ناول

اداس راھون مان تنھا

محترمہ ايس نرگس حق ادب جي اهڙي خدمتگار آهي، جيڪا سنجيدگيء سان پنھنجي قلم کان ڪم وٺي رهي آهي ۽ سنڌي ادب ۾ پنھنجو حصو مَنَ جي سچائيء سان شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ناول بابت محترمہ ايس نرگس لکي ٿي تہ ھن ناول جي ڪھاڻيءَ جو اسڪرپٽ 52 قسطن ۾ لکي ٽي وي ناٽڪ لاءِ پروڊيوسر وٽ کڻي ويس، ڊرامي جي ايپروئل پڻ ملي پر پوءِ چار سال لڳي ويا ۽ ڊرامو نہ ٺھيو. آخرڪار ان کي ناول جو روپ ڏئي ڇپايو ويو.

Title Cover of book اداس راھون مان تنھا

1

صبح جي ٿڌڙي ٿڌڙي هير گھلي رهي هئي زندگي رات جي اگھور ننڊ مان آهسته آهسته ڪر موڙي سڄاڳ ٿي رهي هئي، سورهن سترهن سالن جي سنڌيا به اڀرندڙ جواني جا ڪر موڙي پنهنجي آرامده بستري تي سستي وچان پاسا ورائي رهي هئي ڄڻ دل ئي نه پئي ٿيس ته اٿي ڪاليج وڃڻ جي تياري ڪري، انهي مهل سندس وڏي ڀيڻ رابعه ڪمري ۾ اچي کيس چوڻ لڳي:
”سنڌيا مان اسڪول پئي وڃان منهنجي بس جو ٽائيم ٿي ويو آهي تون اڃان سمهي پئي آهين، ڪاليج وڃڻو ڪونه ٿئي ڇا؟“
سنڌيا اوٻاسي ڏيندي سڌي ٿي بيڊ تي ويهي رهي ٿي، ڀيڻ کي تيار ٿيل ڏسي کيس لاڏ مان چوڻ لڳي:
”آپا اڄ ته اٿڻ تي دل ئي نه پئي چوي سوچيان پئي ته ڪاليج جي ڇٽي ڪيان.“
رابعه اهو ٻڌي چڙي پوي ٿي ۽ چڙ مان کيس چوڻ لڳي:
”ڇا ٿيو آ توکي ايڏي سستي به نه ٿي ٺهي، اجهو ٿي سنيتا اچي، اها اڪيلي ته ڪاليج ڪونه ويندي نه، جلدي ڪر مون ناشتو ٺاهي ڇڏيو آ تون ڪري وٺجانءِ ۽ بابا کي به ڪرائي پوءِ ڪاليج لاءِ تيار ٿي وٺجانءِ.“
سنڌيا سورهن سترهن سالن جي ورهين جي خوبصورت الهڙ ناري خماريل نيڻن سان ڀيڻ ڏي نهاريو ۽ پلنگ تان اٿڻ لڳي ته سندس ڊگھا ڪارا واسينگ جهڙا وار کلي سندس ويڪرن ڪلهن تي پکڙجي ويا ۽ انهن جا هيٺيان سِرا هن جي چيلهه کي ڇهي رهيا هئا، گھاٽن گھنگھور گھٽائن جهڙا وار سندس خوبصورت گلابي چهري جي چئوگرد ائين ڦهلجي ويا هئا ڄڻ چوڏهين جو چنڊ بادلن جي اوٽ مان جھاتي پائي رهيو هجي. سُستي وچان پنهنجا نرم گلابي پير سليپر ۾ وجھي اُٿي باٿ روم ڏانهن وڃڻ لڳي ٿي، ڀيڻس جون پيار ڀريون نظرون سندس پيڇو ڪن ٿيون ۽ پوءِ هوءَ مسڪرائي شولڊر پرس کڻي ڪمري کان ٻاهر نڪري وڃي ٿي. سنڌيا هٿ منهن ڌوئي جلدي جلدي ٻاهر اچي ٿي ۽ ڪچن مان ٽري ۾ ناشتو کڻي ٻاهر لائونج ۾ رکيل ميز تي رکي ٿي جتي سندس بابا شوڪت علي جيڪو اخبار پڙهي رهيو آهي سنڌيا تي هڪ نظر وجهي اخبار پري ڪري رکي ٿو.
”اٿي وئي منهنجي ننڍڙي ڌيءَ.“
سنڌيا شرمائيندي پيءُ کي ڏسي چوي ٿي:
”بابا مان هاڻي وڏي ٿي وئي آهيان سيڪنڊ ايئر جي اسٽوڊنٽ آهيان ۽ توهان اڃا مونکي ننڍڙي ڌيءَ پيا چئو.“
شوڪت علي مسڪرائيندي چوي ٿو:
”تون ته هونءَ به سڀني کان ننڍڙي آهين ۽ والدين لاءِ ته ٻار ڪڏهن به وڏا ناهن ٿيندا، توهان جي ماءُ، کيس خدا جنت ۾ جايون ڏئي، جي گذاري وڃڻ کان پوءِ جڏهن تون اڃان ٻن سالن جي هئينءَ رابعه ۽ احمد به ننڍڙا هئا رابعه ته اڃان ٽئين ڪلاس ۾ پڙهندي هئي ان وقت کان مون توهان کي ماءُ بنجي پاليو آهي ته پيءُ جي ذميداري به نڀائي آهي، تون جهڙي سٻاجھي هئينءَ اهڙي ضدي به هئينءَ ڳالهه ڳالهه تي ضد ڪندي هئينءَ تڏهن تنهنجي پاڙي واري خاله زهره پاڙيسرڻ جا فرض خوب نڀائيندي توکي کڻي وڃي ريجھائيندي هئي ڪڏهن سيرو پوري پئي تنهنجي لاءِ ٺاهيندي هئي ته ڪڏهن ڪُٽي ڀوري پئي کارائيندي هئي، ويچاري اسان سان اڄ ڏينهن تائين نڀائيندي پئي اچي.“
سنڌيا غور سان پيءُ جون ڳالهيون ٻڌي پئي،
”ها بابا خاله اسان کي اميءَ جي ڪمي محسوس ٿيڻ ئي نه ڏني آهي، چڱو هاڻي ناشتو ڪري وٺو آفيس به ته وڃڻو اٿوَ نه.“
انهي وقت سندس ڀاءُ احمد به تيار ٿي ڪمري ۾ اچي ڊائننگ ٽيبل تي ويهي ڀيڻ کي شرارت سان ڏسي،
”سست ڇوڪري ساڙي آئينءَ نه منهنجو اوڦراٽو“
سنڌيا ويچارا ڪڍندي،
”ساڙي آئيءَ. نه مون ڪونه پچائي آ ماني، آپي پچائي وئي هئي.....“
شوڪت علي ٻنهي کي پيار ڀرين نظرن سان ڏسي چوي ٿو:
”شروع ٿي ويا صبح مردان سان...... جلدي ڪري ناشتو ڪري وٺو ته سڀڪو نڪري ڪم ڪار سان.“
دروازي ڏانهن نهاريندي، ”اڃان سنيتا ڪونه آئي آ.“
”بس ايندي هوندي اڄ پهريان ٻه پيرڊ فري آهن نه، ٿورو دير سان وينداسين.“
شوڪت علي تنبيهه ڀرئي انداز مان:
”بابا ڪاليج ٽائيم تي ويندا ڪيو ته اسان کي به اطمينان ٿئي، نه ته الڪو ئي رهندو ته الائي سواري ملي الائي نه.“
انهي مهل سنيتا اندر اچي ٿي، سنيتا اندر ايندي ئي شوڪت علي کي سلام ڪري ٿي، ”نمستي انڪل.“
شوڪت علي پاٻوهه مان چوي ٿو:
”نمستي ڌيءَ خوش آهين نه، اچ چانهن پيءُ.“
”نه انڪل مان ناشتو ڪري آئي آهيان، هونءَ به مان شام جي چانهه توهان سڀني سان ته پيئندي آهيان.“
سنيتا ڀرسان واري بلڊنگ ۾ رهندڙ هندو فيملي جي ڇوڪري آهي جيڪا سنڌيا سان ننڍپڻ کان وٺي کيڏي وڏي ٿي آهي ٻئي گڏجي پڙهيون آهن سنيتا جي عادت آهي ته اسڪول ٽائيم کان پوءِ پاڙي جي ڪجهه ڄاڻ سڃاڻ وارن گھرن ۾ ٿوري ٿوري دير لاءِ چڪر هڻندي آهي ڏهن پندرهن منٽن کان وڌيڪ ڪٿي به نه ترسندي آهي، ڪٿي چانهه پيتائين ڪٿي بسڪيٽ کاڌائين، هرڪو سندس انتظار ڪندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن ڪنهن جي گهر ڪنهن سبب جي ڪري نه وئي ته به کائنس ڪا شڪايت نه هوندي آ. هر ڪنهن جي ڪم اچڻ واري سنيتا سنڌيا جي پڪي سهيلي آهي، هر ڳالهه هر ڏک سک هڪ ٻئي سان اورينديون ۽ ونڊينديون آهن گڏجي اسڪول ۽ پوءِ ڪاليج وڃڻ سندن معمول رهندو آيو آهي. سنڌيا جلدي جلدي نيرن ڪري ٿي، سنيتا کيس ڏسي پڇي ٿي،
”ڇو اڃان ڪاليج لاءِ تيار ناهين ٿي، اڃان ته تنهنجي نيرن پئي ٿئي.“
سنڌيا ڪرسي تان اٿندي،
”بس سنيتا الائي ڇو اڄ اک ئي نه کلي اهو به آپيءَ اچي اٿاريو نه ته اڃان ستي پئي هجان ها، بس ويهه مان اجھو ٿي تيار ٿي اچان، نه ته منهنجي ڪمري ۾ اچ. ٻئي اٿي ڪمري ڏانهن وڃن ٿيون سنڌيا يونيفارم الماري مان کڻي باٿ روم ۾ چينج ڪري ٻاهر اچي ٿي وارن کي ڦڻي ڏئي آئيني ۾ هڪ نظر پاڻ تي وجھي بيگ کڻي سنيتا سان گڏ ٻاهر اچي ٿي جتي شوڪت ۽ احمد تيار بيٺا آهن سڀئي گهر کي لاڪ ڪري پنهنجن پنهنجن منزلن ڏانهن روانه ٿي وڃن ٿا.


احمد علي بي ايس سي فائينل جو اسٽوڊنٽ ۽ سنڌيا، رابعه جو ڀاءُ بس مان لهي واڪ ڪندو ڪاليج ڏانهن وڃڻ لڳو ته رستي ۾ سندس دوست ڪاشف ساڻس ملي ٿو ٻئي حال احوال اوريندا ڪاليج ڪيمپس ڏانهن وڃن ٿا.
”يار احمد ڏسڻ ۾ ئي ڪون ٿو اچين ايترو بِزي آهين ڇا.“
احمد چوي ٿو:
”ها يار توکي ته خبر آ بي ايس سي جي پڙهائي ڪيڏي نه ٽف آ. ٿيوري ڪلاسز کان پوءِ شام تائين پريڪٽيڪل هلن ٿا ايتري دير ٿي ويندي آ جو ڪنهن ٻئي پاسي ڏسڻ جو موقعو ئي ناهي ملندو، توهان ڪامرس وارن جا ته مزا آهن.“
ڪاشف کلندي چوڻ لڳو، ”تڏهن ته مون بي ايس سي نه ڪئي.“
”تڏهن ته چيم نه ته توهان جا ٺٺ آهن. هوڏانهن اسان جو ڪيمسٽري وارو ٽيچر آ نه سڄو سال ڪلاس نه وٺي ۽ اگزامس ائين وٺندو ڄڻ پڙهائي پڙهائي دنگ ڪري ڇڏيا اٿائين، ان ڏينهن رحيم ته صفا چڙي پيس جڏهن چيائين ته ليب مان اچي ڪيمسٽري جو پريڪٽيڪل جنرل وٺي وڃجانءِ.“
ڪاشف حيران ٿي،
”ته پوءِ ڀلا ان ۾ چڙڻ جي ڪهڙي ڳالهه آ، جنرل ته وٺڻو هوس نه.“
”يار تون ته صفا ڪو ڀوڪ بصر آهين سمجھين ڇو ڪون ٿو، ٻن ڏينهن کان پوءِ پريڪٽيڪل اگزيم آهي سڄو سال ورڪ آئوٽ نه ٿيو ته ٻن ڏينهن ۾ ڪهڙو ٿيندو ڇا ٻن ڏينهن ۾ جنرل ٺهي سگھي ٿو، اهو به ڪمائڻ جو طريقو آ.“ احمد چڙي ٻڌائي ٿو.
”ڪمائڻ جو طريقو آ اهو ڀلا ڪيئن، يار ڇو پيو ڳجهارتن ۾ ڳالهائين.“ ڪاشف وڌيڪ حيران ٿئي ٿو.
”هاڻي منهنجو پارو نه چاڙهه، اهو ائين ته هاڻي توهان فريش جنرل خريد ڪيو ٻن ڏينهن کان پوءِ ليب ۾ خالي جنرل جمع ڪرايو جيڪو وري ٻئي دفعي وڪرو ٿي سگهي.“
احمد تفصيل سان ڪاشف جي گوش گذار ڪري ٿو.
”واه جي ڳالهه ٻڌايئي، ليڪن يار اها ته وڏي زيادتي آ اسٽوڊنٽ سان، پوءِ پرنسيپال آڏو احتجاج ڇونه ٿا ڪيو.“ڪاشف پڇي ٿو.
”يار توکي خبر ناهي، پريڪٽيڪل جون اڌ مارڪون انٽرنل جي هٿ ۾ هونديون آهن. احتجاج ڪري ڪير پنهنجي ٻيڙي ٻوڙيندو، بس خدا ڪري ته پاس آئوٽ ٿي وڃون. تون ٻڌاءِ ڪاليج ڪيئن اچڻ ٿيو، توهان جا اگزيم ته پورا ٿي ويا.
”ها يار آيو هوس اپيئرنس سرٽيفڪيٽ وٺڻ، هڪ هنڌ جاب لاءِ اپلاءِ ڪيو هوم اتي جي لاءِ ضرورت آ، چڱو مان هلان ٿو.“
احمد به ٽائيم ڏسي،
”ٺيڪ آ يار مان به هلندس سيڪنڊ شفٽ ۾ منهنجو زوولاجي جو پريڪٽيڪل آ.“ ٻئي دوست موڪلائن ٿا هڪ طرف شاگردن جو هجوم آ احمد اوڏانهن وڌي وڃي ٿو.


آسمان تي سج پنهنجي آب و تاب سان چمڪي رهيو هو، اپريل ۽ مئي جا مهينا ڪراچي لاءِ هونئن به سخت گرمي وارا هوندا آهن، روڊن رستن تي ڪٿي مينگو شيڪ، ڪٿي رنگ به رنگي شيشي جي بوتلن ۾ شربت ۽ برف جون ناديون لڳايو گاڏن تي گولي ڳنڍي وارا ته ڪٿي ڏنڊي ڪونڊي ۾ ٿاڌل جي گهوٽ گهوٽان جي ڪشش، گرمي جي ستايل ماڻهن کي ڇڪي اچي انهن گاڏن جي ويجھو ڪندي آهي، کيسا خرچ جو بار نه سهڻ باوجود به سُڪل نڙيون اوڏانهن ڇڪجي اچي پنهنجي پنهنجي حيثيت آهر گلاس اڌ وٺڻ تي مجبور ڪنديون آهن، ان ڪري گرمي جي موسم ۾ انهيءَ ڪاروبار وارن جا وارا نيارا لڳا پيا هوندا آهن، خاص ڪري مجهند جي وقت ڪاليجن ۽ اسڪولن مان موٽندڙ شاگرد ۽ انهن کي وٺڻ لاءِ ايندڙ مائٽ انتظار ڪندي ضرور اتي پهچي پنهنجي اڃ اجھائيندا آهن.
هر طرف گهما گهمي جو ماحول آهي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي موڪل ٿي آهي. هر طرف گاڏين جا هارن ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جا انبوه رستن تي پنهنجي پنهنجي سواري جي ڳولها ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهاري گهربل سواري ڏسي اتي پهچي سوار ٿي گھرن ڏانهن روانا ٿين ٿا، سنيتا ۽ سنڌيا به ڪاليج جي گيٽ مان نڪرن ٿيون،گرمي سبب سندن چهرا پگھر ۾ شل، منهن تي ٿڪاوٽ، هيڏانهن هوڏانهن نهاري رستو پار ڪري اچي بس اسٽاپ تي بيهن ٿيون جتي هر ماڻهو اُس ۽ گرمي کان بچڻ لاءِ اسٽاپ جي ڇت هيٺان پهچڻ جي ڪوشش ۾ آهي جيئن گهربل بس اچڻ تائين ٿوري دير لاءِ پگھر ئي سڪائي سگهي، سنيتا ۽ سنڌيا به بيزاري سان روٽ بس جو انتظار ڪندي پاڻ ۾ ڳالهائي رهيون آهن، بسون اچن ٿيون ۽ ان روٽ تي ويندڙ ٻه چار ماڻهو سوار ٿين ٿا ۽ بس رواني ٿي وڃي ٿي، انهي وقت هڪ ڳاڙهي رنگ جي ننڍي ڪار بس اسٽاپ جي سامهون آهسته رفتار سان اتان گذري ٿي هڪ ستاويهن اٺاويهن سالن جو نوجوان گاڏي ڊرائيو ڪري رهيو آهي بس اسٽاپ وٽان گذرندي هو گاڏيءَ جي رفتار کي اڃان به هلڪو ڪري هڪ نظر اتي بيٺل ماڻهن تي وجھي ٿو، اچانڪ سندس نظرون سنڌيا ۽ سنيتا ڏانهن کڄي وڃن ٿيون، هڪ سرسري نگاهه مٿن وجهي ٿو ۽ ڪار جي رفتار کي وڌائي اڳتي نڪري وڃي ٿو. سنڌيا ۽سنيتا به سندس ان حرڪت کي محسوس ڪن ٿيون، سنيتا جيڪا سنڌيا سان گھڻي هجائتي آهي شرارت مان کيس ڇيڙي ٿي.
”ڏٺئي هن ڳاڙهي ڪار واري کي، ڪيئن پيو توکي گھوري گھوري نهاري“ سنڌيا سندس مسخري کي سمجهي وڃي ٿي ۽ سندس ئي لفظ ڏانهنس موٽائيندي چوي ٿي:
”مون کي ڇو، بيٺا ته اسان ٻئي گڏ آهيون توکي به ته ڏسي سگهي ٿو.“
”اهڙي خوبصورت، نازڪ نازڪ سنڌيا جي اڳيان ڀلا اسان جي دال ڪٿي ٿي ڳري.“ سنيتا کيس وڌيڪ چيڙائي ٿي.
”ڇڏ يار ڳولهيندو هوندو پنهنجي ڪنهن ڄاڻ سڃاڻ واري کي هروڀرو ان ڳالهه کي ڇو پيا اهميت ڏيون.“
سنڌيا بيزار ٿي گهڙي ڏسي ٿي.
”ٻه پيا ٿين اڃان اسان جي روٽ بس نه آئي آ الائي ڇو... جي اهوئي حال رهيو نه، ته پاڻ ته هتي بسن جو انتظار ڪندي ڪندي پنڊ پهڻ ٿي وينداسين.“
انهي وقت سڀئي ماڻهو سامهون ايندڙ بس ڏانهن نهارن ٿا ۽ سنيتا ۽ سنڌيا به تياري وٺن ٿيون بس اچي ٿي سڀ جلدي جلدي سوار ٿين ٿا بس ۾ پيهه پيهان لڳي پئي آهي بيهڻ جي به جاءِ ناهي ماڻهو هڪ ٻئي جي مٿان ڄڻ سٿيا پيا آهن. هي ٻئي به پاسڙو وٺي هڪ سيٽ جي پٺيءَ کي پڪڙي بيهي رهن ٿيون ٿوري دير کان پوءِ سندن گهر جو اسٽاپ اچي ٿو ته سڪون جو ساهه کڻي جلدي جلدي هيٺ لهن ٿيون ۽ پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن روانيون ٿين ٿيون.


شام جي وقت سنڌيا پنهنجي ڪمري کان ٻاهر نڪري ٿي شوڪت علي ۽ رابعه چانهه پي رهيا آهن سنڌيا به ڪٽلي مان چانهه ڪوپ ۾ لاهي پيئندي رابعه کي چوي ٿي ته:
”آپي مون کي ڪجهه شاپنگ ڪرڻي آهي توهان مون سان گڏ هلي سگهو ٿيون“
شوڪت علي کيس ڏسندي وڏي ڌيءَ کي چوي ٿو ته هوءَ ڀيڻ سان گڏجي شاپنگ ڪري اچي. رابعه سستي وچان چوي ٿي:
”بابا اڄ ايڏي گرمي آ جو ڪيڏانهن نڪرڻ تي دل ئي نه ٿي چوي، سنڌيا ڀلا اڄ هلڻ ضروري آ ڇا؟“
”آپي اسان جي انٽر جي فيئرويل پارٽي آ نه، ان لاءِ مون کي ڊريس وٺڻي آ ۽ ڪجهه بوڪس به وٺڻا آهن، هلو ٿا ته ٺيڪ آ نه ته ڪنهن ٻئي ڏينهن ئي سهي،“
شوڪت علي وچ ۾ مداخلت ڪري ٿو،
”گرمي ته هي سڄو مهينو هلندي، رابعه پٽ گڏجي وڃينس.“
کيسي مان پئسا ڪڍي کين ڏئي ٿو، ”هي وٺو ٻئي ڀينرون ڪجهه وٺي اچجو، ٿي اچو وڃي.“
رابعه پيءُ کان پئسه وٺندي.
”بابا احمد به اڃا ڪون آيو آ توهان اڪيلا بور ٿيندا.“
”اجهو ٿو احمد اچي توهان وڃي چڪر هڻي اچو.“
سنڌيا چانهن جا ڪوپ کڻي سامهون ڪچن ۾ رکي ٿي، ۽ ٻئي ڀينرون تيار ٿي شاپنگ لاءِ نڪري وڃن ٿيون. ٽيڪسي ڪري شاپنگ سينٽر پهچي ضروري شاپنگ ڪن ٿيون گرمي به اڄ پنهنجي شدت ڏيکاري رهي آ رابعه سخت ٿڪاوٽ محسوس ڪري ٿي، ڀيڻ کي ڏسي جيڪا پڻ ٿڪل ٿڪل لڳي رهي آ، پگهر جون بوندون سندس نراڙ کان اکين ڏانهن وهي رهيون آهن. کيس ڏسي رابعه چوي ٿي:
”چيو هيو مانءِ ته اڄ ڏاڍي گرمي آ، ڏس ڪيڏي ٿڪجي پئي آهين، هو ڏس سامهون ڪولڊ ڪارنر، هل ته هلي جوس ٿا پيون، ڏاڍي اڃ پئي لڳي.“
ڀيڻ سان سهمت ٿيندي سنڌيا به هن سان گڏ سامهون واري ننڍڙي ريسٽورينٽ نما ڪولڊ ڪارنر ڏي وڌي ٿي، جتي ڪجهه ننڍڙيون چيئرز رکيل آهن ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو جوس، آئيسڪريم وغيره سان شغل ڪري رهيا آهن ٻئي ڀينرون هڪ ڪنڊ ۾ رکيل ڪرسين تي ويهي جوس آرڊر ڪن ٿيون. ٿوري دير ۾ ويٽر جوس کڻي اچي ٿو ٻئي آهسته آهسته جوس جون سرڪيون ڀري پاڻ کي فريش ڪرڻ ۾ مصروف آهن ته ان وقت اتي هڪ اڌڙوٽ وهي عورت هڪ پندرهن سورهن ورهين جي خوبصورت ڇوڪري اندر اچن ٿيون سندن پويان هڪ جوان سال مرد آهي سڀ ٿڪل لڳي رهيا آهن هڪ ميز تي ويهي آئيسڪريم جو آرڊر ڏين ٿا، اچانڪ سنڌيا جون نگاههون اوڏانهن کڄي وڃن ٿيون حيران ٿي دل ئي دل ۾ سوچي ٿي،
”مون هن شخص کي ڪٿي ڏٺو آهي، پر ڪاٿي ياد نه ٿو اچي،“ ذهن تي ٿورو زور ڏئي ٿي ته کيس ياد اچي وڃي ٿو ته هي ته اهو ساڳيو ڳاڙهي گاڏي وارو آهي جيڪو بس اسٽاپ تي ڪنهن کي ڳولهي رهيو هو. انهي وقت ان شخص جي نگاهه به سنڌيا ۽ رابعه تي پئجي وڃي ٿي ۽ هڪ ٽڪ سنڌيا کي گهورڻ لڳي ٿو. ان وقت سنڌيا کي به محسوس ٿئي ٿو ته ڪو شخص کيس گھوري رهيو آهي، اهو محسوس ڪندي ئي سندس ڳل ڳاڙها ٿي وڃن ٿا شرم وچان اکيون جھڪي وڃن ٿيون، کيس سنيتا جي چيل ڳالهه ياد اچي وڃي ٿي، پريشان ٿي ڪڏهن ڀيڻ کي ۽ ڪڏهن سامهون ويٺل شخص کي چور نگاهن سان ڏسي ٿي. ان ماڻهو جي نظر سندس چهري تان هٽي ئي نه ٿي، جيڪا سنڌيا کي وڌيڪ پريشان ڪري ڇڏي ٿي. رابعه ڀيڻ جي ان ڪيفيت کان بيخبر مزي مزي سان جوس مان لطف اندوز ٿي رهي آهي، سنڌيا جلدي جلدي جوس ختم ڪري ڀيڻ کي چوي ٿي:
”آپي توهان جو جوس ختم ٿي ويو ته گھر هلون بابا ۽ احمد انتظار ڪندا هوندا.“
رابعه گلاس رکي پئسه ڪڍي پئمينٽ ڪري ٿي.
”ها هل، بس ۾ به اڌ ڪلاڪ لڳي ويندو.“
ٻئي ڄڻيون ڪولڊ ڪارنر کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ ان ميز جي ڀرسان گذرن ٿيون ته ان شخص جون نگاهون سندن پيڇو ڪن ٿيون ان ميز تي ويٺل عورت شمسه جيڪا ان مرد جي وڏي ڀيڻ ۽ نوجوان ڇوڪري نجمه جي ماءُ آهي ڀاءُ کي ويندڙ خواتين کي ائين گھور ڪري ڏسندي کيس ٽوڪي ٿي.
”خير ته آهي رحمان، تون انهن ڇوڪرين کي سڃاڻين ٿو ڇا؟“
رحمان ڇرڪ ڀري شرمسار لهجي ۾ کلندي چوي ٿو:
”نه آپا مان ته ڪونه ٿو سڃاڻان.“
”ته پوءِ ائين پبلڪ پليس تي ڪنهن کي ائين ٿوروئي گھوربو آهي ڪجهه ته ايٽيڪيٽس هوندا آهن هر جاءِ جا.“
رحمان وڌيڪ شرمسار ٿي وڃي ٿو،
”سوري آپا الائي ڇو نگاهه کڄي وئي،“
ماءُ ۽ مامي کي بحث ڪندي ڏسي نجمه وچ ۾ مداخلت ڪري ٿي.....
”پر مان انهن کي سڃاڻان ٿي.“
شمسه جنهن جو موڊ خراب ٿي ويو آ ڌيءُ کان چڙ ۾ پڇي ٿي،
”تون وري ڪيئن ٿي انهن کي سڃاڻين؟“
”هڪ ته اسان جي پراڻي اسڪول واري ميٿس جي ٽيچر آ مس رابعه ٻي ان جي ننڍي ڀيڻ سنڌيا آهي جيڪا پهرئين اسان جي اسڪول ۾ پڙهندي هئي اسان جي اسڪول جي هيڊ گرل هئي، هاڻي الائي ڪهڙي ڪاليج ۾ پڙهي ٿي.“
رحمان تجسس سان سڄو تعارف ٻڌي ٿو شمسه ڀاءُ کي ائين دلچسپي سان ٻڌندي ڌيءَ کي ٽوڪي ٿي،
”توکي ته پوري هسٽري جي خبر آ ماڻهن جي، ٿي ويو تعارف پورو يا اڃان به ڪجهه باقي آ؟“
”امي توهان به هروڀرو پيا ناراض ٿيو، توهان هڪ ٻئي کان پڇو پيا ته مون ٻڌائي ڇڏيو..“
رحمان ڳالهه وڌندي ڏسي اٿي ٿو، ويٽر کي پئمينٽ ڪري.
”چڱو هاڻي هلو، امان انتظار ڪندي هوندي.“
سڀئي اٿي شاپنگ بيگس کڻي ٻاهر اچي گاڏي ۾ ويهي گھر ڏي روانه ٿي وڃن ٿا.


سنڌيا، رابعه ۽ احمد جو والد شوڪت علي جيڪو هڪ سرڪاري ملازم آهي ۽ ملازمت سانگي سنڌ جي دور دراز علائقي مان ورهين کان ڪراچي ۾ اچي رهائش پذير ٿيو هو، سندس گهرواري تڏهن وفات ڪري وئي هئي جڏهن اهي ٻارڙا اڃا تمام ننڍڙا هئا، ان وقت کان شوڪت علي پنهنجي سڀني خواهشن کي دل اندر سانڍي اولاد جي پرورش ۽ تربيت کي پنهنجي زندگي جو مقصد بنائي ڇڏيو جنهن ۾ سندس پاڙيسري دوست جي گهرواريءَ مدد ڪئي، پاڻ نوڪري سانگي ٻاهر ويندو هو ته زهره، ننڍڙي سنڌيا جي پالنا سان گڏ وڏن ٻارن جي سنڀال ڪندي هئي، رابعه ڪجهه سمجهه سان هئي ان کي گھرداري جي تربيت ڏيڻ کان وٺي سندس پڙهائي لکائي جو خيال ڪرڻ،کين پنهنجي ٻچن وانگي ڌيان ڏيندي هئي ائين سڀئي ٻار ٿڙي ٿاٻڙي اچي جوان ٿيا ته شوڪت علي جا ڄڻ ته ٿَڪ ئي لهي ويا سڀئي ٻارڙا ذميدار فرمانبردار ۽ ڏاڍا سمجهدار ٿي پيا هئا جن کي ڏسي شوڪت علي جون اکيون پيون ٺرنديون هيون.
سنڌيا ڪچن ۾ شام جي چانهه سان گڏ ڪجهه پڪوڙا ۽ سموسه ٺاهي پئي رابعه به سندس مدد پئي ڪري، سڄي گھر ۾ پڪوڙا ترڻ جي خوشبوء پئي اچي احمد جيڪو ڏاڍو شرارتي آ ۽ ٻنهي ڀينرن جو لاڏلو آ پر سنڌيا سڀني کان ننڍي هجڻ ڪري، هو هر وقت ساڻس ڇيڙ خاني ڪندو رهندو آ، سنڌيا ٽري ۾ پڪوڙا ۽ سموسه کڻي لائونج ۾ اچي ٿي ته احمد جهٽ هڻي ٽري مان پڪوڙن جي پليٽ کڻي وٺي ٿو، سنڌيا رڙ ڪري چويس ٿي.
”اها ڪهڙي فضيلت آ سمورا پڪوڙا کڻي ورتا اٿئي، سڀني لاءِ آندا اٿئون نه.“
احمد سندس ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري هڪ پڪوڙو وات ۾ وجھندي،
”واه جو مزو اچي ويو ڏاڍا مزيدار آهن هي سڀ ته مان کائي ويندس، وڃ ٻين لاءِ ٻيا تري اچ.“
سنڌيا سندس هٿن مان پليٽ کسيندي،
”رک، هيڏي ڪر سڀ هي ويچارو کائيندو، مونکي ڏاڍو لاچار پيو آ جو وري ٻيا ٿي ٺاهي اچان. پيٽ اٿئي يا ساندارو.“
احمد شرارتي انداز ۾ وري کيس چيڙائڻ لڳو،
”ڇا ٿي پيو جي ٺاهي اينديءَ، ڪهڙو سڄو ڏينهن ڪوٽ ويٺي ڪيرائين. ٿورو ڪم ٿو چئجي ته ٻرو وٺي ٿو وڃئي، ڇوڪريون هونديون ئي رڌ پچاءُ لاءِ ته آهن.“
سنڌيا مصنوعي ڪاوڙ مان چويس ٿي:
”۽ باقي ڇوڪرا ويچارا هوندا آهن رڳو کائڻ لاءِ........ڪرائجانءِ زال کان ڪم ته خبرون ڏئي ڇڏينديئي.“
احمد کي، کيس تنگ ڪرڻ ۾ مزو پيو اچي، وڌيڪ چيڙائيندي:
”هي منهنجي ڀيڻ آخر ڪهڙي مرض جي دوا آهي جو مان پنهنجي پياري پياري زال کان ڪم ڪرائيندس.“
سنڌيا هٿ ۾ جھليل گلاس کيس الاريندي:
”منهن ڌوئي ويهه تنهنجي زال ويهندي کٽ تي باقي مان ڪنديس ڪم.“
احمد کي سنڌيا سان ائين شرارت ڪرڻ ۾ مزو اچي رهيو آهي کيس وڌيڪ تنگ ڪندي سندس پليٽ مان سموسو کڻي ٿو ته سنڌيا رڙ ڪري ڀيڻ کي چوي ٿي:
”آپي احمد کي ڏسو پيا نه، سويل کان هروڀرو تنگ پيو ڪري.“
کانئس پليٽ کسي ٿي. احمد کيس ويچارا ڪڍي ٿو ۽ پليٽ مان ڪجهه پڪوڙا کڻي کلندي کلندي ڪمري اندر ڀڄي وڃي ٿو. انهي وقت شوڪت علي ڪمري کان ٻاهر اچي ٿو، احمد کي ڀڄندو ڏسي کلي چوي ٿو،
”ڇو ٿو سنڌيا کي تنگ ڪرين.“
”بابا هي ٻه پڪوڙا کنيا اٿم ته......“
”چـڱو چڱو اچ ته چانهه پيون.“
ٻئي ٻاهر اچن ٿا. سنڌيا پري کان ڀاءُ کي چيٻارا ڏيڻ لڳي، سڀئي کلن ٿا.


شام جي پهر ۾ شمسه پنهنجي ماءُ گل بانو سان گڏ ورانڊي ۾ چانهه پي رهي آهي، ڇت جو پکو ايڏي سخت گرميءَ ۾ هيٺ ويٺلن کي آسائش پهچائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي نجمه اسڪول مان مليل هوم ورڪ ڪري رهي آهي، شمسه آهسته آواز ۾ ماءُ کي چوي ٿي ته:
”امان رحمان جي ڪراچي ۾ مستقل پوسٽنگ ٿي وئي آ ۽ هاڻي کيس ٻاهرين دورن تي به نه وڃڻو پوندو ان ڪري هاڻي سندس باري ۾ ڪجهه سوچڻ گهرجي، خير سان اٺاويهن سالن جو ٿي ويو آهي.“
ماڻس شڪايتي لهجي ۾ چوڻ لڳي:
”بس مائي ڪير سمجهائيس شادي جي عمر نڪرندي پئي وڃيس خبر ناهي سندس من ۾ ڇا پيو هلي، نه اسان جي ڪا ٻڌي ٿو نه پنهنجي ڪا پسند ٿو ڏسي، جي پنهنجو ڪٿي ڪو خيال هجيس ته به کڻي ڏَسي.“
شمسه ماءُ جي ها ۾ ها ملائيندي چوي ٿي:
”ڀلا ان ۾ اسان کي ڪهڙو اعتراض ٿيندو جتي چوندو اتي کڻي ڪنداسين.“
”ته پوءِ اڄ تون ئي کڻي ڳالهائي ڏسينس ته ڇا ٿو چوي.“
انهي وقت رحمان آفيس مان اچي ٿو، چهري مان ڏاڍو ٿڪل لڳي پيو پاڻ کي صوفي تي سٽيندي بوٽ جوراب لاهي ٿو سندس نگاهه ٽيبل ڏانهن وڃي ٿي جتي خالي ڪوپ پيا آهن.
”سويل ئي چانهه پي ڇڏيو، اسان کي به ڪو چانهه ڪوپ ملندو يا نه....“
”ڇو ڪونه....نجمه پٽ اٿ ماما لاءِ چانهه کڻي آ.“
نجمه ڪم ڇڏي اٿي ٿي، شمسه ڀاءُ کي ٿڪل ٿڪل ڏسي کيس چوڻ لڳي:
” هاڻي تنهنجو به بندوبست ڪرڻو پوندو.“
رحمان کلي پڇڻ لڳو:
”ڪهڙو بندوبست ٿا ڪريو.“
”بندوبست وري ڪهڙو، اهو ته ڪو تنهنجي لاءِ پنهنجي هٿن سان گرما گرم چانهه کڻي اچي جڏهن تون آفيس مان موٽين.“
رحمان ڳالهه سمجهڻ باوجود پاڻ کي اڻ ڄاڻ ظاهر ڪندي، چوڻ لڳو،
”اها ته نجمه وئي آ نه کڻڻ، ان ۾ بندوبست جي ڪهڙي ڳالهه آ.“
موقعو مناسب ڏسي گل بانو چويس ٿي،
”سدائين ماءُ ڀيڻ کان پيو خدمت ڪرائيندي ڇا.“
”ڇو ٿڪجي پيا آهيو ڇا، اڃا ته آئي مون کي ٻه ٽي مهينه مس ٿيا آهن.“
شمسه سندس اڻ ڄاڻائي واري انداز تي مسڪرائي چوي ٿي:
”نه منهنجا ڀاءُ اسان جي چوڻ جو مقصد اهو آ ته تنهنجي ڪنوار اچي، گهڻئي آزادي ماڻي ورتئي ڪا ته هجي جيڪا تنهنجي پيرن ۾ زنجيرون وجهي، جي تنهنجي ڪا پسند هجي ته ٻڌاءِ، نه ته اسان ڳولهيون.“
”اڇا ته منهنجي آزادي کان به توهان کي پرابلم آ،.... خير جي اهڙي ڳالهه آ ته ترسو ڪجهه ڏينهن توهان کي پنهنجي پسند به ٻڌائيندس ۽ خوشي سان زنجيرون به پائيندس، بس هاڻي ته خوش. يا ڪجهه ٻيو به گھرجي.“
انهي وقت نجمه چانهه کڻي اچي ٿي هوءَ مامي سان گهڻي هجائتي آهي.
”اڇا مون کي به ته ٻڌايو ڪير ٿو ڪنهن کي زنجيرون پارائي توهان سڀ ڇو پيا آهيو منهنجي پياري ماما جي آزادي پويان.“
گل بانو ۽ شمسه ڏاڍيون خوش آهن ته آخر سندن دلي مراد پوري ٿيڻ ۾ دير ناهي.


آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇانيل آهن ڏينهن جي وقت به شام پئي لڳي، رکي رکي وڄ جا چمڪاٽ ته ڪڏهن گوڙ جي دل ڏاريندڙ گجڪار، ڪراچي جي موسم به عجيب آ بادل ايڏي ته تيز رفتاري سان هڪ هنڌان ٻئي طرف ڊوڙي رهيا آهن ڄڻ ڪو لٺ کڻي سندن پويان ڊوڙي رهيو هجي، مجهند جو هڪ بجي به شام جهڙو منظر لڳي رهيو آهي. سنڌيا ۽ سنيتا ڪاليج جي ٻين شاگردياڻين سا گڏ ٻاهر اچن ٿيون سنڌيا جي چهري تي خوف ڇانيل آهي، سنيتا سندس ان ڪيفيت کان لطف اندوز ٿي رهي آهي، انهي وقت کنوڻ زور سان چمڪاٽ ڪري ٿي ته سنڌيا ڪنن تي هٿ رکي سنيتا جي ويجهو ٿي وڃي ٿي کيس خبر آهي ته جيڏو وڏو چمڪاٽ ٿيو آ اوڏي ئي وڏي آواز گجگوڙ به ٿيندي، سنيتا کيس نهاري کلي پوي ٿي.
”هيڏي وڏي ٿي وئي آهين اڃا گوڙ ۽ کنوڻ کان ڊڄين پئي؟“
”ڀلا وڏي ٿيڻ سان ڊپ جو ڪهڙو واسطو آ، ڊپ ته دل ۾ ٿيندو آ يا عمر ۾، واه منهنجي ڀيڻ واه...... جلدي ڪر ته اسٽاپ تي پهچون رستي ۾ وسڻ شروع ٿي وئي ته ڪپڙا، بوڪس سڀ ڀڄي ويندا.“
ٻئي تيز تيز قدم کڻندي بس اسٽاپ تي پهچن ٿيون جتي اڳ ۾ ئي ڪافي رش لڳي پئي آ، پاڻ به ڇاپري هيٺان هڪ محفوظ ڪنڊ ۾ اچي بيهن ٿيون پري پري تائين ڪنهن بس جو نالو نشان به ڪونهي ايڪڙ ٻيڪڙ ڪا رڪشه ٽيڪسي گذري رهي آهي اها به ڀريل، انهي وقت پريان ڪنهن ماڻهو جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو جيڪو ٻئي کي ٻڌائي رهيو آهي ته اڄ ٽرانسپوٽ وارن وري هڙتال ڪئي آهي، ٻيو کيس چوي ٿو:
”پر صبح جو ته بسون هليون پئي.“
ساڳيو شخص وضاحت ڪري ٿو صبح ڪنهن سبب هڪ مڇريل هجوم ٻن بسن کي باه ڏئي ڇڏي ان ڪري ٽرانسپورٽ بند ٿي وئي آهي. ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ بس هلي پئي. اهو ٻڌي سنڌيا وڌيڪ پريشان ٿي وڃي ٿي ته هاڻي ڇا ٿيندو جي ڪا سواري نه ملي ۽ برسات پئجي وئي ته پوءِ سندس منهن خوف ۾ هيڊو پئجي وڃي ٿو سنيتا به پريشان ٿي وڃي ٿي، انهي وقت هڪ خالي رڪشه لنگھي ٿي ته هڪ ماڻهو تيزيءَ سان ان طرف وڃي ٿو.
اسٽاپ تي بيٺل گهڻا ماڻهو ڏسي رڪشه وارو ڦونڊجي وڃي ٿو ۽ ٽيڻو چئوڻو ڀاڙو ٻڌائي ٿو جيڪو ڪير به ڏيڻ لاءِ تيارناهي، اهو شخص واپس موٽي اچي ٿو ۽ رڪشه وارو اسٽاپ تي موجود هجوم ڏي نهاريندو آهسته آهسته وڃڻ لڳي ٿو ته متان ڪو ٻيو ضرورت مند کيس روڪي، سندس گهربل ڪرائي تي هلڻ لاءِ تيار ٿي پوي، پر سڀ ماڻهو ڪنهن ٻي سواري جي اوسيئڙي ۾ کيس لفٽ نه ٿا ڪرائن. آهسته آهسته هجوم مان ڪي ماڻهو اڳتي ڪنهن سواري جي ڳولها ۾ نڪرڻ شروع ٿين ٿا ۽ ٿوري ئي دير ۾ صرف چند عورتون ۽ هڪ ٻه مرد ۽ سنڌيا، سنيتا وڃي اسٽاپ تي رهن ٿا. هاڻي ته سنڌيا جي پريشاني وڌندي پئي وڃي، انهي وقت هلڪي هلڪي بوندا باندي شروع ٿي وڃي ٿي ته روڊ رسته به ويران ٿيندا پيا وڃن پرائيويٽ گاڏيون به تيز رفتاري سان گذري رهيون آهن هر ڪنهن کي برسات تيز ٿيڻ کان اڳ پنهنجي پنهنجي منزلن تي پهچڻ جي تڪڙ آ. سنڌيا ۽ سنيتا به پريشاني ۾ هيڏانهن هوڏانهن واجھائن پيون ان وقت هڪ ٽيڪسي سندن سامهون گذري ٿي هنن کي بيٺل ڏسي رفتار سست ٿي وڃينس ٿي، سنيتا وڌي کانئس هلڻ لاءِ پڇي ٿي ته هو کيس ٻڌائي ٿو ته سندس روٽ انهي طرف ناهي ۽ اڳتي وڌي وڃي ٿو. سنڌيا جي چهري تي نراسائي ڇانئجي وڃي ٿي سنيتا کي چوي ٿي ته هتي بيهي انتظار ڪرڻ کان سٺو ٿيندو ته اڳڀرو ٿيجي من ڪا سواري ملي وڃي، پر سنيتا چويس ٿي ته جي سواري نه ملي ته برسات جي پاڻي ۾ سڄا پسي وينداسين. پري پري تائين ٻيو ڪو شيڊ به ڪونهي، انهي وقت هڪ سرڪاري نمبر واري گاڏي ٿورو اڳتي وڃي بيڪ ٿئي ٿي ۽ اسٽاپ تي اچي بيهي ٿي اتي بيٺل ٻه ماڻهو گاڏي طرف وڌن ٿا، ايتري ۾ هڪ رڪشه گذري ٿي، اهي ان ۾ ويهي هليا وڃن ٿا. سنڌيا ۽ سنيتا جون نظرون گاڏي ۾ ويٺل ڊرائيور ڏانهن کڄي وڃن ٿيون هو هڪ ٻئي کي حيراني سان ڏسن ٿيون سنيتا آهسته آواز ۾ چوي ٿي ته:
”هي ته اهو ساڳيو ان ڏينهن وارو آهي، ڪار وارو شخص جيڪو رحمان آهي. هو مسلسل کين نهاري رهيو آ ۽ ٻڏ تر جو شڪار آ ته ڇوڪرين سان ڳالهائي يا نه، ان مهل برسات به ٿوري تيز ٿي وڃي ٿي، آخر رحمان کان رهيو نه ٿو ٿئي همت ڪري کين مخاطب ٿئي ٿو،
”مس اڄ ٽرانسپورٽ وارن جي هڙتال آ، برسات به وڌندي پئي وڃي توهان کي سواري شايد نه ملي جيڪڏهن توهان کي مناسب لڳي ته مان توهان کي ڇڏي سگھان ٿو.“
”نه نه، مهرباني، اسان پاڻهي هليا وينداسين.“
”پريشان نه ٿيو سامهون ٿورو اڳيان جيڪو اسڪول آ نه اتان مان پنهنجي ڀاڻيجي کي به پِڪ ڪندس پوءِ توهان جتي چونديون اتي ڊراپ ڪندي اسان گھر هليا وينداسين.“
سنڌيا کي ان ڏينهن واري ڪولڊ ڪارنر واري ڳالهه ياد اچي وڃي ٿي ته هو ڪيئن کيس گھوري رهيو هو، اڳتي وڌي ٿورو رکائي سان کيس چوي ٿي:
”نه ڪابه ضرورت ناهي، مهرباني توهان جي اسان پاڻهي هليا وينداسين.“
اهو ٻڌي رحمان مايوس ٿي وڃڻ لڳي ٿو ته سنيتا آهسته آواز ۾ سنڌيا کي چوي ٿي ته کين اهو موقعو نه وڃائڻ کپي الائي سواري ملي يا نه سنڌيا صاف انڪار ڪري ٿي، ان گهڙيءَ وڄ جي چمڪاٽ سان گڏ زوردار گجگوڙ سان مينهن تيز ٿي وڃي ٿو ته سنڌيا خوفزده ٿي نيم رضامندي سا سنيتا جي ڪن ۾ ڪجهه چوي ٿي، سنيتا اڳتي وڌي رحمان کي چوي ٿي:
”ٺيڪ آ ڀائو توهان سامهون هلي پنهنجي ڀاڻيجي کي کڻو اسان به روڊ ڪراس ڪري اوڏانهن اچون ٿا.“
رحمان سامهون ٿورو پرڀرو اسڪول ڏانهن وڌي وڃي ٿو، هو ٻئي روڊ ڪراس ڪري اسڪول طرف وڃن ٿيون جتي برسات جي ڪري جلدي موڪل ٿي وئي آ ۽ اسڪول بس ۾ ڇوڪريون سوار ٿي وڃن پيون ڪن کي سندن گھر وارا گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن تي وٺي وڃڻ لاءِ انتظار پيا ڪن نجمه جلدي جلدي ٻاهر نڪري گاڏي جو دروازو کولي مامي سان گڏ فرنٽ سيٽ تي ويهي ٿي ته رحمان ڦري پوئين سيٽ جو در کولي ٿو انهي وقت سنيتا ۽ سنڌيا به پهچي وڃڻ ٿيون، نجمه حيراني سان کين ڏسي ٿي. رحمان کين مخاطب ٿي چوي ٿو:
”هاڻي ته توهان کي ڪو اعتراض ناهي نه، جلدي ڪيو پليز برسات وڌندي پئي وڃي.“
ٻئي تڪڙ ۾ پوئين سيٽ تي ويهن ٿيون رحمان گاڏي اسٽارٽ ڪري ٿو ته نجمه پوئتي نهاري ٻنهي کي مخاطب ٿي چوي ٿي:
”هيلو سنڌيا، هيلو سنيتا....“
ٻئي هڪ آواز ”هيلو....“
”ماما هي پهرين اسان جي پراڻي اسڪول ۾ پڙهنديون هيون، سنڌيا ته اسان جي اسڪول جي هيڊ گرل هئي.“
”ها تو شايد ان ڏينهن ڪولڊ ڪارنر تي ٻڌايو هئو، هاڻي پنهنجي سهيلين کان ائڊريس پڇ ته جيئن انهن کي اتي لاهي پوءِ پاڻ گھر هلون.“
نجمه پوئتي نهاري کانئن سندن گهر جي ائڊريس پڇي ٿي سنڌيا کيس پنهنجي ائڊريس ٻڌائي ٿي ته نجمه خوش ٿي کيس چوي ٿي:
”اڙي توهان ته اسان واري علائقي ۾ ئي رهو ٿيون، اسان جو گھر توهان کان ٿوروئي پري آ ۽ سنيتا جو ته هڪ لائين ڇڏي پوءِ آ، ڏاڍو سٺو ٿيو اسان ته پاڙيسري نڪتاسين هاڻي ڪڏهن اهڙي ڪا صورت حال ٿي ته پريشان ٿيڻ جي ڪا ضرورت ناهي.“
انهي وقت سندن رهائشي علائقو اچي وڃي ٿو گاڏي روڪرائي ٻئي لهن ٿيون ۽ هڪ آواز ٿي کين ٿينڪس چون ٿيون رحمان گاڏي اسٽارٽ ڪري اڳتي وڌي وڃي ٿو سندس چهرو خوشي وچان ٻهڪي رهيو آهي هو سوچي رهيو آهي ته آخرڪار سندس گوهر مقصود جو پتو کيس ملي ئي ويو، هو انهن خوبصورت خيالن ۾ گم آهي ته نجمه جو آواز کيس خوابن جي دنيا مان واپس حقيقت جي جهان ۾ آڻي بيهاري ٿو،
”ماما ڪيڏانهن پيا وڃو پنهنجو گھر ته اچي ويو.“
جلدي گاڏي بند ڪري هيٺ لهي اچن ٿا.


گھُٽ ٻوسٽ ۽ لوساڙيندڙ گرمي کان کان پوءِ ڪجھ ڏينهن تائين بادل کُلي وسندا رهيا، هر طرف پاڻي جا تلاءِ بنجي ويا، اڄ صبح ساڻ ڪڪرن مان سج ڪني ڪڍي ته هر طرف فضا ۾ روشني پکڙجي وئي، هر شيء وڻ ٽڻ ڌوپجي صاف ۽ ساوا چهچ ٿي پيا هئا، ڄڻ کين ڪنهن نئون سبز ويس ڍڪائي ڇڏيو هجي،فضا ۾ عجب جهڙي هٻڪار سان سڄو ماحول معطر ٿي ويو. ٽن پهرن ڌاري ٿڌڙي ٿڌڙي هوا گھلڻ لڳي ۽ الائي ڪٿان ڪپهه جهڙا اڇا بادل هوا سان رانديون ڪندا سڄي آسمان ۾ ڊوڙون پائڻ لڳا منظر ڏاڍو دل کي لڀائي رهيو هو، اهڙي خوشگوار موسم ۾ نجمه ڪنهن جو شدت سان انتظار ڪري رهي هئي، ڪڏهن دروازي ڏانهن وڃي ٿي ڪڏهن اچي وال ڪلاڪ ۾ ٽائيم ڏسي ٿي ۽ پنهنجي منهن بڙ بڙ ڪري ٿي،
”ماما کي الائي ڇا ٿيو آ روز آفيس مان دير ڪري ٿو اچي اڄ ته جلدي اچي هان، چيو به هومانس ته شام جو توهان لاءِ سرپرائيز آ، پوءِ به ڪنهن کي منهنجي پرواهه ناهي“
شمسه کيس ائين انتظار ڪندي ڏسي پڇيس ٿي ته ڪنهنجو اهڙي شدت سان انتظار پيو ٿئي، نجمه ڪاوڙ ۾ چوي ٿي،
”ڪنهن جو وري ڪنهن جو، ماما صاحب جو انتظار پئي ڪريان.“
رحمان جيڪو اچي چڪو آهي ۽ سندس پويان اچي بيهي ٽاءِ کولي رهيو آ کانئس پڇي ٿوته ڇا ڳالهه آ جوسندس پياري پياري نجمه مامي جو انتظار پئي ڪري پڪ ڪيڏانهن وڃڻو هوندس. نجمه ذري گھٽ روئڻهارڪي ٿي وڃي ٿي.
”هتي ته ڪنهن کي ڪجهه ياد ڪونهي،“
رحمان دماغ تي ٿورو زور ڏيندي،
”اڙي ها ياد آيو ڪالهه تو گاڏي ۾ ڪا سرپرائيز ڏيڻ جي ڳالهه پئي ڪئي...“
نجمه صفا ناراض ٿي وڃي ٿي.
”بس، بس مان ڪنهن سان نه ٿي ڳالهايان.“
شمسه ڌيءُ کي ائين ڳجهارتون ڏيندي ڏسي چڙي پوي ٿي،
”ڀلا ٻڌاءِ به کڻي ته ڪهڙو سرپرائيز آ هرو ڀرو پئي ٿي شڪل خراب ڪرين.“ نجمه ڪاوڙ مان،
”بس توهان کي ته ڪا ڳالهه ياد ناهي، ماما توهان ئي ٻڌايو اڄ ڪهڙي تاريخ آ.“
رحمان گهڙي ڏسندي، ”7 - اپريل“
نجمه ڪاوڙ جي انداز ۾ چوي ٿي:
”هاڻي ته ڪجهه ياد آيو هوندو!“
شمسه مٿي کي هٿ هڻندي:
”الائي اسان جي دماغ کي به ڇا ٿي ويو آ، هون ته اڄ منهنجي لاڏليءَ جو جنم ڏينهن آ، سوري پٽ گھڻن ڪمن ڪارين ۾ منهنجي ذهن مان بلڪل نڪري ويو.“
نجمه مامي کي ڏسندي لاڏ مان چوڻ لڳي.
”توهان وعدو ڪيو هو..........“
رحمان ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي.
”ته برٿ ڊي ڪيڪ ماما وٺي ايندو پر......“
نجمه خوش ٿي وڃي ٿي، رحمان کيس خوش ڏسي چوي ٿو:
”پر اڪيلي سالگره ملهائڻ ۾ ڪهڙو مزو ايندو، پنهنجي ڪجهه سهيلين کي سڏي وٺ نه.“
”سهيلين کي..! پر منهنجي سهيلين جا گهر ته پري پري آهن، ايترو جلدي ڪير ايندو.“
رحمان جي نگاهن آڏو ان ڏينهن جو برسات جو خوبصورت منظر اچي وڃي ٿو، هلڪي هلڪي برسات ونڊ اسڪرين تي ان جا ڦڙا خوبصورت انداز ۾ ڪري رهيا آهن پوئين سيٽ تي ويٺل شرمايل شرمايل پريشان پريشان سنڌيا ويٺي آهي، هو سامهون واري آئينه مان سندس گھٻرايل گھٻرايل خوبصورت گلابي چهرو ڏسي لطف اندوز ٿي رهيو آهي دل ۾ عجيب ڪتڪتايون محسوس ٿي رهيون آهن، ڄڻ ڪير سندس دل سان ڇيڙخاني ڪري رهيو هجي، اهو منظر ياد ڪري سندس چهري تي رونق اچي وڃي ٿي نجمه سندس دل جي ڪيفيت کان بيخبر سندس جواب جو انتظار ڪري رهي آهي آخر هو خيالن جي دنيا مان ٻاهر اچي کيس چوي ٿو:
”هوجو تنهنجون ٻه نيون پاڙيسري سهيليون ٿيون آهن. جن کان برسات واري ڏينهن فون نمبر پئي ورتئي، اهي ته ويجھو آهن نه انهن کي فون تي انوائيٽ ڪري وٺ نه.“
نجمه مامي جي دلي ڪيفيت کان بيخبر، خوش ٿي وڃي ٿي.
”واقعي....! واه جو ياد ڏياريو مان هينئر ٿي ٻنهي کي فون ڪيان سچ ڏاڍو مزو ايندو.“
رحمان اهو ٻڌي خوش ٿي وڃي ٿو ۽ ڪپڙا تبديل ڪري چانهه پي ڪيڪ وٺڻ لاءِ ٻاهر نڪري وڃي ٿو.
سنڌيا ڪمري ۾ ليٽي پئي آهي ته فون جي گهنٽي وڄي ٿي سنڌيا اٿي فون کڻي ٿي ٻئي طرف نجمه کيس سالگرهه ۾ شامل ٿيڻ لاءِ دعوت ڏئي ٿي ۽ ٻڌائيس ٿي ته هن سنيتا کي به چيو آ ٻئي گڏجي اچجو، سنڌيا پهرين ته بهانو ڪري انڪار ڪري ٿي پر گھڻو زور ڀرڻ تي چويس ٿي ته جي بابا اجازت ڏني ته ايندس، فون رکي شوڪت علي جي ڪمري ڏانهن وڃي ٿي. جتي شوڪت علي احمد کي چئي پيو ته خاله زهره کي چئي اچي ته صبحاڻي شام جو هيڏانهن اچي جو ڪجهه مهمان اچڻا آهن. احمد تجسس مان پيءُ کان پڇي ٿو ته اهڙا ڪهڙا مهمان اچڻا آهن، جنهن لاءِ خاله زهره جو هجڻ ضروري آهي. پڻس کيس ٻڌائي ٿو ته رابعه جي رشتي لاءِ هڪ دوست جي فيملي اچڻي آهي جنهن لاءِ گهر ۾ ڪنهن بزرگ عورت جو هجڻ ضروري آ، سنڌيا ان وقت ڪمري ۾ داخل ٿئي ٿي ۽ آخري جملا ٻڌي خوش ٿي وڃي ٿي....
”بابا آپي جي رشتي لاءِ.....“
”ها پُٽ......پر تون هينئر منهنجي ڪمري ۾....؟
سنڌيا ٿورو جھجھڪندي، هٻڪندي، ڄڻ ڪو چور من ۾ هجيس.....
”بابا.....“
”چئو پُٽ ڇا ڳالهه آ ڪجهه کپئي.“
”نه بابا، اها ڳالهه ناهي......“
”ته پوءِ ڪهڙي ڳالهه آ.....“
”بابا هڪ سهيلي جي سالگرهه آ، هينئر فون ڪري مونکي ۽ سنيتا کي سڏيو اٿس.....“
احمد وچ ۾ ڳالهه ڪٽِيندي پڇي ٿو،
”ڪهڙي سهيلي، ڪٿي رهندي آ “
”بس شروع ٿي ويو سوال جواب ڪرڻ.... تون ماٺ ڪر... مان بابا سان پئي ڳالهايان،“
شوڪت علي ٻنهي ڀاءُ ڀيڻ جو تڪرار ٽارڻ لاءِ جلدي چوي ٿو:
”ڀلي وڃ پر اڪيلي ڪيئن ويندينءَ ڀاءُ کي چئو ته ڇڏي اچئي.....“
”بابا سنيتا به هلي ٿي، اجھا ٿي تيار ٿي اچي مان به جلدي وڃي تيار ٿي وٺان.“
سنڌيا جي وڃڻ کان پوءِ رابعه چانهه کڻي پيءُ جي ڪمري ۾ اچي ٿي، شوڪت علي پلنگ تي سڌو ٿي ويهي ٿو، رابعه چانهه پيءُ ۽ ڀاءُ کي ڏئي هڪ ڪوپ پاڻ کڻي پيءُ جي ڀرسان پلنگ جي پيراندي کان ويهي ٿي،
”بابا سنڌيا ڪيڏانهن وڃي پئي ڇا ؟“
”ها پُٽ، سنڌيا ۽ سنيتا پاڙي ۾ ڪنهن سهيلي جي سالگره ۾ پيون وڃن“
ٿوري دير خاموش رهي رابعه ڏي نهاري ٿو،
”پُٽ رابعه .... صبحاڻي ڪجهه مهمان اچڻا آهن، توهان جي خاله زهره کي به سڏايو اٿم، رفريشمينٽ جو انتظام ڪري وٺجو.“
اهو ٻڌي رابعه ڪجهه ڪجهه سمجھي شرمائجي وڃي ٿي جلدي جلدي چانهه جو ڪوپ ٽري ۾ رکي، ٽري کڻي وڃڻ جي ڪري ٿي.
”رابعه پُٽ ڪيڏانهن پئي وڃين، ويهه گھڙي کن.“
احمد شرير نگاهن سان ڀيڻ کي ڏسندو اٿي ٻاهر نڪري وڃي ٿو. رابعه شرمائجي پيءُ جي ڀر ۾ ويهي رهي ٿي، شوڪت علي خلائن ۾ ڪجهه تلاش ڪندي اداس ٿي وڃي ٿو، آخر ڀريل آواز ۾ ڌيءُ کي چوي ٿو:
”ڏس امان توهان جي ماءُ ته آهي ڪونه، مون ئي توهان کي پڙهائي لکائي وڏو ڪيو آ، مان چاهيان ٿو ته زندگي ۾ توهان جو بار لاهي ڇڏيان.....“
رابعه ڪنڌ هيٺ ڪري پيءُ جي ڳالهه ٻڌي رهي آهي....
”ڇوڪرو پڙهيل لکيل ۽ سلجھيل آ، سٺي جاب اٿس، مونکي ته ڏاڍو پسند آهي، پر توهان جي مرضي پڇڻ ضروري آ، اڄ توهان جي ماءُ حيات هجي ها ته مون کي اهو سڀ ڪجهه ائين سڌي طرح توهان کان نه پڇڻو پوي ها.... ها جيڪڏهن توهان جي پنهنجي ڪا پسند هجي ته....“
رابعه فرمانبرداري واري انداز ۾ ،شرمائيندي لڄائيندي ڪنڌ هيٺ ڪيو ويٺي هئي، ڪجهه گھڙين جي خاموشي کان پوءِ آهستي آواز ۾ چوڻ لڳي،
”جيئن توهان جي مرضي بابا...پر....“
”پر ڇا پُٽ......“
”بابا سنڌيا گريجويشن ڪري وٺي ها، ڏاڍي ڏکي ٿيندي.....“
سنڌيا جي ڳالهه کي به ڏسي وٺبو، بس توکي ڪو اعتراض نه هجي.“
رابعه خاموش ٿي ڪنڌ جھڪائي ڇڏي ٿي، احمد اچي ٻڌائي ٿو ته هو خاله کي صبحاڻي لاءِ چئي آيو آ، رابعه خاموشي سان ڪمري مان هلي وڃي ٿي.
ٻئي ڏينهن صبح کان سنڌيا جي گھر ۾ رونق لڳي پئي آهي سنڌيا ۽ رابعه ڪچن ۾ ڪجهه ٺاهڻ ۾ مصروف آهن خاله زهره، شوڪت علي سان لائونج ۾ ويٺي ڪجهه صلاح مصلحت ڪري رهي آهي. شوڪت علي کيس نهايت عاجزي جي انداز ۾ چوي ٿو:
”ڀيڻ منهنجي نياڻين جو توهان کان سواءِ ڪوبه مٽ مائٽ ڪونهي ننڍڙي هوندي کان هنن توهان کي ئي پنهنجي قريب ڏٺو آ ۽ اسان سڀ توهان کي پنهنجو سمجھندا آهيون، مونکان سواءِ منهنجي ٻارڙن جو ٻيو ڪير ڪونهي. اهو توهان جو سر آ جنهن منهنجي غير موجودگي ۾ سندن، پنهنجي بزرگ وانگر خيال رکيو آ، اهڙي موقعي تي سندن ماءُ جي ڪمي شدت سان محسوس ٿئي پئي، ڪاش! اڄ سندن ماءُ حيات هجي ها ته مونکي اهڙي ڏکيائي محسوس نه ٿئي ها.“
زهره کيس آٿت ڏئي ٿي.
”ڀاءُ رب چڱي ڪندو توهان پريشان نه ٿيو جنهنجو ڪير ناهي، منهنجو مالڪ انهن جا سڀ ڪم سولا ڪري ڏيندو آهي.“
ڳالهين ڪندي مهمان، احمد سان گڏ اندر اچن ٿا. ڪجهه عورتون ۽ ٻه مرد آهن شوڪت علي ۽ زهره اڳتي وڌي سندن آڌرڀاءُ ڪن ٿا ويهارڻ کان پوءِ شوڪت علي زهره سان پنهنجي دوست عابد علي ۽ سندس گھر واري سائره جو تعارف ڪرائي ٿو، زهره ۽ سائره ڀاڪر پائي ملن ٿيون، ٿوري دير ۾ سنڌيا ٽري ۾ رفريشمينٽ کني اندر اچي ٿي سڀني کي سلام ڪري ٿي،
”هي منهنجي ننڍي ڌيءُ سنڌيا آهي، انٽر ڪامرس ۾ پڙهي ٿي.“
سائره کانئس رابعه جي باري ۾ پڇي ٿي. سنڌيا ٻڌائي ٿي ته آپي چانهه پئي ٺاهي. سائره سڀني سان ملي ڏاڍي خوش ٿئي ٿي، احمد چانهه کڻي اندر اچي ٿو ان سان گڏ شرمايل گھٻرايل رابعه اندر اچي ٿي، سائره اٿي کيس ڳراٽڙي پائي ٿي، رابعه سڀني کي سلام ڪري هڪ طرف ويهي رهي ٿي، سائره جون نظرون هن تان هٽن ئي نه ٿيون.
”اهڙي پياري ڇوڪري هينئر تائين اسان کان لڪائي ويٺا هئا ڀاءُ شوڪت علي.“
ڇوڪري جو پيءُ عابد علي چوي ٿو:
”مون توهان کي نه چيو هو ته رابعه ڌيءُ ڏاڍي پياري آهي، ننڍڙي هئي تڏهن مون کيس ڏٺو هو.“
سائره خوش ٿي مٺائي جي پليٽ کڻي شوڪت علي جي آڏو ڪندي،
”بس ڀاءُ ايندڙ مهيني رابعه منهنجي گھر جي راڻي بنجي ايندي.“
شوڪت علي عاجزانه انداز ۾:
”جيئن اوهان کي مناسب لڳي، رابعه هاڻي توهان جي امانت آهي.“
سڀ خوش ٿي هڪ ٻئي کي مٺائي کارائن ٿا. ۽ پوءِ موڪلائي هليا وڃن ٿا. شوڪت علي اٿي ڌيءُ کي مٿي تي هٿ رکي ٿو، سنڌيا ۽ احمد شرير نگاهن سان نهارن ٿا رابعه جي چهري تي به خوشي بکي رهي آهي، پيءُ جي اٿي ٻئي ڪمري ۾ وڃڻ کان پوءِ احمد شرارت سان چوڻ لڳو:
”ڏاڍي خوش پئي لڳين آپي، لڳي ٿو ته چاچا عابد جي فيملي توکي ڏاڍي سٺي لڳي آ“
رابعه شرمائيندي.
”اهڙي ته ڳالهه ناهي.“
”بس سائين هاڻي ته اوهان جي خيالن ۾ نئون گھر، نوان ماڻهو، خوبصورت تصورات ئي سمايل هوندا.“
”احمد ڏس تنگ نه ڪر، سنڌيا ڪمري ۾ اچي ڀاءُ کي کلندو ڏسي، ڀيڻ کان پڇي ٿي،
”آپي هي احمد ڇو پيو ڏند ڪڍي.“
”بس هن ڇوڪري کي ته هر وقت مذاق آ،
سنڌيا سمجھي وڃي ٿي ته احمد ڀيڻ کي ڇو پيو تنگ ڪري، انهي وقت خاله زهره ماني کڻي اندر اچي ٿي ته احمد کلندو ٻاهر نڪري وڃي ٿو.