي ڪئي،
”امان مونکي ڏاڍو سور ٿو ٿئي.“
”ائي مٺيس هينئر توکي ڪٿان اچي تڪليف ٿي، گھر ۾ ڪير به ڪونهي، مان صفا جڏي، جنهن شهر پورو ڏٺوئي ڪونهي، هاڻي ڇا ڪيان، ٿورو برداشت ڪرڻ جي ڪوشش ڪر.“
ان وقت در کلڻ جو آواز ٿو اچي، رحمان نشي ۾ اندر اچي ٿو.کيس نشي ۾ ڏسي شهربانو ڪاوڙ مان مٿو پٽيندي،
”هي مئو ته اڄ به نشي ۾ آهي، هاڻي مريم کي اسپتال ڪيئن ٿو وٺي وڃي.“
مريم کي تڪليف ۾ ڏسي رحمان پڇڻ لڳو،
”ڇو.... ڇا ٿيو آ توکي......“
”لڳي ٿو ويم جي تڪليف اٿس، اسپتال هلڻو پوندو....“
”ٺيڪ آ... پوءِ هلو....“
”پر تون.... هلڻ جهڙو.....“
”چيم نه ته هلو.....“
پاڻ چاٻي کڻي ٻاهر نڪري وڃي ٿو، شهربانو ننڍڙي کي کڻي مريم کي ساڻ ڪري سندس پويان وڃن ٿيون.
صبح جو شمسه نماز پڙهي اٿي ٿي ته فون جي گھنٽي وڄي ٿي.
”يا الله خير....! صبح ساڻ ڪنهن فون ڪئي آهي.“
فون کڻي ٿي ٻئي طرف رحمان کيس ٻڌائي ٿو ته مريم کي ٿوري دير پهرين ننڍڙي پيدا ٿي آهي، اسان اسپتال آهيون شمسه اسپتال جو پڇي اچڻ لاءِ چويس ٿي ته هو کيس منع ڪري ٿو ته نارمل ڊليوري ٿي آهي ان ڪري ٿوري دير ۾ ڊسچارج ٿي گھر ايندا، شمسه ماءُ کي ٻڌائي ٿي ته رحمان کي ڌيءُ ڄائي آهي. ماڻس اهو ٻڌي چوي ٿي،
”چڱو ٿيو جو ڌيءُ پيدا ٿيس، من ان جي لڄ ۾ ڪجهه سڌري پوي..... مائي مان ته شهربانوءَ جي گھر ڪونه وينديس.“
”چڱو امان.... مان ئي گھڙي کن سنيتا سان گڏجي هلي وينديس.“
رحمان جو نئون گھر شهربانو مريم جي ڪمري ۾ ويٺي آهي ڀرسان ننڍڙو فواد رانديڪن سان کيڏي پيو، مريم کي ٻهراڙي جي عورتن وانگي مٿي کي رئو ٻڌو پيو آهي پاڻ بيڊ تي ٽيڪ ڏيو ويٺي آهي ننڍڙي ٻارڙي ڪاٽ ۾ سمهي پئي آهي ته رحمان ڪمري ۾ اچي ٿو ۽ مريم کان سندس طبيعت جي باري ۾ پڇي ٿو، مريم جھيڻي آواز ۾ چويس ٿي ته ٺيڪ آهيان.
شهربانو اچرج واري نموني چويس ٿي،
”ابا هتان جون اسپتالون ته واه جون آهن، اسان وٽ ڳوٺن ۾ مائي جو ويم ٿئي ته چاليهي تائين کٽ تان اٿڻ نه ڏينس، هتي ته ٻار ڄائو مس آ ته اٿو بابا هاڻي گھر وڃو، ٻار نه ڄائو ڄڻ جادو ٿي ويو.“
اهو ٻڌي رحمان کلڻ لڳي ٿو،
”چاچي ڳوٺن ۾ عورتن ويچارين کي آرام ڪرڻ جو هونئن ته موقعو ملي ڪونه ٿو، نه سٺو کائڻ لاءِ نه ناٽ نخرا سهڻ لاءِ، ان ڪري ويچاريون ڪجهه ته ان بهاني آرام ڪن، کائن پيئن، من ان بهاني ڪو سندن نخرا سهي، نه ته ٻي ڪا تڪليف ڪانه هوندي اٿن.“
شهربانو به سندس ڳالهه ٻڌي کلي ڏئي ٿي،
”واه ابا واه، واه جي ٻڌايئي، معنيٰ ته ڳوٺن ۾ مايون نکرا (نخرا) ڪيون چاليهه ڏينهن کٽ وٺيو پيون هونديون آهن، تڪليف ڪونه هوندي اٿن.“
”مان جي غلط پيو چوان ته مريم کان ئي پڇ کڻي ته ڪهڙي تڪليف اٿس.“
مريم چپ ڪيو سندن ڳالهيون ٻڌي ٿي، ان وچ ۾ شمسه سنيتا سان گڏ اندر اچي ٿي. ٻئي ساڻن ملن ٿيون شاپر ۾ ڪجهه مٺائي آندي اٿن اها ڀرسان پيل ميز تي رکن ٿيون. شمسه مريم کان طبيعت پڇي ٿي، شهربانو مبارڪ ڏئي چويس ٿي ته رحمان ٻڌايو پئي ته نجمه کي ڪِڪو ڄائو آ. شمسه چويس ٿي ته ها الله جو شڪر آ اوڏانهن به ڏاڍو اونو هيم، رب سڻائي ڪئي، شهربانو دعا ڏيندي چويس ٿي ته رب وڌائيندئي ٻچن مان گنج ٿيندئي. شمسه آمين چوي ٿي.
رحمان مهمانداري ڪندي ڪجهه سنيڪس ۽ ڪولڊ ڊرنڪس کڻي اچي ٿو.


رات جي وقت امتياز وٽ سڀ دوست گڏ آهن ۽ خلاف معمول چانهه سان دل وندرائي رهيا آهن، شڪيل امتياز کان پڇي ٿو،
”يار تو وارو دوست رحمان خان نظر نه ٿو اچي،“
”مون کان وڌيڪ ته هو اڄ ڪلهه توهان سان گھڻو نظر ايندو آهي، هن کي اها بازار ڏيکاري توهان سٺو نه ڪيو، توهان ته آهيو ڇڙا ڇانڊ، هروڀرو ڪنهن جو گھر خراب ڪرڻ سٺو ناهي.“
ٻيو دوست نذر ان ڳالهه تي چڙندي چوي ٿو،
”يار ٺهيو هاڻي تو وارو يار به ڪو کير جو ڌوتل ڪونهي نه ئي ايڏو معصوم جو ڪير ٻيو کيس خراب ڪندو، هڪ ٻه دفعا اوڏانهن وٺي ويا سين هاڻي هُن بازار جي نيلم نالي ڇوڪري آ، ان سان ياري ٿي وئي اٿس، اسان کي ته هاڻي گاهه ئي ڪونه ٿو وجھي.“
شڪيل تعريف ڪندي،
”يار مڃبو، نيلم آهي زبردست ڊانسر، پر جيستائين اسان جي پهچ اوستائين ٿئي تو وارو رحمان ان تي قبضو ڪري ويو. هاڻي ته هر وقت اتي ديرو ڄمايو ويٺو آ.“
نذر حسد واري انداز ۾،
”ٻيو ته ٺهيو پر راند به ڪيسينو کانسواءِ نه ٿو ڪري، وڏا وڏا داوَ ٿا لڳن.
امتياز کي اهو ٻڌي افسوس ٿئي ٿو،
”بس يار متِ کسي اٿس، ڪندو گھر گھاٽ تين وال.“



اڄ رابعه مائٽن وٽ آيل آهي، سنڌيا ڪومل سڀ پاڻ ۾ ڳالهيون پيون ڪن ته سنيتا اچي ٿي رابعه کي ڏسي،
”واه واه..... ! اڄ ته گھڻن ڏينهن کان پوءِ رابعه آپي آئي آهي.“
رابعه سندس ڳالهه تي کلي پوي ٿي،
”تنهنجون به نراليون خبرون آهن، اسان جي ته روز اسڪول ۾ ملاقات ٿئي ٿي.“
”سنڌيا، ڪومل ڀاڀي ڪهڙا حال ڪهڙا چال....“
”سڀ خير.... تون ٻڌاءِ، حالن چالن جي ته توکي خبر هوندي، سڄو ڏينهن چڪر جو هڻين ٿي، ڪا نئين تازي خبر.“
”پهرين خبر ته نجمه کي پُٽ ڄائو آ. ٻي خبر ته ويا هئاسين مريم وارن جي نئين گھر....“
رابعه تعجب مان،
”ويا هئاسين جو مطلب..... ڪير... ڪير.... نئون گھر....!“
”ڇو توهان کي خبر ناهي، نجمه لاڙڪاڻي ڊليوري تي وئي هئي، ان کي اتي علي ڄائو آ، ان جي لاڙڪاڻي وڃڻ کانپوءِ چاچي شهربانو آ نه، رحمان جي سس، اها ۽ مريم ناني وارن کان جدا ٿي ويون آهن، نئون گھر ورتو اٿن، هتان کان ٻه ٽي گھٽيون ڇڏي،
”واقعي....! ويري بيڊ.... ويچاري آنٽي گل بانو اڳي ئي رڙيون ڪندي هئي ته اهي ضرور منهنجو پُٽ جدا ڪنديون.“
اهو ٻڌي ڪومل خار مان چويس ٿي،
”ته پوءِ تون ڇو وئينءَ اوڏانهن تنهنجو انهن سان ڇا وڃي.“
سنڌيا هنن جي سڄي گفتگو خاموشيءَ سان ٻڌي پئي. سنيتا ڪومل جي ڪاوڙ کي ڏسي چوي ٿي،
”منهنجو ته ڪجهه ڪونه وڃي، مان آپا شمسه سان گڏجي وئي هئس.“
رابعه حيران ٿي، ”آپا شمسه....! پر اها ڇو وئي انهن ڏي... گھر ڏسڻ ....؟“
”نه نه، هو رحمان.... منهنجو مطلب آ، مريم کي اڄ صبح جو نماز ويل ڌيءَ جو ڄائي آ، آپا ان کي ڏسڻ هلي هئي.“
اهو ٻڌي سنڌيا جي چهري تي عجيب قسم جا ايڪسپريشنز (تاثرات) اچي وڃن ٿا سنيتا سنڌيا کي گم سم ڏسي چوي ٿي،
”تون ڪيڏانهن وڃائجي وئينءَ، آپا هن کي ته سمجھايو اسان کي لفٽ ئي نه ٿي ڪرائي وڏو آفيسر جو ٿي وئي آ.“
سنڌيا بغير ڪو جواب ڏيڻ جي اتان اٿي ڪمري ڏانهن هلي وڃي ٿي.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سنڌيا پنهنجي آفيس ڪيبن ۾ ڪنهن ڪم ۾ مصروف آ ته مظفر سندس ڪيبن جو دروازو ناڪ ڪري اندر اچي ٿو، هوءَ سندس آڌرڀاءُ ۾ اٿي ٿي، مظفر جي پويان پٽيوالو ڪجهه فائيل ۽ لنچ باڪس کڻي اندر اچي ٿو ۽ سائيڊ ٽيبل تي رکي ٿو. مظفر سامهون واري ڪرسي سرڪائي ويهي ٿو ته سنڌيا به ويهي رهي ٿي۽ سواليه نگاهن سان کيس نهاري ٿي.
”ميڊم لنچ ٽائيم آ، توهان کي منهنجو ائين ڪيبن ۾ اچڻ تي اعتراض آهي ڇا.“
”نو، نو، سر...! مون کي ڀلا اعتراض ڇو ٿيندو، آفيس به توهان جي، توهان ڪٿي به ڪنهن به ڪيبن ۾ وڃي سگھو ٿا.“
مظفر مسڪرائي ٿو،
”ان ڪري ته لنچ ٽائيم تي بِن بلايو (ري سڏيو) مهمان جو بنجي آيو آهيان. هڪڙي ڳالهه چوان، مس سنڌيا...! توهان آهيو ڏاڍا ڪنجوس.... ڀئي مان توهان جو ڪُليگ آهيان، سالن کان پوءِ توهان جي شهر ۾ پڌاريو آهيان، ڪڏهن ته صلاح ڪبي آ ته اچو سر! اڄ اسان وٽ اچي لنچ ڪيو.... بس لِڪي لِڪي سٺيون ڊشز پاڻ تائين ئي....“
سنڌيا سندس ڳالهه ڪٽيندي،
”سر.....! اهڙي ڳالهه ناهي، مان پنهنجي ۽ پنهنجي سينئرز جي وچ جي فاصلن کي اورانگھڻ مناسب ناهيان سمجھندي..... خير اڄ اچي ئي ويا آهيو ته ويل ڪم، جيڪو حال آ اهو حاضر آهي، پر توهان پنهنجو ٽفن ڇو کڻي آيا آهيو.“
”جسٽ فار ڪمپني......، اڪيلو لنچ ڪرڻ ۾ ماڻهو بيوقوف لڳندو آهي، ڄڻ ته اسان ڌرتي تي صرف کائڻ پئڻ لاءِ آيا آهيون ٻيو ڪو مقصد ڪونهي.“
سنڌيا مسڪرائي ٿي،
”ڳالهه ته منهنجي دل وٽان ڪئي اٿو سر.....! مهنجي نيچر به عجيب آهي، مان اڪيلي چانهه به پي ناهيان سگھندي، ان ڪري اگر گھر ۾ ڪير نه هوندو آهي نه، ته سڄو سڄو ڏينهن گذري ويندو آهي پر ڪجهه ناهيان کائيندي.“
مظفر هيڏانهن هوڏانهن نهاري ڏسي ٿو،
”تڏهن هتي توهان جو لنچ باڪس نظر نه ٿو اچي.“
” جي....! مان ماني گھر وڃي کائيندي آهيان.“
”ته پوءِ ميڊم....! اڄ توهان جي لنچ منهنجي طرفان، ۽ صبحاڻي کان لنچ توهان جي ڪيبن ۾، کڻي اچڻ نه وسارجو.“
”سر ڪجهه ٻاهران گھرائي ٿا وٺون نه.“
”نو... نو ميم، بلڪل نه، اڄ ته هن مان ئي گذارو ڪرڻو پوندو، ائين چئي پٽيوالي کي سڏي ٿو،
”ميڊم پليٽس ته ضرور ملنديون توهان جي ڪيبن ۾،“
پٽيوالو پليٽون ۽ ٽفن کڻي ميز تي لڳائي ٿو.
سنڌيا سوچي ٿي، ڪيڏو نه پنهنجائپ وارو رويو آ مظفر جو، ڪو چاهڻ جي باوجود انڪار نه ٿو ڪري سگھي. ڪيڏانهن گم ٿي ويو محترمه لنچ توهان جو انتظار پئي ڪري.“
ٻئي پُر تڪلف ماحول ۾ لنچ ڪن ٿا..... مظفر ٽيشو پيپر سان هٿ صاف ڪري اٿي ٿو،
”صبحاڻي توهان جي طرفان ڪا سٺي ڊش اچڻ گھرجي.“
اوڪي سر.!“
اٿي فائيل کڻي واپس پنهنجي ڪيبن ۾ هليو وڃي ٿو.



اڄ سنڌيا جو آفيس ۾ مصروف ڏينهن گذريو آهي پاڻ کي ڪافي ٿڪل پئي محسوس ڪري، ڪيترن ڏينهن کان مظفر سان هن جي لنچ ڪمپني، آفيس جي ماحول کي فرينڊلي ڪري ڇڏيو آهي، هو ڪافي سلجھيل ۽ مهذب ساٿي جيان هن جو خيال ڪرڻ لڳو آهي، سنڌيا جو رک رکائو مظفر کي گھڻو پسند آهي جيڪا هروڀرو ڪنهن سان بي تڪلف ٿيڻ ناهي چاهيندي. اڄ به هنن پر تڪلف ماحول ۾ لنچ پئي ڪئي ته سنڌيا کي بار بار ائين محسوس ٿيو ته مظفر ڪجهه چوڻ چاهي ٿو پر شايد مناسب موقعي جي انتظار ۾ آهي، يا ٿي سگھي ٿو اهو سندس وهم هجي. آفيس ٽائيم ختم ٿيڻ کان پوءِ هوءَ سامان سهيڙي آفيس کان ٻاهر اچي ٿي ته سامهون رحمان تي سندس نظر پوي ٿي ته ڪترائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، پر رحمان سندس سامهون اچي بيهي ٿو.
”سنڌيا...! اچ مان توکي گھر ڊراپ ڪندو ٿو وڃان.“
سنڌيا جنهن گھڻن ڏينهن کان رحمان سان ڳالهائڻ جو موقعو پئي چاهيو، چپ چاپ اچي ساڻس گاڏي ۾ ويهي ٿي. ته رحمان گاڏي اسٽارٽ ڪري ٿو. هو حيران آهي ته اڄ سنڌيا بغير بحث ڪرڻ جي ڪيئن هن سان هلي آئي،
”اڄ تو مونسان گڏ هلڻ تي اعتراض نه ڪيو.“
”رحمان مونکي توهان سان ڳالهائڻو آ، مونکي گھر ۾ اڄ ڪلهه سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو ٿو پوي.“
موڊ خراب ڪندي، ”وري ساڳيو رينگٽ هوندو، ڪو رشتو آيو هوندو.“
سنڌيا چپ ٿي وڃي ٿي، ڪاوڙ مان،
”توکي جڏهن منهنجي فيصلي جي خبر به آهي ته پوءِ صاف انڪار ڇو نه ٿي ڪري ڇڏين.“
”رحمان مون توهان کي اڳ ۾ به چيو هو ته توهان منهنجي مائٽن کان منهنجو رشتو گھرو، پر توهان ٽاري ڇڏيو، هاڻي ته توهان به هڪ ڌيءُ جا پيءُ ٿي ويا آهيو، ڪنهن ٻئي جي نياڻي کي ايڏو پريشان........ “
رحمان سندس ڳالهه ڪٽيندي ڪاوڙ مان،
”تنهنجي منهنجي تعلق ۾ منهنجي ڌيءُ ڪٿان آئي، جڏهن تو مونسان دوستي رکي هئي ته ان وقت منهنجي ڌيءَ ته ڪونه هئي نه، پوءِ ان کي وچ ۾ آڻڻ جو مقصد.“
سنڌيا روئڻهارڪي ٿي وڃي ٿي،
”مان توهان جي ڌيءُ کي وچ ۾ ڪونه پئي آڻيان، ته پوءِ توهان مونسان شادي ڇو نه ٿا ڪيو، مان گھر وارن کي وڌيڪ ناراض ڪري نه ٿي سگھان.“
رحمان هڪ دفعو وري ڳالهه ٽارڻ جي انداز ۾ چويس ٿو:
”ڏس سنڌيا....! مان في الحال ان پوزيشن ۾ ناهيان ته کلئي عام توسان شادي ڪيان يا تنهنجو رشتو باقائده تنهنجي مائٽن کان گھران. ها اگر توکي مونتي اعتبار ناهي ته تون پنهنجي اطمينان لاءِ سيڪريٽ ميريج ڪرڻ لاءِ تيار هجين ته مان اهو ڪري سگھان ٿو.“
”سيڪريٽ ميريج.....! يعني گھر وارن ۽ پاڻ سان دوکو.... نه رحمان اهو مونکان نه ٿيندو.“
رحمان جيڪو ڪيئن به ڪري سنڌيا کي ماڻڻ چاهي ٿو هڪ دفعو ٻيهر داءُ پيچ آزمائيندي،
” سوچي وٺ، مريم جيڪا منهنجي ٻارن جي ماءُ آهي ان کي مان في الحال ڪنهن به اهڙي صورت حال ۾ الجھائڻ نه ٿو چاهيان، ڪجهه سالن کان پوءِ آهسته آهسته سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“
سنڌيا سوچ ۾ پئجي وڃي ٿي ته اهو قدم کڻڻ هن لاءِ مناسب ٿيندو، پر ان کان سواءِ ٻيو ڪو چارو به ته ڪونهي، گھر وارن کي بار بار انڪار به ته نه ٿي ڪري سگھان، ڪجهه وقت کان پوءِ آپا کي يا ڀاڀي کي اعتماد ۾ وٺي سڀ ڪجهه ٻڌائينديس.“
”جيڪڏهن توکي اهو فيصلو درست لڳي ته مان صبحاڻي آفيس ۾ توکي فون ڪندس، جيڪو تنهنجو فيصلو هجي ٻڌائجانءِ جيئن مان بندوبست ڪري وٺان.“
سنڌيا مئل آواز ۾ چوي ٿي ٺيڪ آ. سندس گھٽي اچي ٿي ته رحمان گاڏي بيهاري ٿو سنڌيا جيئن پنهنجي گھٽيءَ ۾ مڙي ٿي ته ان مهل شهربانو هٿ ۾ ڪجهه شاپر کنيو سهڪندي سامهون اچي ٿي اتفاق سان هن جي نظر سنڌيا تي نه ٿي پوي، رحمان کي ويندو ڏسي هٿ ڏئيس ٿي، رحمان کيس ڏسي پريشان ٿي وڃي ٿو ته اجھو ٿو جھيڙو مچي، هو هٿ پوئتي ڪري گاڏيءَ جو پويون در کولي ٿو، ته شهربانو نارمل انداز ۾ گاڏي ۾ ويهي در بند ڪري ٿي،
”ابا چڱو ٿيو جو تون اچي وئين، منهنجو ته ساهه ٿي ويو، صفا سهڪي پئي هئس.“
رحمان اطمينان جو ساهه کڻي ٿو،
”پر چاچي توهان کي ڪنهن چيو ته گھر کان ٻاهر نڪرو، جيڪڏهن گھٽي ڀلجي هيڏي هوڏي ٿي وڃو ته.....“
”بس ابا فواد اچي متو، ماٺ ئي نه پيو ڪري مريم چيو ته ٻاهر نڪري ڪنهن ويجھي دڪان تان ڪا شيءِ ملي ته وٺي اچان، ڳولهيندي ڳولهيندي هيستائين اچي ويس تڏهن هي شيون مليون آهن.“
”چاچي آئينده خيال ڪندا ڪيو.“
”ابا چوين سچ ٿو مُئي هن شهر جي ته هر گھٽي هڪ جهڙِي آ، ماڻهو مُنجھي ته سڄو ڏينهن پيو گھٽيون ڦري.“
ڳالهائيندي گھر اچي وڃي ٿو.



رات جي گھري اونداهي هر طرف ڇانيل آهي سڄي دنيا اگھور ننڊ ۾ آرامي آهي ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ڪمين ڪارئين يا غمن جا ماريل سڄاڳ آهن، سنڌيا به اڄ وري ننڊ کي ڪاوڙائي ڇڏيو آهي ۽ بيڊ تي ليٽي ڇت ۾ نهاري خبر ناهي ڇا تلاش ڪرڻ جي ناڪام سعي ڪري رهي آهي،
”مان ڪهڙي ڪُن ۾ اچي ڦاٿي آهيان جو نه ”جائي ماندن نه پائي رفتن“ جي مصداق نه هيڏا نهن جي نه هوڏانهن جي رهي آهيان، هوڏانهن رابي آپا منهنجي ڳالهه سمجھڻ لاءِ تيار ناهي ته ٻئي پاسي رحمان پنهنجي ڳالهه کي ڳنڍ ڏيو بيٺو آهي، وڃان ته وڃان ڪاڏي ،..... ٻئي طرف مظفر صاحب جي وڌندڙ بي تڪلفي ڪجھ ٻيو سمجھائي رهي آهي ، هو هڪ سلجھيل صاف سٿرو انسان آهي، ان جي بي تڪلفيء ۾ به هڪ احترام ۽ ادب جو انگ صاف ڏسڻ ۾ اچي ٿو پر هو هڪ آفيس ڪليگ کان ڪجهه وڌيڪ محسوس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ٿي سگھي ٿو منهنجو وهم هجي، مان غلط هجان .....ڪاش ...!رحمان کان پهرين مظفر سان ملي هجان ها. نه، نه مان اهو ڇا پئي سوچيان مظفر جي باري ۾، هن جو مونسان ڇا وڃي..... مون کي ته صرف رحمان جي فيصلي جي باري ۾ سوچڻ گھرجي . سوچيندي سوچيندي اک لڳي وڃيس ٿي.



ٻئي طرف مريم صبح جو سويل اٿي ويهي ٿي ته رحمان کانئس پڇي ٿو ته هوءَ ايترو جلدي ڇو اٿي آهي، هوءَ چويس ٿي ته سندس ناشتو ٺاهڻ لاءِ اٿي آهي ان تي حيران ٿي کلندي چويس ٿو،
”منهنجي لاڏلي بيگم کي اڄ منهنجي ناشتي جو فڪر ڪيئن ٿيو، تون آرام ڪر چاچي ٺاهي ڇڏيو هوندو.“
”نه، امان جي طبيعت رات کان ٺيڪ ناهي، اڄ تون آفيس نه وڃ، ڳوٺ وڃي مائي خانيءَ کي وٺي اچ ۽ زمينن جو چڪر به هنيو اچ، مان هاڻي بلڪل ٺيڪ آهيان.“
رحمان دل ئي دل ۾ خوش ٿي وڃي ٿو ته مريم پاڻ موقعو ڏنو آ پر مٿاڇري دل سان،
”تون چوين ٿي ته پوءِ جيئن تنهنجي مرضي، ناشتي کان پوءِ منهنجو بريف ڪيس تيار ڪر، مان آفيس فون ڪري اچان. مونکي اتي ڏينهن ٻه لڳي ويندا.“
رحمان فون ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪري وڃي ٿو ته مريم به اٿي ڪچن ڏانهن هلي وڃي ٿي.


رحمان پنهنجي ڪمدار سان زمينن تي پهچي ٿو ته ڪمدار پنهنجي نئين مالڪ جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ لٿل فصل ڏيکاري. ٿو هن کان پهرين به مراد خان سان هو ڪئي دفعا زمينون ڏسڻ آيو هو ليڪن اڄ هن جي چهري تي عجيب قسم جي چمڪ آهي،
”رئيس هن دفعي فصل تمام ڀلو ٿيو آهي، بٽئي توهان پاڻ ڪرائيندا يا سانئڻ...“
”نه ڪمدار بٽئي توهان پاڻ ڪرائجو اسان وٽ ايترو وقت ڪٿي آهي. جيڪو اسان جي حصي ۾ اچي اهو وڪرو ڪري رقم ڪراچي اچي ڏئي وڃجانءِ. مان اصل ۾ هڪ ٻئي ڪم جي ڪري آيو آهيان، ايندڙ فصل مان پاڻ ڪرڻ نه ٿو چاهيان.“
”سائين ڳڻتي نه ڪيو جيئن توهان چوندئو مان ائين ڪري وٺندس.“
”ڪمدار تو منهنجي ڳالهه ڪونه سمجھي شايد، مان ٽن سالن لاءِ زمينون مقاطعي تي ڏيڻ چاهيان ٿو.“
اهو ٻڌي ڪمدار کي حيرت وٺي وڃي ٿي، هن کان پهرين ته ائين ڪڏهن به ڪونه ٿيو هو، گھٽ يا وڌ مالڪ فصل پاڻ ڪندا هئا. نيٺ کائنس رهيو نه ٿو ٿئي،
”رئيس مقاطعي تي ڇو، توهان منهنجو اعتبار ڪيو، فصل مقاطعي کان وڌيڪ لهندو.“
اهو ٻڌي رحمان ٿورو تيز ٿي چوي ٿو،
”ڪمدار چاچيءَ شهر ۾ نئون بنگلو ورتو آ، منهنجي گاڏي به پراڻي ٿي وئي آهي اها به مٽائڻي آ، گھر جا خرچ وڌي ويا آهن ان ڪري مونکي هڪ ئي وقت گھڻي رقم جي ضرورت آهي.“
اهو ٻڌي هو مايوس ٿي وڃي ٿو. هنن سڀني جي روزي روٽي انهن زمينن سان ئي سلهاڙيل آهي نوان مالڪ الائي هنن کي هلائن يا پنهنجا ماڻهو آڻين. پر مالڪ جي آڏو هو ڪجهه ڪُڇي به نه ٿو سگھي،
”جيئن توهان جي مرضي..... منهنجي نظر ۾ هڪ پارٽي آهي، مان اڄ ئي نياپو ڪيان ٿو.“
”ها اڄ ئي چورائين ته مون سان اچي ملن، تون منشي کي چئي ضروري ڪاغذ پٽ تيار ڪرائي وٺجانءِ..... هاڻي گھر هلجي، ڏينهن تپي ويو آهي.“
ٻئي ڏينهن اوطاق تي رحمان مقعاطيدارن جو اوطاق تي انتظار پيو ڪري ساڻس گڏ ڪمدار ۽ ٻاهر وارو ملازم مولڻ موجود آهن ته ٻه اڌ وهي شهري نموني جا ماڻهو اندر اچن ٿا، رحمان اٿي کين هٿ ڏئي ڪرسين تي ويهڻ لاءِ چوي ٿو، ڪمدار هنن سان تعارف ڪرائي ٿو،
”رئيس...! هي سيٺ امام بخش ۽ رحيم بخش آهن، رئيس مراد خان جي وقت ۾ به آيا هئا زمين جي سلسلي ۾ پر رئيس چيو ته اسان پاڻ ڪنداسين، پر رب جي ڪرڻي فصل ۾ لابارو ئي ڪونه پيو ته رئيس اٿي هليو. توهان خيال ڏيکاريو ته مون کين نياپو اماڻيو، وڌيڪ پاڻ مالڪ آهيو.“
”ڪمدار اسان ٿياسين شهري ماڻهو مونکي خاص تجربو آهي ڪونه، سڄي قصي جي توهان کي ڄاڻ آهي ته پوءِ توهان ئي معاملا طيءِ ڪيو.........“
ڪجهه ئي دير ۾ سڀ معاملا طيءِ ٿي وڃن ٿا، سيٺيون رقم ادا ڪري ڪمدار کي پهرين وانگر زمينن جي سنڀال جو چئي روانا ٿي وڃن ٿا. ته رحمان اطمينان جو ساهه کڻي ٿو ته اهو مرحلو به خير خوبي سان پورو ٿي ويو. هن جي چهري تي هڪ پراسرار مرڪ اچي وڃي ٿي.



ٻئي ڏينهن مائي خاني سامان تيار ڪيو ويٺي آهي، ڍولڻ اداس اداس مائي خاني سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي. ”رئيس مراد خان ڇا ويو، حويليءَ کي ڄڻ تالو اچي ويو، رئيس به بٽئي ڪرايو فصل سيٺين کي وڪڻيو پيو ٿو وڃي.“
”بس ڍولڻ ڪنهن کي خبر هئي ته حويلي جو در ائين بند ٿي ويندو.“
”هاڻي اسان جو الائي ڇا ٿيندو، مان ۽ مولڻ هن عمر ۾ ڪهڙو ڪم ڪار ڪري سگھنداسين سڄي عمر هن گھر سان آندي سين، اسان جي وڏڙن به هن گھر جي خدمت ڪندي حياتيون ڏنيون.“
”الله وڏو آ، اهوئي سڀني جو آسرو آهي، دل نه لاهه مڙئي توهان ڀائرن جو بلو ڪندو....“
انهي وقت رحمان ڪمري مان بريف ڪيس کڻي ٻاهر اچي ٿو ته ڍولڻ ڊوڙي وڃي بريف ڪيس کانئس وٺي ٿو، رحمان خاني کي هلڻ لاءِ چوي ٿو ۽ ڍولڻ کي چوي ٿو ته سامان گاڏي ۾ رکرائي. ڍولڻ وڃڻ لڳي ٿو ته رحمان کيس چوي ٿو ته هو ۽ مولڻ حويلي ۽ اوطاق جي صفائي سٿرائي جو خيال رکن جيسيتائين چاچي اچي ان جو فيصلو ڪري، اهو ٻڌي ڍولڻ جيڪو ڪجهه دير پهرين پنهنجي مستقبل کان مايوس هو، ان جي اکين ۾ ڳوڙها تري اچن ٿا جيڪي پوتڙي جي پلاند سان اگھي ٿو ۽ اهو سوچيندو ٻاهر وڃي ٿو ته مائي خاني سچ چيو هو ته الله وڏو آ، اهوئي سڀني جو آسرو آهي.

شهربانو مائي خاني جي اچڻ تي ڏاڍي خوش آهي مائي خاني اچڻ ساڻ گھر جي ذميداري سنڀالڻ سان گڏوگڏ ماءُ ڌيءَ جي خدمت چاڪري ۾ جنبي وڃڻ ڪري ٻنهي جي مٿي جو وزن ئي گھٽجي ويو آهي. مائي خاني به هنن جي خدمت ڪندي ڏاڍي خوش آهي پر کيس هڪ شڪايت ضرور آهي، جيڪا شهربانو سان ڪندي چويس ٿي،
”جيجي..... هيڏي وڏي حاويلي ڇڏي هيتري ننڍڙي گھر ۾ ڪيئن ٿو گذارو ٿيئي، ساهه نه ٿو ٻوساٽجئي.“
”هي ته وري به وڏو آ ٿورو ڪي گھڻو اڱڻ به اٿس، جنهن گھر ۾ مريم وارا پهرين رهندا هئا اهو چار ماڙ هو ۽ ڏاڪڻون چڙهي چڙهي اڀساهي وٺي ويندي هئي تڏهن وڃي ٻي ماڙ تي پهچبو هو هر ماڙ تي هڪڙو گھر.“
خاني اهو ٻڌي وائڙي ٿي وڃي ٿي، شهربانو کيس ننڍڙيءَ کي ونهجارڻ لاءِ چوي ٿي.



شام جي وقت سنڌيا سامان سهيڙي پرس کڻي آفيس مان ٻاهر نڪري روڊ تي رڪشه، ٽيڪسي جو انتظار پئي ڪري، ڏهه پندرهن منٽ گذرڻ باوجود ڪا خالي سواري نه ٿي مليس، سندس منهن تي ٿڪاوٽ صاف نظر اچي ٿي، هڪ گذرندڙ ٽيڪسي کي هٿ ڏئي ٿي پر اها به بيهڻ جي بجاءِ سڌي هلي وڃي ٿي، ٻئي طرف مظفر آفيس مان نڪري پارڪنگ ۾ وڃي گاڏي ٻاهر ڪڍي ٿو ۽ تيزي سان روڊ طرف اچي سنڌيا جي ڀرسان گذري ٿو. سنڌيا جي مٿس نظر نه ٿي پوي، ليڪن مظفر سائيڊ شيشي مان کيس ڏسي وٺي ٿو ۽ گاڏي کي ٿورو بيڪ ڪري سندس سامهون اچي بريڪ هڻي ٿو، بي ڌياني ۾ سنڌيا جو هٿ اوڏانهن کڄي وڃي ٿو، پر مظفر تي نظر پوندي شرمسار ٿي وڃي ٿي.
”ميڊم ٽيڪسي حاضر آهي.“
”سوري سر.... مون بي ڌياني ۾ هٿ ڏنو.“
”تڪلف بلڪل نه، اچو..... مان توهان کي ڊراپ ڪندو ٿو وڃان.“
”نو سر....! ڪا نه ڪا ٽيڪسي، رڪشه ملي ويندي، مان هلي ويندس.“
”ميڊم...! يقين ڪريو مون کي ڪابه تڪليف نه ٿيندي، مان خود ان طرف ڪنهن ڪم سانگي پيو وڃان، توهان کي ڊراپ ڪندو اڳتي نڪري ويندس.“
سوچ ۾ پئجي وڃي ٿي هروڀرو ڪنهن کي تڪليف ڏيڻ مناسب ناهي، اچانڪ کيس اهو منظر ياد اچي وڃي ٿو جڏهن رحمان سان پهرين ملاقات به اهڙي سچوئيشن ۾ ٿي هئي.
”ڪهڙي سوچ ۾ گم ٿي ويوَ. يقين ڪيو مون کي توهان کي اغوا ڪرڻ جو ڪو پروگرام ناهي، هينئر تائين پهچي به وڃو ها.“
سنڌيا مجبوراً دروازو کولي گاڏي ۾ ويهي ٿي ته هو اڳتي وڌي وڃي ٿو. سنڌيا کي هن سان ائين سفر ڪندي عجيب لڳي رهيو آهي ان ڪري هوءَ چپ چاپ سامهون نهاري پئي، اهو ڏسي مظفر کان رهيو نه ٿو ٿئي،
”ميڊم...! توهان واقعي منهنجي گاڏيءَ کي ٽيڪسي سمجھي ويٺا آهيو ڇا..... ڪجهه ته ڳالهايو.“
”سوري سر....!“ ايتري ۾ سگنل اچي وڃي ٿو، مظفر گاڏي کي بريڪ هڻي ٿو، لائين ۾ کوڙساريون گاڏيون هڪ ٻئي جي پويان اچي بيهن ٿيون، سنڌيا جي نظر ڀر واري سائيڊ مرر مان هڪ گاڏيءَ تي پوي ٿي ته سندس منهن جو پنو ئي لهي وڃي ٿو، سگنل جو خيال ڪئي بغير، پهريون دفعو نالي سان مخاطب ٿيندي اٻهرائپ واري لهجي ۾، ”مظفر صاحب پليز.......! جلدي هلو، مونکي دير پئي ٿئي، گھر ۾ سڀ انتظار ڪندا هوندا.“
سنڌيا جي حالت ڏسي مظفر حيران ٿي وڃي ٿو کيس سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اچانڪ هن کي ڇا ٿي ويو آهي،
”ليڪن مِس.... سگنل بند آهي......“
سنڌيا شرمسار ٿي وڃي ٿي،
”اوه آءِ ايم سوري سر..... مونکي خيال ئي نه رهيو.“
مظفر هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي،
”اٽ از اوڪي... پر توهان اچانڪ ڇا ياد ڪري ايڏو پريشان ٿي ويا آهيو.“
”سر ڪجهه نه.... ڪجهه به ته ناهي.“
پرسنڌيا جون نظرون خوف وچان ٻاهر گھوري رهيون آهن ڀر ۾ بيٺل گاڏي جي ٻئي طرف رحمان گاڏي ۾ ويٺو آهي مظفر بار بار سنڌيا ڏي نهاري ٿو پر هوءَ الائي ڪهڙين سوچن ۾ گم پريشان حال ويٺي آهي. هن جي اهڙي ڪيفيت ته هن کان اڳ مظفر ڪڏهن به نه ڏٺي هئي، اهو ڏسي مظفر به حيران ٿيڻ سان گڏ پريشان به ٿي وڃي ٿو ته هن کي اوچتو ڇا ٿي ويو آ، هو سگنل کلڻ جو شدت سان انتظار ڪري رهيو آهي جيئن هو هتان نڪري سنڌيا کي هن ذهئي ڪيفيت کان آزاد ڪرائي سگھي، ان وقت سگنل به کلي وڃي ٿو ته هو اطمينان جو ساهه کڻندي،
”بس ميڊم هي ڏسو...! سگنل کلي ويو، هاڻي اجھو ٿا پهچون.“
اهو چئي گاڏي اڳتي وڌائي ٿو.
سنڌيا مظفر جي ڪيفيتن کان بيخبر بس صرف اهو سوچي رهي آهي ته جيڪڏهن رحمان هن کي مظفر سان گڏ ڏسي ورتو ته هو وڃي مظفر کي منهنجي ۽ پنهنجي نام نهاد فيانسي واري تعلق متعلق سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيندو ۽ هوءَ آفيس ۾ ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جي لائق نه رهندي، هن کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هوءَ ڇا ڪري، مظفر سندس اندروني ڪيفيت کان بيخبر گاڏي ڊرائيو ڪري رهيو آهي ته جيئن جلد کان جلد هن کي سندس گھر پهچائي. آخر هڪ اندر ويندڙ گھٽي جي سامهون گاڏي روڪي،
”سنڌيا ميڊم...! شايد توهان جي گھر وڃڻ واري گھٽي هي ئي آهي.“ سنڌيا خيالن جي دنيا مان ٻاهر اچي شرمسار ٿي وڃي ٿي، گاڏي مان لهندي،
”ٿينڪس سر...! مون توهان کي تڪليف ڏني.“
سندس ان رويي تي مظفر کلي ڏئي ٿو،
”نو.... نو ٿينڪس.... پر آئينده مونکي ٽيڪسي ڊرائيور نه سمجھجو.... احتياط رهي، اوڪي....“
”اوڪي“ چئي سنڌيا گليءَ ۾ مڙي وڃي ٿي مظفر گاڏي اسٽارٽ ڪري ٿو ته ان وقت رحمان به گاڏي سندس ڀرسان اچي گليءَ ۾ موڙي ٿو فرق صرف ايترو ٿئي ٿو ته هو سنڌيا کي مظفر جي گاڏي مان لهندي نه ٿو ڏسي پر جيئن هو گھٽي ۾ داخل ٿئي ٿو سندس نظر سنڌيا تي پوي ٿي جيڪا تيز تيز قدم کڻندي پنهنجي فليٽ ڏانهن وڃي پئي، هو هارن ڏئي کيس متوجه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر هوءَ هارن جو آواز سمجھڻ باوجود ته سندس پويان رحمان جي گاڏي پئي اچي، خوف وچان پنهنجي فليٽ وٽ پهچي جلدي ۾ فليٽ جون ڏاڪڻيون چڙهڻ لڳي ٿي. رحمان جي چهري تي عجيب قسم جا تاثرات ڦهلجي وڃن ٿا، کيس سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته سنڌيا هن کي ائين نظر انداز ڪري تڪڙي ڇو مٿي هلي وئي جو مڙي به نه ڏٺائين. هو سوچڻ لڳي ٿو ته سنڌيا کي اڄ الائي ڇا ٿي ويو آهي يا ته شادي لاءِ ضد پئي ڪيائين يا وري ائين نظر انداز ڪري هلي وئي. خير چڱو ٿيو ٻه ٽي ڏينهن اها بلا ته ٽري. سندس چهري تي مڪارانه مرڪ اچي وڃي ٿي.
سنڌيا گھر پهچي ٿي ته سندس منهن لٿل آهي پيءَ کي سلام ڪري تڪڙا قدم کڻندي پنهنجي ڪمري ڏانهن وڌي وڃي ٿي ڪومل ۽ شوڪت علي حيراني سان هڪ ٻئي ڏي ڏسن ٿا ۽ شوڪت ڪومل کي اشاري سان هن جي پويان وڃڻ لاءِ چوي ٿو. پر ڪومل کيس چوي ٿي ته بابا ٿوري دير رليڪس ڪرڻ ڏيوس، شوڪت کيس وري چوي ٿو ته هوءَ کيس ڏسي ڪٿي طبيعت ته خراب نه اٿس، ڪومل مجبوراً اٿي هن جي ڪمري ڏانهن وڃي ٿي، اتي وڃي سندس پريشاني وڌي وڃي ٿي، سنڌيا اونڌي منهن ليٽي پئي آهي، سندس سڄو جسم لرزي رهيو آهي ۽ زارو قطار روئي رهي آهي. ڪومل کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هوءَ ان سچوئيشن کي ڪيئن هينڊل ڪري متان هوءَ پنهنجي ذاتي زندگي ۾ هن جو دخل انداز ٿيڻ پسند نه ڪري، پوءِ به همت ڪري سندس ڀر ۾ ويهي هن جي وارن ۾ هٿ ڦيري ٿي. سنڌيا وارن تي هٿ جو لمس (ڇهائو) محسوس ڪري سڏڪندي سڏڪندي سڌي ٿي وڃي ٿي، ڪومل سندس مٿو پنهنجي هنج ۾ رکي ٻارن جيان سندس وارن کي سنواري ٿي ۽ ٿوري دير لاءِ کيس روئڻ ڏئي ٿي.
”ڇا ڳالهه آ سنڌيا تون اڄ وري ايڏو پريشان ٿي وئي آهين، پنهنجي اندر جو اوٻر ٻاهر نه ڪڍندينءَ ته مان ڪيئن سمجھنديس ته توکي ڪهڙو ڏک آهي، جنهن توکي ائين نهوڙي وڌو آ.... منهنجي ڀيڻ ڪجهه ته چئو.“
اهو ٻڌي سنڌيا پاڻ تي ضبط ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي،
”ڪجهه ناهي، اصل ۾ رستي تي هڪ درد ناڪ واقعو ڏسي بس دل ڀرجي آئي.توهان هروڀرو پيا پريشان ٿيو.“
ڪومل سوچي ٿي ته عجيب ڇوڪري آ اندر ئي اندر ڪڙهي رهي آ پر ٻڙڪ ئي ٻاهر نه ٿي ڪڍي ائين پنهنجي درد کي اندر ئي اندر سانڍي هيءَ ته مري ويندي، وري به کيس آٿت ڏيندي،
”چڱو هاڻي رليڪس ٿي. هيءَ ڌرتي درد ناڪ واقعن سان ڀري پئي آهي ڪنهن کي روئي ڪنهن کي روئنداسين. اٿي منهن ڌوئي ٻاهر اچ بابا سائين پريشان ٿي ويا آهن.“
ڪومل کيس اڪيلو ڇڏي ٻاهر نڪري وڃي ٿي، هوءَ سوچي ٿي ته رکي رکي کيس اهو ڇا ٿو ٿي وڃي، ائين ته هوءَ سڀني گھر وارن کي پريشان ۽ بيزار ڪري وجھندي. جيڪڏهن رحمان کيس مظفر سان ڏسي به ورتو ته ڀلا ان ۾ ڊڄڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي هو سندس ڪليگ آهي آفيس ۾ گڏجي ڪم ڪن ٿا. ميل ملاقات ته ٿيندي رهندي، جيڪو ٿيندو ان کي ڏسي وٺبو. اٿي منهن ڌوئي ٻاهر نڪري وڃي ٿي.
هوڏانهن مظفر اڄ جي سڄي صورت حال تي پنهنجي ڪمري ۾ ويٺو سوچي رهيو آهي، ”سنڌيا ڪيڏي نه سوبر ۽ رک رکاو واري ڇوڪري آهي هن ۾ اڄ جي ماڊرن، فيشن ايبل ۽ پڙهيل ڇوڪرين واري ڪابه ڳالهه ناهي، هر ڪنهن سان مدلل، سنجيده ۽ ضرورت آهر گفتگو ڪندي ماڻهوءَ جي دل موهي وٺندي آهي.... ڪاش....! هوءَ منهنجي جيون ۾ شامل ٿي سگھي، مان هن سان پنهنجي دل جي ڳالهه ڪري سگھان ٿو.؟ ڇو ڪونه جي هن کي ڳالهه پسند نه آئي ته....؟ پوءِ ڇا ٿي پيو، مونکي افسوس ته نه رهندو ته مون هن سان دل جي ڳالهه نه ڪئي.... مان صبحاڻي بهاني سان پنهنجي دل جي ڳالهه ساڻس شيئر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، لڳي ٿو ته منهنجي دل ۾ هن لاءِ سافٽ ڪارنر جڙندو پيو وڃي.... ڀلا هن کي منهنجي زندگيءَ ۾ شامل ٿيڻ ۾ ڪهڙو اعتراض ٿي سگھي ٿو.“ اهو سوچي اطمينان سان اٿي ٿو ۽ ڪمري کان ٻاهر نڪري وڃي ٿو.